مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

منظور احمد ملاڻو

منظور احمد ملاڻو

مٿي ڪنهن خط ۾ شيرل لغاري منظور احمد ملاڻي جو ذڪر ڪيو آهي، چيو اٿس تـ “ان جي سيزن ختم ٿي ويئي آهي”. هي دوست بـ ننڍي لاڪون کان وٺي اسان جي دوستي جي تسبيح جو هڪ داڻو رهيو آهي. جيئن تسبيح جي داڻن ۾ ڪو بـ فرق نـ هوندو آهي تيئن هن دوست کي مون ڪڏهن بـ گهٽ وڌ محسوس نـ ڪيو. هن دوست بـ مون وانگر غربت جي زندگي گذاري، پر ٻـ چار ايڪڙ زرعي زمين تي انبن جي باغ هئڻ جي ڪري هن جو وقت سٺو پيو گذرندو هو. بيروزگاري واري زماني ۾ هن ڪنهن شگر مل ۾ فيلڊ جي نوڪري بـ ڪئي پر اها اسان ٻنهي کي پسند ڪو نـ هوندي هئي. ائين پنهنجي ذاتي ڪوشش سان ڪجهـ دوستن يارن جي مدد سان منظور احمد ملاڻو سنڌ سرڪار جي نوڪري ۾ لڳي ويو. سندس نوڪري هتي منهنجو موضوع ڪونهي. هي جڏهن بيروزگار هوندو هو تـ هن جو گهڻو وقت مون سان ئي گذرندو هو. جڏهن تـ اسان جا ڳوٺ ڪجهـ فاصلي تي هوندا هئا پر ساڳئي روڊ تي هئڻ جي ڪري ساڳئي بس ۾ چڙهڻو پوندو هو، تنهنڪري اسان جي ملاقات جلدي جلدي پيئي ٿيندي هئي. بقول ڀٽائي جي “ سنهي سئي سبيو منهنجو ماروئڙن سان ماه” اهو ماروئڙن سان سبيل ماهـ شايد ساهـ جي آخري هڏڪي سان ئي ٽٽندو. منظور کي سنڌ سرڪار ۾ نوڪري منهنجي اسلام آباد اُسهڻ کان پوءِ ملي. جتي منظور ملاڻي جو ذڪر اچي ان سان گڏ انبن جو ذڪر نـ اچي تـ اتي انهن ٻنهي محبوب ۽ مٺين شين جي رس ۽ چس ۾ مزو ڪجهـ گهٽ ايندو. آئون جڏهن ڳوٺ هوندو هوس، ڪنهن اسڪول ۾ ماستر هوندو هوس تڏهن شيرل بـ مون سان گڏ هوندو هو. منظور جڏهن واندو هوندو تـ اسان وٽ اڪثر اسڪول پيو ايندو هو. وري جڏهن انبن جي سيزن ايندي هئي تـ منظور جي باغ جا انب پيا ايندا هئا. انهن انبن ۾ سنڌڙي، گلاب خاسا، سرولي، الماس، انور رتول، بيگم پاليي، رتام، لنگهڙو ۽ دسهڙي وغيرهـ. شامل هوندا ها. انهن انبن ۾ رس ۽ چس تـ هوندو ئي هو، پر جيڪڏهن ڪنهن پياري ماڻهو جي هٿان اهو دل جي گهراين مان اهو تحفو ملي جنهن جي ظاهري شڪل ۽ شبيهـ ئي انب جي ڏنل نئين شاخ وانگر ڳاڙهي رت رتول هجي تـ ان جو مزو اڃا ئي وڌيڪ هوندو آهي.
اها انهن ڏينهن جي ڳالهـ آهي جڏهن منهنجو ۽ شيرل جو گهڻو وقت گڏ گذرندو هو ۽ منظور ملاڻو اڃا بيروزگار هوندو هو، تنهنڪري وقت پاس ڪرڻ لاءِ تقريبن هي هر روز اسان وٽ ايندو هو. اوچتو ايندي ويندي هن ڦُل نگر ۾ هڪ گل ڳولي لڌو هو. هن اسان کي اچي ٻڌايو تـ جنهن جنس جي هن کي تلاش آهي اهو گل ڦُل نگر ۾ موجود آهي، جنهن جي خوشبو ٻين گلن کان مڙئي سرس آهي. جنهن کي سُنگهڻ سان انسان تـ ڇا پر روءِ زمين تي چرندڙ پُرندڙ مخلوق بـ مدهوش ٿي سگهي ٿي. مون ڪٿي پڙهيو آهي تـ “ ڇا مان تو سان محبت ئي محبت ڪندو رهان، ڪڏهن تون وصل جي معاملي ۾ بخل کان ڪم ٿو وٺين؟ ماڻهو سچ ٿا چون تـ ڪو بـ بخيل شل معشوق نـ بنجي. ” هي ڪنهن عالم مفڪر جا چيل لفظ مون هتي هو بهو نقل ڪيا آهن، اسان جو دوست منظور بـ اهڙي ڪنهن ڪيفيت مان گذري رهيو هو ۽ ڦُل نگر جي گل جي ڪنهن نئين جنس جي واس وٺڻ لاءِ آتو هو، پر افسوس جو اهڙيون سڀاڳيون گهڙيون گهٽ ئي نصيب ٿين ٿيون. بس اهي ئي ڏينهن هئا جو مون کي اسلام آباد پهچڻ جو حڪم صادُر ٿي چڪو هو. مون جڏهن اسلام آباد اُسهڻ کان پهريائين هن کان موڪلايو پئي تـ هن جي گول گول ۽ وڏين اکين مان ٻٽا ٻٽا لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا. سندس ڀريل ڳٽا جنهن تي اڃان ڪي چند وار مبارڪ مس آيا هئا جن تان وهندڙ لڙڪ ائين وهي رهيا هئا جيئن پهاڙي علائقي مان پاڪ ۽ پوتر پاڻي جو آبشار وهندو آهي. اها تـ کيس ئي خبر هوندي تـ منهنجي عارضي وڇوڙي تي هي لڙڪ لاڙي رهيو هو يا ڦل نگر جي پاليل گل کي نـ حاصل ڪرڻ جو کيس افسوس ٿي رهيو هو. ڪاش اڄ شيرل لغاري زندهـ هجي ها تـ هن موضوع تي هو جيڪو ڪجهـ لکي هئا، اهو سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار نثري ٽڪرو هجي ها. جڏهن انهي ڦُل نگر ۾ بيداد نگري (پاڻي جي شديد کوٽ) شروع ٿي ۽ اهو گل سُڪي سڙي ڪنڊا ٿي ويو تـ شيرل بي اختيار لکي ڏنو تـ “منظور ملاڻي جي سيزن آف ٿي ويئي آهي. ” مون کي هاڻي اسلام آباد ۾ 35 سال کن ٿي ويا آهن. پر منظور کي جڏهن بـ ڪو ماڻهو ملي ٿو وڃي تـ ٻـ چار انبن جون پيتيون اسلام آباد اچو ٺڪاءُ ڪن. انهن انبن ۾ جيڪو خلوص ۽ پيار هوندو آهي، انهي جو بيان ڪرڻ منهنجي قلم جي وس ۾ نـ آهي. اڳئي سدائين بغير چوڻ جي منظور وٽان انب ايندا رهندا هئا. پر هن سال چوڻ جي باوجود سندس انبن جي ميٺاس کان محروم رهيس. کيس ضرور ڪا مجبوري ٿي وئي هوندي نـ تـ منظور محبت جو اهو تحفو هر سال ياد رکندو آهي. اهو سندس مون سان قرب آهي جو هُن مون کي اڃا تائين نـ وساريو آهي. ڀلي منظور ملاڻي جي سيزن ختم ٿي ويئي هجي پر نظام لغاري وٽ سندس سيزن اڃان ختم نـ ٿي آهي.