پريم چند عرفK−2 مل لوهاڻو
هي انهن ڏينهن جي ڳالهـ آهي جڏهن آئون اڃان ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. گلاب لغاري جون گهٽيون ۽ پاڙا گندي پاڻي سان ڀريا پيا هوندا هئا. جنهن جو اثر ڳوٺ جي ماحول تي اوس پوڻو ئي هو . انهي ناموافق ۽ آلوده ماحول جي هوندي ڪجهـ پاڙا يا گهٽيون ڪن ماڻهن جي ڪري صاف سٿريون نظر اينديون هيون. اهڙي ماحول ۾ اسان جي پاڙي جو هڪڙو صاف سٿرو ٻار هٿ ۾ ڪتابن جو ٿيلهو کڻي اسڪول ويندي ڏسندو هوس. اهي هن جا پرائمري اسڪول جا ڏينهن هوندا هئا. ٻروچن جو ٻار نـ هئڻ جي ڪري ڏاڍو دل کي لڀائيندڙ ٻار لڳندو هو. اڪثر لغارين جا ٻار پنجين ڪلاس تائين منهن بـ ڪونـ ڌوئيندا هئا. منهنجي پنهنجي اها حالت هوندي هئي جو وڌي وڏو ٿي ڏاگهـ ٿي ويو هوس پر منهنجو صفائي سُٿرائي ڏانهن ڪنهن بـ قسم جو ڪو بـ ڌيان نـ هوندو هو. اسان جي مقابلي ۾ سيٺين جا ٻار تيل ڦليل ڪري گهران نڪرندا هئا تـ حقيقي شهزادا لڳندا هئا. ائين لڳندو هو تـ خود خدا انهن کي پنهنجن هٿن سان سيڙجي ويهي ٺاهيو آهي. اسان جي گهرن جي وچ ۾ صرف ٻـ ٻيا گهر هئا. سماجي طرح اسان پاڙيسري هئاسين. اسان جي عمرن ۾ بـ چڱو خاصو فرق هوندو هو. آئون ستين ڪلاس ۾ هوندو هوس تـ هو ٻئين يا ٽئين ڪلاس جو شاگرد هوندو هو. ورهاڱي کان پهريائين منهنجو بابا هنن جي دڪان تي نوڪر ٿي ڪم ڪندو هو. ائين ورهاڱي کان پوءِ بابا الڳ پنهنجو دڪان کوليو جو اوڌر وارن کائي کپائي ڇڏيو هو. مٿان جو وري بابا سائين جو ڪمهلو موت ٿيو تـ سيٺن جو اسان تي شفقت جو هٿ وڌي ويو. جڏهن تـ هن سنڌي هندو خاندان سان اسان جا هزارين لڳ لڳاپا هئا ۽ اڃان تائين آهن. ساڳي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ چاهي دنيا جي ڪنهن بـ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هجي ان سان نـ ڇڄندڙ ناتا جڙي سگهجن ٿا. هي تـ اسان هڪڙي ئي ڳوٺ ۽ ساڳي پاڙي ۾ رهندا هئاسين هونئن بـ سنڌ جو هندو تمام سخي مرد رهيو آهي. بس ايندي ويندي اهو ننڍڙو نينگر مون کي گهٽي ۾ پيو ٽڪرائبو هو. هڪ دفعي جي ڳالهـ تـ مون هن کي چيو هو تـ ” اڄ تون منهنجي اسڪول هل” هي بـ بغير سوچڻ سمجهڻ جي مون سان گڏ بس ۾ چڙهي اسان جي صوفي آباد واري مڊل اسڪول هليو هليو هو. انهي ڏينهن هي اسان جي ڪلاس جو رانديڪو ٿي پيو. هن کان جڏهن نالو پڇيو ويو تـ هن پنهنجو حقيقي نالو ٻڌايو هو. هونئن بـ سنڌ ۾ هر ماڻهو جا ٻـ نالا هوندا آهن. پر هن جو نالو تـ هڪڙو ئي هو جيڪو شايد هندن جي ريتن رسمن مطابق ڪنهن ٻائيءَ پوٿي پٽي هن جو نالو پريم رکيو هو. پر هن جي چنچل طبعيت ۽ شرارتي سڀاءَ جي ڪري اسان ان وقت جي اسڪول جي دوستن هن جو ٻائيءَ جي پوٿي مان نڪتل پاڪ ۽ پوتر نالي کي بدلي ڪري، هن جو نالو هميشه لاءِ K-2 رکي ڇڏيو. بس انهي ڏينهن کان پوءِ هي پنهنجو تعارف بـ k-2 جي نالي سان ڪرائيندو هو. اڄ بـ جڏهن ڳوٺ ۾ هن جي پڇا ڳاڇا ڪو اصل نالي سان ڪندو تـ هن کي ڳولي نـ سگهندو. هڪ دفعي هن ڏاڍي مزيدار ڳالهـ ٻڌائي. چيائين تـ آئون هڪ دفعي دڪان تي ويٺو هوس تـ ڪنهن ماڻهو مون کان پريم واڻئي جو پڇيو تـ مون هن کي چيو تـ انهي نالي سان اسان جي ڳوٺ ۾ ڪو بـ ماڻهو ڪونهي. پوءِ مون کي اوچتو ياد آيو تـ اهو تـ آئون پاڻ آهيان. سو ڪڏهن ڪڏهن نقل اصليت تي حاوي ٿي ويندوآهي. اسان جي ائين ئي پاڙي ۾ ايندي ويندي پئي ملاقات ٿيندي هئي. اها خبر نـ هئي تـ هن سان ڪو نينهن جو اهڙو ناتو جڙندو جو موت ئي انهي کي ٽوڙي سگهي ٿو. اسان جي گهر ۾ غربت هئڻ جي ڪري گهر جو خرچو پورو نـ هئڻ جي ڪري مون مئٽرڪ پاس ڪري گلاب لغاري جي گهٽين ۾ چڻا وڪڻڻ شروع ڪيا. هي سيٺاڻو ٻار پڙهندو رهيو، هوڏانهن هن جي مائٽن جو زور هوندو هو تـ هي ڪاروبار ۾ دلچسپي وٺي. ان جي برعڪس هن جي ڪارو بار ۾ ڪنهن بـ قسم جي ڪا بـ دلچسپي نـ هوندي هئي. ائين اسان جي دوستي وئي وڌندي. هن کي جيڪا گهران خرچي ملندي هئي اها اسان چانهـ پاڻي ڪري ڦوڪي ڇڏيندا هئاسين. هو مون کي چوندو هو تـ ” آئون اسڪول مان اچان تـ تنهنجي مٿي تي چڻن جو ٿالهـ نـ هجي. ” ڇو جو هر روز شام جو اٿڻ ويهڻ گڏ ٿي ويو. هن جا مائٽ هن جي ڪاروبار ۾ دلچسپي نـ وٺڻ جو سبب مون کي قرار ڏئي رهيا هئا تـ مون سندن ٻار کي کاري خراب ڪري ڇڏيو آهي. انهي زماني ۾ گلاب لغاري جي بازار اندر گهرن جي وچ ۾ هوندي هئي. جنهن ۾ مِٺي مريداڻي ۽ عثمان مريداڻي جون هوٽلون هونديو هيون. انهن تي ٻـ آنا هڪ ڪوپ چانهـ جو ملندو هو. آئون جيڪي چڻن مان روپيـ اڌ ڪمائي ايندو هوس اهو گهر جي خرچ ۾ پورو هوندو هو . شام جو چانهـ جو ڪپ ۽ نانخطائي K–2 جي مٿي تي. اهو بـ ڳوٺ جي گهڻن ماڻهن کان برداشت ڪو نـ ٿيندو هو. پيا هن جي مائٽن کي گهاٽيون واڌيون ڪري ٻڌائيندا هئا. مون کي تـ چوڻ آکڻ وارو ڪير بـ ڪو نـ هوندو هو، ٻيو تـ آئون هن کان ڄمار ۾ ٿورو وڏو هوندو هوس. باقي قد بت اسان جا هڪ جيترا ئي هوندا هئا. منهنجي حصي پتيءَ جي جُٺ ڦٽ بـ K–2 جي مٿي تي. ائين آئون سڃو ۽ هو شاهوڪار اسان جي دوستي ۽ پيار ويو وڌندو. هاڻي هن مون کي پنهنجي کيسي جي خرچي ۾ پڻ ڀاڱي ڀائيوار ڪري ڇڏيو، جيڪا ڪنهن بني بشر کي اڄ ڏينهن تائين خبر نـ آهي. اڪثر مون اهو محسوس ڪيو آهي تـ “ناموافق حالتن ۽ بي رحم وقت جي لوڏن لمن ۾ اچي ماڻهو بدلجي ويندا آهن” پر هن ڪيئي صعوبتون برداشت ڪيون پر دوستي ۾ داغ اچڻ نـ ڏنائين. ظاهر آهي تـ وقت کي پنهنجي رفتار سان تـ هلڻو ئي هو. اسان ڇوڪرن مان ڦري جوان ٿي وياسين. نوڪريون مليون وطن ڇڏي جلا وطن ٿياسين. پر اسان جي پيار ۽ محبت ۾ڪنهن بـ قسم جي ڪمي ڪو نـ آئي. آئون جڏهن روزگار سانگي ڳوٺ مان اسلام آباد هليو آيس تـ هن ڌنڌي ڌاڙي ۽ ڪاروبار ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. مون کي اهو ٻڌي ۽ ڏسي خوشي جو شدت سان احساس ٿيو تـ منهنجي نوڪريءَ اسان ٻنهي کي سنئين راهـ تي چاڙهي ڇڏيو آهي. مون کي ياد آهي تـ آئون جڏهن بـ اسلام آباد مان ڪجهـ ڏينهن لاءِ موڪل تي ڳوٺ ايندو هوس تـ،منهنجو گهڻو تڻو وقت هن سان ئي گذرندو هو. اسلام آباد واپسي جو کٽو ٽُٽُو ڀاڙو ڪرايو بـ K-2 پيو ڀريندو هو.
هي ماڻهو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هئڻ سان گڏ يارن جو يار بـ تـ سماجي ڪمن ۾ پڻ وڏي سرگرميءَ سان حصو وٺندو آهي. ڳوٺ ۾ خوشي غمي ٿئي تـ k-2 اڳيان، ڳوٺ ۾ چوري چڪاري ٿئي تـ پيش پيش، ڳوٺ جي ڪنهن ڏنگي ٻار ڏنگائي ڪئي تـ k- 2 ٿاڻي تي. مذهب ۾ صوفي لاڪوفي هن وٽ هندو مسلمان جو فرق مون ڪڏهن بـ محسوس نـ ڪيو. ڳوٺ جو بـ ايترو اونو جو رات جو پيو گهٽين ۾ ڦيرا ڏيندو تـ ڪو لوفر لنب يا چور چڪار ڪا حرڪت تـ نـ ٿو ڪري. . سڄي بدين ضلعي جون واٽر سپلاءِ اسڪيمون فيل ٿي ويون. پر گلاب لغاري جي اسڪيم ڪامياب صرف ان ڪري جو K-2 انهي جو ڌڻي ويٺو آهي. محترمـ بينظير ڀٽو جي قتل جي واقعي واري ڏينهن جتي سنڌ سڄي ٻري اٿي، اتي اسان جو ڳوٺ گلاب لغاري پڻ ڪافي متاثر ٿيو. جتي بئنڪن کي باهيون ڏيئي ساڙيو ويو، اتي يوٽليٽي اسٽور ۽ اسڪولن جا فرنيچر پڻ سڙيا ۽ خاڪ ٿيا. هن ڇا ڪيو جو ڳوٺ جا ٻـ چار جانٺا جوان هٿ ڪري اوڙي پاڙي مان ڪا پراڻي سراڻي ڇيرن واري بندوق هٿ ڪري اٿندي ئي وڃي اسڪول ۽ واٽر سپلاءِ وارو مورچو سنڀاليو. جڏهن بي قابو هجوم بئنڪ ساڙي اسڪول ڪامپليڪس ڏانهن وڌيو تـ هن پري کان کين هڪل ڪئي تـ هيڏانهن ڪو بـ نـ وڌي نـ تـ خون خرابو ٿيندو. هڪ ڳوٺ جو معزز ماڻهو ٻيو بندوق هٿ ۾ کنيو بيٺو هجي. سو هجوم بيهي رهيو. ائين آسي پاسي وارن سڀني اسڪولن جو فرنيچر سڙي ويو، پر گلاب لغاري جو اسڪول ڪامپليڪس محفوظ رهيو.
سندس ڳالهـ ڪرڻ جو انداز بـ دل کي ڏاڍو لڀائيندڙ ۽ سُريلو هوندو آهي. هڪ ڏينهن مون کي اسلام آباد فون ڪري چيائين تـ “ رات مون سان جٺ ٿي آهي. ” مون پڇيو ڇا ٿيو آهي چيائين تـ ” رات ڪي مهمان آيا سو ڪاٺين جي باهـ ٻري ڪا نـ، بورچي خاني ۾ دونهون ڀرجي ويو. آئون جيئن ئي مهمانن جي ماني کڻڻ ويس اڳيان ڪنهن هڪل ڪئي تـ “هُش ٻلا”، دونهي ۾ خبر ئي نـ پوي تـ ماڻهو يا ٻلو سو مون رڙ ڪئي تـ آءُ ماڻهو آهيان نـ تـ ٻي حالت ۾ ڪاٺ جي بنڊي اچي منهنجي مٿي ۾ ٺڪاءُ ڪري ها. ” آئون هاڻي هن جي ٽپيڪل انداز ۾ ڳالهـ ٻڌان يا کلان. “سو توهان ڪوشش ڪريو تـ گلاب لغاري کي ڪا گئس ملي”. اهو هڪ قسم جو هن جي طرفان مون کي حڪم هو. هتي مون منسٽري آف پيٽروليم وارن سان ڳوٺ جي گئس جي لاءِ ڳالهايو پر هنن اسان کي گاهـ ئي ڪو نـ وڌو. چون تـ اوهان جو ڳوٺ گلاب لغاري Feasible ڪونهي. جڏهن تـ اسان جي يونين ڪائونسل مان گئس نڪري ٿي، اسان کي ڳوٺ مان گئس جا شعلا نظر اچن. سڄي بدين ضلعي مان پئٽرول ۽ گئس نڪري. پر اسان جو ڳوٺ “ڀريءَ ٻيڙي ۾ واڻيو ڀاري” جا اڃان تائين اسان جي ڳوٺ ۾ نـ آئي آهي. جيئن سئي مان گئس نڪتي تـ بلوچستان جو ڪو بـ شهر هنن جي نظر ۾ گئس جي لاءِ موزون ڪو نـ هو. جڏهن هنن جا مري ۽ گُليات سڀ موزون هئا. اتي گئس پهچائي پوءِ هنن ڪوئٽـا کي گئس ڏني هئي. هاڻي اسان جي ڳوٺ ۾ ڪمرشل بئنڪ، هاءِ اسڪول، ٻيون سڀ سهولتون موجود پر گئس موزون ڪونهي ۽ جڏهن تـ گئس نڪري بـ اسان جي ضلعي بدين مان. بقول ڀٽائي جي تـ “ پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن”
هڪ ڏينهن ائين اوچتو امان جي ڳوٺان فون آئي تـ K-2 ڳوٺ ڇڏي سرحد جي هُن پار هليو ويو آهي. واٽر سپلاءِ جو ڇا ٿيندو ۽ ڳوٺ جو ڇا ٿيندو. ڪنهن حد تائين امان جا اهي خدشا بلڪل صحيح هئا. جيترو ڳوٺ جو اونو ۽ الڪو هن کي هوندو هو. ايترو اڄ ڪنهن کي بـ ڪونهي. هر ٻئي ٽي مهيني ڳوٺ جي ڪمن ڪارين جي لاءِ هن جا فون ايندا ئي رهندا هئا. آئون جو اسلام آباد مان حيدرآباد ۾ ڪنهن آفيسر کي ذاتي نـ پر اجتماعي ڪم چوندو هوس تـ اڳيو ٿورو خيال ڪندو هو. پوءِ ڪي ڪم ٿيندا هئا تـ ڪي ڪو نـ ٿيندا هئا. پر K-2 سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ لڳو پيو هوندو هو. K-2 هُن پار وڃي خوني رشتن کان سواءِ روحاني رشتا ۽ لڳ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا هئا. ظاهر آهي تـ سنڌ جي چيڪي مٽي ۽ لاڙ پٽ جي هيرن جهڙين هوائن هن کي جهوري وڌو هوندو. هن گلاب لغاري جي گهٽين جا اهڙا تـ خواب ڏٺا هوندا، جيڪي هن جي ويڳاڻي من کي بغير ويزا جي ڳوٺ جي اُپسرائن ۾ کڻي آيا هوندا. هن جو جڏهن من ماندو ٿيو هوندو، ساهـ ٻوساٽجڻ لڳو هوندو تـ هن پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي گهر ۽ پنهنجي سنڌ کي آخري نمسڪار چيو هوندو. هن جي هُن ڏيهـ اُسهڻ کان پوءِ مون کي هن جو رابطي جو نمبر مليو هو پر مون صبر کان ڪم وٺي هن سان ڳالهائڻ کان لنوايو هو. ٻيو تـ هاڻي آئون اهڙي عهدي تي هوس، جتي منڪر ۽ نڪير جو پاڇو پوڻ اوس هو. بس هڪ ڏينهن من ۾ مانڌاڻ متو تـ مون هن کي فون ملايو هو ۽ اسان جا روحاني رشتا وري بحال ٿيا هئا.