محمد رمضان آرائين
اسلام آباد ۾ نوڪري آئون ضرور ڪندو هوس پر منهنجي دل ڳوٺ ۽ شيرل سان لڳل هئي. اهو سچ آهي تـ خط اڌ ملاقات آهي، جيڪڏهن ڳوٺ وارن جا ۽ شيرل جا خط مون وٽ نـ اچن ها تـ آئون شايد ئي اسلام آباد ۾ رهي سگهان ها. هاڻي شيرل جي خطن سان گڏ مون وٽ سائين نعيم جي ننڍي ڀاءُ محمد رمضان جا خط بـ اچڻ لڳا. رمضان سان بـ ننڍي لاڪئون دوستي ياري رهي آهي، اها دوستي ڪيئن ٿي اهو سوال اجايو آهي. اسان جو ڳوٺ ساڳيو، ساڳئي پاڙي ۽ گهٽي ۾ اسان جا گهر اڃا تائين آهن. رمضان کي اسان پيار مان “جانو” سڏيندا هئاسين، جڏهن تـ هي جنهن اسڪول ۾ پڙهيو هو آئون ان ۾ ماستر هوندو هوس. تازو ٿورا ڏينهن ٿيا آهن ڪنهن دوست فيس بڪ تي ڏاڍو سٺو جملو لکيو هو. لکيو هئائين تـ“ يار ڇوڪرين وغيرهـ جي ڳالهـ ڇڏي ڏيو، مون کي تـ ٽيچر بـ چوندا آهن تـ هلي آ اڳئين سيٽ تي اچي ويهـ”! اهو هڪڙو ئي جملو هو جو اُن وقت رمضان تي لاڳو ٿي سگهيو پئي. ڇو جو جنهن زماني ۾ هو اسان جي اسڪول ۾ پڙهندو هو. اُن وقت تـ ڪا پراڻي سُراڻي سائيڪل بـ نصيبن سان ملندي هئي جنهن تي چڙهي آئون اسڪول ويندو هو هوس، جيڪڏهن ڪا چار ڦيٿي هجي ها تـ سچ پچ رمضان اڳئين سيٽ تي ويهارڻ جهڙو هوندو هو. ان کان سواءِ اسان ۾ ڪافي ڳالهيون مشترڪ بـ هونديون هيون. اسان جي پاڙي ۾ اسان جا ٽي گهر هوندا هئا جن جو غريب خاندان سان تعلق هو. انهن ۾ هڪ اسان جو گهر، ٻيو رمضان وارن جو گهر ۽ ٽيون شيدين جو گهر، اسان جي ٽئين پاڙيسري جو نالو بـ رمضان هوندو هو. باقي سڀ، ڊاڪٽرن جا گهر، سيٺين جا گهر هوندا هئا. اهي پنهنجي ماني مڇي وارا هوندا هئا. هي آئون اڄ جي ڳالهـ نـ ٿو ڪريان پر 40 سال اڳ جي ڳالهـ ٿو ڪريان. اسان ٻنهي جا پيئر بـ ڪهجـ سالن جي فرق سان هي جهان ڇڏي ويا، ائين کڻي سمجهو تـ اسان ڇٺي کان ئي ڇورا ٻار هئاسين. چوڻ آکڻ وارو ڪير ڪو نـ هوندو هو پوءِ“انڌي گهوڙي ڪل ۾” جتان ايندا هئاسين پيا ويندا هئاسين. خير ڳالهـ پي هلي رمضان جي، هن جي وڏن ڀائرن پان ٻيڙي جي ڪئبن کولي، انهن جو گذر سفر سٺو ٿيڻ لڳو. اڳتي هلي مون کي بـ رمضان ساڳئي نموني جي ڪئبن کولي ڏني، پر آئون نـ هلائي سگهيس. اهي ڪم صرف واڻيا، ميمڻ، مهاجر ۽ کوجا ئي ڪري سگهن ٿا. ٻروچ واپار مان ڇا ڄاڻن. (هي صرف آئون پنهنجي ڳالهـ ٿو ڪريان). ان زماني ۾ منهنجي جيڪڏهن کاٽڙين يا ڪنهن چور چڪار سان دوستي ٿي وڃي ها تـ اهي ڪم آئون شايد سکي وڃان ها. پر انهن کان اڳئي آئون جيئي سنڌ وارن جي هٿ چڙهي ويس، جن منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي. ائين وقت گذرندو رهيو،تان جو آئون وطن جا وڻ ڇڏي جلاوطن ٿي، ڳوٺ مان اسلام آباد پهچي ويس. هاڻي اسان جو روبرو گهٽي ۾ بيهي جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندا هئاسين اهي اسان واريون ڪچهريون ختم ٿي ويون. قومي ڪم بـ مون جيڪو ڳوٺ ڪيو سو ڪيو. حالات بدلجي ويا، رويا بدلجي ويا، ماڻهن جي دلين ۾ محبت ۽ پيار جي بجاءِ، ساڙ ۽ ڪينو اچي ويو. سائين جي ايم سيد جي وڃڻ کان پوءِ جيئي سنڌ محاذ پنهنجي پاڻ کي بچائي نـ سگهيو. قومي دوستي مان ڦري ذاتي دوستيون ٿي پيون، انهن دوستين ۾ بـ لالچ ۽ لوڀ جو عنصر وڌي ويو، ماڻهو ماڻهو کان ڊپ کائڻ لڳو، هاڻ تـ سڄو مانڊاڻ ئي اچي پٽ تي پيو آهي. ڇا تـ اهي ڏينهن هئا !سچائي پري کان پئي بکندي هئي، ڪنهن بـ يار دوست ۾ ڪنهن قسم جي ڪا لالچ ۽ لوڀ نـ هوندي هئي، ڪنهن وٽ لنگهي وڃبو هو تـ سئو عزتون ماڻي پوءِ موٽبو هو. مون هن ڪتاب ۾ مٿي سنڌ جي هڪ بهادر ڌاڙيل جو ذڪر بـ ڪيو آهي، جيڪو صرف سندس شاگردي واري زماني ۾ هڪ رات مون وٽ اچي رهيو هو. ان کان پوءِ هو هڪ اهڙي دنيا ۾ هليو ويو جتي اسان جي ملاقات ناممڪن هئي. هن کي ايترو تـ حيا ۽ شرم هوندو هو جو هن ڪڏهن بـ اسان جي ڳوٺ تي هلان نـ ڪئي. جيئن مون اڳ لکيو آهي تـ شيرل جي خطن سان گڏ رمضان جا خط پڻ مون وٽ اچڻ شروع ٿي ويا هئا، رمضان جا خط ڪو نـ هوندا پر جيئي سنڌ جو پمفليٽ هوندو هو. لفافي جي مٿان اڳيان پٺيان رڳو جيئي سنڌ لفظ ئي لکيل هوندو هو. هاڻي هو ڪنهن سنڌي ماستر سان نـ بلڪ ڪنهن فيڊرل گورنمينٽ جي آفيسر سان خطن جي ذريعي ڳنڍيل هو. ضياءُالحق جو زمانو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو رمضان جو رڳو لفافو اچي ملندو هو خط گم ٿي ويندو هو يا خط کليل ملندو هو. اهو ڏسي مون کي اچي ڊپ ٿيو تـ ڪٿي ياجوج ۽ ماجوج منهنجي خطن جي پٺيان تـ نـ آهن. حقيقت ۾ آئون بـ آفيسر ٿيڻ کان پوءِ، ڀاڙيو، گيدي، ڊڄڻو ٿي پيو هوس ۽ تعجب جي ڳالهـ آهي جو رمضان جو مون وٽ هينئر ڪو بـ خط موجود ڪونهي، جيئن هتي نموني خاطر ڏئي سگهان. سمجهـ ۾ نـ ٿو اچي تـ اهي خط ويا ڪيڏانهن، ڪٿي خدائي خدمتگارن جي ور تـ نـ چڙهي ويا. انهي تي مون رمضان کي ڪافي سخت خط لکيو تـ تون منهنجي نوڪري جي پٺيان آهين. بس ان کان پوءِ جيئن رمضان جا خط بند ٿيا وري نـ آيا، ها البت رمضان ٻـ چار دوست وٺي گهمڻ آيو هو. هاڻي انهن مان هڪ ملان ٿي ويو آهي تـ هڪ اڌ مجذوب ٿي ويو آهي. ملان، مجذوب ۽ مذهب هن ڪتاب جي دائري ۾ نـ ٿا اچن، تنهنڪري انهن تي نـ لکندس. ان وچ ۾ شيرل جا خط دير سوير ايندا رهيا،سندس 26 ڊسمبر 1986 ع وارو خط هيٺ ڏجي ٿو.
26-12-1986
ڀال جا ڀيرا ڀڃي ويٺين ڀلا ڪهڙي سبب
تنهنجو شيرل، تو نـ شيرل جو الا! ڪهڙي سبب
جابلو ملڪ جا رهاڪو پٿر جهڙا پيارا ڀاءُ نظام شال ترقيون ڪندو رهين، ايستائين جو اسان جهڙا جيتامڙا توکي بلڪل وسري وڃن.
ڀاءُ توهان جو خط مليو جواب طلب ڳالهين جا جواب حاضر آهن. ايوب ورياهـ ماتلي ۾ مليو هو مگر کانئس گرم جوشي بلڪل موڪلائي وئي آهي، مون سان رسمي نموني مليو ۽ هليو ويو بنا موڪلائڻ جي، اهڙي حالت ۾ شايد هو توکي خط نـ لکي. منهنجو دڪان صحيح هلي رهيو آهي، 300 يا 400 روپين جو روز جو ڌنڌو آهي. پر شايد آئون دڪان نـ هلائي سگهندس، اهو ڪم مون کي بلڪل پسند نـ آهي. انهي کان ڀينگ ڀلي آهي. ڇو تـ منهنجي اندر جي انسان کي يڪسانيت پسند نـ آهي. آئون ٻوڪيل انبن جي ڇانو ۾ گهارڻ ٿو چاهيان. آئون شامون ڪڻڪن جي کيتن ۾ گهمندي گذارڻ چاهيان ٿو، اهي شامون ڳڙ ۽ کنڊ توريندي گذرن تـ هنينءَ ۾ گهاءُ ٿيو پون.
ڪا گهڙي گل سان ڪئي مون گفتگو گلزار وٽ
باغ جون باتيون اڃان بلبل بيمار وٽ.
ڀاءُ منهنجو يار منهنجو نـ آهي، “يار اسان ڪون يار نـ ڪريندي، اسان زوري يار بڻيندي. ” منهنجي نصيب ۾ لکجي ويو آهي، کامڻ، پچڻ، پڄرڻ، ٻرڻ، ٻڙڪڻ، جهڄڻ، جهرڻ، لُڇڻ ۽ لوچڻ. توهان لکيوآهي تـ تو آدم کي سجدو نـ ڪيو آهي، پر ائين نـ هو مون ٻين ملائڪن سان گڏ آدم کي سجدو ڪيو هو ۽ اڃان تائين سجدي ۾ آهيان، مون رب پاڪ کي سجدي ڪرڻ لاءِ ڪنڌ مٿي نـ کنيو آهي. منهنجي سزا شيطان جي سزا کان ويهوڻي آهي. منهنجي تڙجڻ جو سلسلو ڊگهو ۽ طويل آهي. اسان جي اسڪول جا امتحان ٿي ويا آهن. منهنجا امتحان پنجين مارچ کان آهن. مون کي صرف عشق جي امتحان جي اون آهي، ڇو تـ عشق جي امتحان ۾ ڪاپي ڪرڻ جو تصورئي نـ آهي. رمضان اوهان کان منهنجي باري ۾ ڪي ذاتي سوال پڇندو اميد تـ هن کي نـ ٻڌائيندا. پيارا ڀاءُ توهان خوش آهيو ؟ خدا ڪري آباد هجو. مون کي منهنجا غم مبارڪ هجن. هتي تـ ڪو دلاسي ڏيڻ لاءِ بـ ڪونهي سڀ ماڻهو مطلبي مڪار ۽ فريبي آهن. بس ڀاءُ،
جيڪي ڏنائين سو سر ڏيئي سهـ جندڙي
م چئو ڇنائون اي پڻ ڳنڍيو سڄين.
زندگي جي ويڙهـ ۾ مون کي مسلسل شڪستون پلئـ پيون آهن. مون سوچيو آهي. منهنجو سر اوهان وڃايو آهي، ڪاش منهنجي تربيت ڪنهن ٻئي نموني ٿئي ها. بس هاڻي ڪجهـ لکجي نـ ٿو،خط لکڻ ۾ دير ٿي وئي آهي، اميد تـ معاف ڪري ڇڏيندا.
گل در کنار لينگي مت بول مار دينگي
مر مر ڪي يار لينگي مرنا هي ڪام ميرا
مون کان سر سنگيت کسي وڃ هاڻي ڪوئي گيت نـ چوندس
هڪڙو ڀيرو کلي وڃ وري نـ کلندس وري نـ روئندس
دل وس نـ دلبر وس ٻئي زورآور ذات
اُڻ تُڻ اور عجيب جي وائي گهڻيري وات
رئندي رئندي رات، مون گذاري دوست کان.
سڄڻ ۽ ساڻيهـ ڪنهن اڻاسي وسري
حيف تني کي هوءِ وطن جن وساريو
ڏٺي ڏينهن ٿيام ڪوه ڄاڻان ڪهڙا پرين
سهسين سج نـ لهي، واجهائيندي ويام
تن ري سال ٿيام جن ري ساعت نـ سهان.
ڏٺا ڏٺا ڪنهن ڏٺا ڏٺا ڪنهن، مٺا مٺا چپ
ڪڇي هڻي ويا ڪپ اسان کي ڪڇي هڻي ويا ڪپ
ٺهن درد مندن سان دم ڪهڙا ڪهڙا
ڪجن غير محرم سان غم ڪهڙا ڪهڙا
نـ جن جي ڪڏهن درد دلڙي دکائي
انهن ساڻ اوريون الم ڪهڙا ڪهڙا
ٻرڪي لوڻ کي زخم تي مرڪي مٺي چيو
غمگين نـ ٿي توکي اسين شاد ٿا ڪريون
مون ڪئي ڪوشش گهڻي ٻاهر نـ نڪري ٻاڦ ڪا
عشق منهنجو ويو مگر رسوا سر بازار ٿي
اسلام آباد کي سلام چوندا،توهان پاڻ بـ سلام قبول ڪندا
لکندڙ توهان جو ڀاءُ شيرل لغاري.
انهي وچ ۾ شيرل سان خطن جو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو. اها حقيقت آهي تـ اسان هڪ ٻئي جي جدائي گهڻي دير کان پوءِ وڃي برداشت ڪئي هئي. انهي وچ ۾ جيڪڏهن منهنجو ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو تـ ملاقات ۽ قرب ڪچهريون بـ ٿي وينديون هيون. اهي اسان جون ڪچهريون بـ تاريخي هونديون هنيون. انهن جي معيار ۽ مواد کي هتي بيان نـ ٿو ڪري سگهجي. تاريخ، ادب، عالمي ادب، شاعري، سنڌ جا نوان ۽ پراڻا شاعر، افسانا ۽ ڪهاڻيون، سنڌ جا سياسي توڙي سماجي مسئلا، مطلب تـ هڪ سلجهيل ماڻهن جي گفتگو لڳندي هئي. جڏهن تـ ٻئي پاسي خطن جو نـ کٽندڙ سلسلو بـ جاري رهيو. انهي ساڳئي سال هن جو مون کي جيڪو خط مليو اهو هيٺ ڏجي ٿو.
27-7-1986
لڏي ويا ڇڏي ويا، ڪاهي ڌڻ ڌنار،
نڪا ڪوڪ ڪنڌين، نڪا تاڙي جي تنوار،
ويچارا پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا. (شاھ)
اسلام آباد جي پٿريلي ڌرتيءَ جا رهواسي شال توکي پالڻهار پناھ ۾ رکي. توهان جو لکيل خط ڪجهـ عرصو اڳ ڀاءُ رمضان کان مليو. پهرين ڳالهـ تـ توهان جيڪي شعر لکيا آهن اهي عبدالحڪيم ارشد جا آهن مگر اوهان انهن جي هيٺان لفظ شاھ لکيو آهي. اوهان ائين نـ ڪريو، اسلام آباد وڃي اوهان ننڍن شاعرن جا شعر وڏي شاعر جي کاتي ۾ جمع ڪرڻ شروع ڪيا تـ پوءِ اسان جو الله واهي آهي. پيارا توهان جڏهن کان هتان ويا آهيو اسان وٽ واري وسڻ لڳي آهي. توهان خط ڏاڍو جذباتي لکيو آهي. مون کي خوشي آهي توهان کي توهان جو دل گهريو دوست ملي ويو آهي. خدا توهان جي دوستي جي حفاظت ڪري، باقي ٻيلي جتي بـ جنهن دور ۾ ڪنهن مجني ڪنهن ليلا سان عشق ڪيو آهي تـ وقت جو ولين قمر قاضي نروار ٿيندو آهي ۽ مجنون صاحب کي ڪتن کان بڇ ڪرائي مارائيندو آهي. يسوع مسيح اوهان جي حفاظت ڪندو.
هتي هينئر سنڌ ۾ بلڪ گلاب لغاري ۾ هن وقت ڏاڍا مزا لڳا پيا آهن. جڏهن کان اوهان جلاوطن ٿيا آهيو، هتي وطن ۾ موج مچي وئي آهي. اوهان يقينن حج واري عيد تي ايندا ڪجهـ جانورن جو گوشت اوهان جي نالي لکجي چڪو آهي اميد تـ پنهنجو رزق اچي کائيندا. باقي منهنجو حال اڳي کان بـ بيحال آهي. منهنجي عشق جو ڀوت هينئر پوري جوڀن تي آهي. مون پيار ڪرڻ گهريو تـ مون کي غمن جا پهاڙ پلئـ پيا آهن. منهنجي نصيب مون کي در در ڀٽڪايو آهي، مون عذابن جا ڊگها سفر طئـ ڪيا آهن. مان ڄاڻان ٿو تـ منهنجي مذهب ۾ خوشيون حرام آهن. منهنجن مُرڪن تي پابندي وڌي وئي آهي تـ منهنجي چپن جي علائقي ڏانهن نـ وڃن، مان گُلن ڏانهن ڏسان ٿو تـ اهي ڪومائجي وڃن ٿا. منهنجي دل مان خوشين کي کَرڙي ڪڍيو ويو آهي. منهنجي شاعري اڪيلائي۾ مون کي لپاٽون هڻندي آهي. لکندي لکندي ڪاغذ بـ ڦاٽي ويو آهي، ڪا ڳالهـ ڪانهي، پيارا ! اوهان منهنجن عيبن ڏانهن نـ ڏسو ۽ پنهنجي 17 گريڊ جي پگهار مان 80 پئسا ڪڍي خط و ڪتابت جاري رکو. چڱو جو ياد آيو ڏي خبر ڀاءُ خان محمد خان جا ڪهڙا حال آهن؟ ۽ منهنجي پاران کيس 5 ڪلو سلامن جا چوندا. اڄ لکڻ جو موڊ بـ نـ اٿم پر زوري خط پيو لکان، الائي پوءِ ٽائِيم ملي يا نـ ملي.
يار هڪڙي ڳالهـ تـ ٻڌ مون کي لڳي ٿو تـ (ٿي سگهي ٿو منهنجو وهم هجي) اسلام آباد جهڙي شهر ۾ تون سڪون جي سُرڪي لاءِ تڙپي رهيو آهين. سڪون سڀ ڪنهن جي اندر ۾ هوندو آهي، پنهنجو پاڻ کي ڪجهـ سڌارڻ جي ڪوشش ڪر، اجايا ۽ فضول قسم جا خيال ڪرڻ تنهنجي صحت لاءِ ناساز گار ٿيندا. هڪڙي هندستاني شاعر تلسيداس انهي تي لکيو آهي.
تلسي ايسي پريت نـ کر، جيسي لمبي کهجور
دهوپ لگي تو چهائون نهين بهوک لگي تو پهل دور.
وڌيڪ توهين پاڻ سمجهو آهيو. مون کي لڳي ٿو تـ هينئر توهان تي مايوسين جا مينهن وسي رهيا آهن. اُداسين جو گهيرو اوهان تي رفتـ رفتـ تنگ ٿيندو وڃي ۽ اوهان کي ڪا وڏي پريشاني آهي، جيڪا توهان جي لفظن مان عيان آهي. مون اوهان لاءِ اوهان جي دوست لاءِ هتي شاھ باجي(شاھ عبدالمجيد) جي قبر تي وڃي دعا گهري اٿم اميد تـ دعا قبول ٿيندي ۽ توهان جا دشمن دفع ٿيندا. (هينئر خط پئي لکيم تـ ڪجهـ بهشت ۾ خچر اچي ويا تنهنڪري ٿورو رخنو پيو)
ادا توهان مهرباني ڪري مون کي پنهنجو حال احوال مڪمل طور موڪليو تـ جيئن اوهان کي آئون ڪجهـ مفيد مشورن سان نوازي سگهان. مون کي توهان جي ڏکن جو شديد احساس آهي ڇو تـ عشق آهي نانگ خبر کاڌن کي پوي. مهرباني ڪري پنهنجي دل جو مڪمل حال احوال تحرير ڪريو. خاص ۾ خاص ۽ خصوصي ۽ اسپيشل سلام خان محمد ۽ ٻين دوستن کي چوندا. سلام سائين وڏي، الهـ بخش، غلام قادر ۽ رمضان جا قبول پون.
لکندڙ توهان جو دوست شيرل لغاري.
مٿي جيڪو بهترين خط شيرل مون کي لکيو آهي. انهي ۾ ڪنهن بـ قسم جو وڌاءُ ڪونهي. ان زماني ۾ منهنجي مٿان اهڙي ڪيفيت طاري هئي. اها خبر صرف اسان ٻن ماڻهن کي هئي،تنهنڪري آئون اها ڏنگي کولڻ نـ ٿو چاهيان، اها هڪ ٻئي جي اسان وٽ امانت هئي ۽ آهي. شيرل دنيا ڇڏي ويو آهي،آئون بـ زندگي جي آخري ڏاڪن تي اچي پهتو آهيان،تنهنڪري امانت ۾ خيانت نـ ڪبي. اوهان صرف انهي مان اندازو لڳايو تـ اسان جو پاڻ ۾ ڪيترو پيار ۽ قرب هو. هڪ هزار ڪلو ميٽر پري ويهي بـ اسان هڪ ٻئي جو دلين جو راز سمجهي ويندا هئاسين. ان کان پوءِ ساڳئي سال شيرل جو مون کي هي خط مليو، جيڪو پڙهندڙن لاءِ حاضر آهي.
18-11-86
ڏور ڪٿي پرڏيهـ ۾ تون بـ تڙپيو هوندين يار ضرور
هاءِ مون ڪيڏي درد منجهان اڄ شاھ جي وائي ڳائي آ.
پيارن کان پيارا ۽ ڏور بـ اوڏا نظام، شال سدائين ترقي جا ڏاڪا چڙهندو رهين. تنهنجو خط جيڪو مليو سو خط گهٽ ۽ الزام نامو وڌيڪ هو، ڇو تـ ڏاڏي آدم کان وٺي راجا ڏاهر تائين ۽ موهن جي دڙي کان وٺي ميرپور بٺوري تائين ۽ حضرت ابراهيم عليـ سلام کان وٺي قابل (چانڊيو) هوٽل واري تائين جيڪي ڏوھ ٿيا آهن، اُن سڀني جا الزام اوهان سڌو سنئون منهنجي سر مڙهيا آهن. خير توهان جي اطلاع لاءِ عرض آهي تـ اهي الزام بلڪل سچا آهن. پر مون تـ اڃا گهڻو ڪجهـ ڪيو آهي. تاريخ جا ورق انهي جا شاهد آهن. پيارا انسان الائجي ڇو هاڻي هڪ ٻئي کان پري ٿيندا وڃن، ڌيري ڌيري هر ڪو ڌڪجي رهيو آهي. توهان ۽ سائين عبدالڪريم کي خدا وند قدوس فرزند عطا ڪيا آهن. جيئن تـ توهان پاڪستان جي آبادي ۾ اضافو ڪيو آهي. انهي لاءِ آئون ۽ سرڪار توهان ٻنهي ڌرين جا ٿورائتا آهيون. آئون پاڻ آبادي ۾ اضافي واري عمل تي سختي سان ڪار بند آهيان، اميد تـ ايندڙ ٽيهن سالن ۾ ويهـ کن ٻار پيدا ڪري سگهندس. آئون ٻنين لاءِ هاري، ڪارخانن لاءِ مزدور ۽ مال لاءِ ڌراڙ پيدا ڪندس.
مون کي خط لکڻ ۾ دير لڳي وئي آهي انهي جو ڪارڻ توهان کي ڪنهن ٻئي خط ۾ ٻڌائندس. توهان جي بقول آئون SDEO کي ٽپڙ ٻڌائي چڪو آهيان ۽ ٻيو ڪل خير آهي. رئيسن جي بورچيخاني جو ڦڪو ڀت کائي کائي منهنجي صحت هاڻي بحال ٿي رهي آهي. ماستر اشرف پنهنجي غير حاضري ۾ رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي، سگهو ئي سنڌ سرڪار کيس گولڊ ميڊل عطا ڪندي. سنڌ ۾ سيءَ جي رفتار رفتـ رفتـ وڌي رهي آهي.
اتر ڏني اوت، نـ مون سوڙ نـ گبرو
چُني چارئي پوت، ريڙهيندي رات گئي.
وڌيڪ هينئر ذهن جائيتو ڪو نـ اٿم، تنهنڪري رهڙا هڻي پنو پورو ڪرڻ جا جتن ٿو ڪريان. غلام قادر ولد حاجي محمد آف گريڊ سترهن جي شادي خانـ آبادي ٿي چڪي آهي، انهي لاءِ اوهان کي مبارڪون هجن. مامو الهـ بخش هينئر حيدرآباد جي ميٺارام هاسٽل جو ان کٽائڻ ۾ مصروف آهي. ٻيو احوال اميد تـ ٻئي ڪنهن خط ۾ لکندس. يار نظام واقع تون جديد آهين بلڪ جديد ترين آهين. آمريڪي خلائي شٽل کي بـ تو تباهـ ڪيو هو ۽ روسي ايٽمي ڪارخانا بـ تو برباد ڪيا آهن، بلڪ مون کي شڪ آهي تـ تازو حيدر آباد ۽ ڪراچي ۾ ڪرفيو بـ تو هڻايو هو.
خط جو جواب جلدي ۽ سنجيدگي سان عطا ڪندا تـ شڪر گذار رهندس. خير. سلام سائين عبدالڪريم، مسٽر محمد نعيم، مسٽر محمد اشرف، منشي غلام رسول، منظور احمد ملاڻـي جا قبول ڪندا.
فقط توهان جو شيرل لغاري.