جيون ڪٿا –جاکوڙ ڪٿا
نصير ميمڻ
نظام الدين لغاريءَ سان ڏيٺ ويٺ تـ اسلام آباد ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي. سندس پنهنجائپ ۽ پاٻوهـ مان لڳندو آهي تـ ڄڻ جنمن کان ساڻس ڪو تعلق هجي. سندس اندر ۾ ويٺل هڪ وطن پرست ۽ سنڌ دوست شخصيت جو پتو پهريون ڀيرو تڏهن پيو، جڏهن هن ڪوٽا سسٽم ۾ ٿيندڙ ڀڃڪڙين ۽ سنڌ سان ٿيندڙ نوڪرين ۾ نا انصافين بابت، انگن اکرن تي ٻڌل هڪ پريزنٽيشن ڏني. سرڪار جو حصو هوندي اڪثر ماڻهو سماج جي گڏيل مسئلن کان گهڻي ڀاڱي پاسيرا رهندا آهن. پر نظام لغاريءَ انهن ٿورن ماڻهن مان آهي. هن سرڪاري عهدي تي هوندي بـ پنهنجن ماڻهن سان ڳانڍاپو برقرار کيو ۽ سندن جائز حقن لاءِ ڪردار ادا ڪيو.
مون کي نهايت خوشي آهي تـ نظام پنهنجي جيون ڪٿا کي ڪتابي شڪل ڏني . هن کان اڳ ويجهي ماضيءَ ۾ سائين فضل الله قريشي ۽ شمس الدين جعفراڻيءَ جون جيون ڪٿائون ڪتابي شڪل ۾ نظر آيون. در حقيقت ڏهاڪن تائين سرڪاري نوڪرين ۾ رهڻ وارن فردن وٽ انيڪ تجربا ۽ ڄاڻ سان ٽمٽار خيال هوندا آهن. جيڪي رٽائرمينٽ کان پوءِ اهي اڪثر نجي ڪچهرين ۾ ونڊيندا رهندا آهن. پر انهن کي عام ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ لکت ۾ نـ آڻيندا آهن هر سال سون جي ڳاڻيٽي ۾ نوڪرين تان رٽائرمينٽ وٺندڙ ڪامورا نهايت ڪارائتي ڄاڻ ۽ تجربا ويندي وقت پاڻ سان کڻي ويندا آهن. سندن يادون ۽ تجربا جيڪڏهن لکت ۾ گڏ ڪجن تـ اهي هڪ دور جي سياسي، معاشي، سماجي، اخلاقي ۽ مذهبي تاريخ جو باب ٿي پون سائين فضل الله قريشي جي جيون ڪٿا پڙهندي ڪٿي بـ اهو نـ ٿو لڳي تـ هن رڳو پنهنجي ذات کي بيان ڪيو آهي پر سندس لِکتن ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي هڪ دور جي تاريخ نظر ايندي آهي. ساڳي طرح نظام الدين لغاري جي جيون ڪٿا بـ سندس دور جي سنڌ ۽ اسلام آباد جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو دستاويز آهي.
نظام پنهنجي جيون ڪٿا ۾ منهنجي شخصيت بابت جيڪي مانائتا لفظ لکيا آهن، ان لاءِ آئون سندس ٿورائتو آهيان. منهنجي ننڍڙي ڪم کي جنهن محبت سان مَان ڏنو اٿائين اهو سندس پيار ڀري شخصيت جو اولڙو آهي. نظام ان دور ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ پير رکيو هو، جڏهن سنڌ ۾ سياسي اٿل پٿل پنهنجي عروج تي هئي. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ هوش سنڀاليندڙ نظام اُن پيڙهيل طبقي جو حصو آهي، جنهن زندگيءَ جي جبر ۽ ڏمر جي هر روپ کي ڏٺو ۽ سٺو آهي. سالن تائين گهر ۾ ديڳڙي بـ نـ چڙهي ۽ لسيءَ لپ تي ويلا ڪاٽي وڏو ٿيندڙ نظام پنهنجي ڪيريئر ۾ اهم عهدي تائين پهتو. سچ تـ سنڌ ۾ صلاحيت ۽ اهليت جي ڪا بـ کوٽ نـ آهي، رڳو سنڌواسين کي موقعا ملڻ جي ضرورت آهي. گذريل ٽن چئن ڏهاڪن دوران هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ هزارين ماڻهن پنهنجي جاکوڙ سان اهم عهدا ماڻيا آهن. پر انهن جي گهڻائي رڳو پنهنجون زندگيون آسوديون بنائڻ ۾ رڌل رهي ۽ پنهنجي سماج جو ڀرجهلو ٿيڻ پسند نـ ڪيائون. ڪجهـ ٿورا ماڻهو اهڙا ضرور هئا جن پنهنجي طبقي جي فائدي لاءِ ڪجهـ ڪردار ادا ڪيو. نظام انهن ٿورن ماڻهن مان هڪ آهي، جن وڏن عهدن تي پهچي پنهنجي مسڪين ماڻهن کي نـ وساريو ۽ وس آهر سندن واهر ڪندا رهيا.
نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بـ اندازو ٿئي ٿو. جيون ڪٿا جي وچ ۾ هن هڪ تاثراتي نوٽ“ سنڌ جي وڃايل نوجوان جي ڳولا” تي لکيو آهي. ان تاثراتي نوٽ جي نـ رڳو ٻولي اندر جي احساسن کي جنجهوڙيندڙ آهي پر ان ۾ بيان ڪيل خيال سنڌي نوجوانن مان سندس آسن ۽ اميدن جي عڪاسي بـ ڪن ٿا. سنڌي نوجوان مان سندس اميد دنيا جي گولي کي مذهبي انتهاپسندي کان آجو ڪرائڻ آهي. نظام تـ پنهنجي سانڀر ۾ مذهبي، فرقيواريت، تعصبي ويڇن کان مٿاهين سنڌ ڏٺي هئي. اڄ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ انتهاپسندي جو زهر پکڙجي رهيو آهي ۽ سنڌ جي رواداري ۽ انسانيت ۾ ايمان رکڻ وارو ڪلچر انتهاپسندي جي اڳرائيءَ جو شڪار آهي. سنڌ جا شاندار سماجي قدر زوال جو شڪار آهن. اڄ جو سنڌي نوجوان سنڌ جي شاندار سياسي،تاريخي،قلمي ۽ سياسي جدوجهد واري ورثي ۽ انسان دوستي وارن روين کان اڻ ڄاڻ هجڻ سبب سنڌي سماج ۾، اثرائتي ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ کان وانجهو ٿي رهيو آهي. هڪ پاسي ٽيڪنالاجي ۽ ٻين مهارتن ۾ نوجوان ڀڙ ٿي رهيا آهن تـ ٻئي طرف اهي پنهنجي تاريخي ورثي ۽ قدرن کان ڪٽجي رهيا آهن. نوجوان جي الميي بابت ليکڪ جو تاثراتي ليک ذهن ۾ ڪنئين سوال اُڀاري ٿو.
نظام پنهنجي يادن جو ذڪر ڪندي سياسي توڙي سماجي ادارن جي ڪردار تي بـ ڪارائتي ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي. اسلام آباد جي يادن جو ذڪر ڪندي سنڌ جي هڪ اهم سماجي اداري سنڌ گريجوئيٽس ائسو سيئيشن(سِگا) اسلام آباد شاخ جا پڻ پنهنجا تجربا بيان ڪيا آهن. سنڌ جا اهي ادبي، سماجي ۽ سياسي ادارا، جن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سنڌ ۾ سماجي تبديلي ۽ سياسي جاڳرتا ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، هاڻي زوال جو شڪار ٿي رهيا آهن. انهن ادارن جي ان صورتحال جي ذميواري قيادتن تي لاڳو ٿئي ٿي. جن ادارن جي قيادت جي نيت تي ڪو شڪ نـ هجي، تڏهن بـ حڪمت عملي جي حوالي سان سندن ڪمزوريءَ کان انڪار ممڪن نـاهي. ڏهاڪن تائين انهن ادارن تي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مخصوص عهديدار وارا بدلائيندا رهيا ۽ نئين قيادت کي اُسرڻ نـ ڏنائون. وقت گذرڻ سان انهن فردن ۾ اهو احساس گهرو ٿيڻ لڳو تـ سندن برابري، اهليت ۽ ايمانداري ڪنهن ٻئي ۾ ناهي. تنهنڪري انهن عهدن تي کين ئي رهڻ گهرجي. ائين لڳاتار ساڳين فردن جي قيادت موجود رهڻ سبب نـ رڳو ادارا جمود جو شڪار ٿيا، پر ڪن حالتن ۾ انهن ادارن ۾ فيصلي سازي ۽ وسيلن جو استعمال بـ چند ذهنن ۽ هٿن تائين محدود ٿي ويو. ان قيادت جي هميشـ کان خواهش ۽ ڪوشش رهندي آئي آهي تـ اهم عهدا وٽن ئي رهن ۽ باقي عهدن تي ڪي تعبيدار قسم جا وفادار فرد مقرر ٿين. ائين انهن ادارن ۾ ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان رضاڪاراڻي طور ڪم ڪندڙ ڪيترائي مخلص فرد پاسيرا ٿي ويا. جڏهن تـ ادارا هيٺ کان مٿي تائين جمود جو شڪار ٿي ويا ۽ ماضيءَ ۾ جيڪو شاندار ڪردار ادا ڪندا هئا. اهو هوريان هوريان ماضيءَ جو قصو بڻجي ويو. سنڌ ۾ هن وقت ڪجهـ جمهوري ادارن جو خال شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي. هاڻي جڏهن سنڌي سماج جاڳرتا جي مرحلي کان اڳتي وڌي عملي تبديلي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جڏهن تـ ٻئي طرف ان جي سرواڻي ڪندڙ ادارا پنهنجي صلاحيت وڃائي چڪا آهن بهرحال وقت جو ڦيٿو ڦري رهيو آهي ۽ سنڌي سماج ڪنهن وهندڙ وهڪري جيان پنهنجا رستا ٺاهي رهيو آهي، جتي ڪيترائي لقاءَ مايوس ڪندڙ آهن. اُتي ڪيتريون ئي اميدون ڪر موڙي رهيون آهن. نئين دور ۾ سنڌ ۾ نت نوان مسئلا اُڀري رهيا آهن ۽ مسئلن جا نوان حل بـ نڪري رهيا آهن. نظام لغاري جيان ڪيترائي سنجيده دوست پنهنجي حصي جو نڀاءُ ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ وِک وِک اڳتي وڌي رهي آهي.
نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي . سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو خدا شال کيس ڊگهي عمر ۽ سٺي صحت نصيب ڪري.
اسلام آباد
آگسٽ، 2017