لاهور ۾ عالمي بينڪ طرفان ٽريننگ
ان زماني ۾ اسان جو ماستري جو پگهار 350 روپيـ هوندو هو جنهن جو شيرل مٿي حوالو ڏنو آهي. هتي اسلام آباد ۾ جڏهن بـ ڪو نئون ماڻهو ايندو آهي تـ جلدي ڪوهـ مري گهمڻ ويندو آهي. اسان جو حال هي هوندو هو جو موڪل واري ڏينهن تي ڪپڙا ڌوئيندا هئاسين. ڳوٺان جيڪو خط اچي انهي ۾ ڪوهـ مري گهمڻ بابت پڇيو ويندو هو. آئون وري احوال لکي ڇڏيندو هوس تـ اسين هر آچر تي مري ۾ هوندا آهيون. جڏهن تـ مون مري اسلام آباد اچڻ جي ڪيترن سال کان پوءِ ڏٺي هئي، اها بـ تڏهن جڏهن ڳوٺان ڪي مهمان آيا هئا تـ انهن کي مري گهمائڻ لاءِ وٺي وڃڻو پيو. جيڪڏهن هتي نوڪري خاطر اچڻو پوي ٿو تـ ايترو ٽائيم ئي ڪو نـ ٿو ملي جو ماڻهو ڪيڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري وڃي. انهي وچ ۾ 1987ع ۾ گورنمينٽ آف پاڪستان جو انڊسٽريل افيشنسي کي وڌائڻ جي لاءِ عالمي بئنڪ سان ڪو پراجيڪٽ جو معاهدو ٿيو، انهي ايگريمينٽ ۾ اهو هو تـ IIRC جا جونيئر آفيسر انهن سان گڏ ڪم ڪندا. انهن پروجيڪٽ وارن جي آفيس لاهور ۾ هوندي هئي. جيئن پروجيڪٽ شروع ٿيو فنانس ڊويزن اسان کي چيو تـ توهان لاهور وڃي پروجيڪٽ وارن کي رپورٽ ڪيو. ائين اسان لاهور روانا ٿي وياسين. انهي پورجيڪٽ ۾ ورلڊ بئنڪ جيڪي ڪنسلٽنٽ رکيا هئا انهن جو تعلق آسٽريليا سان هو، هو نـ ڪم ۾ ڪو خاص دلچسپي وٺندا هئا نـ ئي وري اسان ئي ڪم ڪندا هئاسين. وڏو پروجيڪٽ هو انهي ۾ اسان کان سواِ ءِ لاهور ۽ ڪراچي جا ماڻهو بـ ڪم ڪندا هئا. انهي وچ ۾ مون وٽ ڳوٺ جا ماڻهو جيڪي پنهنجن ڪمن ڪارين ڪاڻ لاهور ايندا هئا، اهي بـ ايندا رهندا هئا. محمد سليم آرائين (سائين محمد نعيم جو ننڍو ڀاءُ ) جيئن لاهور آيو تـ هر روز شام جو مون وٽ هوٽل تي اچي ويندو هو. آئون جيئن آفيس مان هوٽل تي ايندو هوس تـ هي بـ اچي ويندو هو. اسان رات جو دير تائين لاهور جي مختلف علائقن ۾ پيا گهمندا هئاسين،تقريبن مون سڄو لاهور سليم مرحوم سان گڏ گهميو. هو اڄ هن دنيا ۾ ڪونهي پر ساڻس لاهور ۾ گذاريل يادگار گهڙيون. اڄ بـ مون کي نـ ٿيون وسرن. لاهور ۾ اسان سان ڪجهـ واقعا بـ پيش آيا، پر جواني ديواني ٿيندي آهي. اسان ڪنهن کي ليکيندا ئي ڪو هئاسين. هو مرحوم ايتري تـ صاف سنڌي ڳالهائيندو هو جو پنجابي تـ لڳندو ئي ڪو نـ هو. انهي ۾ ماحول جو وڏو هٿ آهي. هو ڄائو اسان جي پاڙي ۾ جتي رڳو ٻروچن، شيدين ۽ واڻين جا گهر هئا. پڙهيو اسان سان گڏ سنڌي اسڪول ۾، ڀائر پاڻ ۾ ڳالهائيندا ئي سنڌي ۾ هئا. منهنجي خيال ۾ صرف ماءُ سان ئي پنجابي يا اردو ڳالهائيند هوندا. هنن ماڻهن جو سڄو واسطو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان آهي. سائين جي ايم سيد اهڙن ماڻهن لاءِ تـ چيو هو تـ اهي اڳتي هلي سنڌي ٿي ويندا. عبدالواحد آريسر مرڻ گهڙي تائين 90 سان ناتا ڳنڍيو آيو. انهي جي ڪري پاڻ هميشه تنقيد جو نشانو بڻجندو رهيو. مون کي سليم پاڻ ٻڌايو هئائين تـ هڪ هنڌان سندس شادي صرف انهي ڪري نـ ٿي جو اڳئين پارٽي کي اعتبار ڪو نـ پي آيو تـ هي ڪو پنجابي آهي. تنهنڪري ماحول ۽ روين جو وڏو اثر ٿئي ٿو. منهنجو مثال ئي کڻي وٺو، اسان کي 35 سال ٿي ويا آهن اسلام آباد ۾ رهندي ٻار گهر ۾ ڳالهائين سرائيڪي ٻاهر اسڪولن ۾ ڳالهائين اردو ۽ وري سنڌي ٻولي سان هي جيڪو سلوڪ ڪن ٿا اهو ساراهـ جوڳو آهي. جڏهن تـ هي سڀ منهنجا پٽ، ڀائيٽيا پنج يا ست ڪلاس ڳوٺان پڙهي آيا آهن. آئون پنهنجي پاڻ کي قوم پرست سمجهندو آهيان، جيئي سنڌ محاذ جي اوائلي ميمبرن مان آهيان، اسان پاڻ سان ئي ساڳي اها حالت آهي تـ سليم تي ڪهڙي ميار. هڪڙي ڏينهن هوٽل تي آيو تـ کلندو آيو. چيائين تـ اڄ منهنجي گهر ۾ چڱي خاصي بيعزتي ٿي آهي. پڇيو مانس ڇا ٿيو؟ “چيائين تـ گهر ۾ مون کي ڪنهن چيو تـ “بوئا کهول دو” اهي لفظ آئون سمجهي ڪو نـ سگهيس سو سڀ گهر وارا مون تي کلڻ لڳا. سو قصا ۽ ڪهاڻيون اچي مون کي ٻڌائيندو هو. منهنجي خيال ۾ جنهن زماني ۾ آئون لاهور ۾ هوس ۽ هو جيترو وقت لاهور ۾ رهيو گهڻو وقت هن جو مون سان ئي گذريو. اسان بـ لاهور کي خوب ڀيليو. افسوس جو زندگي ساڻس وفا نـ ڪئي، اسان جو يار ائين هليو ويو جهڙو آيو ئي ڪو نـ هو، سندس وڃڻ جو اڃان وقت ۽ ويلو ڪو نـ هو.
بس ائين اسان 6 يا 7 مهينا لاهور ۾ سرڪار جي خرچ تي گهمي ڦري، رُلي پني واپس اسلام آباد موٽي آياسين. جيتريقدر مون کي ياد پوي ٿو تـ ورلڊ بئنڪ جو اهو بـ هڪڙو شرط هو تـ Industrial Incentive Reforms cell کي بند ڪري هڪ خود مختيار National Tariff Commission ٺاهيو ۽ انهي کي ڪامرس ڊويزن جي ماتحت ڪريو. ڇو جو IIRC خود مختيار ادارو ڪو نـ هوندو هو،منسٽري آف فنانس جي ماتحت ڪم ڪندو هو. آئون ان وقت جونيئر آفيسر هوندو هوس. اها خبر نـ آهي تـ اڳتي هلي هن جي منطوري ڪئبينيٽ کان ورتي وئي هئي يا اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو ويو هو. بهرحال اسان IIRC ۾ هوندي ئي NTC کي ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو هو. انهن جي موجودهـ آفيس بـ اسان ڳولي مسواڙ تي ورتي هئي، پوسٽن جو اشتهار بـ اسان ڏنو هو. محترم دين محمد اُڍيجو ان وقت نوڪري جي تلاش ۾ هوندو هو، مون کي اوچتو ملي ويو، مون هن کي انهن نوڪرين جي بابت ٻڌايو، هن همراهـ وڃي ڪوشش ڪئي تـ هن کي نوڪري ملي وئي. جيئن ئي منسٽري آف ڪامرس جا ماڻهو ڀرتي ٿي آيا تـ هنن اسان کان پڇيو تـ NTC ۾ رهڻ ٿا چاهيو يا واپس فنانس ڊويزن ۾ وڃڻ ٿا چاهيو؟. مون واپس وڃڻ ٿي گهريو، ائين مون واپس وڃي فنانس ڊويزن رپورٽ ڪئي.