مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

نصير ميمڻ

نصير ميمڻ

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تـ پاڪستان جو جياپو هينئر ٻـ واٽي تي بيٺل آهي. خاص ڪري مذهبي دهشت گردي، پاڙيسري ملڪن سان اعتماد جو فُقدان، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ، ملڪي ايڪانامي جو هيڻو حال. ڪجهـ اهڙا مسئلا آهن جنهن تي منهنجو دوست نصير ميمڻ مسلسل لکندو رهي ٿو. انهي کان سواءِ جتي منهنجن دوستن جو وڏو تعداد نوڪري پيشـ ماڻهن تي مشتمل آهي تـ اُتي ڪجهـ دوست ذاتي ڪاروبار ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. انهن ۾ ڪجـهـ عالم ۽ اڪابر آهن تـ ڪجهـ علم جي ڊوڙ ۾ اڳڀرا بـ آهن. پر ڪي دوست اهڙا آهن جن جي شخصيت، ذات پات، مذهب ۽ ڪنهن فرقي کان گهڻو هماليـ جي چوٽين وانگر مٿانهين بيٺل آهي. جيڪڏهن انهن دوستن جو ذڪر منهنجي جيون ڪٿا ۾ نـ هجي تـ هي ڪهاڻي تـ ڇا پر زندگي جي ڪهاڻي اڌوري سمجهندس. ڪي ڪي مُهان ماڻهو زندگي جي ويران راهن تي هلڻ سان تازي هوا جو جهوٽو محسوس ٿيندا آهن، تـ ڪي کرا ۽ سچا ماڻهو دل جي دنيا ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيندا آهن. مون هن ئي ڪتاب ۾ ڪٿي افلاطون جي انسان بابت خيالن جو ذڪر ڪيو آهي. پر هاڻي افلاطون جيئرو جاڳندو، چرندي پُرندي حالت ۾ منهنجي سامهون بيٺو آهي. مون قبل مسيح جي مفڪر جا ڪيئي روپ ڏٺا آهن، جتي هو انسانيت تي بحث ٿو ڪري تـ اتي هو عدل ۽ انصاف جو بـ وڏو ۽ ڊگهو مقدمو لڙي ٿو. آئون جڏهن نصير ميمڻ جو ڪو اخباري آرٽيڪل يا ڪو ڪتاب کڻي ويهي پڙهندو آهيان جنهن ۾ ڪنهن ڪمزور يا هيڻي ماڻهو تي انياءُ جو ذڪر هوندو آهي تـ مون کي قبل مسيح جي مفڪر جا چيل اهي لفظ ياد ايندا آهن، جنهن ۾ هن چيو هو تـ “ عدل مان مراد اها آهي تـ، نـ رڳو سگهاري ڌر کي فائدو پهچي پر، ڪڏهن ڪڏهن ان جي بر خلاف بـ ٿي سگهي ٿو. ” اڃان اڳتي انهي ڳالهـ کي چٽو ۽ واضح ڪندي چوي ٿو تـ “ عدل سگهاري ڌُر جي مفادن جو ٻيو نالو آهي” اهي تـ هئا، قبل مسيح جي مفڪر جا مختلف موضوعن تي خيال جيڪي، مون هتي هو بهو نقل ڪيا آهن. جيڪڏهن اڄ اسان جي ملڪ جي اندروني حالتن کي مٿين قولن سان ڀيٽ ڪئي وڃي تـ نصير ميمڻ کي پڙهڻو ۽ سمجهڻو پوندو. مون وٽ اهڙا نرم ملائم ۽ ڪنوارا لفظ نـ آهن جو هن منهنجي سچي، کري ۽ اڻ موٽ دوست کي ڀيٽا طور پيش ڪري سگهان. نصير ميمڻ کي آئون تڏهن کان ڄاڻان سڃاڻان جڏهن هو نصير ميمڻ نـ پر نصير سارنگ جي نالي سان ڪتابن جي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو. سنڌ ڌرتي جي ناتي هن دوست سان ڪجهـ اهڙا لڳ لڳاپا جُڙجي چڪا آهن، جو انهن جو ڇڄڻ ناممڪن آهي. هن سان منهنجو روبرو مُکا ميلو هتي اسلام آباد ۾ ئي ٿيو. پاڻ ڊيولپمينٽ سيڪٽر جو وڏو نالو آهن، پر ان کان وڌيڪ سڃاڻپ سنڌ دوست جي حيثيت سان ڪرائجي تـ مبالغو نـ ٿيندو. نصير ميمڻ اخبارن ۾ ضرور لکي ٿو پر آئون کيس صحافي مڃڻ لاءِ تيار ڪو نـ آهيان. نصير جا انگريزي توڙي سنڌي ۾ آرٽيڪل پڙهي تعجب ٿيندو آهي تـ اخبار جي ڪرتن ڌرتن کان سندس اهي باغيانا خيال ڪيئن هضم ٿيا هوندا. نصير صاحب هيل تائين ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف رهيا آهن،پر نصير جي هر ڪتاب ۾ توهان کي سنڌ چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪندي ۽ جرڪندي نظر ايندي. جيئن تـ نصير سان منهنجو لڳ لڳاپو تقريبن ٻين دوستن کان پوءِ ٿيو، پر سڀني دوستن جي صف اول ۾ مهنجو هي دوست بيٺل آهي. شعوري يا لاشعوري طور اڄ محبتن جو ڏينهن آهي. (14 فيبروري)، آئون هن پنهنجي دوست تي لکڻ ويٺو آهيان. جنهن محبت ڪئي آهي ڌرتي سان، جنهن کي محبت آهي ڌرتي وارن سان، جنهن کي محبت آهي ڌرتي جي هيڻن ۽ اٻوجهـ انسانن سان، نصير پيار ڪري ٿو تـ ڏرا ڏنل اکين سان، نصير پيار ڪري ٿو تـ بکايل پيٽ سان. زندگي جا هزارين روپ آهن، وقت جا اڻ ڳڻيا ڪردار آهن. پر منهنجي هن دوست وٽ زندگي ۽ وقت جو هڪ ئي روپ ۽ ڪردار آهي. اهو سنڌ سان محبت جو روپ آهي، جنهن ڪري هو سدائين سنڌ جو ڪيس وڙهندو رهي ٿو. نصير جون لکڻيون هڪ قسم جا سنڌ تي نوحا ۽ ڪيڏارا آهن. جيڪڏهن آئون انهي ۾ غلط نـ آهيان تــ مفڪر سنڌ سائين جي ايم سيد، ۽ سندس سڄاڻ شارح عبدالواحد آريسر کان پوءِ جيڪڏهن انهن جي ئي نقش قدم تي هلي سنڌ جو ڪيس وڙهي ٿو تـ نصير ميمڻ ئي وڙهي ٿو. يقينن انهي ڳالهـ تي گهڻا ماڻهو مون سان اختلاف راءِ رکندا هوندا،جيڪو انهن جو حق بـ آهي. پر مون جيئن نصير ميمڻ کي ڏٺو آهي تيئن لکيو آهي. نصير تي لکڻ لاءِ کوڙ سارو مواد مون وٽ موجود آهي پر هتي وقت ۽ حالتون اجازت نـ ٿيون ڏين جو هن منهنجي سنڌ دوست تي گوڏو کوڙي ويهي ڪا وڏي ڪٿا لکجي. نصير ميمڻ جي لکڻين ۾ هڪ نئون جذبو ۽ اتساه هوندو آهي. نصير ميمڻ جي لکڻين ۾ مڊل ڪلاس جي طاقت ۽ سگهـ تي وڌيڪ زور ڏنل هوندو آهي. ورهاڱي جي ڪري انهي ڪلاس کان سنڌ محروم ٿي وئي هئي. انهي بابت فيس بڪ تي سندس تازي تحرير ڪجهـ هن طرح اتساهي ٿي، انهي متعلق چوي ٿو تـ “ نئون نسل سنڌ جو اهو مڊل ڪلاس ٿي اڀري رهيو آهي جيڪو رڳو احساس محرومي جي نالي تي پِٽڪو ڪرڻ بجاءِ مختلف ميدانن ۾ چٽا ڀيٽي ڪري پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيو آهي. جيئن تـ هي نسل هڪ مختلف ماحول مان نڪتو آهي، تنهنڪري ان جو منهن مهانڊو خيال ۽ انهن جي ادائگي، رويا ۽ سوچون روائتي سنڌي نوجوانن کان مختلف آهن ۽ اهو شهرن جي احساس برتري رکندڙ غير سنڌين سان مقابلو ڪرڻ لڳو آهي، جيڪي اڳي سنڌين کي ٻهراڙي جو ڄٽ ۽ وڏيرن جو غلام قرار ڏئي مٿن چٿرون ڪندا هئا. ائين سنڌ کي هڪ Fight Back ڪندڙ نسل ملي رهيو آهي، جيڪو ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌي سماج جي شڪل تبديل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو” نصير جهڙو دل ۽ دماغ جو کليل اهڙو سندس دسترخوان بـ وسيع. آئون هتي صرف خلوص سان ڀرپور ڪجهـ دعوتن جو مختصر ذڪر ڪندس، جيڪي سندس ئي گهر تي ٿينديون رهن ٿيون. هر ننڍي وڏي دعوت ۾ مون کي ضرور ياد ڪيو ويندو آهي. اهو مون سان سندس محبت ۽ پيار جو اڻ توريو ۽ اڻ ميو جذبو آهي. آئون صوفي لاڪوفي ماڻهو جنهن مان نـ دُشمن کي ڀوءُ تـ نـ وري دوست کي فائدو، پر نصير جي هر سڏ ۾ آئون شامل هوندو آهيان. جتي آئون ۽ سائين فضل الله قريشي صاحب نصير صاحب جي لذيذ کاڌن مان لطف انداز ٿيندا آهيون تـ اتي مڌ جا شوقين سنڌي صحافي پاڻي جون ٿڌيون بوتلون ڏسي مايوس بـ ٿيندا آهن. حڪمران توڙي مخالف ڌر، قوم پرست توڙي وطن دوست ساٿين سان ٿيندڙ روح رچنديون رهاڻيون هڪ ڊگهي عرصي تائين ياد رهنديون. انهن ۾ سڏايا ويندا هئا جلال محمود شاه کان ويندي قادر مگسي تائين، ڊاڪٽر عبدالمالڪ کان ويندي ڊاڪٽر عارف علوي تائين، اقليتي ميميبر لال مالهي پڻ انهي ذاتي ڪچهرين ۾ نصير ميمڻ جي دعوت تي شامل رهيا. ان کان سواءِ علم دوست ۽ اديبن سان کوڙ ساريون دعوتون ۽ ڪچهريون نصير ميمڻ جي گهر تي پڻ ٿينديون رهيون آهن. هر مڪتبِ فڪر جي مهمانن سان ڪچهري جو هڪ ئي محور ۽ نڪتو هوندو آهي، اها آهي سنڌ، جنهن سان نصير لکين سال اڳ پيار ڪيو هو ۽ ايندڙ سوين سالن تائين ڪو روپ بدلائي پيار ڪندو رهندو. مون کي پورو يقين ۽ وشواس آهي تـ سنڌ جي آزادي تائين نصير ڪنهن نـ ڪنهن روپ ۾ ديسي دلالن ۽ ولائتي دهشتگردن سان پنهنجي قلم سان مهاڏو اٽڪائيندو ايندو. مون اڄ ڏينهن تائين نصير جي لکڻين ۾ سنڌ جا ڪيئي روپ ڏٺا آهن، هر روپ ۾ هن سدائين سنڌ کي مٿانهون رکيو آهي. هن منهنجي دوست جي لکڻين ۾ هميشـ اڳتي وڌڻ ۽ ڪجهـ ڪرڻ جي آس ئي هوندي آهي. آئون جڏهن بـ مايوس ٿيندو آهيان تـ نصير جي ڪا تحرير کڻي ويهي پڙهندو آهيان تـ مايوسين جا گهاٽا ۽ ڪارا ڪڪر پرزا پرزا ٿي ويندا آهن. آئون اها ڳالهـ ڪا هوائي توائي نـ ٿو ڪريان، سندس فيس بڪ جي وال تي ڪجهـ هي سٽون بـ پڙهي ڏسو.
“پليجي صاحب جو مارچ، اياز لطيف جي آل پارٽيز ڪانفرنس، ايس يو پي جي شاندار ريلي، سنڌ ترقي پسند جو مادر وطن ڏهاڙو، ادبي ميلا، ڪريڪٽيڪل اسٽديز فورم پاران فڪري ويهڪ، سول سوسائٽي پاران سيوهڻ واقعي خلاف رد عمل، آدم ڳڻپ بابت گڏجاڻيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون سر گرميون سنڌي سماج ۾ زندگي جي علامت آهن. انهن سڀني سرگرمين جي ڪن پاسن تي اختلاف ڀلي رکجن پر مجموعي طور ان تحرڪ کي واکاڻجي. اهي شاهديون آهن تـ سنڌي سماج ۾ اميد مُئي نـ آهي، اڃا سنڌ ۾ اجتماعي توانائي موجود آهي. دهشتگردي، ڪرپشن، بداخلاقي ۽ سماجي قدرن جي زوال اڳيان اهي سماج دوست حلقن جي مزاحمت جا رنگ آهن. اهي سڀ ڪاوشون رنگ لائينديون، ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي”. آئون نصير صاحب جي انهي اتساهيندڙ لکڻي بابت ڪجهـ بـ ڪو نـ ٿو چوان، صرف اياز جي هڪ سٽ ورجايان ٿو. “ ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان. ”