حاجي جيئند خان لغاري
منهنجو ڳوٺ گلاب لغاري ٽن ڳالهين جي ڪري مشهور آهي. هڪ اگهاماڻي جي تاريخي کنڊرن جي ڪري، ٻيو سيٺ لوهاڻن جي ڀلان ڀلي جي ڪري، ٽيون لغاري ڍارائن يا نجومين جي ڪري. اچو تـ مختصر جائزو وٺون تـ علم فلڪيات ڇا ٿيندو آهي. هي هڪ قدرتي سائنس (Natural Science) آهي، جيڪا چنڊ تارن ۽ ٻيا قدرتي سيارا، جيڪي هن ڌرتي جي گولي تي موجود آهن انهن متعلق ڄاڻ ڏي ٿي. مطلب تـ ڌرتيءَ جي گولي مٿان هر شئي جو اڀياس ڪري ٿي. هي تمام پراڻي سائنس آهي. پراڻين سڀيتائين جهڙوڪ، سنڌو، يونانين، بابلين ۽ مصري تهذيبن جي رهاڪن هن سائنسي علم جي ذريعي رات جي آسمان جي کوجنا ڪئي. علم فلڪيات هڪ اهڙي سائنس آهي، جنهن جا نتيجا هر عام ماڻهو سولائيءَ سان ڪڍي سگهي ٿو. خاص ڪري ڳجهـ جي علم ۾ هي سائنس وڏي مدد ڪري ٿي. هونئن تـ هن سائنس جي تاريخ تمام پراڻي آهي پر تيرهين صدي عيسوي ۾ هي علم ٻي دنيا سان گڏ اسلامي دنيا ۾ بـ ڪافي تيزي سان پکڙيو. انهن ۾ عرب ۽ پرشن ماهر فلڪياتن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. گلاب لغاري جو ذڪر اچي ۽ هن علم جي وڏي ڄاڻو فقير حاجي جيئند لغاري جو ذڪر نـ اچي اهو ٿي نـ ٿو سگهي. پاڻ درياه دل ماڻهو هو، ڳوٺ جي چئن چڱن ۾ شامل ٿيندو هو. هن علم جا ڪافي شاگرد پيدا ڪيا. انهن ۾ ڪي لائق تـ ڪي وري نالائق شاگرد نڪتا. مون جڏهن ڏٺو تـ سندس جواني موٽ کائي چڪي هئي، چاپائين اڇي ڏاڙهي، سنهيون تيز اکيون، پورو پنو قد، يارن جو يار، ڦڙت ڳالهائڻ ۾ چالاڪ، هر ايندڙ ويندڙ خوش، پهرين ريزڪي دڪان، پوءِ ڦيري پسارڪو ڪيائينس. سُتي ڦڪي وارا گراهڪ گهٽ البت محبوب پرچائي ڏيڻ، شاديءَ جو نـ ٿيڻ، چوري چڪاري جو سامان نـ ملڻ، ۽ ٻين ڌاڳن ڦيڻن وارن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي، ڪنهن ڪجهـ ڏنو، ڪو هٿين خالي اُٿي ويو، سڀنيءَ کي هڪ جيتريون دُعائون. پئسـن جي لالچ سندس من ۾ نـ هوندي هئي. علم نجوم سندس شوق هوندو هو. هر سنڌ جي بيوروڪريٽ ۽ وڏي آفيسر جو مٿو ٽيڪيل، انهن لاءِ الڳ ڪمرو دڪان جي پٺين حصي ۾ مخصوص هوندو هو. حد جي ڊي سي ۽ ايس پي تي اک ڪا نـ ٻڏندي هئس. هر نئين ايندڙ کي اهڙي سنڌائتي هڻندو هو جو سڌو پيرن تي هٿ. ماڻهن جي جڏهن اچ وڃ وڌي تـ ڪنڊائتي اوطاق ڳوٺ جي ٻاهران ٻني تي ٺهرايائين، ڪير آيو ڪير ويو، ڪنهن کي ڪا خبر نـ پوي. پاڻ (نظام لغاري ) جڏهن ست دفعا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ فيل ٿياسين تـ وڃي حاجي صاحب جو پاسو ورتوسين، ائين هفتي ۾ هڪ ٻـ دفعا حاجي صاحب جي درگاھ جو چڪر لڳائبو هو. مختلف قسمن جا ماڻهو پيا ايندا ويندا هئا. آئون ويٺو لقاءُ ڏسندو هوس. اڪثر ماڻهو خلاصو ڳالهائيندا هئا. ڇو جو محبوب پاران لفٽ نـ ڪرائڻ يا سُريت پرچائي ڏيڻ يا مرڳو گهرواري جو تعاون نـ ڪرڻ جهڙا انيڪ مسئلا هئا، جيڪي ٻين جي اڳيان ٻڌائڻ جهڙا ڪو نـ هئا. منهنجي ويٺي هڪ همراھ آيو خير عافيت ڪرڻ کان پوءِ کيس چيائين تـ “ابا رات تنهنجي خواهش باوجود تنهنجي گهرواري لفٽ نـ ڪرائي”. همراھ جا ترا نڪري ويا سڌو حاجي صاحب جي پيرن تي ڪري پيو. آئون جڏهن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي پنهنجن مُرادن پورين ڪرڻ لاءِ سڌو حاجي صاحب وٽ ويس، ڏسندي ئي چيائين تـ“ بابا تون هاڻي داخل آهين”. يعني توکي نوڪري ملي وئي. جڏهن تـ مون اڃان صرف انٽرويو ڏنو هو، پاس ۽ فيل جي ڪا خبر چار ڪا نـ هئي. مون کي اها بـ خبر ڪا نـ هئي تـ منهنجي نوڪري هوندي ڪٿي، مون کي چيائين تنهنجي نوڪري ٿيندي جتان پاڻي اچي ٿو. ٻن مهينن جي اندر اندر مون کي آفر ليٽر مليو تـ اچي اسلام آباد جوائن ڪر. سندس خوبين تي جيڪڏهن لکڻ ويهجي تـ هوند پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. ايڏي وڏي پيماني تي اُٿي ويٺي هوندي بـ ڪڏهن ٻڌي ڇوڙي وارو ڪم نـ ڪيائين. پوليس جي اڳيان پٺيان ٿيڻ کي سٺو نـ سمجهندو هو. بس پين سان پني تي ماڻهن جا زايئچا ويٺو ٺاهيندو هو، نـ ڪنهن کي ڏنائين نـ ڪنهن کي ڏکويائين. ائين چپ چپات ۾ راھ عدم وٺي جوڳي رمندو رهيو.
ائين مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان ٿورو ذڪر حاجي جيئند جي ڀاءُ کٻڙ خان جو ٿي وڃي تـ بهتر ٿيندو. اسان کيس مامو کٻڙ چوندا هئاسين پاڻ اسان جي تر جو جراھ ڪاريگر، رازو، هوندو هو. ان ۾ ڪيتريون ئي خصوصيتون هونديون هيون. هڪ تـ ڪم ايمانداريءَ سان ، ٻيو ڪم ۾ صفائي ۽ تيزي. ڪوشش ڪندو هو تـ مالڪ جو نقصان نـ ٿئي. ڪم جي تمام وڏي ڄاڻ هوندي هئس. اڄ جو انجنيئر مامي کٻڙ کي نـ پهچي. اڄ بـ گلاب لغاري ۽ ان جي آسپاس ۾ ڪجهـ پراڻيون جڳهيون انهيءَ ڳالھـ جي شاهدي لاءِ موجود آهن. ٻئي جيڪا مامي ۾ خوبي هوندي هئي تـ هو حاضر جواب ۽ واھ جو ٽوڪر باز هوندو هو. ننڍو هجي، وڏو هجي، امير هجي توڙي غريب، مامي جي بُل تي چڙهي آيو، لائي ڏيندو هوس لطيف چئي. ڪير بـ مامي سان ڪاوڙبو ڪو نـ هو، کليو خوش ٿيو هليو ويندو هو. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالھـ آهي جڏهن سنڌ سڄي ون يونٽ جي خلاف سراپا احتجاج هئي. گلاب لغاري ٿاڻي جي حد مان جنڊاوڙن (خانبدوش قبيلي) جو گڏھ چوري ٿي ويو هو ۽ هو هر ڪنهن کي منٿون ڪندا ٿي وتيا تـ سندن گڏھ واپس ڪرائي ڏيو. ان زماني ۾ ريڊيو بـ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هوندو هو. سو هر سڄاڻ ماڻهو رات واري ماني کائي اچي ٺاڪو واڻئي جي دوڪان تي بي بي سي ٻڌندو هو. بس هڪ رات خبر هلي وئي تـ صدر ايوب هليو ويو آهي . حڪومت جو واڳون هاڻي يحيٰ خان جي حوالي آهن. صدر صاحب ان رات انگريزي ۾ تقرير پڻ ڪئي. تقرير تـ سڀني ٻڌي پر انگريزي ڪنهن کي بـ سمجهـ ۾ ڪو نـ آئي. سڀني مامي کٻڙ کان پڇيو تـ ماما صدر صاحب ڇا چيو آهي. مامو ڪورو اڻ پڙهيل پر ڦُڙتائي مان جواب ڏنائين تـ “صدر صاحب گلاب لغاري ٿاڻي جي صوبيدار کي حڪم ڪيو آهي تـ، جنڊاوڙن جو گڏھ جلدي واپس ڪرايو وڃي”. ماڻهن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ هر ماڻهو کي هدايت ڪيائين تـ ابا پنهنجي نئين صدر جي نالي ۾ گار شامل آهي، تنهنڪري ان جو نالو گهر ۾ نياڻي سياڻي جي اڳيان نـ وٺندا.