ورهاڱي وقت استاد جي عظمت
سڄي سنڌ وانگر گلاب لغاري تعليم جي لحاظ کان پوئتي پيل علائقو چئجي تـ وڌاءُ نـ ٿيندو. مائٽن ۾ پڙهائيءَ جي لاءِ چاھ ڪونهي، شاگردن کي پڙهائي جو شوق ڪونهي. ورهاڱي وقت غربت عام ماڻهو جو مسئلو ڪونـ هئي. پر اڄ اڌ آبادي کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، انهي سبب جي ڪري پڻ سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. ون يونٽ مڙهجڻ کان پوءِ زوري تعليم وارو سلسلو ختم ٿي ويو تـ سنڌ مان تعليم موڪلايو. هندو استادن جي هندستان وڃڻ، ان جي جاءِ تي مسلمان استاد ڀرتي ٿيا ۽ تعليم ۾ سياسي مداخلت، رشوت خوري ۽ نقل جي علت تعليم تي وڏو اثر وڌو. آئون فخر سان چئي سگهان ٿو تـ مون مئٽرڪ بغير ڪنهن ڪاپي ڪرڻ يا اُتاري لکڻ کان سواءِ ڪئي. هاڻي تـ جيترا ٻار اسڪول جي اندر امتحاني پيپر ڏيڻ ۾ رڌل اوترا وري ٻاهر کين ڪاپي ڪرائڻ ۾ رڌل، جنهن هڻي اسان جي تعليم جا بکيا اُڊيڙي ڇڏيا آهن. ورهاڱي کان اڳ يا پوءِ جيستائين تعليم ۾ سياسي مداخلت شروع ڪانـ ٿي هئي. تعليم جو هڪ معيار هوندو هو. جيئن چوندا آهن تـ اسان جي ادارن جڏهن پاڪستان ۾ مين پاور جي کوٽ هئي تـ معياري تعليم تي ڌيان ڏنو. هاڻي جڏهن ڇٽاڀيٽي جو دور آهي تـ غير معياري تعليم ڏيڻ شروع ڪئي اٿن.
اهي برداشت ۽ سهپ جا ڏينهن هئا، اڄ ڪالھـ جهڙو رڻ ڪونـ هوندو هو. ننڍي وڏي جي عزت هوندي هئي. اِنفَارميشن ٽيڪنالاجي جو پري پري تائين نالو نشان ڪونـ هوندو هو. خبر کي حيدرآباد کان گلاب لغاري تائين پهچڻ ۾ ڏينهن، مهينا ۽ سال لڳي ويندا هئا. اڃان گهر گهر چغل خور پيدا ڪو نـ ٿيا هئا. امن ۽ آشتيءَ جو دور هو. پيرن ۽ ميرن کي ادب ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو. مُلن جي اڃان ايتري ٻِيگِهي ڪو نـ متي هئي. ڳوٺ جي ننڍي وڏي مسئلي ۾ مُلو اڃان ٽنگ ڪونـ اڙائيندو هو. اسڪول ماستر يعني استاد جو مان مٿانهون هوندو هو. بُري ڀلي ۽ سڱن بندن جون صلاحون استاد سان ڪبيون هيون. ڇو جو اهي انهي جا لائق بـ هئا. ورهاڱي کان پهرئين اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ هندو استاد هوندا هئا. گهڻا تـ هندستان هليا ويا. هڪ ميگهواڙ استاد هوندو هو سائين وشنداس، جيڪو پوءِ گلاب لغاري مان لڏي چمبڙ وڃي ويٺو. اسان جي سڀني مائٽن جو اهو استاد هو. بابا ڳالهـ ڪندو هو تـ جيئن ئي سائين وشنداس سامهون ٿو اچي تـ بدن مان ساھ نڪريو وڃي. ايترو داٻي وارو ۽ ڪڙڪ استاد هوندو هو. جنهن زماني ۾ اسان پرائمري درجن ۾ پڙهندا هئاسين تـ ڪورس جي ڪتابن ۾ بهترين قسم جا نصيحت آموز ۽ بهادري جا سبق ڏنل هوندا هئا. جيئن هڪ بيت هوندو هو منهنجي امڙ، جنهن جي ڪري ماءُ جي مامتا جي لاءِ پيار ۽ اُتساهـ وڌندو هو. جيئن هر ڪنهن ماءُ لاءِ چيل هو؛
مون کي ڪنهن ٿي کِير پياريو،
پيارَ منجهان ٿي گود ويهاريو
خوش ٿي هر هر مون ڏي نهارييو،
منهنجي امڙ
انهن سبقن ۾ هوشو شيدي، ڄام بابينو، اَلهندو شاهـ وغيره جهڙا سبق هوندا هئا. پرائمري ۾ اسان کي سائين غلام حسين کوکر پڙهايو، جيڪو انتهائي سلجهيل، دٻ دٻي واري استاد هوندو هو. هي بـ انهن سٺن استادن ۾ هوندو هو،جن استادن اسان کي پڙهايو انهن مان ٻن جو ذڪر مناسب سمجهان ٿو تـ اچڻ گهرجي. هڪ هوندو هو سائين غلام حسين کوکر ۽ ٻيو هو سائين ڪريم بخش لغاري. سائين غلام حُسين کوکر جاتي، ٺٽي پاسي جو ويٺل هوندو هو. نوڪريءَ سانگي اچي نواب حاجي دائود خان جي اوطاق تي ويٺو. جيڪو گلاب لغاري کان چار ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هوندي هئي. سائين کوکر وڏو محنتي، پڙهائي تي تمام گهڻي توجهـ ڏيندڙ استاد هوندو هو. کيس سياست سان گهرو لڳاءُ هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اردو ڊائجسٽ بـ پڙهندو هو. پر ٻارن جي پڙهائي تي خاص ڌيان ڏيندو هو. چاچي دودي مرحوم سان دوستي هوندي هئس. اسان جي اوطاق ۾ رهندو هو. ٻئي “جنگ” اخبار پڙهي پيا سياست تي بحث مباحثو ڪندا هئا. نوڪري ڪا ٿورو وقت ڪري سگهيو سلهـ جي بيماري جي ڪري وقت کان اڳ ئي راهـ رباني ورتائين. پر مون کي جيڪا الف ب پڙهايائين اها اڄ بـ ياد آهي. ٻيو استاد هوندو هو سائين ڪريم بخش لغاري، اسان جي ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر تي ڳوٺ شير محمد لغاري جو ويٺل هو. انهي ڪري کيس شيراڻي ڪري سڏيندا هئا. اسان کي پرائمري ٻي درجي کان پوءِ پنجين درجي تائين سائين ڪريم بخش پڙهايو. پڙهائيءَ ۾ تمام سخت، ڪنهن جي ٻڌڻ وارو ڪو نـ، شرارت تي يا سبق ڪچي هئڻ تي مولا بخش (ڪاٺ جي رول کي مولا بخش چئبو هو) گهرائي چڱي خاصي ڦيهـ ڪڍندو هو. ڪڏهن بـ ڪچو سبق برداشت نـ ڪندو هو. پاڻ سنڌي فائنل پاس سان گڏ اديب فاضل جي ڊگري پڻ رکندا هئا. سنڌي اخبارون اڃان ايتريون مشهور ڪو نـ ٿيون هيون. عبرت اخبار حيدر آباد کان ٻاهر ڪن نصيب وارن کي نصيب ٿيندي هئي. ها البت جنگ اخبار ۽ اردو ڊائجسٽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ڇو جو سنڌي ماڻهو ايتري وڏي انگ ۾ پڙهيل ڪونـ هوندا هئا. جيڪي سنڌي ماڻهو پڙهيل هئا اهي جنگ اخبار انهي ڪري پڙهڻ پسند ڪندا هئا جو هي اسان جا ڀائر هندستان مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا، تـ هنن اردو اخبارون پڙهڻ شروع ڪيون. هنن کي ڏسي تـ اسان وارن سنڌي يارن بـ اردو پڙهڻ شروع ڪئي. انهيءَ ۾ ڪو بـ شڪ نـ آهي تـ هي اسان کان سوين سال گهڻو اڳتي هئا. ڇو جو هڪ اندازي مطابق مسلمانن 700 سال هندستان تي حڪومت ڪئي هئي. اقليت ۾ هوندي بـ هي اڪثريت تي حاوي رهندا آيا آهن. پاڪستان هجرت ڪرڻ کان پوءِ هي اڇي ڪاري جا ڌڻي ٿي ويهي رهيا. قائد اعظم کي اوڀر پاڪستان وٺي وڃي اردو جا نعرا هڻايائون، هڻي ملڪ ٽوڙائي ويهي رهيا. سو ڳالهـ پئي هلي سائين ڪريم بخش جي، انهي لاءِ صرف ايترو چوندس اسان جي استادن جي اڄ جي ماسترن سان ڀيٽ نـ ٿي ڪري سگهجي . جنهن زماني ۾ اسان پرائمري يا انگريزي ۾ پڙهياسين تـ استاد محنتي، اخلاق جا پيڪر، پڙهائيءَ ۾ ڪنهن بـ قسم جي ڪوتاهي برداشت نـ ڪندا هئا. هي جيڪو 15 سالن کان پوءِ ون يونٽ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ مان نڪتو اهو بـ سڄي جو سڄو ڪريڊٽ استاد طبقي کي وڃي ٿو. هنن جيڪا 50 جي پوئين ڏهاڪي ۾ ون يونٽ لڳڻ کان پوءِ سنڌ ۾ تعليم ۽ سجاڳي ڏني ۽ جڏهن اها شاگردن جي کيپ يونيورسٽي ۾ پهتي تـ انهن انهي غلاميءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان جي خلاف اٿي کڙا ٿيا. انهي جي نتيجي ۾ ون يونٽ ٽُٽي ويو. اهو ان وقت جي استادن جي محنت، سياسي فهم، پنهنجي ڌرتي سان لڳاءُ ۽ شاگردن کي صحيح رهمنائي جي ڪري ممڪن ٿيو. اڄ جي تيز ترين سائنسي ترقي ۾ نـ رهيا آهن اهي استاد، نـ رهيو آهي اهو ڪورس، نـ رهيا آهن اهي مائٽ ۽ نـ وري اهو شاگرد رهيو آهي. اسان جي زماني ۾ ڪنهن ڪتاب يا ڪاپي ۾ هڪ اڌ ڪنهن محبوب جي تصوير ائين لڪائي رکبي هئي، جيئن اڄ جي دور ۾ سُوٽي جو موالي ڪا پُڙي لڪائي رکندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڏسي ورتو تـ ممڻ مچي ويندو هو جنهن بـ گهٽي مان منهن ڪڍبو هو تـ هر ڪو ايندو ويندو پيو جٺ لعنت ڪندو هو. ان زماني جي مقابلي ۾ اڄ جو شاگرد نـ ڄاڻ نـ سڃاڻ جي باوجود هزارين تصويرون کڻي اسڪول ۽ ڪاليج وڃي ٿو. هو موبائل فون ۽ فيس بڪ جي هر پيچيده مسئلي کان تـ واقف آهي پر هن، شاهـ عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز، تاجل بيوس ۽ راشد مورائي، ايترقدر جو هوشو، هيمون، جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو نالو بـ نـ ٻڌو هوندو. ڇو جو اڄ جي جديد ڪورس ۾ ٻارن کان اهي شيون لڪايون وڃن ٿيون. ان جي مقابلي ۾ وقت جي حڪومت جي خواهش تي ماضيءَ جي هيرن جي ڪردار ڪشي پڻ ڪئي وڃي ٿي. هتي اسلام آباد ۾ هڪ دفعي مون کان منهنجن ٻارن هڪ ڇرڪائيندڙ سوال ڪيو تـ “ ڇا ذوالفقار علي ڀٽو پيئندو هو”. مون انهن کان پڇو تـ “اهو توهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي”. يڪدم جواب مليو تـ اسان جي ڪتاب ۾ لکيو پيو آهي. مون جڏهن تصديق ڪئي تـ برابر اها شئي لکي پئي هئي. مطلب تـ اڄ جو ڪورس اسان جي ٻارن کي اهو ڪجهـ پڙهائي ٿو. اڄ اسان جي سنڌ هر لحاظ کان پَستي ۾ آهي، انهي جو ڪارڻ بـ اهو ئي آهي تـ حقيقت کان هٽيل ڪورس استادن جي غلط تربيت، اقرباپروري، ڪرپشن، پنهنجا نوازڻ، اهي ڪجهـ اهڙا سبب آهن جن سنڌ جي تعليم کي خاص ڪري پنجاب جي تعليم کان 100 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. اڄ جي استاد انقلاب جو لفظ وساري تبديلي کي پڙهائڻ شروع ڪيو آهي. مون محسوس ڪيو آهي تـ سنڌ جا شهري علائقا يعني ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر کي ڇڏي ڪري باقي سنڌ جو سرڪاري تـ ڇڏيو پر ڪو بـ پرائيويٽ اسڪول اسلام آباد جي ڪنهن بـ سرڪاري اسڪول سان مقابلو نـ ٿو ڪري سگهي. فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيئٽ، اسلام آباد جو مئٽرڪ توڙي انٽر ميڊيئٽ جون پهريون ٽئي پوزيشنون سرڪاري اسڪول کڻندا آهن. ها اها ڳالهـ ضرور آهي تـ مائٽ ٻارن جي پڙهائيءَ تي دل کولي خرچ ڪندا آهن. آئون پنهنجن ٻن ٻارن کي ست درجـا سنڌ ۾ پڙهائي پوءِ اسلام آباد وٺي آيس تـ جيئن ٻارن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ اچي. اٺين ڪلاس ۾ داخلا وقت ٿوري تڪليف ٿي. اسڪول وارن جو شرط هو تـ ٻار داخلا ٽيسٽ پاس ڪن. اهو ممڪن ڪو نـ هو تـ سنڌ جو پڙهيل ٻار ڪنهن اسلام آباد جي اسڪول جي داخلا ٽيسٽ پاس ڪري سگهي. مڙئي ڪجهـ منٿ ميڙ، ڪجهـ داٻا ساٻا، ڪجهـ فنانس ڊويزن جي بليڪ ميلنگ تي بس منهنجن ٻن ٻارن جي داخلا ٿي وئي. انهيءَ داخلا تي هڪ دلچسپ واقعو بـ ٻڌندا هلو. عبدالطيف لغاري صاحب، ڊپٽي سيڪريٽري فنانس ڊويزن هجي، جنهن منهنجن ٻارن جي داخلا لاءِ مرحوم نجم الدين مـڱرئي صاحب کي چيو جيڪو تعليم جي وزارت ۾ 20 گريڊ جي ڪنهن پوسٽ تي هو،جڏهن اڳيان مـڱرئي صاحب ٻارن جا نالا پڇا تـ مون کان منهنجن ٻنهي ٻارن جا نالا وسري ويا، لغاري صاحب منهنجي پريشانيءَ کي محسوس ڪري ورتو اڳيان مڱرئي صاحب کي چيائين تـ ٻارن جا نالا اسان توهان کي پوءِ ٻڌايون ٿا. تعجب جي ڳالهـ اها آهي جو اتي جيڪي انهيءَ اسڪول ۾ سنڌي استاد هئا. انهن مون کي اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌايون جو “چون تـ اڄ ڏينهن تائين سنڌ جو پڙهيل ٻار هتي هلي نـ سگهيو آهي ” آئون ويتر نااميد ٿي ويس. مون سوچيو تـ سنڌ ۾ ڪاپي وغيره ڪري ٻار پاس تـ ٿي وڃن ها. هتي تـ پاس ٿيڻ کان بـ ويا. پر ٻارن همت ڪري پڙهيو، اٺين ڪلاس ۾ منهنجي هڪ ٻار ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. انهن کان پوءِ ٻيا منهنجا ٻـ ٻار ستون ڪلاس سنڌ مان پاس ڪري، اسلام آباد انهن ئي سرڪاري اسڪولن پڙهڻ آيا. سڀئي سٺين پوزيشنن ۾ پاس ٿيا. اڄ اهي ٻار جوان آهن. انٽرويو ڏيندا ٿا وڃن ۽ نوڪريون ملنديون ٿيون وڃن. مون اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بـ پنهنجي نوجوان جي نوڪري لاءِ ڪنهن بـ دوست يار کي فون نـ ڪئي آهي . ها البت مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مون هر ٻار کي اهو ذهن نشين ڪرائي ڇڏيو هو تـ “مون مان نوڪريءَ جي ڪا بـ اميد نـ رکو” . آئون جڏهن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿي ويس منهنجن ٻارن اهو سوچيو هوندو تـ هاڻي اسان سرڪاري گاڏيون بـ استعمال ڪندا سين ۽ اسان ٻيون سهولتون پڻ حاصل ڪنداسين. مون ويتر سختيءَ سان آفيس ۾ آرڊر ڪري ڇڏيو تـ ڪا بـ سرڪاري گاڏي منهنجي گهر نـ ويندي. اڳتي هلي پيپلز پارٽي جي گورنمينٽ 20 اسڪيل جي مٿي وارن آفيسرن کي مالڪاڻـن حقن تي گاڏيون بـ ڏيئي ڇڏيون، ان سان گڏ ڪنوينس الائونس جي مد ۾ چڱا خاصا پئسـا بـ ڏنائون ائين سرڪاري گاڏين مان منهنجي جان ڇٽي وئي.