اسان جي معاشي حالت ۽ بابا مرحوم جو هي جهان ڇڏڻ
هن ڊائريءَ جي ورق ۾ منهنجي ڏاڏي مرحوم ڪابـ تاريخ نـ لڳائي آهي. البت چوي ٿو تـ هو 1914ع ڌاري پيدا ٿيو هو. ساڳئي وقت سکر بئراج جو ڪو بـ ذڪر نـ ڪيو اٿس. انهي مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ 1920ع ۽ 1932ع جي وچ واري زمانو هو. سنڌي هندو جيڪي ورهاڱي وقت هندستان هليا ويا ۽ اسان جي ڳوٺ مان بـ وڏي تعداد ۾ لڏ پلاڻ ٿي هئي. انهن جي وڃڻ جي ڪري هڪ قسم جو خال پيدا ٿي پيو، ڇو جو اسان جي ڳوٺ جو ڪاروبار تقريبن انهن جي هٿ ۾ هو. جيئن تـ بابا ڪنهن هندو دڪاندار وٽ ڪمائيندو هو جنهن جو نالو سيٺ لالو مل هو، جڏهن تـ انهي خاندان هجرت نـ ڪئي هئي ۽ اڄ ڏينهن تائين انهن سان اسان جو قرب جو رستو هلندو ٿو اچي. سيٺ جي همٿائڻ ۽ ڪجهـ مالي مدد ڪرڻ تي بابا پنهنجو ريزڪي دڪان کوليو .
جيئن تـ منهنجو بابا مرحوم صرف پنج درجا سنڌي جا پڙهيل هو، زمين وغيره تـ اسان جي هئي ڪانـ . جيئن مٿي ڊائريءَ جي هڪ ورق مان ظاهر آهي. پٽ سٽ ڪري هڪڙو ريزڪي دڪان کوليائين. تنهن تي سڄو ڏينهن سگهڙن جي ڪچهري لڳي پئي هوندي هئي. ڪڏهن شاعري پئي چئبي هئي تـ ڪڏهن وري ڏور ۽ ڳجهارتون ڏبيون ۽ ڀڃبيون هيون . بابا جي دڪان تي هڪ پريو مڙس ايندو هو، جيڪو ذات جو خاصخيلي هو ۽ سندس نالو هو جاڙو، اهو بـ بابا جي دڪان تي هر روز ايندو هو. ان جا ٻـ نوجوان مائٽ پڻ اسان جي دڪان تي ايندا هئا جن جا نالا هئا ڪريم بخش ۽ جُڙيو، اهي ٻئي نوجوان راڳ ڏاڍو ڀلو ڳائيندا هئا. هرسال گرمين جي موڪلن ۾ پروفيسر محبوب علي چنـا ڏهـن پندرهـن ڏينهن جي لاءِ اچي اسان جي ڳوٺ رهندو هو. چنـا صاحب صوفي طبعيت جو مالڪ، راڳ رنگ جو شوقين، سنڌي ادب سان سندس گهرو گهاٽو لاڳاپو، تنهنڪري ان جي اچڻ تي اهڙي ڪچهريءَ جو اهتمام ڪيو ويندو هو. اها ڪچهريءَ رات جو اسڪول ۾ مچندي هئي. ڳوٺ جا سگهڙ شاعر ۽ اهي ٻئي ڀائر راڳي محفل مچي ويندي هئي. اسين بـ ننڍڙا ٻار هوندا هئاسين سو ڪنڊ پاسو وٺي ويهي ڪچهري ٻڌندا هئاسين. ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي اڃان ڪانـ آئي هئي. اها سڄي ڪچهري گاسليٽ جي گولن تي مچندي هئي. مهمانن جي اچڻ جي ڪري اسان جو دڪان جلدي بند ٿي ويندو هو، ڇو جو سج لٿي کان پوءِ گولو مهمانن جي حوالي هوندو هو. هر ڪو ماني ٽڪي کائي ڪچهري ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيندو هو. ڏاڏو ڪامل لغار ي جيڪو اسان جي ڳوٺ جو وڏو سگهڙ هوندو هو، جنهن کي ڏور بيت جي وڏي ڄاڻ هوندي هئي. اهو ڏور بيت ٻڌائيندو هو تـ دائم خان لغاري، جنهن کي ڌڱاڻي بوزدار مان خاص گهرايو ويندو هو، اهو شاعري ٻڌائيندو هو. پوءِ وارو ڏبو هو ڳائڻن کي، اهي هئا ڪريم بخش ۽ جڙيو خاصخيلي. ڪريم بخش خاصخيلي سُريلو راڳي هوندو هو. هونئن تـ پاڻ پنهنجي مڇي ماني وارا هوندا هئا، هروڀرو شادين مرادين تي پئسـن جي لالچ ۾ راڳ ڪو نـ ڳائيندا هئا. ها البت راڳ جي شوق جي ڪري پاڻ ٽنڊي آدم وڃي استاد منظور علي خان جي والد استاد جمالو خان کان 5 سال راڳ جي سکيا ورتائون. پاڻ هر صنف کان واقف هئا. ڀٽائي، بلي شاهـ، سچل، مصري فقير، نواب ولي محمد خان لغاري، سائين طالب الموليٰ وغيره کي ڏاڍي سهڻي نموني ۽ مهارت سان ڳائيندو هو. کيس راڳ جي راڳڻين تي بـ خاصو عبور حاصل هوندو. رات جو آڌي کان پوءِ جڏهن راڻو ڇيڙيندو هو تـ ويٺلن تي هڪ قسم جو وجد طاري ٿي ويندو هو. بابا مرحوم سان دوستي هوندي هئي، سو راڳ رنگ جو ساز، سامان اسان جي دڪان تي پيو هوندو هو. مون کي جيتري قدر ياد ٿو پوي تـ سائين چنـا صاحب هڪ دفعي پندرهن ڏينهن جي لاءِ اچي گلاب لغاري ۾ رهيا، اهي پندرهـ ئي راتيون ڏور بيت ۽ راڳ رنگ جي محفل جاري رهي. ڪريم بخش خاصخيلي هر رات نئون ائٽم پيش ڪندو رهيو. هن نوجوان راڳي چنـا صاحب کي ڪافي متاثر ڪيو. مطلب تـ اها روح رهاڻ جي محفل سڄي رات پئي هلندي هئي. چاچا ڪريم بخش خاصخيلي اڃان حال حيات آهي. دعا آهي تـ الله کيس وڏي ڄمار ڏئي. آئون جڏهن هن دفعي ڳوٺ ويو هوس تـ ساڻس سٺي ڪچهري ٿي هئي. اسان جي دڪان جي پاسي ۾ هڪ پناهگير حاجي محمد دين جي اٽي جي چڪي هوندي هئي. حاجي صاحب اهو سڄو لڪاءُ ويٺو ڏسندو هو، جنهن کي اها محفل ڪو نـ وڻندي هئي. هڪ دفعي سڙي سڙي نيٺ چيائين تـ “ فرعونن جي ڪچهري شروع آهي ” تنهن تي اڳيان جواب مليو تـ “ هتي ابوجهل جي ڪا بـ جڳهـ ڪانهي ” راڳي ڪريم بخش خاصخيلي جڏهن سائين طالب الموليٰ جو هڪڙو ڪلام ٻڌائيندو هو. اهو مون کي ڏاڍو وڻندوٰ هو. جڏهن تـ سائين محبوب علي چنـا پڻ انهيءَ ڪلام جي بار بار فرمائش ڪندا هئا، جنهن جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿي.
تو دلڙي يار ڌُتاري، پوءِ ير ! ڪا نـ ڪيئي پوئواري.
تنهنجا ڪيس پيارل ! ڪارا، آهن پيچ انهن جا پيارا
ڪن ونگ وجهڻ لاءِ وارا، پائن ڳٽ ڳچيءَ ۾ ڳارا
ڪن قيد سياڻا سارا، مهميرن تي سي مارا
ٿين وير بـ اُت ويچارا،ٿا شاهـ ڀرين شوڪارا
منهنجي نرمل ! آ نيزاري، تو دلڙي يار ڌُتاري
انهيءَ دڪان هوندي بـ بابا هڪ چوڪڙي (چار ايڪڙ) ڪڻڪ جي پوکيندو هو. جيئن 12 مهينن جو ان داڻو پنهنجو ٿئي. هر سال اها چوڪڙي ڪڻڪ لاءِ نانا حاجي شاھ محمد ڏيندو هو. جنهن جي چڱي خاصي زمينداري هوندي هئي، جيڪا اڃان تائين هلندي ٿي اچي. پاڻ ايوب خان واري بنيادي جمهوريت (Basic (Democracy) ۾ ميمبر رهيا. ايوب خان جڏهن فاطمـ جناح سان اليڪشن ۾ بيٺو هو تـ مون وارو نانو بـ ٽنڊي محمد خان ۾ ووٽ ڏيڻ ويو هو. پاڻ جيئن تـ فاطمـ جناح جو وڏو حمايتي هو، تنهن ڪري ان جي اليڪشن هارائڻ جي ڪري کيس ڏاڍو ڏک پهتو هو. جيئن تـ اسان ننڍڙا هئاسين بابا مرحوم وفات ڪري ويو. ان ڪري اسان کي اخلاقي توڙي مالي مدد ڪرڻ ۾ منهنجي ناني جو وڏو ڪردار رهيو آهي. انهي هڪ چوڪڙي زمين جي، جنهن تي اسان ڪڻڪ پوکيندا هئاسين ان جي کيڙي ڍڳن تي ٿيندي هئي، جيڪا بابا يارن دوستن کان ڍڳا پن پري ڪري کيڙي ڪرائيندو هو. اڃان ٽريڪٽر وغيره عام جام ڪونـ هوندا هئا. آخر ۾ هَلَر بـ ڍڳن تي ڳاهبي هئي. ڪڻڪ جو لابارو ڪري ولھـ کڻي اچي کرو (ديرو) ٺاهبو هو. شروع ۾ کرو ائين ٺاهبو هو، جو ڪڻڪ جي ولھـ جون ڀريون کڻي چوءُ طرف سٿيون ٺاهي رکبيون هيون ۽ وچ خالي ڇڏي ڏبو هو. وچ ۾ ڪاٺ جي ٿوڻي کوڙبي هئي، جنهن کي ميڙھ چئبو هو. 8-9 ڍڳا هڪ وڏي رسي سان انهي ميڙھ سان قابو ڪري ٻڌبا هئا ۽ اها “ولھـ” ڍڳن جي پيرن ۾ ائين ڏبي هئي، جيئن هر ڍڳي جو کُر ان ولھـ تي اچي. پوءِ هڪ ماڻهو ڍڳن کي پويان هڪليندو هو. اهو ڪم اسين ٻار ڪندا هئاسين ۽ بابا ڏانداري سان انهيءَ ولھـ جي اوٿل پوٿل پيو ڪندو هو. انهن مان ٻـ شيون نڪرنديون هُيون. سِٽن مان داڻو ۽ باقي ڪڻڪ جي ڳاني مان بھـ نڪرندو هو. اها جيڪا ولھـ ڍڳن جي هيٺان پکيڙبي هئي ان کي“ پڳر” چئبو هو. سڄي ڏينهن ۾ وڌ ۾ وڌ ٻـ پڳر ڳاهي سگهبا هئا، جيڪا ڪڻڪ هڪ چوڪڙي 100 مڻ کان وڌيڪ لهندي هئي. ان جا 20 – 22 پڳر ٿيندا هئا يعني هڪ چوڪڙي ڏهن کان ٻارهن ڏينهن ۾ ڳاهبي هئي. شرط اهو هوندو هو تـ ڏينهن گرم هجي ۽ اتر جو واءُ لڳي، جيئن خشڪ ٿي ڪڻڪ يڪدم ڀُري وڃي. سخت گرميءَ کي سڻائو ڏينهن سمجهو ويندو هو. پر جيڪڏهن ان جي ابتڙ ڏکڻ جو واءُ لڳو تـ هلر ڇوڙي ڇڏبي هئي، ڇو جو اُن ۾ ڪڻڪ گهمجي ويندي ۽ ڳاهبي ڪونـ. هئي.
جڏهن بابا مرحوم هيءُ جهان ڇڏيو هو تـ ان وقت آئون چمبڙ مڊل اسڪول ۾ ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. ان وقت اسان جي مالي حالت ڪا سٺي ڪونـ هئي. انڌو منڊو دڪان هوندو هو، جنهن کي اوڌر وارن اڳي کائي کپائي خلاص ڪري ڇڏيو هو. بابا دڪان بند ڪري سيٺ حاجي ڦوٽو ميمڻ ڏندي واري جي اٽي جي مشين تي 40 روپيـا مهيني جي حساب تي پگهار تي بيهي چڪو هو. حاجي ڦوٽو ميمڻ جي چار پنج مهينا نوڪري ڪرڻ جي باوجود هن ڪو بـ پگهار وغيره ڪو نـ ڏنو. بابا جي مالي حالت ڪافي تنگ ٿي وئي. آئون مٿي لکي آيو آهيان تـ اسان کي نانا حاجي شاھ محمد هر سال ڪڻڪ جي هڪ چوڪڙي پوکڻ لاءِ ڏيندو هو، جيئن سال جو ان داڻو پنهنجو ٿي وڃي مٿان ڪڻڪن ۾ بـ لابارا شروع ٿي ويا. آئون جيئن چمبڙ مڊل اسڪول مان ايندو هوس تـ سڌو کري تي بابا سان هلر ڳاهڻ ۽ ڍڳا هڪلڻ تي مدد ڪندو هوس، جيئن تـ اڃان مشيني پوک ايتري عام ڪونـ ٿي هئي. ڪڻڪ جي هلر وغيره ڍڳن تي ڳاهڻي پوندي هئي. اسان وٽ جوڙو وغيره هوندو ڪونـ هو. سو بابا مڙوئي يارن دوستن کان پن پري تي پيو ڪم هلائيندو هو. مون مٿي ميڙھ واري هلر جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا اٺن يا نون ڍڳن سان ڳاهبي هئي. ڍڳن جي اڻاٺ جي ڪري اهو ڪڻڪ جي ڳاهي جو طريقو اڳتي هلي ختم ٿي ويو. ان جي جاءِ تي ڍينگر واري هلر وارو طريقو رائج ٿي چڪو هو. جنهن ۾ ٻـ ڍڳا اڳيان ٻڌبا هئا ۽ هڪ ڪنڊي جو وڏو ڍينگر پٺيان ٻڌبو هو. هڪ ماڻهو انهن ڍڳن کي پٺيان لٺ سان هڪليندو هو. هڪ ڏينهن جيئن مون ڍڳا پئي هڪليا تـ هڪ ڍڳي ٺڪاءُ کڻي لت ڪرائي تـ آئون ڪري پيس ۽ ڪنڊي جو ڍينگر منهنجي مٿان چڙهي ويو. بابا مون کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ پنهنجن پيرن تي هلائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر آئون هلي نـ سگهيس. ڇو جو منهنجي ساڄي ٽنگ ڀڄي پئي هئي. مون کي گهوڙيءَ تي چاڙهي گهر وٺي آيا. ان زماني ۾ اسان جي تر ۾ ٻـ ماڻهو هئا، جيڪي ديسي طريقي سان ڀڳل عضون جو علاج ڪندا هئا. اڃان ڊاڪٽري طريقي موجب لوھ جي راڊ نـ وڌي ويندي هئي. انهن مان هڪڙو هو اسان جي ڳوٺ جو محمد عثمان ڪنڀر، جنهن جو اهو خانداني ڌنڌو هو. جڏهن تـ ٻيو ماڻهو، جنهن جو نالو هو محمد يوسف لغاري، سندن اوڙڪ هوندي هئي “کرڙائي”، تنهنڪري يوسف کرڙائي ڪري سڏبو هو. صلاح بيٺي تـ يوسف کرڙائي کي سڏجي، ڇو جو تر ۾ عضون ٻڌڻ جو ماهر سمجهو ويندو هو. جنهن گهوڙيءَ تي مون کي کڻي آيا هئا انهي ساڳي وهٽ تي ان کي وٺي آيا، سندن ڳوٺ اسان جي ڳوٺ کان ٽي چار ميل ٻاهر هو. هُن ۽ اسان جي پاڙي جي پرئي مڙس حاجي الهـ جڙيو خان گڏجي منهنجي ٽنگ ٻڌي. مون کي جيترو ياد پوي ٿو تـ بابا ان زماني ۾ ڏاڏي يوسف کرڙائي کي چار روپيـا ڏنا هئا. اسان جي پاڙي واري هردل عزيز ڊاڪٽر احمد خان مون کي ٻـ سيون اچي هنيون هيون ۽ ٻڪ گورين جو پڻ ڏيئي ويو هو. ڊاڪٽر احمد خان ڳوٺ جي ڪنهن بـ ماڻهو کان دوا درمل لاءِ پئسو پائي نـ وٺندو هو. جنهن جو ذڪر اڳتي جا بجا ايندو رهندو. ان سال اسان جي ڪڻڪ تـ ڪافي ڀلي ٿي هئي، البتا ڪنهن مرض سبب داڻو نـ ڪيائين. مٿان جو منهنجي ٽنگ ڀڄي پئي تـ بابا کي پريشانيون ۽ ڳڻتيون ورائي ويون. آخر ۾ ائين ٿيو جو بابا بيماريءَ جي بستري تي کٽ تي ۽ آئون ٽنگ ڀڄي پوڻ جي ڪري انهي ساڳئي ڪمري ۾ پٽ تي پيو هوندو هوس. اڳتي هلي بابا جو انهي کٽ تي موت واقع ٿيو. بابا جي ان وقت ڄمار صرف 37 سال هئي. جڏهن تـ ٽنگ ڀڄي پوڻ جي ڪري آئون هلڻ ڦرڻ کان لاچار هوس. مون کي هاڻي جيڪا ڳالھـ سمجهـ ۾ اچي ٿي تـ بابا جو ڪُمهلي موت جو وڏو سبب اسان جي غربت هئي.
منهنجي جنهن ماڻهو ڀڳل ٽنگ جوڙي هئي، انهي جو نالو محمد يوسف هو. انهي جي سگهڙائپ جو هڪ ٻيو واقعو بـ ٻڌندا هلو. ساماري پاسي، ڪنهن عورت جي ٽنگ دڏ کان نڪري پئي، هن کي وٺي ويا، اڳيان ماڻهو پرديدار هئا عورت جي دڏ تي ڪيئن هٿ لڳائي. سو هڪ مينهن گهرايائين، جنهن کي ٽي چار ڏينهن اُڃو ۽ بکيو رکيائون. ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ انهي عورت کي ان تي چاڙهي وهاريائون ۽ مينهن کي پاڻي پيارڻ شروع ڪيائون، جيئن مينهن پاڻي پيئندي وئي ۽ ان جون ڪکون ڀربيون ويون ۽ سندس پيٽ ڦوڪبو ويو تـ عورت جي ٽنگ ٺڪاءُ ڏئي چڙهي وئي. اهي هُئا ان زماني جي سگهڙن جا ڏاهپ جا ڏس، جيڪي هنڌين ماڳين مشهور هوندا هئا. اڄ جو ڊاڪٽر پروفيشنلي ڊس آنيسٽ ڪمپنيءَ جي مال کپائڻ لاءِ غريب مريض جو مال کپائي ڇڏيندا. پوءِ مريض کي فائدو ٿئي يا نـ ٿئي. مون هڪ ڳالهـ جيڪا نوٽ ڪئي آهي انهي ۾ آئون غلط بـ ٿي سگهان ٿو. سنڌ جي ڊاڪٽرن جي مقابلي ۾ اسلام آباد جا ڊاڪٽر مريض سان ايڏي زيادتي ڪو نـ ٿا ڪن. جڏهن تـ مهانگائيءَ جي لحاظ کان اسلام آباد دنيا جي مهانگن شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سنڌ جي ماڻهو جي مقابلي ۾ اسلام آباد ۾ ماڻهن وٽ مال ملڪيت وڌيڪ آهي. انهي هوندي بـ ڊاڪٽر مون کي هتي اسلام آباد ۾ مناسب في وٺڻ وارا لڳا، نـ ڪمپني جي ونگار وهڻ وارا، نـ ليبارٽريءَ جي ڌنڌي ڪرائڻ وارا. مون کي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بـ ڊاڪٽر اهو نـ چيو آهي تـ فلاڻي ليبارٽريءَ تان رپوٽون ڪرائي اچ، پرائيويٽ ڊاڪٽر کي سرڪاري ليبارٽيءَ جي رپورٽ تي ڪو بـ اعتراض نـ هوندو آهي.
بابا سائينءَ جي جهان ڇڏڻ وقت اسين چار ڀائر ۽ هڪ اسان جي ڀيڻ هئي. بس اهوئي امان جو سڄو اثاثو هئو. چاچا شمس الدين کي جانورن جي کاتي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ واري نوڪري ملي چڪي هئي. جيڪو اسان کي 20 روپيـا مهينو گهر جي خرچ پکي لاءِ ڏيندو هو. سائين پروفيسر محبوب علي چنـا جيڪو اسان جي ڏاڏيءَ جو دوست هو،جنهن فيصلو ڪيو تـ هنن ٻارن کي هر سال 20 مڻ ڪڻڪ حاجي شاهـ محمد خان ڏيندو جيڪو اسان جو نانو هو ۽ هر مهيني گهر جي خرچ لاءِ حاجي محمد بخش، جيڪو اسان جو ڏاڏو هو ۽ شمس الدين جيڪو اسان جو چاچو هو هڪ مقرر رقم ڏيندا. نانا طرفان ۽ چاچا طرفان تـ مقرر امداد ملندي رهي پر ڏاڏا طرفان اهو ڪجھـ نـ ملي سگهيو، جيڪو ملڻ گهربو هو. ڀائرن ۾ آئون ٻي نمبر تي هوس ۽ 7 ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. جيئن تـ ٽنگ ڀڄي پوڻ جي ڪري ڪافي وقت اسڪول نـ وڃي سگهيو هوس. تنهنڪري چمبڙ مڊل اسڪول وارن منهنجو نالو اسڪول مان خارج ڪري ڇڏيو هو.
با با جي وفات کان پوِ اسان جي معاشي حالت اها هوندي هئي جو اسان جي گهر ۾ پورن پنجن سالن تائين رات يا ڏينهن جو ڪڏهن ٻوڙ لاءِ ڪُني ڪا نـ چڙهي هئي. پاڙي مان لسي لپ ايندي هئي ۽ بصر جي ڳنڍ تي گذارو ڪبو هو. بابا کان پوءِ امان سڀ ڪجهـ اسان کي سمجهو. اسان کي هڪ ڏينهن بـ اسڪول کان نـ روڪيائين. اوڌر سوڌر ڪري پئي اسان جا ناز نخرا پورا ڪندي هئي. اڄ جڏهن اسان هنن وڏن عهدن تي پهتا آهيون انهيءَ جو سڄو ڪريڊٽ اسان جي امان کي وڃي ٿو. جيڪڏهن هوءَ ان وقت شادي ڪري ڇڏي ها، (جيڪو سندس قانوني، اخلاقي ۽ مذهبي حق بـ هو، ان وقت سندس عمر مشڪل سان 35 سال کن هئي). اسان جو هن وقت ڪهڙو حال هجي ها ! ڇو جو اسان وٽ ڪا موڙي پونجي تـ هئي ڪا نـ، جو اسان ان جي سهاري پڙهون ها يا ڪو ٻيو ڪاروبار ڪيون ها. اهو اسان سڀني ڀائرن جي اولاد کي بـ سمجهڻ کپي تـ هنن جو ملڪ جي وڏن شهرن ۾ رهي سٺن تعليمي ادارن ۾ پڙهيو آهي. اسلام آباد ۽ ڪراچي جي وڏين ۽ مهانگي مارڪيٽن مان جين ۽ جوگر خريد ڪرڻ جا خواب ڏسن ٿا، اهو سڀ ڪجهـ. انهيءَ بيوهـ ۽ بي سهارا عورت جي قربانين ۽ محنتن جو نتيجو آهي. اسان جي امان ڪنهن گهر ۾ نوڪرياڻي ٿي ڪم ڪو نـ ڪيو. ها البت هٿ جي هنر ۾ امان سُگهڙ هوندي هئي، جهڙوڪ رليون ٺاهڻ، اڳٺ ٺاهڻ، عورتن جون سڳيون ٺاهڻ ۾ امان ڀڙ هوندي هئي.
آئون اهو اڳي لکي آيو آهيان تـ چمبڙ مڊل اسڪول وارن منهنجو نالو خارج ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ان اسڪول مان سرٽيفڪيٽ وٺي صوفي آباد، جيڪو برانچ مڊل اسڪول هوندو هو ان ۾ پڙهڻ ويس جيڪو نواب محمد علي خان پنهنجي ٻني تي کولرايو هو. جتي ستون ۽ اٺون ڪلاس پڙهيس. مون سان گڏ سنڌ جو ناميارو ليکڪ، محقق ۽ علم دوست شخصيت مشڪور ڦلڪارو پڻ پڙهندو هو، جنهن سان قرب جو رستو اڃان تائين جاري آهي.