جاگرافي
ڳوٺ گلاب لغاري تعلقـي ماتلي جي يونين ڪائونسل ماڻڪ لغاري جي هڪ ڳوٺ مان ڦري شهر ٿي پيو آهي. هي اهو شهر ڪونهي، جنهن ۾ زندگيءَ جون سڀ سهوليتون ميسر هجن. بقول سائين فضل الله قريشي جي تـ وڌندڙ آبادي ڳوٺن کي شهرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پر اهڙن ڳوٺن جا رهواسي وقت جي حڪمرانن جي عدم دلچسپي، سٺي حڪمراني جي اڻاٺ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ناهموار روين سبب بنيادي سهولتن جي اڻاٺ جو شڪار رهندا پئي آيا آهن . ڇو جو هن رياست ۾ سٺي حڪمراني جو تصور (Concept) اڃان پنهنجن پيرن تي بيهڻ کان قاصر آهي. اهو ڳوٺ، جنهن تي يونين ڪائونسل ٽيڪس وغيرهـ مڙهي سگهي ٿي تـ ان کي ڳوٺ تـ نـ چئبو اهو تـ هڪڙو ننڍڙو شهر ٿيو. منهنجو ڳوٺ ضلعي بدين جي اوڀر طرف ضلعي هيڊ ڪوارٽر کان تقريبن 100 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي، جيئن بدين ضلعو ملڪ جو ڏکڻ طرف آخري ضلعو آهي، تيئن منهنجو ڳوٺ وري ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي اُتر اوڀر ۾ آخري شهر آهي. بدين ضلعي جو آخري اسڪول ۽ ٿاڻو پڻ منهنجي ڳوٺ ۾ واقع آهن. ان کان پوءِ تعلقو چمبڙ ضلعو ٽنڊو الهيار شروع ٿئي ٿو. گلاب لغاري آڳاٽي سنڌو درياهـ جي ٻن ڦاڪن جي وچ ۾ واقع آهي، جنهن مان هڪ کي سرفراز ڍورو ۽ ٻئي کي بهرام واهـ ڪوٺيو وڃي ٿو. اهي ٻئي واهـ سکر بئراج جي وهڻ کان اڳ آبڪلاڻي جي موسم ۾ ڇهـ مهينا ڀرپور پاڻي ءَ ڏيندا هئا ۽ انهن جو اوج هوندو هو. انهي پاڻيءَ تي جوئر ۽ ٻاجهر جا فصل تمام سٺا ٿيندا هئا. جيئن سکر بئراج وهڻ شروع ڪيو تـ انهن موسمي ۽ قدرتي پاڻيءَ جي نيڪالن جو اوج بـ ختم ٿي ويو. ان سان گڏ اهي برڪت ڀريا ڏينهن بـ موڪلائي ويا. ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي پنهنجي ڪتاب “سنڌ جي اقتصادي تاريخ” ۾ انهن برڪت ڀرين ڏينهن لاٰءِ لکي ٿو تـ “ کاڌي ۽ زندگي ءَ جي ٻين ضرورتن جي فراواني هئي ۽ قيمتون گهٽ هيون. چوپايو مال نهايت گهڻو هو، عام رواجي ماڻهو وٽ بـ ٻـ چار وهٽ هوندا ئي هوندا هئا. حيدرآباد ۾ هڪ هاريءَ وٽ آسائشي حالتن ۾ اٺ جوڙا ڍڳن جا، هڪ گهوڙو، هڪ ڳئون ۽ هڪ گابو، هڪ مينهن ۽ 15 کان 20 تائين ٻڪريون هونديون هيون. ” بس ائين کڻي چئجي تـ خواهشون گهٽ ۽ وسيلا گهڻا هوندا هئا. عام ماڻهو سال جا 6 مهينا ٻني ٻاري ۾ ڪم ڪندو هو تـ باقي وقت ڪڏهن هِن جي اوطاق تي ڪڏهن هُن جي اوطاق تي ڪچهرين جا ڪوٽ پيو اڏيندو هو. آمدرفت جا ذريعا محدود هئا . ريڊيو ۽ اخبار جو ننڍن ڳوٺن ۾ وجود نـ هئڻ جي برابر هو. ٽپال ذريعي اٺن ڏينهن کان پوءِ ڪو خط پٽ پيو پهچندو هو. ائين انگريز فيل مست، ماڻهن مٿان حڪومت ڪندو رهيو. سڄي ساري هڪ صدي گورو صاحب ڪارن مٿان نفسياتي توڙي انتظامي طور حاوي رهيو. پوءِ جڏهن هتان ويو تـ پٺيان پنهنجو اهڙو جانشين ڇڏي ويو، جو سندس سڀئي ڏنل اهنج، ڏک سور ڌوپجي ويا. هي زمانو سکر بئراج کان اڳ جو وقت ٿو ٻڌائي.
ڳالهـ پئي هلي گلاب لغاري جي انتطامي ۽ جاگرافيائي جوڙجڪ جي، جڏهن کان ماتلي تعلقـو ٺهيو آهي تڏهن کان گلاب لغاري ان جو حصو رهندو پيو اچي. ها البتا 1974 ع کان پوءِ جڏهن بدين ضلعو ٺهيو تـ اسان جو سڄو ماتلي تعلقو بدين جي حدن ۾ هليو ويو ۽ اڃان تائين اسان ان جو حصو آهيون. سنڌ جي اقتدار جا لالچي وڏيرا پنهنجي سياسي فائدي جي لاءِ ضلعي، تعلقي ۽ يونين ڪائونسل جي حد بندين جي ڦير گهير ۾ دير ئي نـ ڪندا آهن. جڏهن تـ پڇ لٽڪائو بيوروڪريسي ڪڏهن بـ انهن جي اڳيان ڪو صحيح موقف، جيڪو عوامي اميدن وٽان هجي، نـ رکيو آهي. پري ڇو ٿا وڃون ويجهي ماضي ۾ ڪن حڪومتن پنهنجي ڪرسي بچائڻ خاطر حيدر آباد ۽ ڪراچي ضلعن کي ٽوڙي،سنڌ جي تاريخ سان هڪ وڏي هٿ چراند ڪئي. ٿي سگهي ٿو تـ ڪن فردن کي ان مان فائدو پهتو هجي پر مجموعي طرح سنڌ کي وڏو نقصان پهتو، ڪنهن بـ سنڌي بيوروڪريٽ انهيءَ ڪڌي ڪم تي مزاحمت نـ ڪئي.
هي تـ مٿي مون هڪڙي تاريخدان جو حوالو ڏنو آهي، پر دنيا جي محققينن جي اڪثريت انهي تي متفق آهن، تـ هن خطي جا ماڻهو امن پسند ۽ قناعت پسند پئي رهيا آهن. جيئن مٿين تاريخي حوالي مان ظاهر آهي تـ سنڌ جي ماڻهن کي روزي روٽي جو فڪر مڙئي گهٽ هوندو آهي. ٿوري تي قناعت ڪرڻ تـ ڪو هنن کان سکي. مجموعي طرح سنڌ جي ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي ۽ طور طريقن جو اثر سڄي هن خطي تي پوي ٿو. تيئن منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو بـ سست، ڪاهل، ڪم چور، سڄو ڏينهن هوٽلن تي ٻٽاڪون هڻڻ، شغل ۽ شڪار جا شوقين، ٺٺري ۽ ڦشري تي ڪم ڪار ڇڏي ڳوڙھ ٿي ويندا. ڪا پسنديدهـ شئي ملي تـ گهر لٽائي طهري ڪري ڇڏيندا. ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي سنڌي ماڻهن جي تفريح ۽ وندر بابت لکي ٿو تـ “ سنڌي مسلمان جو آدمشماريءَ جي اڪثريت جي نمائندگي ڪري ٿو. لااُبالي قسم جو ماڻهو آهي، کل خوشيءَ جو ڪوڏيو آهي، ۽ سڀاڻي جو فڪر هن کي بنهـ ڪين ٿو ستائي. فراوانيءَ جي هن زمين پيدا ٿيڻ ڪري، هڪ مثالي سنڌي کي ڪڏهن بـ محتاج ٿيڻو ڪونـ پيو آهي ۽ پنهنجي جسم توڙي روح جي بقا لاءِ هن جو الله تي آسرو ۽ ڀروسو آهي. ”
جيئن سنڌ جي ماڻهن کي شڪار لاءِ هڪ فطري ذوق ۽ شوق آهي، تيئن منهنجي ڳوٺ جا ڪجهـ شهزادا بـ شڪار جا شوقين رهيا آهن. انهن ۾ تترن جو شڪار وڏي اهميت رکندو آهي. منهنجي ڏاڏي حاجي محمد بخش وٽ دونالي بيلجم جي بندوق هوندي هئي، خاص ڪري تترن جي شڪار جو وڏو شوقين هوندو هو. توبچي جي وصف ٻڌائيندي چوندو هو تـ توبچي ڪڏهن بـ ويٺل پکي کي ڌڪ نـ هڻندو هميشـ اُڏاري پوءِ ڌڪ هڻندو. ان کان سواءِ ڪجهـ راڻا، سوئر جو شڪار پڻ ڪندا هئا. سنڌ ۽ افغانستان جي ماڻهن جي اها خوبي آهي تـ هو ڪڪڙن ويڙهائڻ جا شوقين آهن. مون ڪڪڙ ڌاريا تـ ڪونـ، باقي ڪڪڙن جي ميل تي آئون گهڻا دفعا ويس. خفتي پنهنجن ڪڪڙن تي وڏا پئسـا بازي طور رکندا آهن. جڏهن تـ هو انهن تي خرچ بـ تمام گهڻو ڪندا آهن. ان کان سواءِ امير توڙي غريب، شاھ توڙي هاري ٻنهي لاءِ گهڻو ڪري ساڳيون تفريحون هونديون آهن. ان زماني ۾ منهنجي ڳوٺ ۾ شڪار، پتنگ بازي يا لغڙ اڏائڻ، ڪُڪڙ ويڙهائڻ،گهوڙي ڊوڙ، ڍارو، لونٽڻي، اٽي ڏڪر، ونجهـ وٽي، لڪ لڪوٽي، تاس ۽ والي بال کان سواءِ راڳ ۽ ناچ هر ڪو پيو پسند ڪندو هو. جڏهن تـ هن وقت اِنفارميشَن ٽيڪنالاجي جي تيز ترين ترقيءَ جي ڪري انهن راندين جي جاءِ انٽرنيٽ ۽ فيس بڪ اچي والاري آهي. مٿان وري مذهبي انتهاپسندي جي ڪري عام ماڻهو جو مذهب ڏانهن رجحان وڌي وڃڻ جي ڪري اهڙيون تفريحي سرگرميون ذري گهٽ ڳوٺن مان ختم ٿينديون پيون وڃن.