مشڪور ڦلڪارو
اهي 20 هين صدي جي ڇهين ڏهاڪي جا پڇاڙڪا سال هئا. آئون صوفي آباد برانچ مڊل اسڪول ۾ ستين درجي ۾ داخل ٿيو هوس. جيتريقدر ياد پويم ٿو تـ تقريبن 20، 25 شاگرد هئاسين، جيڪي اسين صوفي آباد اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين. اهو تــ آئون اڳي لکي آيو آهيان تـ چمبڙ مڊل اسڪول وارن منهنجو نالو ڪڍي ڇڏيو هو. ڇو جو منهنجي ٽنگ ڀڄي پوڻ جي ڪري اسڪول کان ڪافي عرصو غير حاضر رهيس. صوفي آباد ۾ جيڪي اسان دوست گڏ پڙهندا هئاسين، انهن جو مختصر ذڪر ٿيڻ گهرجي. محمد عارف آرائين، جيڪو صوفي آباد ڳوٺ جي پاسي ۾ پنجابين جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو. انتهائي هوشيار، ذهين ۽ اعليٰ اخلاق وارن شاگردن مان هو. اڳتي هلي ڊاڪٽر ٿيو. هاڻي حيدرآباد ۾ آباد آهي. ان کان سواءِ شفيع محمد عرف غازي خان لغاري، مشڪور ڦلڪارو، خان محمد لغاري ۽ ٻـ لُنڊ ڇوڪرا نواب شاهـ جي پاسي جا هوندا هئا، الهـ رکيو ۽ محمد رمضان. انهن ٻنهي دوستن سان 50 سالن کان وٺي ملاقات نـ ٿي آهي. باقي غازي خان يارن جو يار، جڏهن بـ ڳوٺ وڃبو آهي تـ ملاقات ٿيو وڃي. پنهنجي زمينداري اٿيس انهي ڪري وقت سٺو پيو گذريس. خان محمد لغاري ڊاڪٽر ٿيڻ کان اڳي ئي، تبليغي جماعت جي ور چڙهي ويو. سو ڊاڪٽري بـ ڪندو رهيو ۽ مُلن سان گڏ سڄي ملڪ جا سير سپاٽا پڻ ڪندو رهيو. هاڻي رٽائر ٿي الله الله ڪرڻ ۾ مشغول آهي. باقي رهيو مشڪور ڦلڪارو، سو انهي زماني ۾ ستين ڪلاس کان وٺي شاعري ڏانهن لاڙو هوندو هوس. ان زماني ۾ مذهبي شاعري ڪندو هو. حمد ۽ نعتون چوندو هو. اڳتي هلي باريش بـ ٿي ويو. ڪڏهن ڪڏهن گلاب لغاري جي مسجد ۾ جمعي جو خطبو بـ ڏيڻ فرمائيندو هو. نظم سان گڏ نثر بـ سٺو هوندو هوس. ان زماني ۾ اڄ جي فيس بڪ وانگر مختلف اردو توڙي سنڌي رسالن ۾ قلمي دوستي جو صفحو هوندو هو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان قلمي دوستي لاءِ ايڊريسون ڏنل هونديون هيون. انهي ذريعي ڪنهن ڇوڪريءَ سان خطن ذريعي جُڙجي ويو. بس پوءِ ڊگهن ڊگهن خطن جو هڪ نـ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو، انهن خطن ۾ شاعري، فلسفو، مذهب، سياست مطلب تـ دنيا جهان جون خبرون چارون هونديون هيون. سو اهي خط وري مون کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو،انهي جي نتيجي ۾ منهنجو هي دوست عشق جي گندي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو. بس عشق جي لپيٽ اهڙي لڳس جو روزا نمازون سڀ وسري ويس. انهي عشق جو مقابلو سونهاري شريف بـ نـ ڪري سگهي. جڏهن تـ سندس عشق جو راز دان صرف آئون هوندو هوس. اهو راز آئون اڄ 45 سالن کان پوءِ فاش ڪري رهيو آهيان. مون کي اڄ بـ پڪ نـ آهي تـ انهي خط لکندڙ جي جنس ڪهڙي هئي، جيئن فيس بڪ تي اڪثر ادا، اديون ٿي پونديون آهن، تيئن ان زماني ۾ بـ ائين ٿيندو هوندو. هاڻي مذهبي شاعريءَ مان ڦري عشقيـ شاعري شروع ٿي وئي. همراهـ کي عشق جي چپيٽ ذرا زياده لڳي وئي، سو يڪتاري ۽ چپڙي ۾ کڻي هٿ وڌائين. بس ڪن تي هٿ رکي الوميان کڻي شروع ڪيائين عشق جي ٻاڦ نڪرندي نڪرندي، هڪ ڏينهن مشڪور وارو کوکو خالي ٿي ويو. جڏهن عشق جو نشو لٿو تـ يڪتاري ۽ چپڙين کي ڇڏي قلم هٿ ۾ کنيائين، جنهن کي اڄ ڏينهن تائين مضبوطيءَ سان سنڀاليو اچي. اهو تـ خدا ڀلو ڪري سائين راشد مورائيءَ جو، اڄ آئون ۽ مشڪور ڪنهن مقام تي پهتا آهيون ٻي حالت ۾ اسان ماستر ئي رهون ها. اسان سڀ هم عمر هوندا هئاسين، تنهنڪري خير سان هينئر سڀ جا سڀ رٽائر ٿي چڪا آهيون. مشڪور هن وقت سنڌ جي تاريخ کي ڳولڻ ۾ پورو آهي. ڪڏهن ڪوهستان تـ ڪڏهن ٿر. انهي متعلق سندس ٻـ چار ڪتاب بـ ڇپجي چڪا آهن. انهي سان گڏ مشڪور ڦلڪارو شاعر بـ سٺو آهي. شاعري جي نون نون صنفن تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. مون سان قرب جو ڳانڍاپو جيئن جو تيئن ڳنڍيل آهي.