مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

علي مراد چاچڙ

علي مراد چاچڙ

سنڌ ۾ انيڪ اهڙا ڪردار پيا آهن جن جو جيڪڏهن مختصر ذڪر ڪجي تـ ڪئين ڪتاب لکي سگهجن ٿا. جن سنڌ ۽ سنڌين جي هڙان وڙان ڏيئي خدمت ڪئي آهي. پر بدقسمتي سان انهن املهـ ماڻڪ ڪردارن جي جڳ پذيرائي ٿي نـ سگهي آهي. آئون هتي صرف پنهنجن دوستن جو ذڪر ڪندس ڇو جو مون تي اهو اخلاقي فرض ٿئي ٿو تـ آئون پنهنجن دوستن جي خوبين ۽ انهن جي خدمتن جو ذڪر ڪريان تـ منهنجن دوستن جون سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪهڙيون قربانيو رهيون آهن. مون انهن دوستن کي ڪيئن ڏٺو آهي. انسان اشرف المخلوقات آهي ان کان هر وقت هر جڳهـ ڪيئي غلطيون سرزد ٿين ٿيون. اهڙن دوستن ۾ منهنجو هڪ دوست علي مراد چاچڙ صاحب آهي. جنهن مون کان اڳ ئي اسلام آباد ۾ پلاننگ ڪميشن ۾ 18 گريڊ ۾ ڪم ڪيو پئي. منهنجي هن سان ڏيٺ ويٺ محمد ابراهيم نظاماڻي جي پٺيان ٿي، جيڪا اڳتي هلي دوستي ۾ بدلجي وئي. سنڌي آفيسرن ۾ علي مراد چاچڙ صاحب برجستو آفيسر هو. هو صاحب ڪجهـ وقت لاءِ Islamabad Capital Territory (ICT) ۾ ڊيپوٽيشن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. ائين کڻي سمجهو تـ DC آفيس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هئا. اهو ضياءُ الحق جو زمانو هو. مارشل لا حڪومت وڏن وڏن واپارين ۽ سيٺين کي ورسائڻ پي چاهيو تـ جيئن پيپلز پارٽي جي پاپولرٽي جو گراف گهٽ ڪري سگهجي. تقريبن ڊي نيشنلائزيشن شروع ٿي چڪي هئي. ڀٽي صاحب جيڪي ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ ورتا هئا، اهي واپس مالڪن کي ملڻ شروع ٿي ويا هئا. فيڊرل گورنمينٽ جو خيال هو تـ اسلام آباد ۾ هڪ انڊسٽريل اسٽيٽ قائم ڪجي، جيئن اسلام آباد جي صنعت ڪارن کي وڏا وڏا پلاٽ بـ ڏنا وڃن تـ انهن جون همدرديون وقت جي گورنمينٽ ڏانهن ٿين. انهي مقصد لاءِ I-9 وارو علائقو تجويز ڪيو ويو. جيڪو تقريبن شهر جي وچ ۾ هو. جڏهن ڊي سي اسلام آباد جي آفيس ۾ اهڙو پروپوزل انهن جي راين ۽ تجويزن لاءِ آيو تـ چاچڙ صاحب انهي جي مخالفت ۾ لکيو. ڇو تـ چاچڙ صاحب جو موقف درست هو تـ انهن ئي ڪارخانن جي ڪري هن وقت I-8 ۽ I-9 جا رهواسي مختلف بيمارين ۾ وٺجي چڪا آهن. اها ڳالهـ مٿي حُڪمرانن تائين وڃي پهتي تـ هڪ سنڌي آفيسر آهي جو ان رٿا جي مخالفت ٿو ڪري . مٿان آرڊر آيو تـ انهي آفيسر کي هٽايو وڃي. هاڻي چاچڙ صاحب کي ڪيڏانهن ڪن، اٽي جي ٻوري تـ هو ڪو نـ، جو کڻي پري اڇلينس ها. چاچڙ صاحب کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ اسپيشل فارين ٽريننگ جو بندوبست ڪيو ويو. هن کي 6 مهينن لاءِ جاپان موڪلي، پويان پراجيڪٽ پاس ڪري ڇڏيائون. واپسيءَ تي ڊي سي آفيس وارن چاچڙ صاحب کي چيو تـ توهان پلاننگ ڊويزن وڃي رپورٽ ڪيو. ائين چاچڙ صاحب پنهنجي اصل ڊپارٽمينٽ اچي پهتو، پر اصولن تي سودي بازي نـ ڪيائين.
مون کي ساڻس ڪجهـ وقت جي لاءِ سندس گهر ۾ گڏ رهڻ جو موقعو مليو. چاچڙ صاحب دلبر ماڻهو آهي. ڪڻڪ رنگو، قد بت ۾ پورو پنو، نـ اجايو ڊگهو نـ وري ڇوٽو، اکيون سنهيون ۽ ڪاريون، پيٽ جو دارو مدار کاڌي تي ڪڏهن لذيذ کاڌو مليو وڃي تـ ٻـ انچ اڳتي نـ تـ پوئتي، سگريٽ مٺ تي، سڄو ڏينهن پيو کلندو، ڪاوڙ ڪوهين ڏور، هر خرچ پکي ۾ آمريڪن سسٽم جو قائل. جيڪڏهن ٻيو ڪو دوست گڏ هوندو تـ خرچ ڪرڻ ۾ انجو هٿ نـ روڪبو. گهر ۾ ڪجهـ اصول جنهن تي پابندي سان عمل ڪبو.
علي مراد چاچڙ صاحب جي گهر ۾ اسان ڏهـ کان ٻارنهن ماڻهو گڏ رهندا هئاسين. شرط اهو هوندو هو تـ گهر ۾ رهائبا سڀ سنڌي، ڌاريو ماڻهو مسواڙ تي ناهي رکڻو، پوءِ کڻي ڪيتري گهڻي مسواڙ ڇو نـ ملي. ان کان سواِءِ مهمان واڌو ۾ هوندا هئا. مسواڙين جون بـ ٽي ڪيٽيگريز هونديون هيون، هڪڙا اهڙا ڇوڪرا هوندا هئا جيڪي مختلف منسٽرين ۾ نوڪري ڪندا هئا، مسواڙ تي چاچڙ صاحب جي گهر ۾ رهندا هئا. هڪڙو ڇوڪرن جو گروپ اهڙو هوندو هو، جن کي چاچڙ صاحب ڳوٺان وٺي آيو ۽ هتي اسلام اباد ۾ کين نوڪريون وٺي ڏنيون هئائين، انهن تي مسواڙ معاف هوندي هئي. اهي چاچڙ صاحب جي خدمت چاڪري ڪندا هئا، باقي کاڌي پيتي جو خرچو هڪ جيترو ڏيندا هئا. آخر ۾ رهيس آئون، مون کان ڪرايو نـ وٺندو هو، پر گهر ۾ کاڌي پيتي جو خرچو ڏيڻو پوندو هو. جڏهن تـ اهو اصول جي عين مطابق بـ هو.
علي مراد چاچڙ صاحب دلبر ماڻهو آهي ۽ اڃا تائين پنهنجي خاندان سان گڏ پنو عاقل ۾ رٽائر زندگي ڏاڍي خوشي سان گذاري رهيو آهي. هي ان وقت جي ڳالهـ آهي جڏهن اسين پرائي گهر ۾ سڀ ڇڙا رهندا هئاسين، پر مجال آهي ڪنهن پاڙي واري تي جو اسان تي اعتراض ڪري. اسان سان گڏ سکر جو هڪڙو نينگر رهندو هو، جنهن جو نالو هوندو هو شاهد ذات جو مهر هو. انهي کي منسٽري آف پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلا ۾ ميرٽ تي نوڪري ملي. چاچڙ صاحب جو رکرايل تـ ڪو نـ هو جو هن جون خدمتون ڪندو وتي، اڃا ڪو تازو ئي مئٽرڪ ڪري آيو هو. جيڪو ڇوڪرو هر روز ڪلين شيو ٿئي، جينز ۽ جوگر بـ پائي سو اسان کي ڪيئن لفٽ ڪرائي. هي ڇوڪرو چڱو خاصو اسان جي لاءِ مٿي جو سور ٿي پيو. هن ۾ ڪجهـ خوبيون بـ هونديون هيون، هڪ تـ چڱي خاصي مسواڙ ڏيندو هو، جيڪا چاچڙ صاحب وڃائڻ نـ ٿي چاهي ۽ ٻيو تـ هو سکر شهر جو هو. ڪمال درجي جو اخلاق هوندو هوس، پر شرارت هن جي رڳ رڳ ۾ شامل هوندي هئي. چاچڙ صاحب جڏهن ڪاوڙ ۾ اچي شاهد مهر کي گهر مان ڪڍڻ جو پڪو ارادو ڪندو هو تـ آئون شاهد جي وڪالت ڪندو هوس، وري جڏهن آئون هن تي ڪاوڙبو هوس ۽ چاچڙ صاحب کان مطالبو ڪندو هوس تـ هن کي گهر مان ڪڍ تـ چاچڙ صاحب کي مسواڙ جا پئسا ياد اچي ويندا هئا. ائين هو اسان جي عتاب کان بچندو رهيو. حقيقت ۾ چاچڙ صاحب جي اها وڏي خدمت هئي، هن ڏهن سنڌين کي مسواڙ تي ڪو نـ رهايو هو پر ڏهن سنڌي خاندانن کي روزگار سان لڳائي رکيو هو. انهي وقت اهي ڇوڪرا ننڍين نوڪرين ۾ هئا پر هينئر اهي سڀ سٺين نوڪرين ۾ آهن. اڪثر ڪري چاچڙ صاحب ڇوڪرن کي سبق پيو پڙهائيندو هو پر شاهد مهر جي شرارت جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڇوڪري جو سبق ڪچو ٿي پوندو هو. هڪ ڏينهن پاڙي مان ڪنهن هڪ همراهـ جي شڪايت اچي وئي. پاڙي وارن جو نياپو آيو تـ اڄ شام جو اسان توهان جي گهر اينداسين. واهـ واهـ انهي ڏينهن مون چاچڙ جا جلوا ڏٺا، صفا هو بهو اترادي وڏيرو ٿي پيو. بوسڪي جي قميص، هيٺ ٽوال جي اترادي گوڏ، مٿي تي سنڌي ٽوپي، گهر ۾ پراڻي بندوق پيل هئي، جنهن سان ڪڏهن اسان فائر ئي نـ ڪيو هو، انهي کي صاف ڪرڻ ۾ لڳي ويو. پاڙي وارا جيئن اسان جي گهر ۾ گهڙيا تـ هن جون اکيون ڳاڙهيون لال ٿي ويون ۽ هن جي هٿ ۾ بندوق ڏسي هنن جون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي. اسين هنن کي ويهارڻ ۾ پورا ۽ هو پوئتي هٽڻ ۾ پورا. ائين اسان مان جان ڇڏايائون جو وري اسان جي گهر جي پاسي مان ڪو نـ گذرندا هئا. مون کي حڪم ٿيو تـ اهو ڇوڪرو سڀاڻي گهر ۾ نـ هجي. ٻئي ڏينهن مون وڃي صاحب کي چيو تـ هي همراهـ هيتري مسواڙ ڏئي ٿو، تڏهن چيائين تـ “نـ نـ پوءِ نـ ڪڍينس” ائين چاچڙ صاحب جو فيصلو هڪ منٽ ۾ بدلجي ويو.
گهر ۾ هڪڙو سخت اصول اهو هوندو هو تـ خرچ گهٽ ڪرڻو آهي، جنهن مهيني ۾ خرچ گهڻو ٿي ويندو هو تـ منهنجي شامت اچي ويندي هئي. مون کي جيڪو ليڪچر ٻڌڻو پوندو هو انهي جو لب لباب هي هوندو هو تـ هي ڇورا سڀ ڇڙي جا ڇڙا آهن، تنهنجي (نظام لغاري) هڪڙي شادي، منهنجون(چاچڙ) آهن ٻـ گهرواريون، خرچا ڪيئن پورا ٿيندا. آئون سڀ سور پي ڇوڪرن کي منٿ ميڙ ڪندو هوس تـ خرچ گهٽ ڪريو. منهنجي پئي بيعزتي ٿيندي هئي، ڇوڪرا ويٺا کلندا هئا. چاچڙ صاحب جيئن آفيس مان ايندو هو تـ گهر جو دروازو زور سان بند ڪندو هو، جيئن آڙي پاڙي وارن کي خبر پوي تـ چاچڙ صاحب گهر اچي ويو آهي. مٿان ٿي ڦهڪو ڪري اچي بيڊ تي ڪري پوندو هو. ڇوڪرا ڊوڙي اچي ڪي زور ڏيندا هئا تـ ڪي پاڻي پياريندا هئا، جيئن ماريل ڪڪڙ کي ڦوهارو ڏبو آهي تيئن پندرهن منٽن ۾ چاچڙ صاحب تيار ٿي ويندو هو. سگريٽ جي طلب ٿيندي تـ شير محمد عرف شيرو چاچڙ اڳئي اڌڙ سگريٽ جو تيار ڪريو بيٺو هوندو هو.
منهنجي خيال ۾ تـ چاچڙ صاحب پوري نوڪري دوران سگريٽ ڪڏهن ڪڏهن عيد برات يا جمع چنڊاڻي ورتا هوندا، مڙئي پن پرڙي اڌڙ سڌڙ تي پيو ڪم هلندو هو. جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪنجوس پائي جي ترتيبوار ڪا تاريخ لکي وڃي تـ ميمڻن جو نمبر ڪافي هيٺ ايندو. ان زماني ۾ اسان جي گهر ۾ هفتـي ۾ ٻـ دفعا دال لاءِ ديڳڙي کڙڪندي هئي. باقي سڄو هفتو CDA جو پاڻي مفت ڀري ڀري پيا وجهندا هئاسين. شاهد مهر اسان تي هڪڙي چوڻي ٺاهي هئي “ تون بـ ڪنجوس مان بـ ڪنجوس اچ تـ پيئون وانڱڻن جو جوس. “ حقيقت ۾ ڏسجي تـ علي مراد چاچڙ صاحب پنهنجي جاءِ تي بلڪل صحيح هو. ان زماني ۾ منهنجي 17 گريڊ جي پگهار ٽوٽل 2100 روپيـا ٿي هئي. آئون جڏهن هر ٻئي مهيني ڳوٺ ويندو هوس تـ واپسي جو ڀاڙو ڪرايو منهنجو دوست پريم عرف K-2 ڏيندو هو تـڏهن آئون واپس آسلام آباد پهچندو هوس. اهڙي حالت ۾ چاچڙ صاحب جي حڪمت عملي ڪارگر ثابت ٿي. اسان ڪڏهن ڪڏهن حد جي MNA جي دعوت بـ ڪندا هئاسين، پر تاريخ اها مقرر ٿيندي هئي جنهن ڏينهن پاڙي مان مفت جو مال ملڻ جو آسرو هجي.
علي مراد چاچڙ صاحب سوشل بـ ڪافي هوندو هو . سندس گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪا ادبي گڏجاڻي يا سِگا جي ميٽينگ بـ ٿي ويندي هئي. هڪ دفعي سنڌي ادبي سنگت جي ميٽينگ ۾ ڪنهن سنڌي پوليس آفيسر ڪهاڻي پڙهي. انهي ڪهاڻي جو مرڪزي خيال هو تـ سنڌي ڌاڙيل آهن. انهي نڪتي تي مون ۽ ڊاڪٽر علي رند جيڪو ان وقت اسلام آباد جي ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهندو هو، انهي تي سخت تنقيد ڪئي. جيئن تـ ڪهاڻيڪار پوليس آفيسر هو، انهي کي اسان واري تنقيد نا گوارهـ لڳي ۽ همراهـ ڪاوڙجي پيو، چئي “هي ڪلهوڪا وات ڳاڙها ڇورا ٿا اسان تي تنقيدون ڪن ” ائين اها سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگ بد مزگي جو شڪار ٿي وئي. آخر ۾ هڪڙي مهمان نوازي جو ذڪر ڪري ڳالهـ کي ختم ٿا ڪريون. لاهور مان ٽن دوستن مون کي فون ڪيو تـ اسان جو اسلام آباد ۾ ڪم آهي، اسان رات تو وٽ رهنداسين. انهن ۾ جمال مصطفيٰ سيد جيڪو هن وقت سنڌ ۾ سيڪريٽري آهي، غلام نبي ميمڻ، جنهن جي هينئر لنڊن ۾ پوسٽنگ آهي ۽ جاويد عمراڻي فارين افيئر گروپ وارو شامل هئا، جاويد هينئر ڪٿي سفير هوندو. هي دوست اڃا ان زماني ۾ والٽن اڪيڊمي ۾ پڙهندا هئا. مون وٽ پنهنجو گهر ڪو نـ هوندو هو،آئون چاچڙ صاحب جي گهر ۾ ان سان گڏ رهندو هوس. گهر جو اصول سخت تـ خرچو وڌائڻو ڪونهي. رات جو اسان هنن لاءِ ماني تيار ڪرائي مهمان ڪافي دير سان آيا ۽ ماني ڪٿان ٻاهران کائي آيا. صبح جو ناشتي تي اها ئي ماني گرم ڪري اسان هنن کي کارائي ڇڏي. منجهند جو چاچڙ صاحب آرڊر ڪيو تـ مهمانن لاءِ چانور ٺاهيو. شيرو چاچڙ چانور ڏاڍا سٺا ٺاهيندو هو. چانور تـ ٺهي ويا هاڻي چانورن سان گڏ ٻيو ڇا هئڻ گهرجي، مون چيو تـ ڏهي ٿا گهرايون پئسا آئون ٿو ڏيان ڇو جو مهمان منهنجا هئا. چاچڙ صاحب چئي ڪجهـ بـ گهرائڻو نـ آهي، اها ڳالهـ مهمانن بـ محسوس ڪئي پر ڪُڇي ڪو نـ سگهيا. اسان مهمانن کي رکو ڀت کارائي ڇڏيو. ماشاالله چاچڙ صاحب مون کان گهڻو وقت اڳ رٽائر ڪيو آهي ۽ باقي زندگي جا ڏينهن پني عاقل ۾ گذاري پيو. هي رڳو هجت ۾ گستاخي ڪري آئون سندس شان ۾ ڪجهـ اکر لکي ويٺو آهيان. بهر حال چاچڙ صاحب جهڙا عظيم ماڻهو مون ڪٿي بـ ڪو نـ ڏٺا. آخر ۾ جڏهن ڪراچي بدلي پئي ٿيو تـ اهو ساڳيو گهر مون کي ڏيئي ويو. هر ماڻهو ڪجهـ نـ ڪجهـ ڏوڪڙ وٺي پوءِ سرڪاري گهر ڇڏيندو آهي، پر چاچڙ صاحب مون کان ٽڪو بـ ڪو نـ ورتو. آئون سندس احسان لاهي تـ نـ ٿو سگهان پر ڳائيندس ضرور پيو.