مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

دوستن مون کي ڪيئن ڏٺو

دوستن مون کي ڪيئن ڏٺو

هي “نظام” خراب آ
ظالم هي ”نظام “آ
هن “نظام” تي لعنت
دوستو اچو تـ سڀ گڏجي هن ظالم” نظام“ جي پاڙ پٽيون !

هي 1994 جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا. جڏهن اسان جو محبوب يار ڊاڪٽر علي محمد کٽي قلندرانـ موج ۾ اچي اهي نعرا هڻندو هو تـ آئون پريشان ٿي ويندو هوس تـ هي چوي ڇا ٿو. ؟ پوءِ ڊاڪٽر عبدالله سومري وضاحت ڪئي تـ پنهنجي ڪمپني ۾ هڪ نئون دوست نظام الدين لغاري شامل ٿيو آهي ۽ ڊاڪٽر علي انهي لاءِ پيو نعرا هڻي. پوءِ ڊاڪٽر عبدالله سومري نظام صاحب لاءِ تعريفن جا پهاڙ کڙا ڪري ڇڏيا، تـ مون کي بـ هُن سان ملڻ جو شوق جاڳيو. اهو 25 فيبروري 1995ع شب قدر جو ڀلارو ڏينهن هو. جڏهن ڊاڪٽر عبدالله جي گهر بدين ۾ نظام لغاري صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي. سائين جن ان وقت پيپلز پروگرام ضلع بدين جا Project Director هئا.
ڪارا ڀنڀا گهنڊيدار وار، وڏيون اکيون ۽ ڀريل ڳِٽا، خوش گُفتار سندس سٺي پرسنلٽي تي ٺهڪي پئي آيا. ضلعي جو وڏو آفيسر، نئين پوٺهار سرڪاري جيپ، اسان بيروزگار ۽ پيادل ڊاڪٽرن کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. ان ڏينهن اسان نظام صاحب سان سندس جيپ ۾ ڊاڪٽر محمد شريف چانديو جي افطار ڊنر ۾ غلام شاهـ موري ويا هئاسين ۽ رات جو 11 وڳي واپس بدين پهچڻ تائين“ سائين” مان “توهان” توهان مان “تون” ۽ ”تون“ مان “ تون هي تون ٿي وئي. ” تـ ڄڻ تـ جُڳن جُڳن جو واسطو هو. پوءِ تـ هر ويڪ اينڊ بدين ۾ گڏ گذرندو رهيو.
ڊاڪٽر علي کٽي جو قول آهي تـ، ”گار يار جي سار (يادگيري) آهي ۽ گارين کان سواءِ ڪهڙي دوستي. “ سو هاڻي نظام لغاري صاحب بـ سڌو سنئون ان جي لپيٽ ۾ اچي چڪو هو. پوءِ تـ ڊاڪٽر علي کٽي جا برسٽ ۽ نظام صاحب جا اُڀ ڏاريندڙ مشهور ٽهڪ، محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا هئا. آئون (ڊاڪٽر نواز ڀوت)، ڊاڪٽر عبدالله سومرو، حاجي ولي محمد عمراڻي يا ٻيا دوست نظام صاحب کي اخلاقن ادب ۽ احترام جي نگاهـ سان ڏسندا هئاسين، پر ڊاڪٽر علي سڀني جي ڪوٽا پوري ڪري ڇڏيندو هو. پر مجال آهي جو نظام لغاري صاحب جي چهري ۾ ڪو گهنج پيو هجي يا ڪو جوابي حملو ڪيو هجي. ها البت جڏهن بُل ملندو هوس تـ ڊاڪٽر علي جي جوڙ جا سالم ٻاڪڙ يا k-2 لوهاڻو جهڙا همراهـ هٿ ڪري ڊاڪٽر علي جي ٺيڪ ٺاڪ ڇنڇري لهرائيندو هو.
نظام لغاري صاحب پنهنجي نيچر ۾ با اخلاق، ايماندار، سنجيدهـ ۽ پڙهيل لکيل ۽ اهل علم انسان آهي. معاشيات ۾ تـ منهنجو استاد آهي. هن کي پنهنجي ڳالهـ سامهون واري کي سٺي انداز ۾ سمجهائڻ ۾ وڏو ڏانءُ هڪ ماهر استاد وانگر آهي. طبيعتن نظام صاحب هڪ سادو ۽ سٻاجهڙو انسان آهي. هُن ۾ روائتي ٽاپ ڪلاس جي ڪامورن وارو غرور ۽ تڪبر ڪونهي. فرينڪ نيس (هردل عزيز) لاءِ سنڌي ۾ خبر ناهي تـ ڪهڙو لفظ آهي پر لغاري صاحب جي فرينڪ نيس جي حد اها آهي جو اسان دوست سندس دعوت تي گلاب لغاري وياسين تـ چيائين تـ دعوت منهنجي آهي پر اوهان جي “خدمت چاڪري” منهنجا دوست محمد ايوب لغاري ۽ k-2 لوهاڻو ڪندا.
بدين ۾ نوڪري دوران نظام صاحب سان اسان جون يادگار ڪچهريون رهيون ۽ ڏاڍو ڀلو وقت گذريو. پوءِ اهي منهنجي (ڊاڪٽر نواز ڀوت) ڳوٺ ڪلوئي ۾ هجن، کورواهـ ۾ ڊاڪٽر عليم پنهور وٽ هجن، مٺي ۽ ڏيپلي ۾ هجن، حاجي ولي محمد عمراڻي جي اوطاق تي هجن يا ڊاڪٽر عبدالله سومري جي گهر بدين ۾ هجن، جيڪو اسان جو هيڊ ڪوارٽر ڊڪليئر ٿيل هوندو هو.
اسان جي ڪمپني رولاڪ هوندي هئي، هر هفتي ڪٿي نـ ڪٿي وڃي ٺڪاءٌ ڪندا هئاسين. مرڻو، پرڻون هجي، ميلو ملاکڙو هجي يا ٽوئر هجي، نظام صاحب آفيس ٽائيم کان پوءِ پنهنجي سرڪاري جيپ سميت اسان پيارن جي حوالي هوندو هو. انهي شرط تي تـ سرڪاري پيٽرول جو ڦڙو بـ استعمال ڪرڻ نـ ڏيندو هو. چوندو هو تـ الله ۽ سرڪار مون کي معاف ڪري جو سرڪاري گاڏي مون ڊرائيور سميت اوهان دوستن جي حوالي آهي، باقي پيٽرول تـ پاڻ ڀرايو نڀاڳا.
نظام صاحب جو ٻيو شرط اهو هوندو هو تـ گاڏي جي اندر سگريٽ نـ ڇڪيو جو مون کي انهي مان الرجي ٿيندي آهي. اسان انهي جو بـ ناجائز فائدو ائين وٺندا هئاسين جو سفر ۾ جتي بـ ڪا واهـ يا واٽر ڪورس جي موري ڏسندا هئاسين تـ گاڏي روڪرائي لهي موري يا پُل تي ويهي مزي سان سگريٽ ڇڪيندا هئاسين. پوءِ يڪو ڪلاڪ اُتي ڇٽو. بدين ضلع جي روڊن جي شايد ئي ڪا موري يا پُل هجي جتي اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي وڏا وڏا ٽهڪ نـ ڏنا هجن. هر ڪچهري جو مور ڊاڪٽر علي کٽي هوندو هو. انهن ڪچهرين جو حال احوال گهٽ ۾ گهٽ آئون لکڻ کان قاصر آهيان البتـ ڊاڪٽر علي اها همت ڪري سگهي ٿو. (ڊاڪٽر علي گاريون ڏيندو آهي ۽ 12 بور واري انگريزي ڳالهائيندو آهي، ها البت دوائن جا نالا انگريزي ۾ لکيو وڃي . باقي هو لکڻ پڙهڻ کان قاصر آهي. مصنف) منهنجو (نواز ڀوت) شهر ڪلوئي نظام صاحب کي ڏاڍو وڻندو آهي. جيڪو عمر ڪوٽ شهر وانگر ڀٽن جي هنج ۾ آهي. جڏهن بـ ايندا هئا تـ رات جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿڌي واري تي ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين.
نظام الدين لغاري صاحب جهڙو ايماندار (Honest) محنتي ۽ پنهنجي ڊيوٽي سان سچو (Committed) آفيسر شايد ئي ڪو هجي. پيپلز پروگرام جي بجيٽ ڪروڙن جي هوندي هئي. نظام صاحب ان جو Project Director هوندو هو. ضلع جي آفيسرن، انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن کي اهڙو تـ اچي سوڙهو ڪيائين جو هو اسان وٽ اچي دانهون ڪندا هئا تـ هي ڪهڙو آفيسر آهي جو “دنياداري” نٿو ڪري ؟ مون کي ياد آهي تـ هڪ ڀيري ڊاڪٽر عبدالله سومري جي گهر بدين ۾ ضلعي جا ٻـ وڏا ٺيڪيدار پئسن جو ٿيلهيون ڀري کڻي آيا تـ صاحب کي راضي ڪري ڏيو. مون ۽ ڊاڪٽر عبدالله، نظام صاحب کي پورو اڌ ڪلاڪ ڪمري ۾ بند ڪري وڏا ليڪچر ڏيئي راضي ڪري ٺيڪيدارن کي اندر موڪليو پر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ همراهـ ٿيلهيون ۽ منهن لٽڪائي ٻاهر آيا ۽ اچي چيائون تـ يار هي ٻروچ تـ الائي ڪهڙي مٽي مان ٺهيل آهي جو اصل نـ ٿو مڃي.
پهرين جنوري 1997ع تي جڏهن نظام صاحب بدين مان اسان کي ڏکارو ڪري واپس اسلام آباد هليو ويو تـ اسان جي ڪمپني ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو، پر خوشي انهي ڳالهـ جي ٿي تـ اسلام آباد ۾ اسان جو هڪ گهر ٺهي ويو. گذريل 20 سالن دوران الله پاڪ هن کي ڪافي ترقي ڏني آهي ۽ 20 گريڊ جي چند هوشيار ۽ محنتي سنڌي آفيسرن ۾ شمار ٿئي ٿو. پر ان جي باوجود سندس روين ۾ دوستن لاءِ ڪڏهن بـ تبديلي نـ آئي آهي. اسان لاءِ هو اڄ بـ 1995ع وارو نظام لغاري آهي. سنگت جو اسلام آباد ۾ ڪو بـ ڪم ڦاسي ٿو رڳو نظام صاحب کي فون ڪريو، پوءِ اهو ڪم نظام جو ڄڻ ذاتي ڪم ٿي پوندو آهي.
منهنجو سرڪاري ڪم ڪار سان اڪثر اسلام آباد وڃڻ ٿيندو آهي. نظام صاحب کي بس فون ڪرڻ جي دير هوندي آهي. ايئر پورٽ تان کڻڻ کان ڇڏڻ تائين، نظام صاحب گڏ هوندو آهي. ائين چوڻ مناسب رهندو تـ نظام صاحب اسلام آبادي هئڻ جي باوجود اڄ بـ مڪمل ڳوٺائي آهي. آخر ۾ صرف ايترو چوندس تـ ڊاڪٽر علي جي ملڪ جو نظام کڻي ڪيترو بـ خراب هجي، پر اسان جو “نظام” ڏاڍو ڀلو آهي. الله پاڪ کيس سٺي صحت ۽ عمر دراز عطا فرمائي.

ڊاڪٽر علي نواز ڀوت، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 1 بدين

ڪي محبتون ملاقات جون محتاج ناهن هونديون بلڪل ائين ڪي ماڻهو بغير ملڻ جي ويجهائي هوندا آهن ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ جديد سهولتن ذريعي ماڻهو سڄي دنيا سان رابطي ۾ رهي ٿو . سوشل ميڊيا معرفت مونکي تمام بهترين ۽ رهنمائي ڪندڙ مخلص دوست مليا، انهن ۾ محبوبا جي آنچل جهڙو فقير منش انسان مانوارو قابل احترام منهنجو سائين نظام الدين لغاري بـ هڪ آهي. هن جو مزاج سانوڻ جي وسڪاري جهڙو آهي، هن ۾ بناوٽ ۽ ڪوڙي سجاوٽ جهڙا لاڙا ناهن، هو ڪُوڙي واه واه ڪرڻ وارن مان نـ آهي، هو جيڪو مينهن جي مند جهڙو آهي، هو ته محنت ۽ محبت جو اهڙو قدردان آهي، جنهن جي ڪشادي دل ۾ مون جهڙي بيڪار بي ترتيب نوجوان لاء محبتون آهن.
جنهن سان ڳالهائيندي اهو احساس ناهي ٿيندو ته اسان هڪٻئي کان سوين ڪلوميٽر پري آهيون ۽ اسان جي پاڻ ۾ ملاقات صرف فيس بڪ جي ننڍڙي اسڪرين تي آهي. هو پنهنجي سڀاء ۾ ائين آهي جيئن سنڌو جو پاڪ پاڻي. توڙي جو هن وقت قابل احترام مانواري سائين نظام لغاري تي لکندي مان لفظن جي اجائي جادوگريء واري موڊ ۾ ناهيان. پر اهو سچ آهي ته سندس عمر ۽ منهنجي وهيء ۾ وڏو فرق آهي، اهو چوندي ڪابه هٻڪ نه پئي ٿئي ته زندگيء جي ڏکويل گهڙين ۾ حوصلو ڏيندڙ، منهنجون اڻوڻندڙ ڳالهيون ٻڌندڙ، مون ۾ موجود انيڪ غلطين جي نشاندهي ڪندڙ، وڏي ڀاءُ جيان پيار ڪندڙ، محبتي ۽ اهڙو فراخ دل انسان جيڪو هر بهتر قدم جي دل کولي آجيان ڪرڻ سان گڏو گڏ اسان جهڙن سيکڙاٽن جي انيڪ غلطين جي وڏي ڀاءُ ۽ بهترين استاد وانگر تعميري تنقيد ڪري، اسان کي ڪجهـ بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر وقت همٿائيندو رهي ٿو.
آئون سندس دل جي اٿاهـ گهراين سان عزت ڪريان ٿو. هن سان منهنجو رشتو محبت ۽ عقيدت وارو آهي، هو مون جهڙي نالائق سان بـ پيار ڪري ٿو. ان محبت جو نهايت ٿورائتو آهيان. آخر ۾ اهائي دعا آهي تـ محبت، عقيدت ۽ اصلاح وارو اهو رشتو هميشـ قائم رهي،دعاگو.

آزاد انور مهر، چڪ. ضلع شڪارپور.

هونئن تـ هر ماڻهو ۾ مهڪي پئي مڻيا
پر جي سنڌ ڄڻيا تن جو مٽ ڪينڪي.
زندگي ڏاڍي پياري هوندي آهي. پر اها پياري پيارن ماڻهن سان ٿيندي آهي. اسان جي زندگي نٽهڻ اُس بڻجي پوي ها جيڪر اهي نم جي ٿڌي ڇانو جهڙا ماڻهو نـ هجن ها. هن ڌرتي جي گولي تي ڪيئي املهـ انسان پيدا ٿيا آهن. انهن موتي داڻن ۾ هڪ موتي منهنجو ماما سائين نظام الدين لغاري بـ آهي. منهنجي ماما جو جنم لاڙ جي ڪلراٺي ڀون اگهم ڪوٽ جي ڀڪ ڀرسان ڳوٺ گلاب لغاري ۾ ٿيو. منهنجي ماما جو ننڍ پڻ غربت ۽ مفلسي ۾ گذريو، ڇو تـ منهنجو ماما ننڍ پڻ ۾ ئي يتيم بنجي چڪو هو. انهي ڪري هن پنهنجو ٻالڪپڻ مختلف پورهيا ۽ محنت ڪندي گذاريو. عملي زندگي جي شروعات استاد جي شعبي کان ڪئي. پوءِ محنت ڪندي وڃي 20 گريڊ تائين پهتو. ماما پنهنجي زندگي جا خوبصورت لمحا اسلام آباد جي مارگلا جي پهاڙين تي پنڌ ڪندي گذاريا. جيتوڻيڪ ماما ادبي ميدان ۾ ايڏو وڏو ليکڪ تـ نـاهي پر ادبي محفلن ۾ ان جو اٿڻ ويهڻ ضرور رهيو آهي. ماما جا ڪالم وقت بوقت انگريزي توڙي سنڌي پريس ۾ ڇپجندا رهيا آهن، جيڪي گهڻو ڪري ملڪ جي اقتصاديات تي لکيل هوندا آهن. جيئن تـ منهنجي ماما جو ادبي دنيا سان لڳ لاڳاپو آهي، انهي ڪري اڄ جڏهن مان پنهنجي گهر جي چوطرف نظر ڊوڙائيندي آهيان تـ مون کي خوبصورت ڪتاب ئي ڪتاب نظر ايندا آهن. اسان ٻارن ۾ جيڪي ڪتابن پڙهڻ جو اتساهـ جاڳيو، انهي ۾ هن جو اهم ڪردار رهيو. ماما هميشه ڪو نـ ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو رهندو آهي، پوءِ ان تي اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪندا هئاسين. اسان ماما جي چهري تي ڪڏهن بـ ڪاوڙ جا آثار نـ ڏٺا. هميشه سنڌو جي گجگوڙ جهڙا ٽهڪ ٻڌبا آهن. آخر ۾ هنن لفظن سان پنهنجي پياري ماما سائين کي هي ڀيٽا ڏيندس.
ماڻهو سڀ نـ سهڻا، پکي سڀ نـ هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهـ، اچي بوءِ بهار جي.

شازيا لغاري، اسلام آباد

ڪنهن بـ شخصيت جو ظاهري ڏيک ايترو اهم نـ آهي، جيترو سندس باطن ۽ روح جي بلندي يا پستي اهميت رکي ٿي. زندگيءَ ۾ سوين ماڻهو سالن تائين ساڻ رهندي بـ دلين ۽ خيالن ۾ ايتري جڳهـ ٺاهي ناهن سگهندا. جيتري جاءِ ڪنهن ٿوري وقت لاءِ مليل فرد پنهنجي بهتر سوچ ۽ ڪردار سبب ٺاهي سگهندا آهن.
نظام الدين لغاري صاحب جي اصليت سندس روحاني رشتا آهن. سنڌ، سنڌيت، ٻولي، سماج، ادب، تاريخ، موسيقي،سفر، سنگت ۽ ملڪ جي مٽي سان سندس خاص نينهن جو ناتو آهي. سندس اندر تعليم جو واڌارو ۽ ترقي سندس خواهش ۽ خواب آهي. سڄي ملڪ جي صوفين ۽ سنتن سان سندس محبت ان ڳالهـ جو ثبوت آهي تـ لغاري صاحب جن سخت مزاج هجڻ بدران کليل دل ۽ دماغ رکڻ وارا ۽ لبرل سوچ رکندڙ فرد آهن، هجڻ بـ گهرجي. ماڻهو جڏهن علم ۽ سوچ جي ڪنهن اوچائي تي پهچندو آهي تـ هو دل جو صوفي ۽ وضع قطع ۾ فقير منش بنجي ويندو آهي. جيڪڏهن لغاري صاحب ان رتبي تي پهچي ويو تـ اها ڳالهـ شادماني جي آهي. دعا آهي تـ سائين نظام الدين لغاري صاحب جن سدا شاد ۽ آباد هجن.

انور عزيز چانڊيو
ڊپٽي ڊائريڪٽر (پبلڪ رليشنس)
واپڊا هائوس، لاهور

اڳ ڄاڻ سڃاڻ، دوستي ياري، پيار محبت جا ڪي خاص مخصوص ذريعيٰ يا سبب هوندا هئا. ڪنهن بس جي سيٽ تي، ڪنهن اسڪول جي بينچ تـي گڏ ويهڻ وغيرهـ وغيرهـ، ڪجهـ اهڙيون حقيقتون هونديون هيون، جيڪي دوستي کان ٿينديون ڀائپي تائين وڃي پهچنديون هيون. ان جي مقابلي ۾ اڄ اِنفَارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد دور ۾ انهن رواجي طور طريقن جي ماهيت ۽ اهميت ڪي قدر گهٽجي ويئي آهي. ڇو جو حضرت انسان هڪ اهڙي دور ۾ رهي ٿو، جتي دنيا سُڪڙجي هڪ ڳوٺ بنجي ويئي آهي. هن وقت هڪ اندازي مطابق دنيا ۾ ساڍا 4 ارب انسان فيس بڪ جو استعمال ڪن ٿا، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تـ اهي هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهن ٿا. تنهنڪري هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندي منهنجي ملاقات سائين نظام الدين لغاري سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي دوستي کان ٿيندي ڀائپي تائين پهتي آهي. اهو صحيح آهي تـ اسان جو پاڻ ۾ مُکا ميلو نـ ٿيو آهي. پر سائين سان جڏهن بـ فيس بڪ يا فون تي ملاقات ٿيندي آهي تـ سندس پهريون سوال ئي منهنجي مستقبل بابت هوندو آهي. سندس ٻوليءَ جي لاڙي لهجي مان هميشـ پنهنجائپ جي خوشبو ايندي آهي، جو ان وقت اهو احساس نـ ٿيندو آهي تـ ڪنهن اجنبي انسان سان ڳالهـ پئي ٿئي. اڪثر مون سان ڳالهائڻ وقت سندس موضوع پڙهائي ۽ اخلاقيات ئي هوندو آهي. سندس فيس بڪ جي لکڻين مان معلوم ٿئي ٿو تـ پاڻ صوفي طبيعت ۽ لبرل قسم جا خيالات رکن ٿا. زندگي هڪ هنڌ بيهڻ جو نالو نـ آهي، انهي ۾ ڪڏهن سرديون تـ ڪڏهن گرميون اينديون ئي رهن ٿيون. مطلب تـ زندگي مسلسل جدوجهد جو ٻيو نالو آهي. منهنجو محسن ڀاءُ نظام الدين لغاري مون کي هميشـ اهڙي رستي تي هلڻ جي هدايت ڪندو رهي ٿو. منهنجو ڪنڌ سندن اڳيان احترامن جهڪيو ئي رهي ٿو. دعا آهي تـ اهو عزت ۽ احترام جو روحاني رشتو سدائين دائم ۽ قائم رهي.

فراز علي شيخ، حيدر آباد

مون سائين نظام الدين لغاري کي فيس بڪ تي هڪ سٺي دوست، هڪ مهربان استاد ۽ وڏي ڀاءَ وانگر ڏٺو آهي. نظام صاحب زندگي جي هر ڏکئي موڙ تي فيس بڪ جي ذريعي منهنجي رهنمائي ڪندو رهي ٿو. مون جڏهن بـ فيس بڪ تي مايوسي جون ڳالهيون ڪيون تـ لغاري صاحب منهنجو حوصلو وڌائيندو ئي رهيو آهي. هڪ مهربان دوست جي حيثيت ۾ سائين سدائين نصيحتون ئي ڪندو رهي ٿو، جنهن ۾ خلوص ۽ نيڪ نيتي شامل هوندي آهي. انهي سان مون پنهنجي شخصيت ۾ واضح سڌارا محسوس ڪيا آهن. سائين لغاري صاحب جي تعميري تنقيد پڻ منهنجي لاءِ مستقبل ۾ روشن راهون کولي سگهي ٿي. دعا آهي سائين لغاري صاحب سدائين خوش ۽ آباد هجي ۽ سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهي.

علي قريشي، بوبڪ

ڪن پڙهيو گيتا ڪن پڙهيو قرآن
پوءِ بـ اهي اڻ ڄاڻ انسانيت جي “الف” کان.
سائين نظام الدين لغاري صاحب!. توهان جو حڪم ٿيو تـ مان توهان تي ڪجهـ لکان. مون کي سمجهـ ۾ نـ ٿو اچي تـ اوهان صاحبن تي ڇا لکان، هڪ قلم هڪ ننڍڙو K-2 ڇا لکي ڇا لکان. توهان جهڙي عظيم ۽ انسانيت جي پيغمبر تي لکڻ لاءِ مون وٽ ڪجهـ بـ ڪونهي. اوهان جهڙن ماڻهن تي لکڻ لاءِ الله سائين هڪ صدي ڄمار ڏي تـ بـ لکي پورو نـ پوان. اهڙي ڪل جڳ ۽ نفسا نفسي جي دور ۾ جتي پيءَ پٽ جو ناهي ۽ پٽ پيءَ جو ناهي صرف زندگي گذارڻي آهي، ان ۾ اوهان جهڙا عظيم انسان انسانيت جي لاءِ سوچين ٿا. انهن جي دوستي جي ڌاڳي ۾ پوئجي پنهنجي پاڻ کي ڀاڳوند ڀانيان ٿو.
مون کي فخر آهي توهان جهڙي دوست تي، جيڪو منهنجي لاءِ ۽ منهنجي خاندان جي لاءِ سوچي ٿو. اوهان منهنجي امڙ تي ڪالم لکي اهو ثابت ڪيو تـ دنيا ۾ اسان جي لاءِ بـ ڪو سوچي ٿو. توهان واقعي بـ سنڌو درياهـ وانگر وڏي دل رکندڙ انسان آهيو. اهو بـ پوري هند، سنڌ، پنجاب، ڪابل جو پاڻي پيٽ ۾ سمائي سڄي ڌرتي کي بغير ڪنهن نسل ۽ مذهبي فرق جي سرسبز ڪندو اچي ٿو. انهي وانگر اوهان بـ مذهبن جي ڀيد ڀاءَ کان پري رهي انسانيت جو پيغام ڏيو ٿا. آئون خدا جوقسم کڻي چوان ٿو تـ جيڪو سج هن ڌرتي تي اُڀري لهي ٿو توهان جهڙن عظيم انسانن جي ڪري، جيڪا ڪاري ٻڪري اڇو کير ڏي ٿي اهو بـ اوهان جهڙن انسانن جي ڪري ئي ممڪن آهي. مون وٽ اهڙا لفظ ڪو نـ آهن جو توهان جي شان ۾ لکي سگهان. سنڌي منهنجي ڪچي آهي جيڪڏهن سمجهـ ۾ نـ اچي تـ ننڊو ڀاءُ سمجهي معاف ڪندا.

پريم چند عرف K-2 لوهاڻو، گلاب لغاري ۽ راجستان

مون کي خبر نـ ٿي پوي تـ هن پنهنجي وڏي ڀاءُ، محسن دوست، همدرد انسان، سائين نظام الدين لغاري تي ڇا لکان. جنهن جو پهريون سوال ئي هوندو آهي تـ “توهان جي پڙهائي جو ڇا ٿيو”. اهي لفظ ٻڌي مان پهرين گهٻرائجي ويو هوس، تـ هي ڪير ماڻهو آهي، جيڪو مون کان ذاتي سوال ٿو ڪري. مون جڏهن فيس بڪ جي دوستن تي هڪ سرسري نگاهـ (Bird view) وڌي تـ، ڪو بـ اهڙو دوست ڪو نـ هو، جنهن مون کان ڪڏهن اهڙو سوال ڪيو هجي. پوءِ دل ئي دل ۾ خوشي ٿيندي آهي، تـ ڪو اڻ ڏٺل انسان آهي، جو ڪٿي پري ويهي، منهنجي مستقبل بابت سوچي ٿو. سندس چيل هڪ جملو شايد ئي مان وساري سگهان،جنهن ۾ هن چيو هو تـ “آئون توهان کان وڌيڪ توهان جي مستقبل ۾ دلچسپي رکان ٿو. ” دعا آهي تـ منهنجو محسن سدائين، روشن اميدن جي پرورش ڪندو رهي ۽ نوجوانن ۾ زندگي جو اتساهـ ڀريندو رهي، آمين.

گُل فراز عرف ابَل ميمڻ، نوشهروفيروز

ڪي ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن جو ملڻ جلڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ سڀاءُ انسان کي سدائين لاءِ سندس مداح بنائي ڇڏيندو آهي. جڏهن اهڙا ناتا ۽ رشتا هڪ دفعو جڙندا آهن تـ انهن جو ڇڄڻ ناممڪن ئي هوندو آهي. آئون فطري طور خاموش طبعيت ماڻهو رهيو آهيان. هرو ڀرو نڪو ڪنهن سان گهرو گهاٽو ٿيڻ ۽ نـ وري ئي دوستي جي دائري وڌائڻ جو ڪو شوق رهيو اٿم. عملي زندگي ۾ اهڙا ماڻهو بـ صفا ٿورا آيا آهن، جن سان دل لڳي هجي ۽ وري وسري سگهيا هجن. گلاب لغاري ۽ ان جي ڀرپاسي جن ماڻهن سان نينهن جا ناتا جڙيا انهن ۾ شامل هئا شيرل لغاري، جيڪو جواني ۾ ئي جدائي جا داغ ڏيئي وڇڙي ويو، پر سندس ياد اڄ بـ اکين مان نيرن جا نار وهائي ڇڏيندي آهي. ٻيو نظام الدين لغاري ۽ نواز لغاري جن مان نظام الدين لغاري سان نياز مندي وارو رشتو، قومي سوچ ۽ ادب دوستي کان شروع ٿي ذاتي ۽ گهرو دوستي ۾ تبديل ٿي ويو. منهنجي وڏي نياڻي تهمينـ لغاري پنهنجي مڊل اسڪول جا ٽئي سال سائين نظام لغاري جي گهر ۾ رهي پڙهي. سائين منهنجي نياڻي کي بـ پنهنجن ٻچن وانگر ڀائيندو هو. انهي مان سائين جي علم دوستي ۽ پنهنجن دوستن سان خلوص جو پتو پوي ٿو. آئون اهو واضح ڪندو هلان تـ منهنجي سائين نظام سان ڪنهن بـ قسم جي مٽي مائٽي ڪانهي، پر منهنجي وڏي نياڻي تهمينـ شادي ٿيڻ تائين سائين جي گهر جو حصو رهي آهي. انهي وچ ۾ 1986ع ۾ سائين روزگار سانگي اسلام آباد هليو ويو. پر اسان جي پيار ۽ محبت ۾ ڪنهن بـ قسم جي ڪمي پيشي نـ آئي. سائين جن جو جڏهن بـ اسلام آباد مان ڳوٺ اچڻ ٿيندو هو تـ قومي ۽ ادبي ڪچهري جا دفتر کلي ويندا هئا. اڳتي هلي سائين جن جي زور ڀرڻ تي مون جڏهن روزانـ عوامي آواز ۽ تعمير سنڌ ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيو، جن ۾ ڪرپشن، تعليم ۾ ڪاپي جو ناسور، ڪارو ڪاري، سنڌ ۾ پاڻي جي اڻاٺ ۽ پوليس جي زيادتين جي خلاف آواز اٿارڻ شامل هئا سڀ کان پهريائين سائين ڪريم بخش مرحوم، شيرل مرحوم ۽ سائين نظام لغاري صاحب همٿائڻ ۾ سڀني کا اڳرا هئا. آئون انهي ۾ فخر محسوس ڪري رهيو آهيان تـ جيڪو ڪتاب هينئر توهان جي هٿن ۾ آهي، سائين مون کي انهي جو اهل سمجهي پهرين مون کي ڏنو تـ جيئن انهي جا پهريان پروف پڙهي سگهان. اميد ٿو ڪريان تـ اهو احترام جو رشتو ساهـ جي سڳي جي سلامتي تائين جاري ۽ ساري رهندو.

محمد اشرف لغاري، ڳوٺ شير محمد لغاري، لڳ
گلاب لغاري

ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهـ مڻيا
اها 5 مارچ 2017 جي سُرمئي شام هئي، شفق جي لالاڻ اڃا ايتري جهڪي نـ ٿي هئي، اسان راشد مورائي ادبي ڪانفرنس ۾ مھمانن جي آجيان ڪرڻ ۾ رڌل ھئاسين تـ فون جي گهنٽي وڳي. اڳيان ڪنهن ڄاتل سڃاتل آواز جو پڙلاءُ ڪنن تي پيو، جيڪو ڪانفرنس متعلق ئي ڏس پتو پڇي رهيو هو. جيڪو موري باءِ پاس جي ڪنهن ڪنڊ پاسي تي بيٺل هو.
مان(لطيف راشد) ۽ نجم سرھيو، جنهن سان سائين نظام الدين لغاري صاحب جي هڪ دفعو اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي چڪي هئي. اسان جڏهن مھمان کي وٺڻ لاء نڪتاسين، تـ نجم سوال ڪيو “تون مھمان کي ڏسندي تـ سڃاڻي ويندين؟ ڇو جو منھنجي نظر ۽ حافظو گھٽ آھي”. نجم جي اهڙي بيوقتائتي سوال مون کي ڪنهن اڻ ڄاتل شڪ ۽ پريشاني ۾ مبتلاءَ ڪري ڇڏيو. پر اسان جيئن ئي ٻڌايل ڏس تي پهتاسين تـ سامھون ئي سائين تي نظر پئجي ويئي. نجم سرهيو کي سائينءَ ڏانھن اشارو ڪندي گاڏي روڪڻ لاء چيم، سائين نظام الدين لغاري سامھون پنهنجي نوجوان دوست زبير احمد لغاري سان گڏ پنھنجي گاڏي وٽ اسان جي انتظار ۾ بيٺا ھئا . منهنجي جيئن ئي سائينءَ تي نظر پئي تـ اسان جي نظرن هڪ ٻئي کي سڃاڻي ورتو. ائين اسلام آباد کان پوءِ هي اسان جي ٻي ملاقات هئي تـ اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو.
راشد مورائي ادبي ڪانفرنس دوران سائينءِ سان موري جي ڪافي شاعرن ۽ اديبن جي ملاقات بـ ٿيندي رهي. جيڪي سڀ تقريبن سائين جي نالي کان واقف ھئا. ڇو جو منهنجو بابا سائين (راشد مورائي) سان جڏهن ڪنهن موري جي ادبي لڏي جي ڪچھريءَ ۾ وڃڻ ٿيندو هو تـ بابا سائين راشد، نظام الدين لغاري کي هر ڪچهري ۾ ياد ڪندو ئي رهندو هو،تنهنڪري موري جو ادبي لڏو کيس اڻسڌي طور سڃاڻندو ئي هو.
منھنجي سائين لغاري صاحب سان ھيءَ ٻي ملاقات ھئي، اسان جي پھرين ملاقات “لنڪن ڪارنر لاڙڪاڻي” طرفان اسلام آباد ٽريننگ جي دوران ٿي هئي. ان وقت بـ اسان سائين جي اسلام آباد واري گهر تي وڏي ۽ ڊگهي ڪچهري ڪئي هئي. جڏهن تـ سائين جي گفتگو جو محور منهنجو بابا سائين هو. ان کان سواءِ سائين سان ڪچھري دوران مون هُن جي دل ۾ سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ ۽ پنھنجي قوم لاءِ عشق ڇوليون ھڻندي محسوس ڪيو. جيڏو سائين پاڻ محبتي ماڻهو آهي اوترو ئي سندس اولاد بـ سلڇڻو اٿس. گھر کان سِگا اسلام آباد ھاسٽل تائين ايندي ھر رستي ۽ عمارت بابت ٻڌايندا رھيا. ھاسٽل انچارج سان ڪچھريء دوران سائين جو اسلام آباد ۾ رھندي سگا جي پليٽ فارم تان سنڌي موسيقيءَ، سنڌي ادب، سنڌي ماڻھن لاء ٿيل ڪم جو تفصيلي احوال مليو. ٿڪاوٽ ھجڻ ڪري جلدي آرام اچي ويو.
صبح جو تيار ٿيس ئي پئي تـ سائين پھچي ويو. مونکي ان ھوٽل تي پھچايائين جتي اسان جي ٽريننگ رکيل ھئي . ھفتو اتي ئي رھياسين پر تمام گھڻي ٽريننگ جي مصروفيات ڪري سائينءَ سان وري ملاقات نـ ٿي سگهي. باوجود ان جي پاڻ صبح شام فون ڪري حال حوال وٺندا رھيا. واپسيءَ تي جڏهن موري پهتس تـ سائينءَ راشد جو پھريون سوال اھو ھو تـ نظام الدين جا ڪھڙا حال آھن. ڇو جو سائين راشد جي ويجھن ساٿين مان سائين نظام الدين بـ ھڪ آھي. آئون ٿورن لفظن ۾ ائين چوندس تـ “جھڙو پرين پاڻ تھڙي سٽاءَ ساٿ جي”
سائين نظام الدين لغاري بـ جس لھڻن، جو بابا سائين جي وفات کان پوءِ بـ پنهنجي حال سارو “راشد مورائي يادگار ڪميٽي مورو” جي سار لھندا ٿا اچن. سائين جون بابا سائين سان ۽ اسان سان اھي محبتون ئي آھن جو اسان جي نماڻي سڏ تي “راشد مورائي ادبي ڪانفرنس” ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ اسلام آباد کان موري ڪهي آيا. منھنجون نيڪ تمنائون ۽ دعائون آھن تـ رب پاڪ سائين جن کي سٺي صحت سان گڏ خضري عمر عطا ڪري آمين. عمر دراز تيڏي الله نگھبان ھووئي

لطيف راشد، مورو سنڌ

”سڄڻ سٻاجهو گهڻو“
جي تون پارسي سکيو تـ گولو تون غلام
اُڃيو تان آب گهري بکيو تان طعام
عامن سندو عام، خاصن منجهان نـ ٿئي.“شاهـ”
دنيا ۾ ٻوليون اُهي ليکيون وينديون آهن، جيڪي گهڻو ڳالهايون، لکيون ۽ پڙهيون وڃن. هونئن بـ قوم فرد سان نـ پر فردن سان، انهن جي ٻوليءَ، ڪلچر ۽ جاگرافيائي اُهڃاڻن سان سُڃاتي ويندي آهي. ڪنهن بـ قوم جو فرد پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان پنهنجي ٻوليءَ، ڪلچر ۽ جاگرافيائي حدن جو محافظ هوندو آهي نـ رڳو اُهو پر جيڪو بـ جنهن بـ ڌرتيءَ تي جنم وٺي ٿو اُن تي اهُو قرض ۽ فرض ٿئي ٿو تـ هُو اُنهي لاءِ ڪجهـ نـ ڪجهـ ضرور ڪري، جيڪو هر صورت ۾ ڪنهن نـ ڪنهن حوالي سان اُن ڌرتيءَ ۽ قوم لئـ ڪارآمد ثابت ٿئي.
انسان خود کي ذاتين، پاڙن، رنگ، نسلن ۽ مذهبي مونجهارن ۾ منجهائي ڇڏيو آهي. اڄ جي دور ۾ سچ چوڻ، سچ ٻڌڻ، سچ لکڻ، سچ پڙهڻ ڪا ننڍي ڳالهـ ڪانهي پر. . . . . . پر. . . . . . اهو سچ آخر آهي ڇا؟ سچ اصلاح آهي، سچ تخليقي سگهاري قوت جو نانءُ آهي، سچ نئين سوچ، نون لاڙن، نون رجحانن کي جنمي ٿو. جنهن سان اُن قوم جو تعميري ادب سرججي ٿو. ڀلي کڻي ڪنهن جون بـ ساروڻيون، آتم ڪٿائون يا سوانح حيات لکيل هجن، اُهي ان وقت جي تاريخ جا ورق ليکيا ويندا آهن. ان ۾ بيان ڪيل واقعا توڙي جو ذاتي نوعيت جا ڇو نـ هجن پر اُهي ان دور جي سياسي، سماجي حالتن، شخصيتن، ادبي لاڙن، ريتن رسمن ۽ تبديلين جو مظهر هوندا آهن. اهڙوئي سچ جو سندرو ٻڌي قلم هٿ ۾ کڻي اسان جي ادبي دوست محترم نظام الدين لغاري صاحب بـ پنهنجي ساروڻين سميت سنڌي ادب ۾ پير پاتو آهي. پاڻ انتهائي شفيق ۽ پيار ڪندڙ انسان آهن، جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ، ادب سان چاهـ رکندڙ سائين راشد مورائيءَ ۽ سائين عبدالحڪيم ارشد صاحب جا ديوانا آهن. سائين راشد مورائيءَ تـ پنهنجا ڪتاب کيس وقت بوقت ڏياري موڪليندا هئا، پر هڪ دفعي لغاري صاحب فون ڪري سائين ارشد صاحب جو ڪتاب “ ڏيئا ڏات جا ” ڏياري موڪلڻ جو چيو. ڪجهـ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ لغاري صاحب کي فون ڪري چيم تـ ارشد صاحب جو ڪتاب نـ ٿو ملي، البتـ سائين راشد جي لائبرري ۾ هڪ ڪاپي ضرور آهي. اگر حڪم ڪيو تـ فوٽو ڪاپي ڪرائي موڪليان. پاڻ چيائين تـ ضرور، اُهي قرب ٿيندا. بعد ۾ ڪاپي ڪرائي اسلام آباد موڪليم ڳالهـ جو مقصد تـ ادب سان سائين جن جو پراڻو عشق آهي.
سائين نظام الدين لغاري سان منهنجي ڏيٺ ويٺ بـ سائين راشد مورائيءَ جي پويان ٿي. هڪ دفعي سائين راشد کي چيم تـ قبلا اوهان لغاري صاحب کي فون ڪري چئو تـ اسان NCHD ملازمن جو فائيل سندن ٽيبل تي آهي، ان ۾ ڪا مدد ڪن . سائين راشد بـ دير ئي ڪا نـ ڪئي چيائين تـ هاڻي ئي نمبر ملائي تـ ڳالهايون ٿا. ڳالهـ ٿي، لغاري صاحب چيو تـ برابر فائيل ڪجهـ ڏينهن کان منهنجي ٽيبل تي پيو آهي، پر مون کي خبر ڪانهي تـ نجم صاحب بـ ان اداري ۾ ڪم ڪري پيو. خير ڪم ٿي ويو سائين جن بهتر Comments ڏيئي فائيل منسٽريءَ ڏانهن ڏياري موڪليو نـ رڳو ايترو پر مختلف وقتن تي فنانس منسٽري ۾ پڻ مدد ڪئي ۽ ان سان گڏ اسان جي ٽيم جي دوستن کي پڻ مان ۽ بهتر مشورا ڏنا ۽ رهنمائي ڪئي. الله پاڪ کين اَجُر ڏيندو دعا آهي تـ پاڻ سٺي صحت سان گڏ وڏي ڄمار ماڻين. باقي ڪتاب پڙهندڙ پنهنجي راءِ پاڻ قائم ڪندا، اُهو پڙهندڙن ۽ وقت تي ڇڏجي ٿو تـ سائين جن جي محنت سنڌي ادب ۾ ڪيتري جاءِ والاري ٿي. بحرحال آئون سائين جن کي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو جو پنهنجي حياتيءَ ۾ اهڙو ڏکيو ڪم سرانجام ڏنو اٿائون.
محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن
تن جو صرافن اڻ توريو اگهائيو .“شاهـ”

نجم سرهيو، مورو سنڌ.

نظام الدين لغاري سان منهنجو هميشـ نيازمندي وارو رشتو رهيو آهي. جڏهن تـ فنانس ڊويزن ۾ اسان هڪ ئي ونگ ۾ گڏجي ڪم ڪيو آهي. اسان جا رشتا ناتا هڪ ساٿي عملدارن کان گهڻو گهڻو اڳتي نڪري ويا هئا. مون هميشـ هن کي اڳتي وڌڻ جي جستجو ۾ ڏٺو . ڪتابن جو شوق سندس ڪمزوري رهي آهي. هڪ Colleague جي حيثيت ۾ اسان هميشه عالمانـ گفتگو ڪندا رهيا آهيون. اڪثر اسان جي گفتگو جو محور پاڪستان جي ايڪانامي رهي آهي. مذهبي رواداري ۾ اسان جا خيال هڪ جهڙا ئي رهيا آهن، ها البت اسان جو ٽيون ساٿي هوندو هو محمد عثمان غني، جيڪو هميشهـ بهشت ۽ دوزخ جي چڪر ۾ رهندو هو. پرجڏهن جيئريون جاڳنديون حورون سامهون ڏسندو هو تـ ابدي دنيا واريون حورون هن کي وسري وينديون هيون. مذهب تي شروع ٿيل بحث ختم ٿيندو هو جهڙپ تي، آخر ۾، مون کي ۽ لغاري صاحب کي ملندا هئا ملحد ۽ دهرئيي جا لقب. اهو اسان جو رُسامي جو عرصو هلندو هو 8 ڏينهن. پوءِ وري ڳالهـ آئي ويئي ٿي ويندي هئي. لکيم پئي لغاري صاحب تي لکجي ويو محمد عثمان غني تي، ڇو جو هي بـ تـ اسان جي ٽي مورتي جي هڪ مورتي هئي. مطلب تـ اسان جو فنانس ڊويزن ۾ وقت ڏاڍو ڀلو گذريو.
اسان ٻنهي جو لاڙ سنڌ جي ٻهراڙي واري پوئتي پيل علائقي سان تعلق آهي، تنهن هوندي بـ اسان سخت محنت ڪئي . اڄ اسان جنهن مقام تي پهتا آهيون اهو اسان جي محنتن جو نتيجو آهي. اسان جو اڪثر بحث سنڌ جا اقصادي ۽ معاشرتي مسئلا هوندا هئا. نظام الدين لغاري صاحب هميشه سنڌ جي ڪرندڙ تعليمي معيار ۽ اقتصادي اڻبرابري جهڙن مسئلن تي ڪافي ڳنڀير ٿي ويندو هو. مون هن کي هميشـ سنڌ جي مفادن تي جهڄندو ۽ جُهرندو ڏٺو. دعا آهي تـ الله کيس وڏي ڄمار ڏي ۽ سنڌ جي خدمت ڪندو رهي.

ظفرالحسن الماس
چيف پلاننگ ڊويزن، اسلام آباد

نظام لغاري سان دوستي جو رشتو اڄ جو ڪونهي، انهي کي پورا 48 سال ٿي ويا آهن. جڏهن آئون اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. تڏهن کان وٺي اسان جو پيار جو ناتو جڙيو آهي.
رپ هاءِ اسڪول جيڪو منهنجو ڳوٺ آهي. ان جا استاد، شاگرد ۽ ڳوٺ جا ماڻهو اسڪول ۽ هاسٽل جي وچ واري گرائونڊ ۾ والي بال راند ڪندا هئاسين. اسان ٻنهي کي سڏي گرائونڊ ۾ بيهاريندا هئا. شروعات ۾ تـ اسان بال کي ڌڪ هڻندي ڪري پوندا هئاسين. آئون اڳتي هلي راند ۾ سٺو رانديگر ٿي ويس پر نظام جو راند ۾ حال ڪو نـ هوندو هو. ادا گل محمد جمالي مسجد ۾ بـ پيش امام هوندو هو، ان سان گڏ نعتون پڙهندا هئاسين. هڪ نعت هوندي هئي انهي جي هڪ سٽ اڃا ياد آهي،“ منهنجو مصطفيٰ پاڪ پڌرو لکن ۾، جيئن گل گلابي آ سهڻو گلن ۾. ”
نظام مئٽرڪ ڪري وڃي استاد ٿيو. ڪجهـ وقت کان پوءِ منهنجي LMC ۾ سليڪشن ٿي. نظام ڄام شوري مون وٽ ايندو رهندو هو ۽ آئون هن جي ڳوٺ گلاب لغاري ويندو هوس، بس اسان دوستي جي سڳي کي ٽٽڻ ڪو نـ ڏنو. منهنجو سدائين هن سان انهي ڳالهـ تي تڪرار رهندو هو تـ “توکي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي ڪجهـ ڪرڻ گهرجي. ” هن انهي منهنجي صلاح تي سنجيدگي سان سوچڻ شروع ڪيو. مسلسل محنت ۽ جدوجهد ڪري MA Economics ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. نوڪري لاءِ بـ هن ماڻهو ڪافي اڻ ٿڪ محنت ڪئي، نيٺ FPSC جي سفارش تي 17 اگريڊ ۾ ريسرچ آفيسر ٿي ويو. هي منهنجو دوست سڄي ڄمار هٿوراڻيون هڻندو ئي رهيو آهي. پوءِ دنيا ڏٺو تـ هي اسان جو دوست سڀني کي پوئتي ڇڏي ويو، تان جو 20 گريڊ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿي رٽائر ڪيائين.
نظام لغاري تمام گهڻو حساس قسم ماڻهو آهي. سنڌ سان جند جُڙيل اٿس. سڌو بـ اهڙو جو ڪا بـ ڳالهـ نـ وڻندس تـ سنگت ۾ سڌو چئي ڇڏيندو، پوءِ ڪنهن کي وڻي ڪنهن کي نـ وڻي. رسندو پرچندو پر پيار کي وڌيڪ پختو ڪندو ويندو. نظام پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي ڪهڙن دوستن کي ڪهڙي جڳهـ ڏئي ٿو. اها تـ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ خبر پوندي. دعا آهي تـ اسلام آباد جي حسين ماحول جون حُسناڪيون سندس آتم ڪهاڻي ۾ موجود هجن ۽ پاڻ ائين ئي محبت ۽ پيار جا گل وکيريندو رهي.

ڊاڪٽر عبدالعزيز ٿيٻو
AMS
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال، حيدر آباد

عشق جي راهن جو هڪ ثابت قدم مسافر
موجوده بدين ضلعي جي هڪ ننڍي شهر گلاب لغاري ۾ چاچا مظهرلغاري جو هڪ ننڍو هٽ ( دڪان ) هوندو هو. هي انتهائي محبتي، خوش طبع ۽ فقير قسم جو سادو ماڻهو هو، انهي ڪري سندس دڪان تي اڪثر ٻارن جو ميڙو متل هوندو هو. انهي ڪري سندس گذران چڱو پيو ٿيندو هو. هي انتهائي سجاڳ ۽ باشعور ماڻهو هو، هن جي دڪان تي سنڌ جا مشهور سگهڙ مرحوم ڪامل لغاري ۽ دائم لغاري به ايندا رهندا هئا. انهي ڪري هن جو دڪان ادبي مرڪز پڻ هو. چاچا مظهرلغاري جو والد پڻ ڪچهري جو ڪوڏيو هو، هن جي اوطاق علم دوستن ۽ ڏاهن ماڻهن جي اچ وڃ جو مرڪز هئي . انهي سموري رس چس کي چاچا مظهر قائم رکندو پئي آيو، جنهن ڳالهه جي هاڪ ٻڌي مرحوم پروفيسر محبوب علي چنا ۽ ٻيا ڪجهه علم دوست ماڻهو به اچڻ لڳا، جلد ئي گلاب لغاري ۾ هن جو دڪان ۽ اوطاق ادبي ڏاهپ جو مرڪز بڻجي ويا. انهي ڪري سندس خواهش هئي ته سندس اولاد پڙهيو لکيو هجي. هو پاڻ به ڪجهه لکڻ پڙهڻ جهڙو هو. پر مالڪ هن خاندان کي وڏي آزمائش ۾ انهي وقت وجهي ڇڏيو، جڏهن چاچا مظهر لغاري جي وقت کان اڳي اوچتي وفات ٿي. پر سندس باهمت گهر واريءَ همت کان ڪم وٺندي، پنهنجن سمورين مجبورين کي پاسيرو رکندي پنهنجي ٻچن جي تعليم کي جاري رکيو.
ان زماني ۾ گلاب لغاري ۾ صرف پرائمري اسڪول هو. انهي ڪري پنجين درجي کان اڳتي ٻارن کي پڙهائڻ رڪ جا چڻا چٻاڙڻ برابر هو. هن پنهنجي وڏي پٽ روشن الدين لغاري کي ته ٽنڊوغلام علي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو. سندس ٻئي پٽ نظام الدين لغاري جا وري ڀاڳ کليا، جو گلاب لغاري جي ڀر سان، هڪ ڳوٺ صوفي آباد ۾ سنڌ جي هڪ تعليمي گهڻگھري نواب حاجي محمد علي خان لغاري، هڪ برانچ مڊل اسڪول قائم ڪرايو، جتي انهي نواب صاحب جي ذاتي زمين هئي. انهي ڪري نظام الدين لغاري کي پنجون درجو پاس ڪرڻ بعد سندس ماءُ پهرين چمبڙ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو، جتان ڇهون درجو پاس ڪري ستين درجي ۾ اچي اسانجي اسڪول صوفي آباد ۾ اسان جو هم ڪلاسي ٿيو . آئون به جيئن ته انهي نواب صاحب جي هاري جو پٽ هئس ۽ انهي ساڳئي ڳوٺ ۾ ويٺل هئس، انهي ڪري نظام الدين سان ٿوري ئي وقت ۾ اسان جي ٻاراڻي دوستي ٿي ويئي. اٺون ڪلاس پاس ڪرڻ بعد اسان ٻنهي کي غربت سبب اڳتي پڙهڻ لاءِ ڪي به وسيلا نه هئا. پر اسانجو هڪ استاد سائين محمد بخش لغاري، اسانجي غربت ۽ پڙهڻ جي شوق کان متاثر ٿيو، هو بدين جي ويجهو هڪ هاءِ اسڪول رپ شريف ۾ پڙهڻ لاءِ مون کي، نظام الدين لغاري ۽ خان محمد لغاري کي داخل ڪرائي آيو. اتي اسان کي هم ڪلاسي هئڻ سان گڏ هاسٽل جي هڪ ڪمري ۾ رهڻ جو موقعو مليو. ائين اسانجي دوستي ڀائپي جي اڻٽٽ رشتي ۾ تبديل ٿي ويئي .
رپ شريف جو هي هاءِ اسڪول لاڙ جي هڪ سخي مرد وڏيري حاجي محمد اشرف ٿيٻي قائم ڪرايو هو، جتي غريب شاگردن لاءِ سڀني سهولتن جو بندوبست وڏيري جي طرفان ڪيل هوندو هو. هن سخي مرد هن هاءِ اسڪول ۾ هڪ هاسٽل ۽ بورڊنگ جو سمورو انتظام بلڪل مفت ۾ ڪيو هو. اسان جي زماني ۾ سنڌ جو اهو سخي مرد وفات ڪري چڪو هو، پر وڏيري حاجي محمد اشرف ٿيٻي جو لائق پٽ حاجي محمد رحيم ٿيٻو، پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي، اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن جي سمورين سهولتن جو خيال رکندو هو. اسڪول ۾ شاگردن جي پڙهائي جو سخت انتظام قائم هو. اسان شاگردن تي اسڪول ۽ هاسٽل کان ٻاهر نڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ تي سخت پابندي هئي. اسان شاگردن کي اسڪول جي ڪم يا پابندي سان نماز پڙهڻ کانسواءِ ڪو به ڪم نه هوندو هو. هاسٽل جي بورچي خاني لاءِ ويجهڙائي مان ڪاٺيون ڪرڻ جي ذميواري صرف آچر تي موڪل واري واري ڏينهن رکيل هوندي هئي. اسان لاءِ اهو آچر جو ڏينهن عيد وانگر هوندو هو، جو اسان کي ڪاٺين جي بهاني آسپاس جو علائقو گهمڻ جو موقعو ملندو هو. انهي ڏينهن اسين ويجهو ئي وهندڙ ميرواه ۾ وهنجندا ۽ ڪندروءَ راند به ڪندا هئاسين. باقي ڏينهن اسڪول جي ويجهو هڪ پاڻي جي کاڻ ۾ وهنجڻ ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئڻ جي اجازت هوندي هئي. ائين رپ ۾ ٻه سال گذاري، بدين سينٽر مان مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي ڳوٺ پهتاسين. جلد ئي اسان ٻنهي کي ماستري ملي ويئي .
نظام الدين جيڪو اسڪول ۾ پڙهائي جي دوران ڪو ايڏو هوشيار نه هو، پر هن محنتي انسان پنهنجي گهر ۾ موجود پنهنجي ڏاڏي ۽ پيءَ جي گڏ ڪيل لائبرري سان ياري رکي ڇڏي . هر هفتي ڊان اخبار جو سنڊي ايڊيشن به پڙهڻ لڳو، ڊڪشنريون به وٺي آيو . ائين هن انگريزي زبان ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري ورتي. مٿان وري اتفاق اهو ٿيو جو اسان کي پي ٽي سي ڪورس لاءِ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول مٺياڻي به گڏ موڪليو ويو، جتي وري هڪ سال گڏ هڪ ئي روم ۾ رهڻ جو ٻيهر موقعو مليو. مٺياڻي ۾ ڪورس دوران اسانجي مورو شهر ۾ سائين راشد مورائي سان دوستي ٿي ويئي. سائين راشد جي دوستي اسان جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آندي، اسان نه صرف قومي نظرئي سان هٿياربند ٿياسين، پر سائين جي ايم سيد سان به گڏجي پهرين ملاقات ڪري، قومي تحريڪ ۾ شامل ٿياسين. پي ٽي سي ڪورس مڪمل ڪري واپس ڳوٺ اچي، جيئي سنڌ محاذ ۾ جلد ئي شموليت ڪري بدين ضلعي ۾ قومي سجاڳي جي مهم ۾ شامل ٿياسين. هاڻي ته نظام لغاري جي اوطاق قومي جاگرتا جو مرڪز بڻجي ويئي. آئون پڻ روزانو اتي وڃڻ لڳس، هتي نوجوانن ۾ ادبي چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ قومي سجاڳي لاءِ پڻ ڄڻ هڪ آشرم جڙي ويو هو. سنڌ جا قومي اڳواڻ به اچڻ لڳا، جن ۾ عبد الواحد آريسر، راشد مورائي، سرور سهتو، دودو مهيري، محمد راهمون، تاج جويو اڪثر ايندا رهندا هئا.
نظام الدين لغاري کي قومي جاڳرتا سان گڏ اڳتي وڌڻ جو به ڄڻ جنون هو. سندس ڀاءَ روشن الدين لغاري جي شماريات کاتي ۾ آفيسر ٿيڻ بعد هن کي به اڳتي وڌي آفيسر ٿيڻ جو شوق پيدا ٿيو. نظام الدين جي بي چين روح کي سک نه آيو هو. هو ڊان اخبار ۾ ايندڙ هر ايڊورٽائيز کي پڙهي درخواستون ڏيندو رهيو . مختلف جاين تي نئين نوڪري لاءِ ڀاڳ آزمائي ڪندو رهيو . آخرڪار اسلام آباد ۾ کيس نوڪري ملي ويئي ۽ هو سنڌ کي الوداع ڪري وڃي اسلام آباد ٿانيڪو ٿيو . هن محنتي انسان اتي جي سوشل سماج ۾ به پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي. اسلام آباد ۾ هن جو گهر سنڌ جي عاشقن جي لاءِ هڪ آشرم رهيو . هن محنتي ۽ اڻ ورچ انسان 17 گريڊ ۾ نوڪري شروع ڪري 20 گريڊ ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي پهچي، نوڪري تان رٽائر ڪيائين. ان بعد هن اسلام آباد ۾ پنهنجو گهر جوڙائي اتي مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي. اسلام آباد هڪ اهڙو شهر آهي، جتي ملڪ جي سياست جون سموريون ڳالهيون ظاهر ظهور پنهنجي اصلي روپ ۾ نظر اينديون آهن. هي سنڌ دوست انسان اتي رهي حالتن تي گهري نظر رکي سياسي ۽ اقتصادي تجزيا ڪندو ۽ لکندو رهندو آهي. انگريزي زبان ۾ سندس ملڪ جي معيشيت جي باري ۾ اقتصادي تجزيا پڙهندڙن جي وڏي رهنمائي ڪندا رهندا آهن. هن جي دل ۾ قومي خدمتن وارو جذبو اڃا تائين سلامت آهي. هو سگا جي پليٽ فارم تان اڃا به پنهنجي منزل عشق تي روان دوان آهي. شال سندس عشق سلامت رهي ۽ هي جيئڻ سان گڏ جاڳندو رهي.

مشڪور ڦلڪارو، ٽنڊو محمد خان

تاريخ ۽ انسان جو پاڻ ۾ گهاٽو سُٻند رهيو آهي. جڏهن کان حضرت انسان جو وجود ڌرتي محسوس ڪيو تـ تاريخ ان جا پيرا کڻڻ شروع ڪيا. اهو تاريخ ۽ انسان جو نـ ڇڄندڙ ناتو ازل کان ابد تائين قائم ۽ دائم رهڻو آهي. اهو مڃيل اصول آهي تـ موت ۽ ملاقات هميشـ اوچتو ٿيندي آهي. منهنجي سائين نظام الدين لغاري سان بـ هڪ اهڙي ملاقات 1998ع ۾ هڪ سنڌي شام ۾ ٿي، جيڪا شاهـ عبدالطيف ڀٽائي ڪميونيٽي سينٽر ۾ منعقد ٿي هئي. سائين سان سندس دوست مرحوم محمد ابراهيم نظاماڻي پڻ گڏ هو. تعارف ٿيڻ تي معلوم ٿيو تـ سائين جن پلاننگ ڊويزن ۾ ڪم ڪن ٿا. سائين سان وري ٻيهر ملاقات 2001ع ۾ ٿي. جڏهن عالمي بئنڪ سوشل ايڪشن پرگرام تحت اسان جي ٽريننگ جو بندوبست ڪيو هو. ٽريننگ جي آخري ڏينهن سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تقريب منعقد ٿي هئي تـ سائين نظام الدين لغاري صاحب SAP سيڪريٽريٽ طرفان ان تقريب جي خاص مهمان جي حيثيت ۾ اسان کي سرٽيفڪيٽ ڏنا هئا. ان کان پوءِ اسان جون ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ اسان دوست بنجي وياسين.
گهڻي ويجهڙائپ تڏهن تي جڏهن اسان پاڪستان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ريسرچ سينٽر (PPARC) اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ گڏ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جيئن تـ نظام الدين لغاري صاحب ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت ۾ منهنجو سينئر بـ هو تـ سڄي آفيس جو انچارج بـ هوندو هو. جڏهن تـ DG جي پوسٽ ڪافي رعب تاب ۽ دٻدٻي واري هئي پر ان دوران هن ڪڏهن بـ خود کي بالا آفيسر محسوس ٿيڻ نـ ڏنو. باقي سرڪاري ڪم ڪار جي معاملي ۾ ڪنهن بـ قسم جي رعايت ڏيڻ جي لاءِ تيار نـ هوندو هو. سرڪاري قانون ۽ ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائڻ تـ آئون هن کان سکيس. هِن جي اچڻ سان ماڻهن جون سالن کان روڪيل مختلف گريڊن ۾ ترقيون ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. منهنجي خيال ۾ لغاري صاحب پنهنجي دور ۾ ماڻهن جون جيتريون ترقيون ڪيون اوتريون PPARC جي تاريخ ۾ ڪڏهن بـ ڪو نـ ٿيون هيون. ڀرتين ۽ پروموشنس ۾ لغاري صاحب ڪڏهن بـ پنهنجائپ کي اهميت ڪو نـ ڏني. ميرٽ کان هڪ انچ بـ هيٺ مٿي ٿيڻ لاءِ تيار نـ هوندو هو. مالي معاملن ۾ مون کي لڳو تـ سائين سنڌ جي ميمڻن ۽ شيخن جو سيکاريل آهي. شايد خزاني واري وزارت ۾ گهڻي نوڪري ڪرڻ ڪري سائين تي ان جو ڪافي اثر بـ ٿي سگهيو ٿي. مطلب تـ مالي معاملن ۾ سائين ڪڏهن بـ دنياداري واري اصطلاح کان ڪم ڪو نـ ورتو. ماڻهو سرڪاري پئسي تي درياهـ دل ٿيندا آهن، هي منهنجو دوست اڏ بـ ٽپي ڪو نـ سگهندو هو.
نظام الدين لغاري شخصي زندگي ۾ پنهنجو پاڻ نڀايو آهي. هن زندگي جو مرتبو سنوارڻ ۾ ايترو تـ پنڌ ڪيو آهي. جو اسان لاءِ هڪ ڪامياب زندگي گذاريندڙ شخص طور مثال آهي. هن گلاب لغاري سنڌ ۾ پنهنجي ملازمت جي شروعات استاد جي مقدس پيشي کان ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي اعليٰ عهدي ڊائريڪٽر جنرل تان ريٽائر ڪيائين، جيڪو اسان جي لاءِ ڪاميابي جو هڪ وڏو رهنما اصول آهي. نظام صاحب عام رواجي زندگي ۾نهايت سادو سودو، سچ ڳالهائيندڙ، رب جي ذات کان ڊڄندڙ، پنج وقت نمازي، پر مُلن وانگر پهراڻ ۽ مُرين تائين سٿڻ نـ پائيندڙ ۽ نـ ئي وري نراڙ گسائڻ جو عادي، صفا سچو ۽ کرو ماڻهو. هو سنڌ جي مسئلن تي نوڪري وڃائڻ جي پرواهـ نـ ڪندي سچ لکندو رهيو. جيڪا هڪ بيباڪ ۽ سچي انسان جي نشاني آهي.
رٽائرمينٽ کان پوءِ هن وقت هو اسلام آباد جي ٿڌين هوائن ۾ رهي ٿو. منهنجو ذاتي ڪمن سان گڏ سرڪاري ڪمن جي سلسلي ۾ ساڻس رابطو رهي ٿو. منهنجي خيال ۾ هن وٽ ڄاڻ جو وڏو خزانو آهي، جنهن کان گهٽ ۾ گهٽ آئون لاڀ حاصل ڪندو رهندو آهيان. ڌڻي در دعا آهي تـ سائين لغاري صاحب کي خدا وڏي ڄمار ڏي. هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي اهنجن جي نشاندهي لاءِ سدائين لکندو رهي. (آمين)

عبدالمجيد نائچ،
ڊائريڪٽر،PPARC اسلام آباد

سائين نظام الدين لغاري صاحب، منهنجا ماما ۽ آئون سندس ننڍي ۽ اڪيلي ڀيڻ جو اڪيلو پٽ آهيان، جنهن کي خاندان ۾ سندس دوست هجڻ جو شرف حاصل آهي. آئون سندس گهڻو ويجهو رهيو آهيان. مون سندس زندگي کي هميشـ رنگين ئي ڏٺو آهي. (رنگين کي ڪير غلط پاسي نـ وٺي وڃي). پاڻ لکڻ پڙهڻ، گهمڻ،ڦرڻ ۽ ماڳ مڪان ڏسڻ جا شوقين، ادبي ۽ موسيقي جون محفلون اٽينڊ ڪرڻ سندس ڪمزوري رهندي آئي آهي. ايستائين جو اسان جي خاندان جي شادين ۾ وڏو ڀت يا دعوت هجي نـ هجي، پر راڳ رنگ جي محفل ضرور رچائڻي آهي. اسان ننڍن جي ذاتي ۽ عملي زندگي ۾ سندس ڪردار سدائين اهم رهيو آهي. پاڻ پنهنجي راءِ ڪڏهن بـ مڙهيندا نـ آهن. ها البت پنهنجي ڳالهـ جي حق ۾ ننڍا وڏا هزار کن دليل ڏيندا ويندا آهن. ڳالهـ جي هر پاسي کي نوٽ ڪرائيندا پر وري بـ پنهنجو فيصلو مڙهيندا نـ آهن. منهنجي ذاتي توڙي عملي زندگي جي هر مسئلي لاءِ سندس تجويزون ۽ تجربو منهنجي هر مشڪل راهـ آسان ڪندو وڃي. انتهائي پر خلوص، سچا، کرا ۽ سڌا ماڻهو، هر ڪنهن جو ڀلو چاهيندڙ، پر ڪنهن کي بـ تري ءَ تي بهشت رکي ڪو نـ ڏيندا. ها رستو سڌو ٻڌائي ڇڏيندا، راهـ لائيندا، باقي شارٽ ڪٽ جا هميشـ مخالف رهيا آهن. مون وٽس سٺي انسان جي يا پڙهڻ لکڻ واري نوجوان جي تمام گهڻي عزت ڏٺي آهي. ايتريقدر جو ساڻس گڏ اٿڻ ويهڻ کان بـ نـ ڪيٻائيندا، وڏ ننڍائي جون سڀ وڇوٽيون ۽ حدون ختم، سڀني سان هڪ جهڙو. اسان ڌڻي در دعاگو آهيون تـ هي جيڪو پنهنجي قد بت کان وڏا ٽهڪ ڏيندڙ ماڻهو آهي سو هميشـ خوش رهي ۽ سندس شفقت ڀريو هٿ سدائين اسان مٿان رهي، تـ جيئن آئون ذاتي طور ساڻس گڏ سنڌ ۽ دنيا گهمندو ۽ ڏسندو رهان. آمين.

زبير احمد لغاري، گلاب لغاري
پلاننگ آفيسر، هيلٿ ڊپارٽمينٽ، حيدرآباد

سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ انهن ڳوٺن ۾ رهندڙ ڪيتريون ئي شخصيتون ۽ ڪردار جن ۾ زندگي گذارڻ جا پنهنجا طور طريقا ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل عالم فاضل کان ڪنهن بـ طرح گهٽ نـ هئا. جيڪڏهن انهن انمول شخصيتن ۽ ڪردارن کي ڪير قلم بند ڪرڻ وارو نه ملي ته هوند اهي ڳوٺن کي رونق بخشيندڙ اڻلڀ هستيون تاريخ جي صفحي تان هميشـ جي لاءِ ميسار جي وڃن ٿيون. بقول پير حسام الدين راشدي جي ته “سنڌي ادب جي سرجڻ ۾ جيڪو ڪردار سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جو رهيو آهي اهو شهرن جو ناهي رهيو. ”
چاچا نظام الدين لغاري پاران لکيل هي ڪتاب نه صرف سنڌي ادب ۾ اضافو آهي پر پاڻ انهي دور جي وقت ۽ حالتن کي ڪمال ڪاريگري سان قلم جي نوڪ وسيلي ڪاغذ تي نقش به ڪري ڇڏيائين. پاڻ سائين راشد مورائيءَ جي انهي قول تي به پورو لهن ٿا ته “سنڌ جي هر پڙهيل ڳڙهيل سنڌي کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي علائقي متعلق يا پنهنجي پاڻ بابت ضرور لکڻ گھرجي. ” جيئن ان علائقي جي وسريل ۽ وکريل ورقن بابت ڪا ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. چاچا سائين جيڪي اسان جي لاءِ والد جي حيثت رکن ٿا، اسان کي ڳوٺ مان آڻي اسلام آباد جھڙي شهر ۾ تعليم ڏياري . ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿو ته جيڪڏهن اهو خيال چاچا کي نه اچي ها ته هوند اسان جي ڪشتي سِير جي سَٽن مان نڪري ڪڏهن به ڪناري ڪونـ لڳي ها.

انجنيئر وقاص احمد لغاري . گلاب لغاري

منهنجو بابا سائين
منهنجي زندگي کي سنوارڻ ۽ ان کي سنئين راهـ تي آڻڻ بابا سائين جي ئي ڪاوشن ۽ محنتن جو نتيجو آهي. اڄ ڪلين شيو ٿي جين ۽ جوگر پائي هلڻ جو فن پڻ کانئس سکيس. آئون جڏهن ست درجا سنڌ مان پاس ڪري اسلام آباد پڙهڻ آيس تـ سنڌي لکڻ پڙهڻ کان سواءِ مون کي ڪجهـ بـ ڪو نـ ايندو هو. ايتريقدر جو داخلا ٽيسٽ ۾ آئون صرف حسابن جي پيپر ۾ پاس ٿيو هوس. بابا سائين جي ڪوشش سان داخلا تـ ملي ويئي، پر منهنجي لاءِ اهو هڪ چيلينج هو جو هڪ سنڌي ميڊيم جو پڙهيل ٻار هتي انگريزي ميڊيم ۾ ڪيئن هلي سگهي. بابا سائين جي همٿائڻ سان مون محنت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اٺين ڪلاس ۾ پوري ڪلاس ۾ ٽئين پوزيشن کنيم. جيئن اهو پڙهائي جو سلسلو شروع ٿيو تـ قائد اعظم يونيورسٽي جي ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ مان فرسٽ ڪلاس ماسٽرس ڪرڻ تي اچي ختم ٿيو
منهنجي بابا سائين سان گهڻي ويجهڙائپ رهي آهي ۽ هڪ دوست وارو ناتو رهيو آهي. اهو تـ آئون مٿي لکي آيو آهيان تـ تعليم جا پهريان ست درجا آئون ڳوٺ پڙهيس. انهي دوران بابا جڏهن بـ اسلام آباد مان ڳوٺ ايندو هو تـ آئون انهي ڏينهن اسڪول ڪو نـ ويندو هوس ۽ بي صبري مان ڳوٺ جي بس اسٽينڊ تي بابا جو انتظار ويٺو ڪندو هوس. ايتريقدر جو اهو سڄو ڏينهن گهر ماني کائڻ ڪو نـ ويندو هوس. اها مشهور چوڻي آهي تـ “ اولاد هميشـ پنهنجي پيءَ کان سکي ٿو، جيڪو ان جي سوچ ۾ شامل هوندو آهي اهو ئي ان جي اولاد ۾ منتقل ٿيندو آهي. ”جيئن تـ منهنجو بابا ڪتابن سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو. گهر ۾ ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو موجود آهي، تنهنڪري ڪتابن پڙهڻ جو شوق منهنجي جينز ۾ شامل ٿي ويو آهي. بابا سائين جي ادبي ۽ سوشل لڳ لاڳاپن سان چاهـ جي ڪري آئون پڻ انهي رستي تي هلڻ جهڙو ٿي پيو آهيان.
بابا ٻڌائيندو آهي تـ سنڌ ۾ هُن جا ميمڻ دوست رهيا آهن، تنهنڪري سرڪاري شين تي اهڙي ڪنجوس پائي ڪندو هو. “ جهڙو نانگ ناڻي تي ويٺو هجي. ” جيتوڻيڪ بابا سرڪاري طور وڏي عهدي تي رهيو پر اسان ڪڏهن بـ سرڪاري گاڏي استعمال نـ ڪئي. ايتريقدر جو هڪ پنو فوٽو اسٽيٽ بـ اسان بازار مان پئسن سان ڪرائيندا هئاسين. منهنجي دعا آهي تـ مون تي بابا سائين جو شفقت جو هٿ هميشـ دائم ۽ قائم رهي.

افراز نظام لغاري، WAPDA اسلام آباد


پورو ٿيو.