نواب حاجي محمد علي لغاري
نواب حاجي محمد علي لغاري تاج پور جي نواب خاندان جو چشم چراغ هو. پاڻ صوفي طبعيت جا مالڪ هوندا هئا. مذهبي دائن پيچن کان گهڻو تڻو آزاد هوندا هئا. اهو بـ ضروري نـ هوندو هو تـ سندس خاص نوڪرن ۾ ڪو مسلمان نوڪر هجي. تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ سندس دل ۾ جيڪا چڻنگ دکندڙ هئي اها تڏهن ڀنڀٽ ٿي ڀڙڪي، جڏهن هن پنهنجي اوطاق تي انگريزي اسڪول جو پايو وڌو. انهي تعليمي چڻنگ مان مون جهڙا هزارين نـ تـ بـ سوين تعليم جي اُڃ اجهائيندا رهيا. صوفي لاڪوفي طبعيت هئڻ سبب انهي اسڪول جو نالو رکيائين صوفي آباد. اهو اسڪول گلاب لغاري ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ماڻهن لاءِ ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪو نـ هوندو هو. انهيءَ اسڪول ۾ اسان انگريزيءَ جا ابتدائي درجـا پڙهيا سين. ڇو جو ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ۽ ان سان لاڳاپيل ڳوٺن ۾ انگريزي تعليم جو ڪو بـ بندوبست ڪو نـ هوندو هو. صوفي راڳ سان چاهـ هئڻ سبب سندس صوفي آباد واري اوطاق تي مهيني ماس جمعي چنڊاڻي صوفي راڳ جي محفل ضرور مچندي هئي. ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ جي آس پاس عمر نانگو مشهور صوفي راڳيندڙ هوندو هو. جيڪو نواب صاحب جي اوطاق جو خاص راڳيندڙن ۾ شامل هوندو هو.
هي، اهو زمانو هو، جڏهن سنڌ سراپا احتجاج هئي ۽ ون يونٽ جو پنجوڙ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ڇا پيو، هو تـ پنهنجو وجود بـ وڃائي چڪي هئي. انهيءَ لاءِ سنڌ جي هر حلالي ٻچي پنهنجي ڌرتي ماءُ کي غلامي جي ڳٽ مان ڪڍڻ جا جتن پي ڪيا. سنڌ جي استادن، اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين جيڪي انهي ڪم ۾ اڳڀرا هئا. سندن احتجاجن جي ڪري شريف ڪميشن جي رپورٽ تي عمل نـ ٿي سگهيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو تـ رفتـ رفتـ اردو کان علاوه ٻين علاقائي ٻولين کي اسڪولن مان خارج ڪيو ويندو. پر وڏي پيماني تي سنڌ جي استادن ۽ شاگردن جي احتجاج جي ڪري ايوب خان سرڪار ائين نـ ڪري سگهي هئي. اسان کي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي ٿي وئي. انهن ڪتابن جي مٿان مونو گرام اولھـ پاڪستان ٽيڪسٽ بورڊ جو لڳل هوندو هو، جنهن تي امانت، ديانت،شرافت ۽ صداقت لکيل هوندو هو، جيڪو اڃان پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن مٿان لڳل آهي. خبر نـ آهي ڇو انهن چئن لفظن کي بنگالي سمجهي نـ سگهيا ۽ الڳ ٿي ويا. سنڌين ۽ بلوچن کي پڻ اهي لفظ ڏاڍي دير سان هاڻ سمجهـ ۾ آيا آهن.