مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

تعليم

تعليم
غالبن آئون 1960ع ڌاري پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيس. منهنجي خيال ۾ ان زماني ۾ سائين غلام حُسين کوکر اڪيلو استاد هوندو هو ۽ بعد ۾ سائين ڪريم بخش لغاري جي مقرري ٿي. ان زماني ۾ اسان پاڻ ۾ جيڪي اسڪول ميٽ هوندا هئاسين، انهن ۾ ڊاڪٽر احمد خان جو پٽ پيار علي، خالد پرويز، نعمت الله سريوال جيڪو اڳتي هلي پهرين جوڙ جو ملهـ ٿيو ان ۾ شامل هئا . ان کان سواءِ ڪجهـ هندن جا ٻار پڻ اسان سان گڏ پڙهندا هئا. ائين پنج سال کل خوشي ۾ گذري ويا، خبر ئي نـ پئي. منهنجي خيال ۾ آئون ڪنهن بـ درجي ۾ پاڻ مرادو پاس ڪونـ ٿيو هوس، پر پاس ڪرايو ويندو هوس. ٻهراڙي جي ڪلچر جي ڪري پڙهائي ڏانهن ڪو خاص ڌيان ڪونـ هوندو هو. بابا بـ روزي جي تنگي جي ڪري ڳڻتين ڳاراڻن ۾ رهندو هو. ڪنهن زماني ۾ اسان جو ريزڪي دڪان بـ هوندو هو. انهي ۾ هميشـ نقصان پوندو رهيو. ڳوٺ جو ماحول هو اڌ کان وڌيڪ اوڌر جو ڌنڌو ٿيندو هو ۽ اوڌر ڪڏهن بـ واپس ڪانـ ملي. ها البت اهو اڳي چئي چڪو آهيان تـ اسان جي دڪان تي، شاعرن ۽ سگهڙن جون ڪچهريون لڳيون پيون هونديو هيون. مون جيئن ئي پنجون درجو پاس ڪيو تـ مون کي چمبڙ مڊل اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ داخل ڪرايو ويو. اسان جو ڇهين ڪلاس ۾ سائين، سائين بخش ڪُرڪلي (لغاري ذات جو پاڙو)، ڪلاس ٽيچر هوندو هو. جيئن تـ ون يونٽ قائم ٿي چڪو هو، تنهنڪري اسان کي ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور جا ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. جيئن پهرين درجي انگريزي کان علي ۽ نسيما وارو سبق شروع ٿيندو هو تـ اٺين ڪلاس تائين اهو پيو هلندو هو.
اهي مارچ ۽ اپريل جا مهينا هئا. جڏهن تـ اسڪولن جا امتحان پڻ انهن ئي مهينن ۾ ٿيندا هئا. ان وقت ايوب خان جي 10 سالـ ترقياتي پروگرام (Development of Decades ) تحت ٽنڊي الهيار کان ٽنڊو غلاي علي روڊ،وايـا چمبڙ ۽ گلاب لغاري، جو ڪم شروع ٿي چڪو هو. هڪ اڌ بس ڪا انعام ميمڻ (شرجيل ميمڻ جو پيءَ) جي هلندي هئي. انعام ميمڻ سڄو ڏينهن ويسپا اسڪوٽر تي انهن جي پٺيان پيو ڦرندو هو. امتحانن جي ٽائيم ۾ اهي بسون اڪثر ڪري خراب هونديو هيون ۽ اسان اٺ ڪلو ميٽر پيرين پنڌ ڪري چمبڙ مڊل اسڪول ويندا هئاسون تـ جيئن امتحان جو ڪو پيپر رهجي نـ وڃي. مون ڇهون ڪلاس چمبڙ مڊل اسڪول ۾ پڙهيو، ان وقت اسان ڇهين ڪلاس ۾ 20 کن شاگرد هوندا هئاسين، جن ۾ ڪن جا نالا ياد آهن ۽ ڪن جا وسري ويا آهن. جن ۾ احمد ۽ جبار سولنگي، حاجي محمد اسماعيل ميواڻي، محمد اشرف شيراڻي، علي محمد ڪالرو ۽ ٻـ ڀائر مظفر ۽ عمر لغاري، جيڪي پير سائين جا مريد هوندا هئا. سڄي ڪلاس ۾ آئون ڏڏ شاگرد هوندو هوس. جڏهن تـ هوشيار ۾ هوشيار شاگرد حاجي اسماعيل ميواڻي هوندو هو. خبر نـ آهي تـ، سندس تعليم ڪٿي پهتي، مون سندس نوڪري وغيره بـ نـ ٻڌي آهي. ان کان سواءِ هڪ ٻيو شاگرد اسان سان گڏ پڙهندو هو، جنهن جو نالو هو نور علي لغاري، وڏيرو ۽ سنجيده قسم جو ماڻهو هوندو هو. 50 سال ٿيا آهن، انهن دوستن مان ڪنهن سان بـ ملاقات نـ ٿي آهي. سواءِ هڪ ٻن جي، جن ۾ علي محمد ڪالرو، جيڪو منسٽري آف ايگريڪلچر ۾ هوندو هو ۽ ان مان ئي 20 اسڪيل مان رٽائر ڪيائين. جيئن تـ هن جي پوسٽنگ تـ سنڌ ۾ رهي پر فيڊرل گورنمينٽ جي نوڪريءَ جي ڪري اسلام آباد پيو ايندو ويندو هو تـ ڪڏهن ڪڏهن ملاقات جو شرف بخشيندو هو. هونئن بـ ڪلاس ۾ پنهنجو نمبر سڀني ۾ آخر ۾ هوندو هو. قد بت ۾ بـ ننڍو هوندو هوس، صفائي سُٿرائي جو بـ ڪو خاص خيال نـ رکندو هوس. مون کان هر ڪو پيو پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اها تـ خدا کي خبر آهي تـ آئون 20 گريڊ ۾ ڪيئن پهتس. بس ائين کڻي چئجي جو ڪجهـ امڙ جون دعائون، ڪجهـ پنهنجي محنت ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي نوڪرين ۾ ڪوٽا پاليسي اسان سنڌين کي سنڌ مان اسلام آباد کڻي آئي، نـ تـ هنن سان اسان ڪنهن بـ ميدان ۾ مقابلو ڪري نـ ٿي سگهياسين. مون نوڪرين جي باري ۾ ٿوري گهڻي تحقيق ڪئي آهي تـ هي نوڪريون ڪيئن ٿا ڦٻائي وڃن. آئون انهي نتيجي تي پهتو آهيان تـ جيڪڏهن ڪوٽا سسٽم نـ هجي تـ هي اسان جا مسلمان ڀائر وڏو حصو نوڪرين جو پاڻ کڻي وڃن ها. ٻين صوبن جي اميدوارن جي تسلي ۽ ميرٽ جو مان مٿانهون رکڻ لاءِ لکت ۾ ٽيسٽ ڪندا، انٽرويو وري بـ انهن جي هٿ ۾، جنهن کي مرضي پاس ڪن يا فيل ڪن. نوڪرين ۾ ڪوٽا جو هڪ فارمولو آهي، جنهن تي هي عمل ڪرڻ کان لنوائيندا رهيا آهن.
چمبڙ مڊل اسڪول جي ڳالهـ آهي اسان ڇهين ڪلاس جو امتحان ڏنو هو. حسابن جي پيپر ۾ منهنجون 34 مارڪون اچي ويون، جيڪو تمام هوشيار شاگرد هوندو هو حاجي محمد اسماعيل ميواڻي اُن جون 33 مارڪون آيون. همراهـ کڻي سڄو اسڪول مٿي تي کنيو. چئي تـ “هن کي ڪجهـ اچي ڪونـ ٿو، هن جون بـ مون کان وڌيڪ مارڪون” چوڻ جو مطلب تـ اسڪول ۾ مثال بڻجندا رهياسين. مون کي اچي پنهنجي لڳي تـ ڪٿي مون کي فيل نـ ڪري ڇڏين. پيپر وري چيڪ ڪري ان کي 80 مارڪون ڏنائون ۽ منهنجون اهي ئي مارڪون برقرار رهيون، تڏهن وڃي پيٽ ۾ ساهـ پيو. ائين ڇهين ڪلاس جو امتحان ڏئي ستين درجي ۾ آياسين تـ هلر ڳاهيندي ٽنگ ڀڄي پئي ۽ ان کان ڏهن يا ٻارهن ڏينهن کان پوءِ بابا بـ هي جهان ڇڏي ويو. جنهن جو ذڪر ڪجهـ اڳي ڪري آيو آهيان. ادا وڏو روشن الدين لغاري اٺين ڪلاس ۾ ۽ آئون ستين ڪلاس ۾، بس ڪمائڻ وارو ڪير بـ نـ رهيو. ها البت نانا حاجي شاهـ محمد، جيڪا هر سال هڪ چوڪڙي ڪڻڪ جي پوکائيءَ لاءِ بابا کي ڏيندو هو اها پاڻ اسان جي نالي پوکائي 20 مڻ ان ڏيندو رهيو. اهو فيصلو بابا جي ٽيجهي تي پروفيسر محبوب علي چنا صاحب جن ڪيو هو تـ هنن ڇوڪرن کي سندن نانو هر سال 20 مڻ ڪڻڪ ڏيندو ۽ سندن ڏاڏو حاجي محمد بخش هر مهيني 30 روپيـا گهر جي خرچ لاءِ ڏيندو ۽ چاچا شمس الدين 20 روپيـا مهينو ڏيندو. جيستائين هي يتيم ٻار پنهنجن پيرن تي بيهن. جيڪو ڏاڏا سائين جو گهرو دوست هو. انهي خاندان سان گَهَري لڳ لڳاپي کي هاڻي 90 سال کن ٿيڻ وارا آهن. جنهن جو ذڪر هر هنڌ موقعي جي مناسبت سان ايندو رهندو.