آزاد انور مهر
فيس بڪ جي سندس اڪائوٽ مان پتو پوي ٿو تـ هن دوست جو تعلق شهر چڪ ضلع شڪارپور سان آهي. منهنجون فيس بڪ تي لکيل ڪچيون ڦڪيون سِٽون سڀ کان پهريائين هي دوست لائڪ ۽ انهن تي ڪمينٽس ڪندو آهي. اهو لکڻ تـ اجايو ٿيندو تـ منهنجي ساڻس فيس بڪ تي ڪيئن ڄاڻ سڃاڻ ٿي. پر مون هن جي اڪائونٽ کي بار بار اٿلائي پٿلائي ضرور ڏٺو هوندو. جيڪڏهن سنڌ تي ڪا ڏکي گهڙي آئي تـ هن همراهـ جي برداشت کان ٻاهر ٿيو وڃي. انهي متعلق سندس قلم مان تبديل ٿيل ڪرسر تِير ۽ ڪمان ٿيو دشمن جي ناپاڪ ارادن کي فيس بڪ جي دنيا ۾ ٽيڙي پکيڙي ڇڏي ٿو. سندس فيس بڪ جي لکڻين ۾ همت ۽ جرئت جو واضح پيغام هوندو آهي. سندس سنڌ تي ۽ مذهب تي لکيل ويچار مون کي ڪافي متاثر ڪندڙ هوندا آهن. سندس فيس بڪ جي تحريرن مان پتو لڳي ٿو تـ پاڻ گهڻو پڙهندڙ شخصيت جا مالڪ آهن، پر ڪيڏي ڪيڏي مهل نوجواني جي نينهن ۽ نشي ۾ اچي جذبات جي وهڪري ۾ سڀ ليڪا لتاڙي ٿو وڃي. پر مون محسوس ڪيو آهي تـ هي منهنجو دوست ڪيترو بـ جذباتي ٿي وڃي پر اخلاق جي گول دائري کان ٻاهر نـ ٿو نڪري. انهي ڳالهـ مون کي مجبور ڪيو آهي تـڏهن اڄ آئون آزاد انور مهر تي چند سٽون لکي رهيو آهيان. سندس سماجي، سياسي توڙي مذهبي نظريا واضح ۽ چٽا آهن. هن دوست وٽ منجهيل ۽ ڪنفيوز نظرين پالڻ لاءِ ڪا بـ جڳهـ ڪانهي. صفا سڌي راند سونٽي جي. تازو سيوهڻ ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي ۾ 90 کان وڌيڪ سنڌي ماڻهو شهيد ٿيا، جتي سڄي سنڌي قوم ڏک ۽ غم ۾ ورتل هئي تـ اتي هي منهنجو نوجوان دوست پنهنجن جذبن کي روڪي نـ سگهيو ۽ ڪڙو سچ چئي ويٺو. انهي تي مون کيس پنهنجي پاڻ کي قابو ۾ رکڻ جي صلاح ڏني. جواب ۾ مون کي سخت لهجي ۾ چيائين تـ “ اسان پنهنجو رستو سڃاڻي کنيو آ، انهي ڪرٽ ۾ جي ڪسي وياسين تـ ماڻيندا منزل ڍول ڍاٽي. ” مون سمجهيو تـ مون کي چئي رهيو آهي تـ “ لٺ ڦيري تـ ڏس نانگ نوڙي اٿئي”. يقينن هن دوست جا بـ ڪي دلي جذبا هوندا ڪا خواهش هوندي پر آئون ڏسان پيو هن پنهنجو اڻ ميو پيار سنڌ ڌرتي ۽ ڌرتي وارن سان جوڙي رکيو آهي. هن ڌرتي ماءُ سان هميشه ڇڙواڳ محبت ڪئي آهي.
مون هنن ئي پنن ۾ ڪٿي لکيو آهي تـ انقلابي سونهن پرست ٿيندا آهن. ائين کڻي چئجي تـ حُسن اسان ترقي پسند سوچ رکندڙ ذهنن جي لاءِ تمام ضروري خوراڪ آهي. جيئن خوراڪ کان سواءِ ڪنهن بـ جاندار جو وڌڻ ويجهڻ ممڪن نـ هوندو آهي، تيئن انقلابي جو ذهن سونهن کان سواءِ ائين آهي، جيئن ڪنوار سهاڳ رات گهوٽ کان سواءِ. هڪ انقلابي پنهنجي ڌرتي جي هر شيءِ سان پيار ڪري ٿو، انهي معاملي ۾ هو انتها پسند ٿئي ٿو، ڇو جو هو مذهب جو پادري نـ هوندو آهي، هو تـ پيار جو پادري هوندو آهي. هُن جي دل ۾ هر ماڻهو جي لاءِ ڪليسا آهي. هُن جي عبادت جو روح تـ صرف محبوب جي پسڻ وقت ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. آزاد انور مهر بـ اهڙوئي محبوب ماڻهو آهي جنهن پيار جي پُل تي بيهي محبتن جي وهندڙ پاڻي کي نمسڪار چيو آهي. اها محبت جيڪا انسانيت جو پيغام ڏئي ٿي، اها محبت جيڪا ڏرا ڏنل اکين سان ڪئي ويندي آهي. هن منهنجي دوست هڪ اهڙي ابدي شيءِ سان نينهن جو ناتو جوڙيو آهي . جنهن جو تصور جڏهن هُن جي اڳيان اچي تو تـ هِن کي پنهنجي محبوبا ياد اچي وڃي ٿي،جيڪا هلي ٿي تـ مورن ۽ ڊيلن کي پريشاني، قدم کڻي تـ هر چرندڙ پرندڙ شيءَ ساڪن ٿيو وڃي . مندر کان لنگهي تـ بت بـ پيا سُس پُس ڪن، آتشڪدي کان لنگهي تـ ان جي باهـ بـ برف ٿيو وڃي، ڳالهائڻ ۾ اهڙي فصاحت ۽ بلاغت جو علم جا اڪابر دنگ رهجيو وڃن. اها آهي اسان جي سنڌ، جنهن سان آزاد پيار ڪيو آهي. سندس چواڻي اهو پيار کيس ورثي ۾ مليو آهي. سوال ڪرڻ ۽ پيار ڪرڻ جي سگهـ کيس سندس چاچي غلام قادر مهر کان ملي، جنهن هن ننڍڙي آزاد کي وڏن وڏن جُنگن سان منهن مقابل ٿيڻ جي همت ۽ جرئت جا انگ اکر سيکاريا.