ڪتاب جو نالو: پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون
مصنف: نظام الدين لغاري
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 06 نومبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 246 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 44 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران :
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • ليکڪ جي زندگي جو عڪس
  • نظام لغاري – اورچ انسان
  • جيون ڪٿا –جاکوڙ ڪٿا
  • اچوڙي سورن واريون
  • ڪجهـ پنهنجي طرفان
  • پُوَر وڇوٽ مُحبتون
  • ڄمڻ
  • حاجي صادق ميمڻ جي لاري
  • اگهاماڻي جو ميمڻياڻيون ۽ وتايو فقير (تاريخ)
  • جاگرافي
  • آگهاماڻي جو ميلو
  • گلاب لغاري جا لوهاڻا
  • ڏاڏا سائينءَ جي ڊائريءَ جو هڪ ورق
  • اسان جي معاشي حالت ۽ بابا مرحوم جو هي جهان ڇڏڻ
  • نواب حاجي محمد علي لغاري
  • حاجي جيئند خان لغاري
  • سيٺ الهـ بچايو خان لغاري
  • ورهاڱي وقت استاد جي عظمت
  • ديسي رانديون
  • الهـ بخش عرف ڪُرو ٿيٻو
  • غلام مصطفصٰ آريسر
  • لاڙ جي موسم ۽ لباس
  • لاڙ جو اوطاقي ڪلچر
  • پنجاب جو املهـ ماڻڪ سنڌ ۾
  • اسان جي تر جا ڪامريڊ
  • ڪامريڊ محمد عثمان لغاري ۽ ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي
  • تعليم
  • مشڪور ڦلڪارو
  • رپ هاءِ اسڪول
  • پير حسام الدين راشدي واري وڏيري جي وصف
  • مئٽرڪ پاس ڪري چڻان وڪڻڻ
  • ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو مختصر جائزو
  • پريم چند عرفK−2 مل لوهاڻو
  • سنڌي ماستر
  • سيد لياقت علي شاهـ
  • گولاڙچي کان ماڻڪ لغاري بدلي
  • مٺياڻيءَ جا ڏينهن
  • راشد مورائي سان ڏيٺ ويٺ
  • سنڌ جي وڃائجي ويل نوجوان جي ڳولا (تاثر)
  • مٺياڻي مان واپسي
  • محمد ايوب لغاري
  • قومپرست تنظيم سان وابستگي
  • محمد اشرف لغاري
  • نوجوانن سان سڌو سنئون واسطو (مرحوحوم شيرل لغاري)
  • شادي
  • شيرل لغاري جا خط
  • لاهور ۾ عالمي بينڪ طرفان ٽريننگ
  • محمد رمضان آرائين
  • اسلام آباد ۾ دربدري وارا ڏينهن
  • منظور احمد ملاڻو
  • اوجهڙي ڪئمپ وارو واقعو
  • ٿر جو سفر
  • ٿر جو ٻيو سفر
  • شيرل لغاري جا خط ۽ ملڪي معيشت
  • فنانس ڊويزن ۾ واپسي
  • سنڌ گريجوئيٽس ائسو سيئيشن ۾ شموليت (سِگا)
  • فضل الله قُريشي
  • زندگي جو ڪچو ڦڪو حال احوال
  • علي مراد چاچڙ
  • بدين جا ڏينهن ۽ راتيون
  • محمد علي نوناري
  • محمد ابراهيم نظاماڻي
  • سيد عبدالحق شاهـ
  • سنگاپور روانگي
  • نصير ميمڻ
  • محمد عثمان غني
  • امر جليل سان مٿاڇريون ملاقاتون
  • زندگي جو ورهاڱو
  • ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر جنرل طور مقرري
  • سوشل ميڊيا
  • چانڊيو انور عزيز
  • فراز علي شيخ
  • محمد سليمان وساڻ
  • آزاد انور مهر
  • علي قريشي
  • گل فراز عرف ابَل ميمڻ
  • دوستن مون کي ڪيئن ڏٺو
  • ضميمو نمبر 2
  • سنڌ سلامت

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب نمبر (83)
    ڪتاب جو نالو: پوروڇوٽ محبتون
    موضوع: آتم ڪٿا
    ليکڪ: نظام الدين لغاري
    ڇاپو: پھريون ڊسمبر 2017ع
    ڪمپوزنگ: نظام الدين لغاري
    ٽائيٽل ڊزائين: شاھزيب ميمڻ
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    ملهه: 300 روپيا


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پوروڇوٽ محبتون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:

    ”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“

    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم نظام الدين لغاري صاحب جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپنا


    هيءَ پنهنجي ننڍڙي ڪاوش ارپيان ٿو :



    پنهنجي بابا سائين مرحوم مظهرعلي لغاريءَ کي، جيڪو مون کي ٻالڪپڻ ۾ اڪيلو ڇڏي هليو ويو.


    پنهنجي امڙ کي،جنهن مون کي ڪڏهن بـ ڏکيو ڏينهن ڏسڻ نـ ڏنو.


    سائين راشد مورائيءَ کي،جنهن جي پيار، محبت ۽ همت افزائي جي ڪري آئون ترقي جون منزلون چڙهندو ويس.


    اداري پاران

    اداري پاران


    انساني حيات جي پل پل ۾ ايندڙ مسرتن، پيڙائن، ڀوڳنائن ۽ نہ وسرندڙ واقعن کي قلمبند ڪرڻ جو ڏانءُ هر ڪنهن جو مقدر نہ ٿو بڻجي سگهي ۽ سچ جو ڪڙو ڍُڪ پيئڻ جي سگهہ سان سرشار وجود يقينن دنياوي ردعمل ۽ وقتي المين سبب تمام گهڻين ڏکاين ۽ تلخين کي برداشت ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا. پوري دنيا اندر ادب جي صنف ۾ سوانح عمري يا آتم ڪٿا جي اهميت ۽ افاديت کان ڪنهن بہ طرح انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي.

    سنڌيءَ ۾ منظر عام تي آيل اهڙن ڪتابن مان خاص طور مرزا قليچ بيگ، محمد صديق مسافر، ڊاڪٽر دائود پوٽو، سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، پوپٽي هيراننداڻي سميت اهم ادبي شخصيتن جون ڪٿائون اڄ بہ پڙهندڙن جي ذهنن ۾ نقش ٿيل ۽ مطالعي هيٺ رهنديون اچن ٿيون. سائين نظام الدين لغاريءَ جي زندگيءَ جو وچور سندس هن ڪتاب ”پور وڇوٽ محبتون“ مان بخوبي جهلڪندي محسوس ٿيندو، جنھن ۾ ساڻس پيش ايندڙ وارتائن ۽ حسين لمحن جو سنگم جتي پنھنجي چھري تي حيرت جون ريکائون اڀاري ٿو، اتي سندس سبق آميز ڳالھيون پنهنجي وجود کي چھنڊڙيون پائيندي ‏ محسوس ٿين ٿيون.

    جيتوڻيڪ سائين نظام الدين لغاري جو ادبي پورهيو يا سندس ادبي ۽ سماجي سرگرميون پنبڻين تي پٿارڻ جھڙيون رهيون آهن پر هن پھرين ادبي ڪاوش جي منظر عام تي اچڻ بعد يقينن پڙهندڙن کي سندس مختلف پھلوئن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جو موقعو پڻ ملندو، جنھن ۾ هن پنھنجي اکين جو نور نچوڙي زندگيءَ جي تلخ تجربن کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار قلمبند ڪندي نہ ڄاڻ ڪيترو ڀوڳيو ۽ پيڙيو بہ هوندو. نظام الدين لغاري اسان کي مسڪرائي زندگي گذارڻ جي فن کان روشناس ڪرائي جتي فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي، اتي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ جو درس بہ ڏئي ٿو. اميد تہ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيل آتم ڪٿائن جي سلسلي جي هن ڪڙي ”پور وڇوٽ محبتون“ کي پڻ ساڳي محبت ۽ قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    ليکڪ جي زندگي جو عڪس

    ليکڪ جي زندگي جو عڪس

    نظام الدين لغاري نالو
    مظهر علي لغاري . ( اڃان مس کينهوڙو کيڏڻ جهڙو ٿيس
    تـ بابا لاڏاڻون ڪري ويو) پيءَ جو نالو
    صاحبزادي، (سندس دعائن سان آئون ترقي جون منزلون چڙهندو ويس. اها بـ 2007ع ۾ راهـ رباني وٺي وئي. ) ماءُ جو نالو
    غلام فاطمـ شريڪ حيات
    15 جون 1955ع (اسڪول رجسٽر مطابق) ڄمڻ جي تاريخ
    ڳوٺ گلاب لغاري، تعلقو ماتلي، ضلعو بدين، سنڌ ڄمڻ جو هنڌ
    اسلام آباد حال رهندڙ
    ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي اولاد
    ايم اي ايڪانامڪس، ايم، بي اي .
    بي،اي سيڪنڊ ڪلاس، انٽر ڌِڪي پاس، مئٽرڪ مڙئي پاس تعليم
    غربت ۽ مفلسي جي ڪري ٻـ سال چڻان وڪيا ۽ درزڪو ڪم ڪيو ڌنڌو ڌاڙي
    1974ع نوڪري (سنڌي ماستر)
    1976-77ع ۾ ٽريننگ دوران راشد مورائيءَ سان ملاقات ٿي، جيڪا وڌي دوستيءَ جي حد تائين پهتي، جنهن زندگيءَ جا طور طريقا ئي بدلائي ڇڏيا. ڪتاب پڙهڻ جي اهڙي عادت پيئي جو ڌڪي پاس ۽ مڙئي پاس وارا خال سڀ ڀرجي ويا. آئون تحت الشعور کان بـ مٿي پهچي ويس. مٺياڻي ۾ PTC ٽريننگ
    1986ع (فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارش تي) ريسرچ آفيسر (گريڊ 17)
    1992 ع ۾ پروموشن ذريعي، اسسٽنٽ ايڪنامڪ ايڊوائزر (گريڊ 18)
    2007ع (فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارش تي) ڊائريڪٽر (گريڊ 19)
    2011ع ۾ پروموشن ذريعي ڊائريڪٽر جنرل (گريڊ 20)
    جون 2015ع نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ
    بااخلاق، مخلص دوست ۽ سٺا ڪتاب جنون جي حد تائين پيار
    غلطي تسليم ڪرڻ ۽ معافي وٺڻ اڳرائي
    موسيقي ڪمزوري
    شباب، ڪواب ۽ دولت . Woman,Wine & Wealth سڄي ڄمار جن جاندار ۽ بيجان شين سان دل نـ لڳي
    پراڻن خيالن کان نفرت
    سنڌ جا سڀئي نوجوان پڙهي وڏن عهدن تي پهچن ۽ سنڌ امڙ جي خدمت ڪن. خواهش


    نظام لغاري – اورچ انسان

    نظام لغاري – اورچ انسان
    فضل الله قُريشي

    نوڪريءَ سانگي سن 1966ع کان 1974ع تائين مهينـي ماس اسلام آباد اچڻ پيو ٿيندو هو. شروع واري عرصي ۾ سنڌي خال خال نظر ايندا هئا. پر ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي حڪومت يعني پيپلز پارٽي جي پهرين دور جي شروع کان ئي سن 1972-73ع کان آهستـي آهستـي سنڌي اسلام آباد ۾ نوڪري سانگي اچڻ ۽ رهڻ شروع ٿيا. خاص طور تعليم واري وزارت ۽ ان جي ڪيترن ئي ماتحت ادارن، بشمول نيشنل بڪ فائونڊيشن وغيره ۾ عبدالحفيظ پيرزادي صاحب ۽ ان کان پوءِ سائين غلام مصطفيٰ شاهـ جي عرصي ۾ ڪافي سنڌي اسلام آباد آيا.
    سنـ 1974-75ع ۾ جڏهن ڀٽي صاحب آفيسرن لاءِ گريڊ 19 ۽ 20 ۾ سڌي ڀرتي يعني Lateral Entry اسڪيم آندي تـ سنڌ جي مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري شعبن مان سنڌي آفيسر اچڻ لڳا ۽ پنهنجي لياقت آهر سٺيون نوڪريون حاصل ڪيائون. انهي عرصي دوران بنگالي آفيسرن جي وڃڻ بعد سرڪاري گهر خالي ٿيا. جيڪي سنڌين کي سولائي سان ملندا هئا. بعد ۾ پيپلز پارٽي سنڌين ۽ بلوچن کي اوليت جي بنياد تي گهرن جي الاٽمينٽ جي ڪا پاليسي ٺاهي نـ سگهي. ان ڪري ڪيترائي “تن آسان” سنڌي نوڪريون ڇڏي واپس سنڌ ويندا رهيا، يا وري سنڌ بدلي ڪرائڻ لاءِ جتن ڪندا رهيا. ان وقت پرائيويٽ هاسٽلون، (مردن توڙي عورتن لاءِ ) ڪو نـ هونديون هيون. ان ڪري اسلام آباد ۾ رهائش هڪ ڏکيو مسئلو هو. ڪجهـ دوستن “سَنتَ نگر” (ون يونٽ جي زماني ۾ لاهور ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي جنهن علائقي ۾ رهندا هئا ان جو نالو) لاهور ماڊل طور پنهنجن الاٽ شدهـ گهرن ۾ ٻين سنڌين سان گڏ رهڻ شروع ڪيو. ان ڪري ڪمپني بـ ٿيندي هئي ۽ خرچ بـ بچندو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي تـ ستر جي شروع واري ڏهاڪي ۾ هتي اسلام آباد ۾ لال مسجد جي ڀرسان G-6 سيڪٽر ۾ هڪ طرف اسلم سنجراڻي ۽ سليم گل وارا رهندا هئا (ٻئي ماشاالله فيڊرل سيڪريٽري ٿيا) تـ ٻئي پاسي مڱريا ڀائرن (نجم الدين ۽ شمس الدين) وٽ تـ “ مولو مسافر خانو” هوندو هو. اُتي هڪ ئي وقت ۾ ڊزنن جي تعداد ۾ دوست پڪا، توڙي ڪچا گڏجي رهندا هئا. ڀائپي واري ماحول ۾ سنڌين اسلام آباد ۾ پير ڄمائڻ شروع ڪيا. اڳتي هلي MNA هاسٽل ۾ ڪمرا هٿ ڪيا ويا. جتي گُهرج آهر، سينئر توڙي جونيئر هڪ ٻئي کي ڪشادي دل سان جايون ڏيندا هئا. جڏهن سن 1975ع ۾ منهنجي پهرين پڪي پوسٽنگ اسلام آباد ۾ ٿي تـ آئون بـ بدر شيخ (اصل شڪارپور هاڻي امريڪا) وٽ اچي لٿس. ان وقت MNA هاسٽل ۾ اسان ميس کولي هئي. سجاد علي شاهـ جوائنٽ سيڪريٽري ( چيف جسٽس آف پاڪستان) منظور شيخ صاحب (ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ميمبر پلاننگ ڪميشن) آصف شيخ جوائنٽ سيڪريٽري، ميمبر هئاسون. ان کان سواءِ MNA هاسٽل ۾ فضل مغل، مشتاق قاضي ۽ علي نواز ڪلهوڙو وغيره گڏ رهندا هئا.
    بعد ۾ 1975ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سِگا) اسلام آباد جو بنياد پيو تـ هڪ مرڪز ملي ويو. انهي دوران الاهي بخش سومرو صاحب هائوسنگ ۽ ورڪس جو وزير ٿيو تـ، سِگا اسلام آباد برانچ جي ڪوشش سان ڪافي گهر سنڌين کي الاٽ ٿيا. سِگا طرفان انهن گهرن کي اسلام آباد ۾ نوڪريءَ جي تلاش ۾ ايندڙ نوجوانن جي لاءِ Youth Hostel طور استعمال ڪيو ويو. ڀٽي صاحب جي وڃڻ کان پوءِ خاص ڪري ضياءُ الحق جي دور ۾ Lateral Entry تحت نوڪريون حاصل ڪندڙ آفيسرن خلاف ۽ ان سان گڏ ڀٽي صاحب جي دورٰ حڪومت دوران، آيل سنڌي آفيسرن خلاف پڻ ڪات ڪهاڙا کنيا ويا، نتيجي طور ڪجهـ ڇڏي ويا، ڪجهـ ڪڍيا ويا. مطلب تـ ڪافي Set Back ٿيو. ان کان سواءِ سنڌين جي نئين ڀرتي بـ نـ هئڻ جي برابر تي وڃي پهتي. بس FPSC معرفت آفيسرن جي اسلام آباد ۾ هلڪي ڦُلڪي ڀرتي ٿيندي رهي. انهن مان ڪجهـ اسلام آباد ايندا هئا تـ ڪجهـ نـ ايندا هئا. ڇاڪاڻ جو اسلام آباد مهانگو شهر تصور ڪيو ويندو آهي. ان وقت ٽرانسپورٽ (پبلڪ) ۽ رهائش جا بـ مسئلا هئا. اهڙي نامناسب ماحول ۽ حالات ۾ سن 1986ع ۾ نظام الدين لغاريFPSC جي معرفت فنانس منسٽري ۾ بطور ريسرچ آفيسر اچي ٿو، تـ اها خود هڪ همت ۽ ڪاميابي واري ڳالهـ هئي. سندس سرڪاري ڪارڪردگيءَ بابت لکڻ کان اڳ ۾ اچو تـ سندس ڪتاب ۾ جهاتي پايون.
    جيئن پاڻ ٽائٽل پيج تي لکيو اٿائون تـ هي ڪتاب صرف آتم ڪٿا نـ آهي پر خطن، خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو پڻ آهي. ان ڪري انهيءَ نظر سان ڪتاب کي پرکيو ۽ پڙهيو وڃي. نظام جو تعلق لاڙ سنڌ سان آهي. آئون اترادي آهيان، گهڻي ڀاڱي رهائش ۽ پڙهائيءَ اتر سنڌ ۾ ٿي. ها البت پڙهائيءَ جو ڪجهـ حصو حيدر آباد ۽ ڄامشوري ۾ پڻ پورو ٿيو. ان ڪري لاڙ بابت سندس احوال اسان کي ڪافي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. نوڪريءَ واري زماني ۽ ان کان پوءِ بـ آئون بدين ۽ ٺٽي ويندو رهيو آهيان. جڏهن تـ 90 ۽ ان کان پوءِ وارن ڏهاڪن ۾ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) جڏهن ٺٽي، بدين ۽ ڊگهڙي ۾ شروع ڪيو ويو تـ سال ۾ ٻـ ٽي دفعـا وڃڻ ٿيندو هو ۽ ڪميونٽي سان گڏجاڻيون پڻ ٿينديون هيون. پر سنـ 50 ۽ 60 واري ڏهاڪي ۾ ان علائقـي يعني لاڙ جي سماجي ۽ معاشي جوڙ جڪ، ريتون رسمون، اٿڻ ويهڻ، ڪانڀ ڪچهريون، جنهن نموني نظام بيان ڪيون آهن سي اسان جي تصور کان گهڻيون مختلف آهن. اڳتي هلي پنهنجي نرالي انداز بيان سان، سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان، ان وقت جي حالتن، لٽي، لباس،ماڻهن جي روزمرهـ جو وهنوار، عادتون، کاڌو پيتو، هڪ نرالي ڪلچر جي ڏيک ڏئي ٿو. پنهنجي پسماندگي، غربت ۽ بي وسيءَ جو بيان هن ضرورت کان وڌيڪ سچائيءَ سان ڪيو آهي. هونئن ماڻهو زماني خاطر چوندا آهن تـ “ڍڪي ڀلي” . پر آئون سمجهان ٿو نظام جذبات ۾ اچي گهڻو سچ لکي ويو آهي. اها سندس سادگيءَ يا سچائيءَ آهي، سو پڙهندڙ پاڻ پروڙي سگهن ٿا.
    والد جي دڪان ۾ نقصان ۽ جلدي وفات نظام کي بي وس ۽ لاچار ڪري ڇڏيو. پر سندس والده محترمـا جي همت ۽ والد جي دوستن ۽ معاشري جي چڱن مڙسن (جن ۾ چاچا،ماما بـ اچي وڃن ٿا) جي شفقت نظام کي اڪيلو نـ ڇڏيو ۽ سڀني جي جدوجهد سان هن تعليم سان جند جان سلهاڙي رکي. بقول سندس لکڻ جي تـ هو تعليم ۾ بـ گهڻو هوشيار نـ هو تـ بـ ماءُ جي همت ۽ پنهنجي اورچ طبعيت ڪري پڙهائي نـ ڇڏيائين ۽ مئٽرڪ ننڍي عمر ۾ ڪري نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ۾ رهيو. ننڍي عمر هئڻ سبب انهي ۾ ناڪام ٿو ٿئي. پر گهرو حالات کيس “ چڻن وڪڻڻ” جي حد تائين کڻي ٿا وڃن ۽ اهي ڳالهيون لکندي آئون سمجهان ٿو تـ هو فخر محسوس ڪري ٿو. جيڪو حق بجانب آهي. “پورهئي ۾ ڪوئي عيب ڪونهي” . اتي اهو بـ لکي ٿو تـ سندس رنگ صاف هوندو هو ۽ شوقين ماڻهو کيس ڳڀرو ( ڀورل) هئڻ ڪري چڻا هرو ڀرو هن کان اچي وٺندا هئا. يار نظام ڏاهو ٿي اهڙيون سچيون ڪتاب ۾ نـ ڪبيون آهن. پر شايد هو سڀ راز ٻڌائڻ تي بضد آهي. ان سان گڏ گهرو حالات ٻڌائيندي لکي ٿو تـ “پنج سال گهر ۾ ٻوڙ نـ کاڌو. پاڙي مان آيل لسيءَ لپ تي صبح شام گذارو ٿيندو هو. اصل نـ سلڻ جهڙيون ڳالهيون آهن پر“ جتي باهـ ٻري اها جاءِ جلي”.
    مٺياڻي ۾ ٽيچرس ٽرينگ دوران نيون دوستيون ۽ علم جي تلاش نظام جي اندر “ علم جي اڃايل وجود جو ڏس ڏين ٿيون”، جيڪو علم ۽ ڄاڻ لاءِ پياسو آهي. اُهو علم چاهي ڪتابن مان ملي، دوستن ۽ استادن وٽان ملي يا ڪچهرين وسيلي، ان سلسلـي ۾ هُو هر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي. نوڪري جي نون نون تجربن سان بشمول “بالغن لاءِ نابالغ استاد” بـ نـ وسرندڙ آهي. پاڻ اڳتي هلي ڪيترن “رڄ چڱن مڙسن ” سخي ماڻهن بشمول رئيس ٻڍو خان ٿيٻو، راشد مورائي، ۽ سائين محبوب علي چنـي جو ذڪر بـ ڪن ٿا ۽ انهن جو ذڪر بار بار آيل آهي. راشد مورائيءَ سان منهنجو عام تعارف هو، البتا چنـي صاحب سان 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ منهنجا بـ قريبي ۽ قرب وارا رستا رهيا. تفصيل لاءِ گنجائش ڪونهي البتـا نظام جي ڪتاب لاءِ آئون چنـي صاحب جو مون ڏي لکيل ڪيترن ئي خطن مان صرف هڪ خط ضميمـي_1 طور رکڻ جي گذارش ڪندس. ڇاڪاڻ جو ڪتاب ۾ چنـي صاحب جو ڪو بـ خط يا لکڻي شامل نـ آهي. نظام لغاري ڪتاب ۾ گهڻن ئي محبتن جو ذڪر بي ريائي سان ڪيو آهي. اهو بس سندس ئي انداز آهي. آئون انهي تي وڌيڪ روشني نـ وجهندس.
    نظام هڪ مايوس ڪُن ماحول مان FPSC جي معرفت ايڪانامسٽ ۽ پلانر گروپ ۾ 17 گريڊ ۾ چونڊ جي اچي ٿو. اها فخر جهڙي ڳالهـ آهي. اهو گروپ سن1975 ع ۾ وجود ۾ آيو ۽ آئون انهن پهرين آفيسرن جي گروپ ۾ هوس، جيڪي انهيءَ گروپ ۾ شامل ٿياسين. ان ۾ ڪيترائي 17 کان 22 گريڊ تائين جا آفيسر بـ شامل ٿيا هئا ۽ ٿيندا رهن ٿا ۽ اڄ بـ مختلف وزارتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. گروپ جو ڪنٽرول (مقرري، پروموشن ۽ بدليون) پلانگ ڊويزن وٽ هوندو آهي. ڪامرس، فنانس، ايگريڪلچر، ايڪنامڪ افيئرس ۾ خصوصي طور هِن ئي گروپ جا آفيسر مقرر ٿيندا آهن. ان کان علاوهـ ڊيپوٽيشن تي CSS گروپن وانگر ٻين وزارتن ۽ ٻاهرين ملڪن جي نوڪرين Foreign Affairs ۾ پڻ هن گروپ جا آفيسر وڃي سگهن ٿا ۽ ويندا رهيا آهن.
    جنهن زماني ۾ نظام اسلام آباد ۾ اچي ٿو. آئون بـ اُتي ئي هيس. پر آئون پلاننگ ڊويزن ۾ هوندو هوس ۽ جلدي سنڌ ۾ بطور ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٿي ڪراچي هليو آيس. ان دوران سِگا جي گڏجاڻين ۾ ڪافي سنڌين سان تعارف ٿيندو رهيو ۽ نظام سان بـ واسطو رهيو. مون انهن گڏجاڻين ۾ بـ نظام کي ڪجهـ مختلف ڏٺو. ضرورت کان وڌيڪ بيباڪ ۽ سچ منهن تي چوڻ واري جيڪا هن ۾ هڪ خوبي آهي. پر اڄ ڪلهـ ”مصلحت ڪلچر“ ۾ اهڙا ماڻهو گهٽ پسند ڪيا ويندا آهن. ساڻس سرڪاري واسطو بطور سيڪريٽري ۽ اسسٽنٽ چيف نوي واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۾ ڪجهـ وقت رهيو. ڇاڪاڻ جو آئون بعد ۾ سيڪريٽري شماريات ڊويزن ۽ چئرمين نيشنل ٽيرف ڪميشن ٿي ويس.
    نظام جلدي پلانگ گروپ ڇڏي سڌي ڀرتي رستي 19 گريڊ ۾ وڃي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جوائن ڪيائين ۽ 20 گريڊ ۾ بطور ڊائريڪٽر جنرل، پاڪستان پبلڪ ايدمنسٽريشن ريسرچ سينٽر ٿيو ۽ اتان ئي رٽائر ڪيائين. پنهنجي انهي اهم سرڪاري اداري جو سربراهـ رهيو. بدين کان آيل هڪ سنڌي نوجوان لاءِ ايتري عرصي ۾ اهڙي اهم پوسٽ تي رسڻ ڪا گهٽ ڳالهـ نـ هئي. نظام جيئن لکيو آهي تـ بطور ڊائريڪٽر جنرل DG (PPARC) هن اِن ڏس ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ نواڻ آندائين ۽ سندس اٺن سالن واري زماني ۾ 30 کان 35 جي وچ ۾ ريسرچ رپوٽون آيون ۽ ان کان اڳ وارن سالن ۾ ايتريون رپوٽون ڪو نـ آيون هيون. هُن صفحي 262 تي جيڪي نوڪرين جو تفصيل ڏنو آهي . ان سلسلي ۾ مون بـ هڪ وضاحتي نوٽ لکيو آهي جيڪو هن ڪتاب ۾ ضميمـي_2 طور شامل آهي. هاڻي نظام جي رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻن سالن ۾ ڪا بـ رپورٽ ڪو نـ آئي آهي ۽ آئون اهو پڻ چوڻ تي مجبور آهيان تـ اسان وٽ ادارا مفلوج ٿي ويا آهن ۽ ڪي فرد ئي آهن، جيڪي سسٽم کي انڌو منڊو هلائي رهيا آهن. اهائي حالت حڪومت جي آهي. بشمول يونيورسٽين جي، جتي ريسرچ ۽ علم کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهـ هلي ٿو.
    نظام پنهنجن اسلام آباد جي دوستن ۾ ابراهيم نظاماڻي(مرحوم) عبدالحق شاهـ (مرحوم) ۽ علي مراد چاچڙ جو ذڪر ۽ فڪر ڪيو آهي. آئون انهن ٽنهي دوستن کي نظام کان اڳ سڃاڻندو هوس، ڇاڪاڻ جو هو بنيادي طور پلاننگ ڊويزن جا آفيسر هئا، منهنجو اڻ سڌي طرح پلانگ ڊويزن سان سن 1974ع کان واسطو رهندو آيو آهي. ان کان پوءِ 1984ع کان آئون انهيءَ ڊويزن ۾ ڳپل عرصو رهيس. اهي ٽئي دوست تمام ايماندار ۽ محنتي آفيسر هئا. هڪ ڳالهـ البت عام هُئن، تـ Flexibility گهٽ هئن ۽ پنهنجي دنيا ۾ مگن رهندا هئا. مون کين اسلام آباد ڪلب ۾ يا Jagging ٽريڪ تي گهٽ ڏٺو. قدرت کين وقت ڏئي ها (محمد ابراهيم نظاماڻي ۽ سيد عبدالحق شاهـ) تـ هو بـ آساني سان 20 گريڊ ۾ رٽائرٿين ها. رٽائرمينٽ بعد اسان جو نظام لغاري سان سِگا جي ڪري ۽ هونئن بـ وڌيڪ رستو گهرو ٿيو. ڇاڪاڻ جو مون کي ريسرچ ۽ آتم ڪهاڻي لکڻ لاءِ ڪافي شين جي ضرورت پوندي هئي. ان ڪري نظام جي نوڪريءَ جا پويان 15 سال اسان وڌيڪ قريب رهياسين.
    هُن پنهنجي ڪتاب ۾ سِگا بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي . هو سِگا سان 30 سالن کان وٺي لاڳاپيل رهيو آهي تـ آئون 40 سالن کان . سِگا بابت منهنجا تجربا بـ ڪي سٺا نـ رهيا آهن. پر اوهان ادارن کان گهرڻ يا وٺڻ بدران ڏسو تـ اوهان ادارن کي ڇا ٿا ڏيو. فردن جي اڻبڻت بـ ٿيندي آهي. سِگا بـ فردن جو مجموعو آهي. وقت بوقت ان ۾ هر قسم جي عُهدن ۽ ذاتين جا عهديدار ايندا رهندا آهن. پر سڀ ووٽ ۽ هڪ آئين تحت ٿيندو آهي. پر جهموريت جي خرابي اها آهي تـ اُتي ماڻهو ڳڻيا ويندا آهن. ان جو عقل، علم يا لياقت سان ڪو بـ واسطو نـ آهي. ان ڪري انهن اليڪشنن ۾ بـ سڌي يا اڻ سڌي طرح Manipulation يا گروه بندي ٿيندي آهي ۽ هيڪر گروپ جڙيو وڃن تـ پوءِ هڪ قسم جي هڪ هٽي بـ ٿي سگهي ٿي. پر اهو سڀ ڪجهـ جڙندو ٽٽندو رهندو آهي ڪنهن گروپ يا گروه اليڪشن کٽڻ بعد ڪا پابندي نـ هنئي آهي تـ هارايل گروپ جا ماڻهو سِگا ۾ شريڪ نـ ٿين يا ڪم نـ ڪن. هي سڀ ڪجهـ رضاڪارانـ بنياد تي ٿيندو آهي، نـ پگهار نـ گاڏي، نـ پٽرول يا پئسـا پوءِ جهيڙو ڇا تي؟ ها اسين سنڌي ضرورت کان وڌيڪ بطور فرد باغيرت ۽ اناپرست آهيون ۽ برداشت جي بـ اسان ۾ ڪمي آهي. ڪمزور سهپ جا رويا بـ ذرا زياده ئي آهن. اجتماعي حيثيت کان وڌيڪ انفراديت پسند آهيون. جڏهن اوهان ڪنهن سبب جي ڪري اليڪشن هارايو ٿا تـ اداري کان دوري اختيار ڪريو ٿا . اها ڳالهـ صحيح نـ آهي، هارائڻ باوجود اوهان اداري ۾ ويهو، ميٽينگن ۾ حصو وٺو، فلاحي ڪم جا پروپوزل آڻيو ۽ ڪوئي سبب نـ آهي تـ اوهان کي موٽ نـ ملندي. اسلام آباد ۾ گهٽ ۾ گهٽ مختلف مرحلن ۾ 1000 کن سِگا جا ميمبر ٿيا هوندا. پر انهن مان گهڻي ڀاڱي ڇڏي ويا. باقي صحيح نموني سڌي يا اڻ سڌي طرح رفائي ڪم سان دلچسپي گهٽ ٿا رکن. بطور رضاڪار، ڪا جوابداري سنڀالڻ لاءِ تيار ڪو نـ آهن. سِگا اسلام آباد برانچ کي مرڪز توڙي اسلام آباد ۾ جڏهن ڪا وڌيڪ شناخت ملي ۽ اثاثا ٺهيا تـ ماڻهن جون اميدون غير ضروري طور وڌي ويون. هڪ ڳالهـ واضع ڪندو هلان تـ اسان وٽ 90 سيڪڙو اثاثـا سرڪاري امداد تي ٺهيا آهن، جنهن ۾ گهڻو تڻو سنڌ سرڪار جو حصو هو، جنهن جو ذڪر (ڄام صادق علي بابت) نظام بـ ڪيو آهي. ان بعد اسلام آباد ۾ (سالڪ) Shah Abdul Latif Community Center لاءِ محمد ميان سومرو بطور گورنر سنڌ، وزير اعظم ۽ چيئرمين سينٽ جي حيثيت ۾ ڪافي ساري مالي امداد ڏني. ان امداد مان ٻـ ڪميونيٽي هال عام گڏجاڻين جي لاءِ، لائبريري ۽ 50 سنڌي نوجوانن جي رهڻ لاءِ هاسٽل ٺهرائي وئي آهي. ان کان اڳ 450 سيٽن وارو مڪمل سينگاريل، سنواريل، ايئرڪنديشنڊ آڊيٽوريم ۽ هڪ وڏو لان، عام گڏجاڻين لاءِ موجود آهي . اصل مسئلو شين کي سنڀالڻ ۽ انهن کي هلائڻ جو آهي. انهيءَ لاءِ هڪ فل ٽائيم منتظم پگهار دار ضروري آهي ۽ گڏو گڏ مالي وسيلا بـ پيدا ڪرڻا هوندا آهن. انهن سڀني شين کي هلائڻ لاءِ ايماندار ۽ اورچ ٽيم گهرجي. پنهنجي آمدنيءَ کان علاوه اسان کي سِگا مرڪز طرفان ڪجهـ امداد ساليانـي بنياد تي ملندي رهندي آهي. جتي ٿورو گهڻو پئسو هجي ٿو ۽ ان جي پرگهور يا ڪا اڪائونٽبلٽي نـ ٿي ٿئي تـ پوءِ هر قسم جون ڳالهيون ٻڌڻيون پون ٿيون. اسان جي سنڌي ماحول ۾ ٽنگون ڇڪڻ ۽ اڻ سهپ روز جو معمول بڻيل آهي، اتي پاند بچائي هلڻ ”پل صراط“ تي هلڻ برابر آهي.
    برابر سِگا اسلام آباد ۾ بـ ٻين جمهوري ادارن وانگر گروپ آهن. آئون ڪوشش ڪري اڻ ڌريو رهڻ پسند ڪندو آهيان، ڇاڪاڻ جو عمر ۽ سينارٽي (سِگا ۾) جي اها تقاضا آهي. نظام جي ناراضگي اداري سان آهي، موجوده چونڊيل سٿ سان آهي يا ڪنهن فرد سان، اهو سڀ هن واضع نـ ڪيو آهي. بهر حال هو ڪالهـ بـ سِگا جو ساٿي هو ۽ اڄ بـ اسان سان گڏ آهي. اهڙيون ناراضگيون کوڙ سنگت کي آهن. جن مان ڪن وڃي ٻيا ادارا ۽ سنگتون ٺاهيون. پر سِگا جا دروازا ۽ سالڪ سڀني لاءِ کليل آهن. جڏهن بـ ڪنهن ان جي مالڪي جِتائي ۽ هڪ هٽي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تـ سنگت سان گڏ منهن ڏبو. باقي آئون هرو ڀرو ڪنهن جي محنت يا ڪم ڪرڻ ۽ هن مانڊاڻ جو انتظام هلائڻ وارن تي اعتراض ڪرڻ کان پرهيز ڪندس.
    تقريبن گذريل 30 سالن کان اسلام آباد ۾ فيڊرل گورنمينٽ هر رٽائر ملازم کي عمر ۽ گريڊ آهر وڏا ننڍا پلاٽ هائوسنگ فائونڊيشن طرفان سرڪاري رعايتي اگهـن تي ملندا رهيا آهن. جيئن تـ نظام دير سان رٽائر ڪيو ان ڪري کيس تازو پلاٽ مليو آهي. پر هن شخص پنهنجي ميڙي چونڊي جنهن ۾ مختلف فنڊس ۽ پينشن جا پئسـا اچي وڃن ٿا. انهن مان اسلام آباد ۾ نئين ايئرپورٽ وٽ هڪ “سنڌي سوسائٽي، روشن پاڪستان” ۾ پلاٽ وٺي مڙسان مڙسي ڪري پنهنجو گهر ٺهرائي ورتو آهي. حالانڪ اسلام آباد ۾ اسان جي 20 کان 22 گريڊ وارن چڱن ڀلن سنڌي آفيسرن سرڪار کان سستا پلاٽ وٺي ڪروڙن جي منافعي تي بازار ۾ وڪڻي ڇڏيا ۽ وڃي سنڌ جا وڻ وسايائون. آئون سمجهان ٿو 90 سيڪڙو سنڌي پلاٽ يا گهر وڪڻي هليا ويا آهن. ان مد ۾ بـ نظام گوءِ کڻي ويو ۽ اسلام آباد ۾ مستقل مسڪن بنائي ويٺو آهي. مون بـ سندس پاڙي ۾ ساڳئي سوسائٽي ۾ پنهنجي پٽ فهيم لاءِ پلاٽ ورتو آهي. ان لحاظ کان اسان هاڻي پاڙيسري بـ آهيون.
    جيئن تـ ڪتاب ۾ ڪافي ريفرنس ڏنا ويا آهن، انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تـ نظام عام سنڌي آفيسرن کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل شخص آهي. رسالن ۽ اخبارن ۾ لکندو رهي ٿو ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ جوش و خروش سان حصو وٺندو رهي ٿو. هن جا مختلف ڪتابن تي لکيل يا پڙهيل تبصرا ڪجهـ ڏُکيرا،تُز ۽ تِکا هوندا آهن. ان ڪري آئون کيس منهنجن ڪتابن تي ڪجهـ لکڻ يا ڳالهائڻ کان پهرين کيس پارت ڪندو آهيان تـ“ ٻيلي هٿ هلڪو رکجانءِ”
    نظام لغاري ۽ سندس ڪتاب تي گهڻو ڪجهـ لکي سگهجي ٿو پر هاڻي آئون پڙهندڙن تي ڇڏيندس تـ پاڻ پڙهي انصاف ڪن. هاڻي دعا آهي تـ نظام ٻيو بـ ڪجهـ لکي، ماشاالله کيس لکڻ جو ڏانءُ بـ آهي علم بـ آهي ۽ شوق بـ آهي ” يار زندهـ صحبت باقي“ سدائين گڏ.

    اسلام آباد
    آگسٽ 2017


    جيون ڪٿا –جاکوڙ ڪٿا

    جيون ڪٿا –جاکوڙ ڪٿا
    نصير ميمڻ


    نظام الدين لغاريءَ سان ڏيٺ ويٺ تـ اسلام آباد ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي. سندس پنهنجائپ ۽ پاٻوهـ مان لڳندو آهي تـ ڄڻ جنمن کان ساڻس ڪو تعلق هجي. سندس اندر ۾ ويٺل هڪ وطن پرست ۽ سنڌ دوست شخصيت جو پتو پهريون ڀيرو تڏهن پيو، جڏهن هن ڪوٽا سسٽم ۾ ٿيندڙ ڀڃڪڙين ۽ سنڌ سان ٿيندڙ نوڪرين ۾ نا انصافين بابت، انگن اکرن تي ٻڌل هڪ پريزنٽيشن ڏني. سرڪار جو حصو هوندي اڪثر ماڻهو سماج جي گڏيل مسئلن کان گهڻي ڀاڱي پاسيرا رهندا آهن. پر نظام لغاريءَ انهن ٿورن ماڻهن مان آهي. هن سرڪاري عهدي تي هوندي بـ پنهنجن ماڻهن سان ڳانڍاپو برقرار کيو ۽ سندن جائز حقن لاءِ ڪردار ادا ڪيو.

    مون کي نهايت خوشي آهي تـ نظام پنهنجي جيون ڪٿا کي ڪتابي شڪل ڏني . هن کان اڳ ويجهي ماضيءَ ۾ سائين فضل الله قريشي ۽ شمس الدين جعفراڻيءَ جون جيون ڪٿائون ڪتابي شڪل ۾ نظر آيون. در حقيقت ڏهاڪن تائين سرڪاري نوڪرين ۾ رهڻ وارن فردن وٽ انيڪ تجربا ۽ ڄاڻ سان ٽمٽار خيال هوندا آهن. جيڪي رٽائرمينٽ کان پوءِ اهي اڪثر نجي ڪچهرين ۾ ونڊيندا رهندا آهن. پر انهن کي عام ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ لکت ۾ نـ آڻيندا آهن هر سال سون جي ڳاڻيٽي ۾ نوڪرين تان رٽائرمينٽ وٺندڙ ڪامورا نهايت ڪارائتي ڄاڻ ۽ تجربا ويندي وقت پاڻ سان کڻي ويندا آهن. سندن يادون ۽ تجربا جيڪڏهن لکت ۾ گڏ ڪجن تـ اهي هڪ دور جي سياسي، معاشي، سماجي، اخلاقي ۽ مذهبي تاريخ جو باب ٿي پون سائين فضل الله قريشي جي جيون ڪٿا پڙهندي ڪٿي بـ اهو نـ ٿو لڳي تـ هن رڳو پنهنجي ذات کي بيان ڪيو آهي پر سندس لِکتن ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي هڪ دور جي تاريخ نظر ايندي آهي. ساڳي طرح نظام الدين لغاري جي جيون ڪٿا بـ سندس دور جي سنڌ ۽ اسلام آباد جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو دستاويز آهي.
    نظام پنهنجي جيون ڪٿا ۾ منهنجي شخصيت بابت جيڪي مانائتا لفظ لکيا آهن، ان لاءِ آئون سندس ٿورائتو آهيان. منهنجي ننڍڙي ڪم کي جنهن محبت سان مَان ڏنو اٿائين اهو سندس پيار ڀري شخصيت جو اولڙو آهي. نظام ان دور ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ پير رکيو هو، جڏهن سنڌ ۾ سياسي اٿل پٿل پنهنجي عروج تي هئي. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ هوش سنڀاليندڙ نظام اُن پيڙهيل طبقي جو حصو آهي، جنهن زندگيءَ جي جبر ۽ ڏمر جي هر روپ کي ڏٺو ۽ سٺو آهي. سالن تائين گهر ۾ ديڳڙي بـ نـ چڙهي ۽ لسيءَ لپ تي ويلا ڪاٽي وڏو ٿيندڙ نظام پنهنجي ڪيريئر ۾ اهم عهدي تائين پهتو. سچ تـ سنڌ ۾ صلاحيت ۽ اهليت جي ڪا بـ کوٽ نـ آهي، رڳو سنڌواسين کي موقعا ملڻ جي ضرورت آهي. گذريل ٽن چئن ڏهاڪن دوران هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ هزارين ماڻهن پنهنجي جاکوڙ سان اهم عهدا ماڻيا آهن. پر انهن جي گهڻائي رڳو پنهنجون زندگيون آسوديون بنائڻ ۾ رڌل رهي ۽ پنهنجي سماج جو ڀرجهلو ٿيڻ پسند نـ ڪيائون. ڪجهـ ٿورا ماڻهو اهڙا ضرور هئا جن پنهنجي طبقي جي فائدي لاءِ ڪجهـ ڪردار ادا ڪيو. نظام انهن ٿورن ماڻهن مان هڪ آهي، جن وڏن عهدن تي پهچي پنهنجي مسڪين ماڻهن کي نـ وساريو ۽ وس آهر سندن واهر ڪندا رهيا.

    نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بـ اندازو ٿئي ٿو. جيون ڪٿا جي وچ ۾ هن هڪ تاثراتي نوٽ“ سنڌ جي وڃايل نوجوان جي ڳولا” تي لکيو آهي. ان تاثراتي نوٽ جي نـ رڳو ٻولي اندر جي احساسن کي جنجهوڙيندڙ آهي پر ان ۾ بيان ڪيل خيال سنڌي نوجوانن مان سندس آسن ۽ اميدن جي عڪاسي بـ ڪن ٿا. سنڌي نوجوان مان سندس اميد دنيا جي گولي کي مذهبي انتهاپسندي کان آجو ڪرائڻ آهي. نظام تـ پنهنجي سانڀر ۾ مذهبي، فرقيواريت، تعصبي ويڇن کان مٿاهين سنڌ ڏٺي هئي. اڄ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ انتهاپسندي جو زهر پکڙجي رهيو آهي ۽ سنڌ جي رواداري ۽ انسانيت ۾ ايمان رکڻ وارو ڪلچر انتهاپسندي جي اڳرائيءَ جو شڪار آهي. سنڌ جا شاندار سماجي قدر زوال جو شڪار آهن. اڄ جو سنڌي نوجوان سنڌ جي شاندار سياسي،تاريخي،قلمي ۽ سياسي جدوجهد واري ورثي ۽ انسان دوستي وارن روين کان اڻ ڄاڻ هجڻ سبب سنڌي سماج ۾، اثرائتي ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ کان وانجهو ٿي رهيو آهي. هڪ پاسي ٽيڪنالاجي ۽ ٻين مهارتن ۾ نوجوان ڀڙ ٿي رهيا آهن تـ ٻئي طرف اهي پنهنجي تاريخي ورثي ۽ قدرن کان ڪٽجي رهيا آهن. نوجوان جي الميي بابت ليکڪ جو تاثراتي ليک ذهن ۾ ڪنئين سوال اُڀاري ٿو.

    نظام پنهنجي يادن جو ذڪر ڪندي سياسي توڙي سماجي ادارن جي ڪردار تي بـ ڪارائتي ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي. اسلام آباد جي يادن جو ذڪر ڪندي سنڌ جي هڪ اهم سماجي اداري سنڌ گريجوئيٽس ائسو سيئيشن(سِگا) اسلام آباد شاخ جا پڻ پنهنجا تجربا بيان ڪيا آهن. سنڌ جا اهي ادبي، سماجي ۽ سياسي ادارا، جن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سنڌ ۾ سماجي تبديلي ۽ سياسي جاڳرتا ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، هاڻي زوال جو شڪار ٿي رهيا آهن. انهن ادارن جي ان صورتحال جي ذميواري قيادتن تي لاڳو ٿئي ٿي. جن ادارن جي قيادت جي نيت تي ڪو شڪ نـ هجي، تڏهن بـ حڪمت عملي جي حوالي سان سندن ڪمزوريءَ کان انڪار ممڪن نـاهي. ڏهاڪن تائين انهن ادارن تي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مخصوص عهديدار وارا بدلائيندا رهيا ۽ نئين قيادت کي اُسرڻ نـ ڏنائون. وقت گذرڻ سان انهن فردن ۾ اهو احساس گهرو ٿيڻ لڳو تـ سندن برابري، اهليت ۽ ايمانداري ڪنهن ٻئي ۾ ناهي. تنهنڪري انهن عهدن تي کين ئي رهڻ گهرجي. ائين لڳاتار ساڳين فردن جي قيادت موجود رهڻ سبب نـ رڳو ادارا جمود جو شڪار ٿيا، پر ڪن حالتن ۾ انهن ادارن ۾ فيصلي سازي ۽ وسيلن جو استعمال بـ چند ذهنن ۽ هٿن تائين محدود ٿي ويو. ان قيادت جي هميشـ کان خواهش ۽ ڪوشش رهندي آئي آهي تـ اهم عهدا وٽن ئي رهن ۽ باقي عهدن تي ڪي تعبيدار قسم جا وفادار فرد مقرر ٿين. ائين انهن ادارن ۾ ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان رضاڪاراڻي طور ڪم ڪندڙ ڪيترائي مخلص فرد پاسيرا ٿي ويا. جڏهن تـ ادارا هيٺ کان مٿي تائين جمود جو شڪار ٿي ويا ۽ ماضيءَ ۾ جيڪو شاندار ڪردار ادا ڪندا هئا. اهو هوريان هوريان ماضيءَ جو قصو بڻجي ويو. سنڌ ۾ هن وقت ڪجهـ جمهوري ادارن جو خال شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي. هاڻي جڏهن سنڌي سماج جاڳرتا جي مرحلي کان اڳتي وڌي عملي تبديلي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جڏهن تـ ٻئي طرف ان جي سرواڻي ڪندڙ ادارا پنهنجي صلاحيت وڃائي چڪا آهن بهرحال وقت جو ڦيٿو ڦري رهيو آهي ۽ سنڌي سماج ڪنهن وهندڙ وهڪري جيان پنهنجا رستا ٺاهي رهيو آهي، جتي ڪيترائي لقاءَ مايوس ڪندڙ آهن. اُتي ڪيتريون ئي اميدون ڪر موڙي رهيون آهن. نئين دور ۾ سنڌ ۾ نت نوان مسئلا اُڀري رهيا آهن ۽ مسئلن جا نوان حل بـ نڪري رهيا آهن. نظام لغاري جيان ڪيترائي سنجيده دوست پنهنجي حصي جو نڀاءُ ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ وِک وِک اڳتي وڌي رهي آهي.
    نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي . سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو خدا شال کيس ڊگهي عمر ۽ سٺي صحت نصيب ڪري.

    اسلام آباد
    آگسٽ، 2017


    اچوڙي سورن واريون

    اچوڙي سورن واريون
    ڊاڪٽر امان ميمڻ

    انسان جي اها جبلت آهي تـ هو مختلف طريقن سان پنهنجي ذات جو اظهار ڪرڻ چاهيندو آهي . انسان تـ ڇا! هر جاندار ڪنهن نـ ڪنهن حيلي بهاني سان پنهنجي ذات جو اظهار ڪندو رهي ٿو. جڏهن ڪو راڳيءَ ڪَن تي هَٿ رکي “الوميان” آلاپي ٿو تـ اصل ۾ هو پنهنجي اندر جي احساسن کي الاپڻ جي صورت ڏي ٿو. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو شاعر، شعر قلم بند ڪري ٿو تـ اهو بـ پنهنجي اندر جي وارداتن جي صورتگري ڪري ٿو. جڏهن مور پنهنجا پرڙا کولي وايو منڊل ۾ ڪئي انڊلٺون اُڀاري وجهي ٿو تـ اصل ۾ هو پنهنجي اندر جي حُسناڪين جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. ساڳيءَ طرح جڏهن ڪا ڪوئل ڪوڪي ٿي تـ اها بـ ڪي من اندر جون ماجرائون بيان ڪرڻ چاهي ٿي. اسان جي صوفي بزرگن چواڻي، نـ رڳو جاندار، بلڪ الله سائين پاڻ پڻ پنهنجي ذات جو اظهار ڪرڻ پي چاهيو، تڏهن تـ هن پنهنجي صورت جهڙو انسان تخليق ڪيو. سچل سائين مطابق؛
    سڄڻ پاڻ سڃاڻڻ آيوڙي، سڄڻ پاڻ سڃاڻڻ آيو. . . . . .
    يا
    صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو
    صوفي سڳورن مطابق، جيئن انسان، الله سائين جي تخليق آهي ۽ اها تخليق الله جي ذات ۽ صفات جو مظهر اهي. اهي ئي فنون لطيف جون مڙئي شاخون ۽ وصفون انسان جي ذات جو اظهار آهن. انهن وصفن مان آتم ڪٿا يا ساروڻيون هڪ آهڙي تخليق آهي جيڪا نـ رڳو ادب ۽ فن جو هڪ شاهڪار ٿي سگهي ٿي بلڪ اها پنهنجي دور جي هڪ سچي، عوام دوست تاريخ پڻ بڻجي سگهي ٿي. نظام لغاري جي هي ڪٿا پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳي ٿو تـ اها هڪ دور جي عوامي تاريخ آهي،جيڪا وڻندڙ ادبي پيرائين ۾ لکي وئي آهي. نظام جي لکيل هي تاريخ اها تاريخ ڪو نـ آهي جنهن جو محور ۽ مرڪز محلاتون ۽ انهن ۾ رهندڙ راڻا ۽ راڻيون آهن . پر هيءَ تاريخ پيٽ بکين ۽ انگ اگهاڙن جي تاريخ آهي. هن تاريخ جو ڪردار ڪو بادشاهـ سلامت ڪونهي بلڪ هڪ آهڙو يتيم ۽ مسڪين ٻار آهي جنهن جي گهر ۾ مهينن تائين ڪُنو ڪو نـ پي چڙهيو. نظام جي آتم ڪٿا پڙهندي مون کي گهڙيءَ گهڙيءَ اهو خيال پي آيو تـ خبر نـاهي اهڙا ڪيترا ٻيا بـ نظام هوندا جن جي گهرن ۾ بک جي ڏائڻ جو واسو هوندو . پر نظام جيان پنهنجي ڪٿا دنيا کي ٻڌائي نـ سگهيا هوندا. گلاب لغاري ڳوٺ کان سواءِ سنڌ جي انيڪ ڳوٺن ۾ اهڙا ڪيئي ٻار هوندا جن جا پيئر سماجي ۽ معاشي نا انصافين جي نتيجي ۾ ڦوهـ جواني ۾ پنهنجي اولاد کي يتيم ۽ ونين کي بي واهو ڪري اجل جو شڪار ٿي ويا هوندا. جيڪڏهن نظام جيان، سنڌ جو مڙئي مسڪين ماڻهو پنهنجي ڏکن سکن جون ڪهاڻيون لکي ڇپرائي تـ جيڪر سنڌ جي هڪ نرالي تاريخ مرتب ٿي سگهي ٿي. نظام جي هي تحرير پنهنجي معمولي ڪوتاهين جي باوجود سنڌي ادب ۾ هڪ سٺي ڪتاب جو اضافو آهي. هي ڪتاب پڙهي ان ڳالهـ جو پڪو پختو احساس ٿيو تـ نظام جو قلم سگهارو، سندس ٻولي جاندار ۽ سندس مشاهدا نهايت ئي گهرا آهن. نظام جو طرز بيان وڻندڙ آهي. جيڪڏهن ائين چئجي تـ نظام ۾ قصي گو Storyteller واريون خوبيون موجود آهن تـ ان ۾ ڪو وڌاءُ نـ ٿيندو.
    “پُورَ وڇوٽ مُحبتون” جي ڪٿا پڙهي معلوم ٿيو تـ نظام ۽ مون ۾ ڪجهـ هڪ جهڙايون آهن . مثال طور نظام جي ڄمڻ جو سال 1955 ع آهي . جيڪو منهنجو بـ ڄمڻ جو سال آهي. نظام 1986 ع ۾ سنڌ ڇڏي اسلام آباد ۾ 17 گريڊ جو ملازم ٿي آيو . آئون بـ ساڳئي سال لاڙڪاڻو ڇڏي اسلام آباد ۾ سترهين گريڊ ۾ ليڪچرر بڻجي آيس.
    سِگا اسلام آباد سان مان بـ شروع کان لاڳا پيل رهيس ۽ نظام بـ بنا وٿيءَ جي ميٽنگس ۾ ايندو رهندو هو. انهيءَ همعصري ۽ ويجهڙائي جي باوجود خبر ناهي ڇو اسان هڪ ٻئي جي گهڻو ويجهو نـ اچي سگهياسين. انهيءَ حوالي سان جڏهن نظام مون کي پنهنجون ساروڻيون نظر ثاني ۽ ٻـ اکر لکڻ لاءِ ڏنيون تـ مون کي اچرج ٿيو. نظام ۽ منهنجو ڇڊيون ملاقاتون سِگا جي فورم تي ٿينديون رهنديون هيون. هن سِگا اسلام آباد بابت جيڪي پنهنجا رايا لکيا آهن انهن سان گهڻي قدر سهمت آهيان. (امان ميمڻ صاحب هن وقت سِگا اسلام آباد برانچ جو صدر آهي) مان بـ نظام وانگي، شڪايتن جي باوجود سِگا،اسلام آباد سان لاڳاپيل رهيس. صرف انهي ءَ ڪري تـ اهو اسلام آباد جي سنڌين جو واحد ٿاڪ آهي. جنهن جي لاءِ دوست اڪثر اهو چوندا آهن تـ “شاهـ عبدالطيف ڪميونٽي سينٽر” جي صورت ۾ اسلام آباد ۾ هڪ “ننڍڙي سنڌ” آباد ٿيل آهي. سنڌ سان جيڪو روح جو رشتو ۽ دل جو ڳانڍاپو آهي اهو وري وري ڇڪي اچي سينٽر تي بيهاريندو آهي ۽ يارن دوستن جو ڪچايون ڦڪايون ۽ زور آوريون نظر انداز ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مان وڌيڪ ڪجهـ نـ چوندس جو سائين قريشي صاحب جن ان معاملي تي ڪافي تفصيل سان لکيو آهي.
    آخر ۾ آئون نظام جي اسلام آباد بابت يادگيرين مان هڪ يادگيريءَ بابت هلڪي ڦلڪي انداز سان پنهنجي راءِ ڏيندي ڳالهـ کي پڄاڻي تي پهچائيندس. نظام لکيو آهي تـ اسلام آباد ۾ نوڪري ملڻ کان پوءِ کيس ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ چيو ويو. جنهن لاءِ هو پولي ڪلينڪ پهتو. جيئن تـ نظام ڊائبيٽڪ هو انهيءَ ڪري سندس اندر ۾ اهو خوف ويٺل هو تـ اها بيماري ظاهر ٿيڻ جي نتيجي ۾ متان سندس نوڪري نـ هلي وڃي. سو سندس چواڻيءَ، هن ڇا ڪيو جو پنهنجي پيشاب جو سيمپل ڪنهن ٻئي همراهـ سان مٽي پنهنجي نالي تي جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن جو بعد ۾ کيس تمام گهڻو پڇتاءُ بـ ٿيو. نظام جي اها ڪهاڻي پڙهي مان انهيءَ ويچار ۾ رهيس تـ شڪر آ جو نظام ڪنهن مرد ماڻهوءَ جي پيشاب جو سيمپل پنهنجي نالي تي جمع ڪرايو. جيڪڏهن هو ڀُل ۾ ڪنهن ڳهراري عورت جو سيمپل پنهنجي نالي تي جمع ڪرائي ها تـ نـ رڳو نظام جي نوڪري داوُ تي لڳي وڃي ها پر کيس تمام وڏي شق ۽ بدناميءَ کي بـ منهن ڏيڻو پوي ها.


    اسلام آباد
    22 سيپٽمبر 2017


    ڪجهـ پنهنجي طرفان

    ڪجهـ پنهنجي طرفان

    نظام الدين لغاري


    منهنجي گهڻي عرصي کان وٺي اها خواهش رهي آهي تـ آئون پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکان، جتي مون گلن جي سجايل سيج جا مزا ماڻيا آهن، اتي آئون ڪَنڊَن جي پيچرن تي پڻ هليو آهيان. مون چاهيو ٿي تـ پنهنجي ڪا درد ڪٿا لکان، جنهن ۾ صرف منهنجو بيان هجي، پر قلم انهي ڳالهـ کان انڪار ڪندي چيو تـ “ تون دوستن کان سواءِ تـ اڌورو آهين. ” منهنجي اها خواهِش هئي تـ اهي“ نـ سلڻ جهڙيون ڳالهيون” بـ آئون پنهنجن پيارن دوستن سان سليان، جن جي لاءِ سائين فضل الله قريشي صاحب چيو آهي تـ “اهڙيون ڳالهيون ڪتاب ۾ نـ لکبيون آهن ” نظام لغاري توهان کي هينئر جيڪو نظر اچي ٿو. ان ۾ ڪن مخلص دوستن جو ڀرجهلو ۽ ساٿ رهيو آهي. سڄي زندگي ماڻهو سِکڻ جي عمل ۾ رهي ٿو. انهي سِکڻ ۽ سمجهڻ جي عمل ۾ ڪيترن ئي اهڙن ڪردارن جو احساساتي توڙي جذباتي ڪردار رهيو آهي، جن منهنجي زندگيءَ تي چٽا ۽ واضع اثر ڇڏيا آهن، جن منهنجي دنيا ئي بدلائي ڇڏي. مون کي اهو لکندي ڪنهن بـ قسم جو شرم محسوس نـ ٿو ٿئي تـ “جيڪڏهن منهنجي زندگي ۾ راشد مورائيءَ جو عمل دخل نـ هجي ها تـ آئون پرائمري ماستر مان ڊائريڪٽر جنرل ڪو نـ ٿي سگهان ها. هن پنهنجن پاڪ ۽ پوتر احسانن ۽ جذبن سان منهنجي تربيت ڪئي ۽ آئون ترقيءَ جون منزلون چڙهندو ويس.
    خبر نـ آهي تـ آئون ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهيان جو پئسو، عورت ۽ شربت منهنجي زندگيءَ جو ڪڏهن بـ حصو نـ رهيا آهن. گاڏيءَ ۾ موسيقي جيستائين نـ وڄندي، تيستائين گاڏي نـ هلندي، جيڪڏهن ڪا منهنجي ڪمزوري رهي آهي تـ اهي منهنجا دوست ئي آهن. آئون سمجهان ٿو تـ آئون واحد شخص آهيان، جيڪو خراب دوست ثابت ٿيو آهيان. باقي منهنجا سڀ دوست بهترين آهن، جيڪي منهنجن ڪوتاهين کي برداشت ڪندا اچن ٿا. دوست جي دوستيءَ کي ماپڻ لاءِ مون اڄ ڏينهن تائين ڪو بـ ماڻ ۽ ماپو نـ رکيو آهي. مذهب، فرقيواريت، ذات، پات، ننڍ وڏائيءَ کان منهنجي دوستيءَ جو دائرو هاڻي گهڻو مٿي چڙهي چڪو آهي.
    مون چاهيو ٿي تـ پنهنجي زندگيءَ جو سڄو سارو سربستو احوال لکان. پر بدقسمتيءَ سان آئون انهي ۾ ڪامياب نـ ٿيو آهيان. ڇو جو سرڪاري نوڪريءَ دوران آئون سرڪاري ڪمن ڪارين ۾ غرق رهيس . وقت ئي نـ مليو جو ڪا ڊائري وغيره لکي سگهجي. هي سڀ ڪجهـ مون پنهنجين يادگيرين جي بنياد تي لکيو آهي، جيڪا ڳالهـ جتي ياد ايندي وئي آهي، اها اتي لکندو ويو آهيان. انهي ڪري ڪتاب ۾ ورجاءُ بـ توهان کي ڪافي نظر ايندو. جڏهن تـ تسلسل جي بـ کوٽ نظر ايندي. انهي سبب جي ڪري ڪيترائي واقعا، حالات ۽ حادثا لکڻ کان رهجي ويا آهن. جن جو لکڻ ضروري هو. اهڙي طرح ڪجهـ منهنجن پيارن دوستن جو ذڪر بـ هن ڪتاب ۾ نـ اچي سگهيو آهي. ٻئي طرف جن دوستن جا مون ماضي ۾ لڙڪ اگهيا، حال ۾ انهن وٽ منهنجي پسيل نيڻن کي خشق ڪرڻ لاءِ ٽشو پيپر ڪو نـ آهن، جو کڻي منهنجن ناسور بڻيل ڦٽن تي پها رکي سگهن. ڏک ضرور اٿم پر وقت جي دز، يادن تي، خواهشن ۽ چاهتن تي، ماضي جي غلطين تي ايتريقدر جو نـ وسرندڙ رشتن تي مٽي جا مڻ وجهي ڇڏيندي آهي. مون لکڻ مهل اهو فيصلو ڪيو هو تـ ڪنهن بـ رت جي رشتي تي نـ لکندس. باقي روحاني رشتن تي مون کي جيڪي ڪجهـ وڻيو آهي، اهو مون لکيو آهي. اها پڪ اٿم تـ مون جيڪي ڪجهـ انهن بابت لکيو آهي منهنجا دوست انهي کي دل جي گهراين سان قبول ڪندا. خاميون ۽ خوبيون هر ڪنهن ۾ ٿينديون آهن، تنهنڪري خامين واري اک مون پوري ڇڏي هئي تـ مون کي منهنجي دوستن ۾ خوبيون ئي خوبيون نظر آيون . جيڪي مون هتي لکيون آهن. ٿي سگهي ٿو تـ قلم ڪٿي ڪڙو ۽ ڪسارو ٿي ويو هجي، اهڙي حالت ۾ آئون انهن دوستن کان معافي ٿو وٺڻ چاهيان،
    ويجهي ماضيءَ ۾ ٻـ آتم ڪهاڻين جا ڪتاب منهنجي نظر مان گذريا آهن. انهن ۾ شامل آهن، شيخ اياز جي آتم ڪهاڻي“ڪٿي تـ ڀڃبو ٿڪ مسافر” ۽ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا“ وهي کاتي جا پنا” اهي دنيا جي عظيم آتم ڪهاڻين ۾ ڳڻي سگجهن ٿيون. ان کان سواءِ ٻيون جيڪي لوڪل ريتن رسمن ۽ حالات ۽ واقعن تي مشتمل آتم ڪهاڻيون جيڪي مون تازو پڙهيون آهن، انهن ۾ اميربخش شر جي “رائي پير رت ڪيا”، ڊاڪٽر نور محمد لاڙڪ جي “ منهنجي زندگي جو سفر“۽ غلام حسين رنگريز جي “ خانـ بدوش روح جي ڪٿا” وغيره شامل آهن. جيڪڏهن انهن پوين ٽن آتم ڪٿائن کي هن منهنجي ڪتاب سان ڀيٽ ڏجي تـ تقريبن ڳالـهـ مڙئي ساڳي ٿيندي . يعني منهنجو هي ڪتاب پڻ لوڪل ڪانٽيسٽ ۾ لکيو ويو آهي.
    جيئن مٿي محترم نصير ميمڻ صاحب لکيو آهي تـ “هي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. ” اهو سچ آهي تـ منهنجي هن جيون ڪٿا جو سڄو محور نوجوان رهيو آهي. منهنجو اهو ايمان آهي تـ جيستائين اسان جو نوجوان نسل پڙهي لکي روشن خيال نـ ٿيندو، تيستائين سنڌ جو منجهيل مسئلن جي ڌٻڻ مان نڪرڻ ممڪن ڪونهي. انهي نتيجي ۾ مون هن ڪتاب ۾ سنڌ جي نوجوان تي هڪ الڳ تاثر لکيو آهي جنهن ۾ هُن جي همت، جرئيت ۽ اخلاق کي نکاريو ويو آهي. اڳتي هلي جڏهن هو الوپ ٿي ٿو وڃي تـ قوم ڪهڙي پيڙا مان گذري هُن کي عقيدت ۽ احترام جي تصوراتي دنيا ۾ ڪيئن ٿي ڳولي. انهي تي نصير صاحب پڻ ٻـ اکر لکيا آهن جيڪي پڙهڻ جي لائق آهن. منهنجي خيال ۾ 70 واري ڏهاڪي ۾ نسلن جو ڳانڊاپو ڪافي مضبوط هو، انهي ڳانڊاپي ۾ اسٽيڊي سينٽرن، مختلف قسمن جي ليڪچرن ۽ ذاتي ڪچهرين وڏو اهم قردار ادا ڪيو. انهي ڳانڊاپي جو هڪ ٻيو وڏو سبب انهن ماڻهن جو اعليٰ اخلاق پڻ هو جنهن انهي سڄي سلسلي کي پاڻ ۾ ڳنڊي رکيو. جيڪو هاڻي 21 صدي ۾ خال خال نظر ٿو اچي. اسان کي انهي نسلن جي گيپ کي سوڙهو ڪرڻون پوندو. جڏهن اسان انهي گيپ کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا سون، تـ پوءِ مون کي روز روشن وانگر اهو يقين آهي تـ اسان جو ايندڙ نسل هن سڄي ڪوڙ جي مانڊاڻ کي ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏيندو. جنهن اسان کي مذهب ۽ حبل الوطني جي ڄار ۾ اهڙو تـ ڦاسايو آهي جنهن کان ٻاهر نڪرڻ جو رستو يقينن اسان جو ايندڙ نسل ئي ڳولي لهندو.
    هن ڪتاب ۾ منهنجن پڙهندڙن کي منهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ جو موقعو ملندو ئي ملندو پر ان سان گڏ دوستن تي لکيل خاڪا، دوستن جا خط، مختلف دوستن جا مون تي لکيل رايا پڻ پڙهڻ لاءِ ملندا . منهنجي خيال ۾ آتم ڪٿا ۾ ائين ٿيندو ڪو نـ آهي. پر هي نئون تجربو آهي اميد تـ پڙهندڙن کي پسند ايندو. آئون خوشقسمت آهيان جو منهنجي هميشـ جي وڇڙي وڃڻ کان اڳ ئي منهنجن دوستن مون تي پنهنجا رايا لکيا آهن. خاص ڪري هن ڪتاب ۾ چئن جڳهين جو ذڪر ڪجهـ زياده آيل آهي. پهريون منهنجو ڳوٺ “گلاب لغاري”، جتي جي مٽي منهنجي لاءِ خاڪ شفا ۽ جتي جو پاڻي منهنجي لاءِ آب زم زم کان گهٽ ڪونهي. ٻيو “مٺياڻي” جتي منهنجو کڻي ٿورو وقت گذريو . پر ان جون يادون مون کي هر وقت ستائينديون رهنديون آهن. ٽيون بدين جتي جون راتيون ۽ ڏينهن آئون ڪڏهن بـ وساري نـ سگهندس. چوٿين اها جڳهـ، جتي آئون هينئر رهان ٿو. بقول امر جليل جي تـ جوان ٿيس سنڌ ۾ ۽ پوڙهو ٿيس “اسلام آباد” ۾. تنهنڪري انهن چئني شهرن جو درجو منهنجي لاءِ مقدس مقام جو درجو رکي ٿو.
    آئون سائين فضل الله قريشي صاحب جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب کي پڙهيو ۽ تفصيل سان ان تي لکيو، نـ رڳو ايترو پر ڪتاب جي ڇپائي جي لاءِ مالي مدد ڪرڻ جي بـ آڇ ڪئي. سائين قريشي صاحب جي احسانن جو بار ايترو تـ وڌي ويو آهي جو منهنجو ڪنڌ سدائين سائين جي اڳيان جهڪيو رهندو. آئون احسانمند آهيان محترم نصير ميمڻ صاحب جو، جنهن پنهنجي گوناگون مصروفياتن مان ڪجهـ گهڙيون ڪڍي مون تي ۽ منهنجي ڪتاب تي لکيو. لک احسان منهنجي پياري دوست محمد اشرف لغاري جا، جنهن هن ڪتاب جا پهريان پروف پڙهيا. ان سان گڏ آئون ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر امان ميمڻ صاحب جو، جنهن هن ڪتاب جا پروف پڙهيا ۽ ان تي بـ اکر لکيا. اهڙي طرح آئون محترم مشڪور ڦلڪاري جو بـ ٿورائتو آهيان، جنهن جي ٽيليفونڪ صلاحن ۽ تاريخي انفارميشن ۽ سندس همت افزائي مون سان گڏ نـ هجي ها تـ شايد هي ڪتاب پنهنجي پڄاڻي تي نـ پهچي سگهي ها. آئون فيس بڪ جي منهنجن نوجوان دوستن آزاد انور مهر، علي قريشي، فراز علي شيخ ۽ ابَل ميمڻ جن جو بـ دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، جن تي مون بغير ڪنهن ڏيٺ ويٺ ۽ ميل ملاقات جي جيڪي ڪجهـ لکيو آهي، انهن انهي کي ڇپجڻ جي اجازت ڏني. ان کان سواءِ اسان جي لاهور سِگا جي ساٿي انور عزيز چانڊيو جو بـ احسانمند آهيان، جنهن مون تي بغير ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ پنهنجا ٻـ اکر لکيا. آخر ۾ ظفر الحسن الماس جو ٿورائتو آهيان جنهن هر ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. آئون پڻ ٿورائتو آهيان محمد سليمان وساڻ جو جنهن ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ لاءِ همٿايو.
    جيئن تـ هي ڪتاب مون پاڻ ڪمپوز ڪيو آهي، تنهنڪري انهي، ۾ انيڪ غلطيون ٿي سگهن ٿيون. پر وري بـ آئون ٿورائتو آهيان شوڪت چاچڙ صاحب جو جنهن پنهنجي تجربي آهر پروفيشنل طور هن ڪتاب جا پروف بـ پڙهيا. آخر ۾ آئون معافي ٿو وٺان انهن دوستن کان، جن جو ڪنهن نـ ڪنهن حوالي سان (خاص ڪري فيس بڪ جي اسڪرين تي يا جن دوستن مون سان گڏ وهـ جون وٽيون پيتيون ) مون سان پيار ڀريو تعلق رهيو آهي، پر آئون انهن جو هتي ذڪر ڪري نـ سگهيو آهيان. اميدتـ اڻ کُٽ سِڪ،مڻين محبتن ۽ لکين چاهتن سان لکيل هي سوکڙي پڙهندڙن وٽ پنهنجو مان ماڻيندي.


    اسلام آباد، آگسٽ 2017


    پُوَر وڇوٽ مُحبتون

    پُوَر وڇوٽ مُحبتون

    هن دنيا جي گولي تي پالڻهار ڪيترائي سانگ چِٽي ڇڏيا آهن. ان سڄي مانڊاڻ ۾ ڪيئي اربين جيو گهرڙا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي ڏسيل واٽ ۽ رِٿيل گس تي روان دوان آهن. اهو سلسلو ازل کان ابد تائين هلندو رهندو. پالڻهار پنهنجي رحم ۽ ڪرم سان انسان توڙي حيوان، جاندار توڙي بيجان سڀني تي هڪ جھڙو شفقت جو هٿ رکي ٿو. جتي انسان نوان نوان علم سکيو اُتي انسان جي اندر ۾ وهمن ۽ وسوسن بـ جنم ورتو. سائنس جي حيران ڪندڙ ترقي انهن سڀني وهمن ۽ وسوسن کي نيست ۽ نابود ڪري چڪي آهي. هن ڌرتيءَ جو انسان، دنيا جي گولي تي ڪنهن ابهم ٻار وانگر قلفي چوسڻ ۾ پورو آهي، کيس خبر ئي نـ آهي تـ سائنس جون روز بروز وڌندڙ نيون نيون ايجادون سندس لاٰءِ جتي آسائشون کڻي آيون آهن، اُتي اهي سائنسي ترقيءَ جا نوان راز ڪڏهن ڪڏهن نقصان ڪار ۽ هاڃيڪار بـ ثابت ٿي سگهن ٿا. اهي سائنس جي تيز ترين ترقي جا ٻئي رخ انسان کي لکين آسائشون بـ ڏئي سگهن ٿا تـ ٻئي طرف انسان پنهنجن ئي هٿن سان ڪيئن نـ هن سهڻي سنسار کي تباهي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. انساني زندگيءَ جو اصل مقصد هيءُ هئڻ گهرجي تـ سنسار کي سنواري سينگاري ان ۾ حُسن ۽ دلچسپي پيدا ڪري، نـ ڪي ان کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جا سانباها ۽ جتن ڪري. هي سڌريل ملڪن جا انومان تـ ائٽمي توانائي جي تپش، جيڪڏهن ڪنهن جنوني جي هٿ چڙهي ويئي تـ هن دنيا جي گولي کي ڪير بـ تباهيءَ ۽ برباديءَ کان بچائي نـ ٿو سگهي، ڪنهن حد تائين وسهڻ جوڳا آهن.
    هر انسان جي دل ۾ ننڍي توڙي وڏي خواهش ضرور هوندي آهي. تڪليف، محنت، اورچائي، مقصد سان اُنس، جذبو ۽ اڻٿڪ جدوجهد خواهشن کي پوري ڪرڻ جا لازم ۽ ملزوم جُزا آهن. علم اقتصاديات جو هڪ سادو اصول آهي تـ گهٽ ۽ محدود وسيلن جي پٺيان لامحدود خواهشون هونديون آهن. ان کي پوري ڪرڻ جي لاءِ انسان وڏي ۾ وڏو جوکو کڻڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هاڻي جيترو وڏو جوکم، اوترو وڏو فائدو. سائنس جي اڻٽر ترقي پڻ انهن اصولن تي دارو مدار رکي ٿي.
    سوين سال اڳ جڏهن عرب سڳورا سهڻيءَ سنڌ تي منجنيقون کڻي سنڌين کي مسلمان ڪرڻ يا عرب سامراج جي بيٺڪ بنائڻ آيا هئا تـ کين اها خبر ئي نـ هئي تـ سنڌ ۾ اڳي اسلام جو پيغام پهچي چڪو هو. ڪنهن غير سنڌي صحافي پنهنجي اردو مضمون ۾ عراق تي صدر بش جي چڙهائي وقت لکيو هو. تـ“صدر بش ۽ محمد بن قاسم ۾ ڪهڙو فرق آهي، بش عراق ۾ ايٽم بم ڳولڻ جي بهاني داخل ٿيو هو تـ محمد بن قاسم، سنڌ ۾ عربي قيدين جو جواز ٺاهي سنڌ تي ڪاهـ ڪئي هئي. ”. هُئا تـ ٻئي اڳرائي ڪندڙ. پر اسان جو اڻپڙهيل ۽ جاهل مُلو، جيڪو پنهنجو پاڻ کي عالم دين ٿو سڏائي، جنهن نـ اقصاديات جو علم پڙهيو آهي، نـ وري علم عمرانيات کان واقف آهي. هڪ کي غاصب ۽ لٽيرو، جڏهن ٻئي کي مجاهد، ۽ غازي جهڙن لقبن سان ياد ڪري ٿو، انهن جي شان ۾ گلو ڦاڙي وڏا وڏا قصيدا ٿو پڙهي. ائين اسان جي ايندڙ نسل کي اصل حقيقت کان پري ٿو رکڻ چاهي. انهي کي اڃان وڌيڪ هٿي تڏهن ملي ٿي، جڏهن سرڪاري نصاب پڻ انهيءَ جي حمايت ٿو ڪري. اهڙن جاهل مُلن متعلق مولانا غلام محمد گرامي صاحب پنهنجي مقالي “مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات” ۾ لکي ٿو تـ “ افسوس اهو آهي تـ انهن اصل پيغام الاهي سان گڏ پنهنجا تاويلات بـ ملائي ڇڏيا آهن ۽ ان پوري ذخيري کي “دين” قرار ڏنو آهي. ” اڃان اڳتي مولانا گرامي صاحب ساڳئي مضمون ۾ لکي ٿو تـ“ خود مسلم تاريخ ۾ امام غزالي، بوعلي سينا، ابن رُشد اندلسي، رازي، ابن تيميـ، امام رباني،شاهـ ولي الله، جمال الدين افغاني، سر سيد احمد خان ۽ علامـ اقبال، جڏهن تـ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ علامه عنايت الله مشرقي وغيره بـ تـ “مُلا” جي ردعمل جي پيداوار هئا. انهن دين جي عالمن، شاعرن، بزرگن “مُلا” جي ظاهري تڪلف، چک، مک، عبادت ۽ رياضت ۽ مسلڪ، عقائد ۽ دلائل جون ڌڄون اڏائي ڇڏيون آهن. انهن “مُلان” جي تاويلات اڳيان ڪڏهن بـ ڪنڌ نـ جهڪايو آهي. ” مولانا غلام محمد گرامي متعلق ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو “ جناب مولانا غلام محمد گرامي ءَ جي علم، فلسفي، فڪر ۽ گهري مطالعي کان ڪو بـ سڄاڻ سنڌي انڪار ڪري نـ سگهندو. هو نـ فقط اعليٰ پائي جو عالم فاضل، فلسفي، مفڪر ۽ مقرر هو، پر هو هڪ وڏو نقاد ۽ وسيع مطالعي جو مالڪ هو. گرامي صاحب جي ذات، شخصيت، ڪردار ۽ علم و فضل جي باري ۾ نـ فقط سندس همعصر واقف هئا پر موجوده دور جو پڙهيل اديب بـ مڪمل ڄاڻ رکي ٿو. ننڍي کنڊ هند و پاڪ ۾ هڪ ئي نالي سان ٻـ ديني ۽ سياسي پارٽيون ڪم ڪري رهيون اهن. جمعيتُ علماءُ هند ۽ جمعيتُ علماءُ پاڪستان ( جيڪا ڪافي ڌڙي بندي جو شڪار آهي. ) ٻئي ديني ۽ سياسي پارٽيون آهن پر ٻنهي جو سيڪيولرازم متعلق الڳ نظريو آهي. جمعيتُ علماءُ هند چوي تي تـ اسان هندوستان مان سيڪيولرازم ختم ٿيڻ نـ ڏينداسين. جڏهن تـ ساڳي پارٽي پاڪستان ۾ چوي تـ اسان سيڪيولرازم اچڻ نـ ڏينداسين. يعني هندوستان جي مسلمانن جي نظريي تحت سيڪيولرازم انهن کي مناسب ٿو لڳي. جڏهن تـ اسان جا عالم سڳورا انهي لفظ کي مرڳو ئي ڪفر جي کاتي ۾ وجهيو ڇڏين .
    هيءَ دنيا، جيڪا هر قسم جي تباهيءَ ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جنهن ۾ سائنس جي ضرورت کان وڌيڪ ترقي، مذهبي جنونيت، اقتصادي اڻ برابري، موسمي تبديليون، جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو اصول، انسان مان انسانيت جي فراريت، نـ قتل ٿيندڙ کي خبر تـ ڇو ٿو قتل ڪيو وڃان، نـ قاتل کي خبر تـ ڇو ٿو قتل ڪريان. اهو انهي ڪري ٿي رهيو آهي جو هر طرف جنونيت ۽ جذباتيت، عقل ۽ فهم تي حاوي ٿي ويا آهن. صبر، تحمل، درگذر ۽ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جهڙيون شيون ناپيد ٿي ويون آهن. نتيجتن دنيا هڪ اهڙي جنگ و جدل ۾ ڦاسي پئي آهي، جنهن جو، ان ڌٻڻ مان نڪرڻ في الحال نظر ڪو نـ ٿو اچي.
    جيڪڏهن ويجهي ماضي تي نظر ڊوڙائبي تـ پاڪستان ۾ انهن قوتن وڏي سگهـ حاصل ڪري ورتي آهي. جيئن 90 جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ ٿيو هو. هن ملڪ ۾ پڻ انهي خدشي کي رد ڪري نـ ٿو سگهجي. ڇو جو گذريل 20 سالن ۾ ڪنهن غيبي هٿ جي مدد سان هنن پوري ملڪ ۾ مدرسن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي. جڏهن تـ سنڌ ۽ بلوچستان تي هنن خاص توجـهـ ڏني آهي. جيئن ئي اسلام آباد تي هنن هلان ڪئي تـ سڄو ملڪ هنن جي هٿ ۾ هليو ويندو . ايندڙ وقت ۾ انهي جا چٽا امڪان نظر اچي رهيا آهن.


    ڄمڻ

    ڄمڻ

    آئون لاڙ جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ،گلاب لغاري تعلقي ماتلي، اڳوڻو ضلعو حيدرآباد، هاڻي ضلعي بدين ۾ 10 ڊسمبر 1955 ع تي صبح جو 8 وڳين پيدا ٿيس. پر سرڪاري اسڪول جي جنرل رجسٽر ۾ منهنجي ڄمڻ جي تاريخ 15 جون 1955 ع لکيل آهي، جيڪا سرڪاري رڪارڊ ۾ لکيل آهي اهائي تاريخ پيدائش سمجهي ويندي آهي. ان وقت پاڪستان جو وجود اڃان پهرين ڏهاڪي ۾ هو ۽ جمهوريت اڃان بانبڙا پي پاتا. ملڪ ۾ پهرين مارشل لا جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي چڪا هئا. ون يونٽ بـ لاڳو ٿي چڪو هو، سونهاري سنڌ پنهنجو الڳ وجود وڃائي چڪي هئي. قراداد مقاصد جي آڌار تي حڪمرانن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائون. مطلب تـ منهنجي هن دنيا ۾ اچڻ وقت ملڪ جا حالات ڪي سٺا ڪونـ هئا، جيڪي اڄ تائين هيڻا ۽ ڪمزور پي رهيا آهن. ورهاڱي جا وڍ اڃا تازا ئي هئا. اسان جا وڏا ملڪ جي آزادي وارو سال بجاءِ واڻين جي ڀاڄ وارو سال ڪري ياد ڪندا هئا. ايوب خان جي مارشل لا اڃا تازو ئي 1958ع لڳي هئي. تنهنڪري ماڻهن ۾ وڏو خوف ۽ هراس پکڙيل هو. ڇو جو سنڌ جي ماڻهن مارشل لا نـ ڪڏهن ٻُڌي ۽ نـ وري ڪڏهن ڏٺي هئي. 1943ع ۾ جيڪا انگريزن سنڌ تي مارشل لا مڙهي هئي، اها صرف سانگهڙ جي ڪجھـ علائقن تائين محدود هئي. مقصد صرف هو حرن کي قابو ڪرڻ، جنهن متعلق محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي “سانگهڙ” ناول ۾ لکيو آهي تـ ”انهي ٻاهران آيل ڦورو ۽ لٽيرن جي طرفان مارشل لا جي نتيجي ۾ 1938 ع کان وٺي 1947 ع تائين سندن ڇاڙتن طرفان اٽڪل 20 هزار سنڌي مارجي ويا ۽ هڪ لک جي لڳ ڀڳ قيد ڪيا ويا. هي سڀ ماڻهو پير صاحب پاڳاري جي اڳواڻي ۾ انگريزن سان انهيءَ ڪري اٽڪيا هئا تـ جيئن هو برصغير خالي ڪن، انهيءَ جي نتيجي ۾ انگريزن انهن تي ظلم ڪيا . جڏهن گورن، پير صاحب کي ڦاسي ڏني، حرن کي شهيد يا قيد ڪيو ويو، تڏهن بـ انهن خلاف نفرت گهٽ نـ ٿي. انهي سياسي هلچل جي ڪري انگريزن هندستان کي ٽوڙي ٻـ ملڪ، هندستان ۽ پاڪستان ٺاهيا. انهي جي نتيجي ۾ وڏو انساني بحران پيدا ٿيو. انڊيا جا اردو ڳالهائيندڙ مسلمان پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. جڏهن تـ پنجاب ۾ پنجابين جي گهڻائي آباد ٿي. ان وقت پوري هندستان ۾ 83 جي لڳ ڀڳ انڊين مسلمان ICS (يعني اندين سول سروس ) ڪري وڏن عهدن تي فائز هئا. انهن ورهاڱي وقت پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. جنهن ۾ صرف هڪ اعليٰ عملدار، جنهن جو تعلق سنڌ جي شهر پاٽ ضلعي دادو سان هو. مسٽر آفتاب غلام نبي قاضي،جيڪو پنهنجو پاڻ کي AGN QAZI لکندو ۽ سڏائيندو هو. قاضي صاحب سرد جنگ (Cold War) دوران فيڊريشن ۾ اعليٰ عهدي تي سنڌ جي نمائندگي ڪندو رهيو. مون کيس فيڊرل سيڪريٽري، گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڏٺو . موجوده دور ۾ اهي ٽئي پوزيشنون پاڪستان ۾ وڏا عهدا سمجهيا وڃن ٿا. انهن ۾ صرف قاضي صاحب ئي سنڌي ڳالهائيندڙ هو، باقي سڀ اردو ڳالهائيندڙ مسلمان هئا. انهن مان ڪي ڪراچيءَ جا ڪمشنر ٿيا تـ ڪن وڃي اندروني سنڌ جي ضلعن جون واڳون سنڀاليون، جنهن تي امر جليل بي اختيار چئي ڏنو هو تـ “ انگريز سوٽ لاهي شيرواني پائي آيو آهي. ” انهن مان نواب شاھ جو ڊپٽي ڪمشنر مسعود کدرپوش ( کاڌي جا ڪپڙا پهرڻ وارو) هو. هن صاحب لاهور مان پناهگيرن جون ٻـ ريل گاڏيون ڀرائي نوابشاھ ۾ اچي آباد ڪرايون. سنڌي سکن جو قتل عام ڪرايو، هندن جا ڀَريا ڀُڪنا گهر ۽ مختلف شين جي دڪانن جا تالا ٽوڙي پناهگيرن جي حوالي ڪيا ويا. ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي جڏهن اهڙي شڪايت وزير اعظم لياقت علي خان سان ڪئي تـ ان جواب ڏنو تـ “سنڌ فتح ٿيل علائقو آهي. ” مطلب تـ هي آيل فاتح ٿيا ۽ اسان اصل باشندا مفتوح، ڳالهـ وري وڃي آريا ۽ اڻ آريا تي پهتي. آرين ئي اڻ آرين کي چيو هو تـ اسان ئي توهان کي سڀڪجهـ سيکاريو آهي. هنن اسان جي مسلمان ڀائرن پڻ اها ٻولي ڳالهائي. ايتريقدر جو ان وقت جي پناهگير وزيراعظم لياقت علي خان اهو چيو تـ “ سنڌين جي ڪلچر آهي گڏهون هڪلڻ”. انهي گڏهن واري ڳالهـ تي ڪامريڊ مير محمد ٽالپر واري ڳالهـ ياد اچي ٿي، هو پنهنجي ڪتاب “موچارا مُنهن ڪارا مُنهن” ۾ لکي ٿو تـ “آئون ميرپورخاص جيل ۾ هوس مون سان گڏ هڪ پناهگير قيدي بـ هوندو هو. هو هميشـ سنڌين کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ مختلف ڳالهيون ڪندو رهندو هو. هڪ ڏينهن مون کي چيائين تـ سنڌي گڏهن سان بدفعلي ڪندا آهن” ان تي مون جواب ڏنومانس تـ “ جڏهن کان توهان هندستان مان آيا آهيو اسان اهو ڪم ڇڏي ڏنو آهي” خير ڳالهين ڳالهين ۾ ڪامريڊ جو ذڪر وچ ۾ اچي ويو. ڳالهـ پئي ڪئي سين مسعود کدر پوش جي. هُن صاحب نواب شاھ ۾ هڪ ٻـ هارين جا جلسا ڪرايا تـ اسان جي هاري پارٽي جي اڳواڻن کڻي ڪلهن تي کنيس. ٻئي طرف سندن سنڌ دشمن ڪردار اهو هو جو جڏهن انڊيا کان هجرت ڪري اردو ڳالهائيندڙ بيوروڪريسي سنڌ ۽ پاڪستان پهتي تـ انهن پهرين پنهنجن ماڻهن کي آباد ڪرڻ شروع ڪيو. هتي اصل سنڌ جا رهواسي ائين دربدر ٿيندا رهيا. ايتريقدر جو جن حرن پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ انگريزن سان مهاڏو اٽڪايائون. نتيجي طور انهن کي لوڙهن ۽ جيلن ۾ واڙيو ويو. انهن جي ڪنهن بـ سار نـ لڌي. پاڪستان 1947ع ۾ قائم ٿي ويو پر حُر ستن سالن کان پوءِ آزاد ڪيا ويا، يعني 1954ع ۾ انهن کي آزادي ملي. ڇو جو اسان جي هندوستان مان آيل بيوروڪريسي پنهنجن کي ورسائڻ ۾ پوري هئي ۽ سنڌي انهن جي نظر ۾ مفتوح قوم هئي.
    انهيءَ سلسلي جو هڪ ٻيو واقعو بـ ٻڌندا هلو. شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي تـ “آزادي کان ترت پوءِ حشوڪيولراماڻيءَ تي ڪراچيءَ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ان جو وڪيل آئون (شيخ اياز) هوس ۽ جج مسعود کدر پوش هو”. هي هڪ ٻئي کي اڳئي سڃاڻندا هئا، جج حشو کي مخاطب ٿيندي چيو تـ “حشو تون هندستان ڇو نـ ٿو وڃين” حشو جواب ڏيندي چيو تـ “هي سنڌ منهنجو ملڪ آهي آئون پنهنجي ماءُ کي ڇڏي نـ ويندس” تنهن تي مسعود کدڙ پوش ڪاوڙ مان لال ٿي چيو تـ “ اسان اوهان سنڌين کي ريڊ انڊين وانگر ڪري ڇڏينداسين” اهي هئا هڪ پناهگير بيوروڪريٽ جا سنڌين بابت جذبات ۽ ٻئي طرف اسان جا هاري پارٽي وارا دوست کڳيون ۽ بغليون هڻندي ڪونـ ٿڪبا هئا تـ کدر پوش هاري همدرد آفيسر آهي. مسلمان بيوروڪريسي بابت ڪجھـ وقت اڳ ”ڊان“ اخبار ۾ هڪ فيچر ڇپيو هو، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو تـ ڪيئن نـ ورهاڱي وقت مسلمان آفيسر شاهي پنهنجي هر شيءَ داءَ تي لڳائي حب الوطني جي جذبي سان سرشار ٿي پاڪستان آئي هئي. مون انهي جي جواب ۾ ان وقت جي نوڪرشاهي بابت لکيو تـ ڪيئن نـ انهن پنهنجن کي ورسايو ۽ اصل سنڌين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو، اڪثر “ڊان” اخبار وارا منهنجون لکڻيون ڇاپيندا رهندا هئا پر انهي خط کان پوءِ انهن منهنجي اي ميل بلاڪ ڪري ڇڏي. لڳي ٿو تـ اتي ڪو ساڙ سڙيل رٽائر بيوروڪريٽ ويٺل هوندو، تنهن منهنجي ID بلاڪ ڪري ڇڏي. سو ڳالھـ پي هلي ايوب خان جي مارشل لا جي. هي ايوب جي مارشل لا سڀني پاڪستان جي وحدت ۾ شامل ننڍن قومن کي قابو ڪرڻ لاءِ هئي، جنهن ۾ بنگالي، سنڌي، پٺاڻ ۽ بلوچ اچي وڃن ٿا. تنهنڪري انهي کي ڪافي سخت نموني سان لاڳو ڪيو ويو هو. ايتريقدر جو ننڍن وڏن واپارين وٽ جيڪي کنڊ جون ٻوريون ذخيره ٿيل هيون، پوليس جي ڇاپن جي ڊپ کان راتو رات انهن واهن ۽ شاخن ۾ لوڙهي ڇڏيون، ڄڻ ائين ٿي لڳو تـ حڪومت کير ۽ کنڊ جون نهرون وهائي ڇڏيون هيون. اهو هو ان وقت جو مختصر طور سياسي، سماجي ۽ اقتصادي پسمنظر، جنهن ۾ منهنجو ڄمڻ ٿيو.


    حاجي صادق ميمڻ جي لاري

    حاجي صادق ميمڻ جي لاري

    تاريخي واقعن مان ظاهر ٿئي ٿو تـ سنڌ صدين کان سورن ۾ رهي آهي. اسان جي سانڀر ۾ سنڌ ڪڏهن بـ سک جو ساھ نـ کنيو آهي. ڪڏهن ڌارين جون يلغارون تـ ڪڏهن پنهنجن جا سور. ورهاڱي وقت جيڪا آبادي جي وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ ٿي، جنهن ۾ اسانجو پڙهيل لکيل وچولو طبقو هجرت ڪري انڊيا هليو ويو. تنهن سنڌ کي وڏو نقصان ڏنو. سنڌ انهي عيوض ڇا ڀوڳيو، اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تـ سنڌ اقتصادي توڙي سماجي طور برصغير جي ٻين علائقن کان ڪافي پوئتي ڌڪجي وئي. سنڌي هندن جيڪو اقتصادي ۽ تعليمي مضبوط سرشتو ڇڏيو هو. اسان انهيءَ کي بچائي نـ سگهياسين.
    پنجاهـ واري ڏهاڪي ۾ منهنجي ڳوٺ “گلاب لغاري” ۾ ڪو بـ پڪو روڊ رستو ڪونـ هوندو هو. هڪ بس، جنهن کي ان زماني ۾ “لاري” سڏبو هو، حيدرآباد وايـا شيخ ڀرڪيو ۽ ٻي بس ٽنڊو الهيار کان وايـا چمبڙ اچي گلاب لغاري ۾ رات ٽڪنديون هيون. “عالم اينڊ” ڪو نالي بس، جيڪا حيدرآباد مان ايندي هئي، ان کي سوڍو زنئور ۽ حاجي صادق ميمڻ جي بس، جيڪا ٽنڊوالهيار کان ايندي هئي، تنهن کي پليو لغاري (مريداڻي) هلائيدا هئا. اها ٽنڊوالهيار واري بس هفتي جا ست ئي ڏينهن ايندي هئي، ڇو جو استاد پليو مرحوم هو ئي اسان جي ڳوٺ جو رهاڪو. انهي، بس تي علائقـي جي شاعرن وڏي پيماني تي طبع آزمايون ڪيون. بابا مرحوم جو هڪڙو دوست هوندو هو جاڙو ماڇي، جيڪو نصير خان مدواڻي جي ڳوٺ جو رهاڪو هو، هو رازڪو ڪم اسان جي ڳوٺ گلاب لغاري ۾ ڪندو هو. تنهن کي هر ٻئي ٽي ڏينهن گلاب لغاري اچڻو پوندو هو. جڏهن بـ انهي حاجي صادق ميمڻ جي بس تي چڙهي گلاب لغاري اچي لهندو هو تـ مٽي، ڌوڙ ۽ ڪچي رستي هئڻ جي ڪري سندس شڪل سڃاڻپ کان ٻاهر هوندي هئي. ان لاريءَ تي جيڪو اردو ڳالهائڻ وارو ڪنڊيڪٽر هوندو هو انهي کي “بڙو ميان” ڪري چوندا هئا. جاڙي خان ماڇي انهي بس تي جيڪا شاعري ڪئي هئي اها پڙهندڙن جي دلچسپي جي لاءِ هيٺ ڏجي ٿي.
    ڇڪي تاڻي تـ پئي آڻي لوڏا لک يار لاريءَ جا.
    “ بڙو ميان ” تـ ڪيئن بيهان، اڳيان آهن ورڪ واريءَ جا.
    ڪلينڊر ڪاهـ ڪئي ڪاهي، چاڙهيو هڪ ٻئي مٿان ٺاهي،
    گرم گاڏي اڃان آهي، ڏسو ڪم ڪار ڪاريءَ جا.
    هارُون جي ٿي هَر هَر، چڙهڻ وارا اچي چڙهـ چڙهـ
    لهي تنهنجي بـ ڪا کڙ کڙ، وڏا وائيسر ويچاريءَ جا.
    جڳ ۾ جاڙا جوڙ آ، لڪون جهولا تتا ڪاڙها،
    سڀ معاف ڪندو مون تان ڀاڙا، حاجي صادق سواريءَ جا .
    ڇڪي تاڻي تـ پئي آڻي، لوڏا لک يار لاريءَ جا.
    اهو شعر جڏهن مشهور ٿي ۽ لاريءَ جي مالڪ جي ڪنن تي پيو تـ حاجي صادق ميمڻ مرحوم شاعر کي هميشه جي لاءِ بس جو ڀاڙو معاف ڪري ڇڏيو. حاجي صادق ميمڻ مرحوم نصر پور جي ميمڻ خاندان جو چشم چراغ هو، جنهن بعد ۾ ٽنڊي الهيار کي پنهنجو مسڪن بنايو . سندس سماجي خدمتن تي سائين عبدلغفور ميمڻ ٻڌايو تـ جڏهن ٽنڊي الهيار ۾ اردو ڳالهائيدڙ سنڌي شاگردن کي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ۾ ڏکايون پيدا ڪرڻ لڳا تـ حاجي صادق ميمڻ “سنڌ ماڊل اسڪول” جي نالي سان هڪ اسڪول قائم ڪيو، جنهن ۾ سنڌي شاگردن کي آڻڻ جي لاءِ سندس سڀ جون سڀ لاريون، جن جو تعداد 19 هو، ڪچن روڊن تي هلايائين . اهي بسون رات جو جن ڳوٺن ۾ وڃي بيهنديون هيون . انهن ڳوٺن ۾ بڪيرا شريف، پيارو لنڊ، چمبڙ، سنجر چانگ، گلاب لغاري ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ هوندا، جن جي مون کي خبر ڪونهي. اهي صبح جو انهن ڳوٺن مان شاگردن کي کڻي ٽنڊي الهيار هاءِ اسڪول پهچنديون هيون ۽ شام جو واپس انهن ڳوٺن ڏانهن هليون وينديون هيون. جيئن سنڌي شاگردن کي تعليم جي سهوليت ملي سگهي. حاجي صادق ذات جو ميمڻ ضرور هو پر سخي ميمڻ هو. هُن جي بسن جو وڏو تعداد ڪچن رستن تي هلندو هو. بسن جي باري ۾ ڪنهن کيس صلاح ڏني تـ “هاڻي روڊ رستا پڪا ٿي ويا آهن پنهنجو بسون ڪچن رستن جي بجاءِ پڪن روڊن تي هلايو جيئن نقصان گهٽ ٿي سگهي جنهن تي ”کيس جواب ڏنائين تـ “هي خلق خدا جي جيڪا پري پري ڳوٺن ۾ رهي ٿي انهن لاءِ سرڪار وٽ ڪا بـ سهوليت ڪونهي، تنهنڪري ڀلي نقصان پوي پر ماڻهن جي سهوليت آهي انهي ڪري انهن ڪچن رستن تي منهنجون بسون هلنديون ئي رهنديون. ” آئون نٿو ڀانيان تـ ان تي کيس ڪا خاص بچت ٿيندي هوندي. آخر ۾ سندس وصال جڏهن مديني ۾ ٿيو تـ اسان جي پاسي ڏک جي لهر ڊوڙي وئي ۽ هر اک آلي هئي. ڇو جو سنڌ سونهاري ۾ اهڙا ڪردار تمام گهٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن.


    اگهاماڻي جو ميمڻياڻيون ۽ وتايو فقير (تاريخ)

    اگهاماڻي جو ميمڻياڻيون ۽ وتايو فقير (تاريخ)

    منهنجي بابا جي عادت هوندي هئي تـ اسان جي تر جي شاعرن ۽ سگهڙن جي چيل شاعري يا ڪو ڏور، بيت قلم بند ڪري محفوظ ڪندو هو. پر سندس اوچتي وفات ۽ وقت جي اُٿلن پٿلن جي ڪري اهي ڪاپيون اسان سنڀالي نـ سگهياسين. ان کان سواءِ اسان جي ڳوٺ جو ٻيو ماڻهو هوندو هو ڏاڏو ڪامل مرحوم جيڪو انگريز جي زماني ۾ پوليس ۾ جمعدار هوندو هو ۽ پوءِ رٽائر ٿي ڳوٺ آيو هو. هو بـ ڏور بيت ۽ شاعري جو وڏو سگهڙ هوندو هو. ايترو ياد نـ اٿم تـ اها شاعري سندس هئي يا ٻئي ڪنهن جا ڏور بيت ۽ ڳجهارتون جيڪي بابا کي لکرائيندو هو. هن جي بـ هڪ ڪاپي ڀريل هئي. ان زماني ۾ اسانجو ريزڪي دڪان هوندو هو، جنهن تي سڄو ڏينهن شاعري، ڏور بيت، ڳجهارتون يعني ادبي محفل لڳي پئي هوندي هئي.
    ڳوٺ گلاب لغاري جي ڪا لکيل تاريخ تـ ڪا نـ ٿي ملي پر اگهم ڪوٽ جي حوالي سان اهو چئي سگهجي ٿو تـ هي علائقو تاريخي نوعيت جو آهي. ڳوٺ ۾ عام روايت اها آهي تـ اگهم ڪوٽ جي ڦِٽي وڃڻ جي ڪري ڪافي ماڻهو دربدر ٿيا تـ ان علائقي جي پريي مڙس جنهن جو نالو هندن جي روايت مطابق گلاب راءِ هو، جڏهن تـ مسلمان ان کي لغاري قبيلي سان منسوب ڪن ٿا. تازو محترم عبدالستار لغاري هڪ ضخيم ڪاعذ ڏياري موڪليو آهي، جيڪو 1894ع ۾ جاري ٿيو هو. ان جي مٿان سنڌي ۾ نوٽ لکيل آهي تـ “ ڳوٺ گلاب لغاري تعلقـي ٽنڊي الهيار جا عملدار جيڪڏهن ڳوٺ ڏسڻ واسطي اچن، تـ پٽيل جو ڪم آهي انهن جي خدمت چاڪري ڪرڻ” اتي سوال اڀري ٿو تـ ڇا 1894 ع ۾ ٽنڊو الهيار تعلقو هو؟ انهيءَ جي تصديق وري محترم عبدالحفيظ لغاري، ايديشنل ڊپٽي ڪمشنر، ٽنڊو الهيار ڪئي تـ انهيءَ ڄاڻايل سن ۾ ٽنڊي الهيار کي تعلقي جو درجو حاصل هو. ” جڏهن تـ عبدالستار لغاري انهي پٽيل جو نالو حاجي فقير پٽيل ٻڌائي ٿو. انهيءَ مان ثابت ٿيو تـ ڳوٺ گلاب لغاري جا اصل اڏيندڙ مسلمان هئا، نـ ڪي هندو. جيئن هو اها دعويٰ ڪن ٿا تـ “گلاب راءِ مان ڦري گلاب لغاري ٿيو. جيئن تـ منهنجو هي ڪتاب ڪا ريسرڄ رپورٽ ڪونهي تنهنڪري آئون ڪنهن بـ دعويٰ کي رد نـ ٿو ڪريان، ها البت مشڪور ڦلڪاري کي عرض ٿو ڪريان تـ هڪ محقق جي حيثت سان انهي تي وڌيڪ کوجنا ڪري ڪو نتيجو ڪڍي، ڇو جو گلاب لغاري مشڪور جو بـ ڳوٺ آهي. يعني گلاب جي پٺيان ڳوٺ جو نالو پيو گلاب لغاري ان سان گڏ اگهم ڪوٽ جي ڦِٽي وڃڻ جون بـ ڪيتريون ئي روايتون آهن. ڪن جو خيال آهي تـ مدد خان پٺاڻ جڏهن سنڌ ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙي ڀسم ڪيا تـ اگهم ڪوٽ پڻ ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو. ٻي جيڪا روايت آهي تـ قدرتي آفتن يعني زلزلي جي لپيٽ ۾ اچي هي شهر برباد ٿيو. اڃان تائين ڪجهـ اهڙيون جايون آهن، جيڪي زمين ۾ دٻيل نظر اچن ٿيون. اها ڳالهـ بعيد ڪونهي، ڇو جو 2001 ع ۾ احمد آباد واري زلزلي اسان جي پاسي کي ڪافي ڌوڻيو هو. ٽين روايت اها آهي تـ درياه بادشاهـ پنهنجو رخ بدلايو تـ شهرن جا شهر غير آباد ٿي ويا. ان کان سواءِ لالچ ۽ لوڀ جي ڪري علائقي جي نا عاقب انديش حاڪمن جون پاڻ ۾ لڙيل لڙايون پڻ هن شهر جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيون هونديون.
    جئين تـ اها تاريخي حقيقت آهي تـ گلاب لغاري ۾ سنڌي هندن جي اڪثريت لوهاڻـا برادري تي مشتمل آهي، جن جو تعلق آڳاٽي زماني جي قديم آثارن اگهم ڪوٽ سان آهي. جتي لوهاڻي بادشاھ اگهم جي حڪومت هئي. انهي شهر ۾ راجـا چچ ۽ اگهم لوهاڻي جي وچ ۾ هڪ سال تائين جنگ هلندي رهي. انهيءَ جي ڪري وڏي تباهي ٿي. ماڻهن لڏپلاڻ ڪرڻ شروع ڪئي. شهر خالي ٿيڻ لڳو ۽ ڀر پاسي وارا ڳوٺ آباد ٿيڻ لڳا اهو بـ هڪ گلاب لغاري جي ٺهڻ جو پسمنظر ٿي سگهي ٿو. ڇو جو بادشاهن جي لڙاين جي ڪري اتي اڪثريتي آبادي جيڪا لوهاڻا برادري تي مشتمل هئي اگهم ڪوٽ ڇڏي اچي ڀر پاسي وارن ڳوٺن ۾ آباد ٿي . جيڪي ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي هند هليا ويا ۽ اها لڏ پلاڻ اڃان تائين جاري آهي. تنهن هوندي اڄ بـ لوهاڻـا برادري وڏي تعداد ۾ گلاب لغاري ۾ رهن ٿا. لاڙ جي بدين ضلعي ۾ هڪ ڳوٺ آهي، جنهن جو نالو آهي راڄوخاناڻي ۽ ٽالپر خاندان جي ملڪيت سمجھيو ويندو آهي. انهي ڳوٺ ۾ بـ سنڌي هندن جو وڏو تعداد رهندو هو. 1947ع ۾ ان وقت جي مير صاحب سڀني سنڌي هندن کي گهرائي کين يقين ڏياريو هو تـ “ توهان ڳوٺ نـ ڇڏيو توهان جي حفاظت منهنجي ذميواري آهي. ” ۽ ان جو جوڳو بندوبست پڻ ڪيائين، نتيجتن انهي ڳوٺ مان هڪ بـ سنڌي هندو هندستان نـ ويو. جيڪڏهن ٻين ڳوٺن جا مسلمان ائين هندو ڀائرن کي تحفظ جو يقين ڏيارين ها تـ ايڏي وڏي پيماني تي سنڌ خالي نـ ٿئي ها ۽ ائين اڄ اسان کي ماڻهن کي منٿون نـ ڪرڻيون پون ها تـ آدمشماري جي ٻولي واري خاني ۾ سنڌي لکرايو.
    سنڌ جي لاڙ پٽ جي محقق ۽ مفڪر محترم مشڪور ڦلڪاري جي تحقيق مطابق گلاب لغاري اگهم ڪوٽ جو حصو هوندو هو. انهيءَ جي شاهدي انهي مان بـ ملي ٿي تـ گلاب لغاري ۾ اڄ تائين لوهاڻا برادري جي اڪثريت رهي ٿي، جڏهن تـ اگهم ڪوٽ جو بادشاهـ بـ لوهاڻو هوندو هو. سنڌ جي تاريخي ڪتاب “چچ نامـي” ۾ پڻ راجا اگهم جي باري ۾ گهڻو ڪجهـ لکيل آهي. انهيءَ مان پڪي پختي شاهدي ملي ٿي تـ گلاب لغاري جي لوهاڻن جي ٿوري گهڻي ڇاپ راجـا اگهم جي خاندان سان ملي ٿي. چچ جڏهن اگهم ڪوٽ تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو هو تـ اتي جا رهواسي جنگ کان بچڻ لاءِ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي محفوظ مقام جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ضررور ڀٽڪيا هوندا. اگهاماڻي جي باري ۾ “تحفت الڪرام” ڪتاب ۾ لکيل آهي تـ شهر تي اهو نالو اگهم لوهاڻي جي ڪري پيو. برصغير هند ۽ سنڌ ۾ هڪ ٻئي پٺيان حڪومتون ڊهنديون ۽ ٺهنديو رهيون. ڪي ماڻهو خوشي سان تـ ڪي وري زوري مذهب تبديل ڪندا رهيا. ظاهر آهي تـ اگهم ڪوٽ تي پڻ انهي تبديليءَ جو اثر ضرور پيو هوندو. “تحفت الڪرام” جو صاحب لکي ٿو تـ “ هن جي (راجـ اگهم) سرزمين خدا وارن جو سرچشمو آهي. ” تحفتـ الڪرام ۾ اگهاماڻي جي ڪافي اوليائن جو ذڪر مختصر ٿيل آهي. مخدوم محمد اسماعيل سومري جي باري ۾ لکي ٿو“ اهو وڏو ولي ۽ ناليوارو بزرگ ٿي گذريو آهي. چون ٿا تـ ننڍپڻ کان وٺي آخري عمر تائين سڄي عمر رياضت ۾ گذاريائين. تمام شاهوڪار هوندو هو ۽ قسمين قسمين طعام ۽ نموني نموني جا شربت ٺاهي حقدارن ۽ طالب علمن ۽ مسافرن کي ڏيندو هو. سندس ڪرامتون حد کان وڌيڪ هيون. 998 هجري ءَ ۾ وفات ڪيائين. ” ايئن تـ سندس ڪرامتن جو ذڪر تاريخ ۾ ٿيل آهي، هڪ عام روايت جيڪا اسان جي تر ۾ ڪافي مشهور آهي تـ ان زماني ۾ اگهم ڪوٽ ۾ جيڪي ماڻهو رهندا هئا، اهي مٽيءَ جو ڪم ڪندا هئا. انهن وٽ مٽي ءَ ڍوئڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ گڏھ هوندا هئا، جيڪي رات جو هينگون ڪري سڄي شهر جي سک ۽ آرام ۾ خلل وجهندا هئا. ان سان مخدوم صاحب جي عبادت ۾ پڻ رخنو پوندو هو. سو هڪ ڏينهن انهن کي گهرائي چيائين تـ “بابا ڪو ٻيو ڪم ڪريو، اوهان جا گڏھ اسان جي عبادت ۾ خلل ٿا وجهن ”. انهن غريبن عرض ڪيو تـ “سائين اسان ڪهڙو ڪم ڪريون”. کين دعا بـ ڪندي چيائين تـ “ پَٽ يعني ريشم جو ڪم وڃي ڪريو. ” انهن ماڻهن حڪم جي تعميل ڪئي ۽ بزرگ جي دعا درٻار الاهي ۾ اگهاڻي ۽ اهي ماڻهو پَٽ جي ڪم مان وڏا مالدار ٿي ويا. پٽ جي ڪم جي ڪري اهي اڄ ڏينهن تائين لاڙ سنڌ ۾ پاٽولي ميمڻ سڏجن ٿا. اهي تقريبن گهڻي تعداد ۾ اگهاماڻي واري بزرگ مخدوم محمد اسماعيل سومري جا مريد آهن. انهي متعلق اسان جي تر ۾ هڪ ٻئي روايت بـ مروج آهي. چون ٿا جڏهن هنن ماڻهن وٽ پئسو جهجهو ٿي ويو تـ هي ڪافي مغرور ٿي ويا. جو هنن جون مايون پنهنجي ننڍڙن ٻارن جي صفائي ڪپڙي جي اڳڙين بجاءِ ڪڻڪ جي ماني سان ڪنديون هنيون. وتايو فقير جڏهن اُتان اچي لانگهائو ٿيو ۽ اهو لڪاءَ ڏسي چيائين تـ “ ڪن ٿيون اگهاماڻي جون ميمڻياڻيون، ڀريندا وتائي جهڙا فقير” اهي سڀ روايتون آهن، جيڪي اسان جي پٽ ۾ اڄ بـ مشهور آهن. آئون هزارين ڀيرا اگهاماڻي ويو آهيان. اتي اسان جي وڏڙن جون قبرون پڻ آهن، اهو تـ خدا ٿو ڄاڻي تـ راقم کي اتي ڪا جڳهـ نصيب ٿيندي بـ يا نـ، پر سوال هي آهي تـ ڇا اتي صرف ميمڻ برادري رهندي هئي. جن لاءِ وتائي فقير اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن. جڏهن تـ تاريخ لوهاڻن جو شهر ٿي ٻڌائي ۽ آسي پاسي ۾ لغاري برادري جو وڏو تعداد رهي ٿو. مشڪور ڦلڪاري جي ريسرچ مطابق لطيف سائين جنهن ڪنڊي جو ذڪر ڪيو آهي اهو ڪنڊو اگهاماڻي ۾ آهي. برابر ڪنڊو موجود آهي، مون پنهنجي گناه گار اکين سان ڪيترائي ڀيرا اهو ڪنڊو ڏٺو آهي. ڇا اهو ڪنڊو يا اگهاماڻي جا مور انهي حقيقت تان پردو کڻندا تـ اگهاماڻي جون ميمڻياڻيون ايتريون مغرور هيون جن کي وتائي فقير اچي پاراتو ڏنو. تاريخ کي ڳولڻ ۽ ڦولهڻ جو ڪم ڪير ڪندو. سنڌ جو محقق جنهن سدائين ٻڌل سڌل ڳالهين تي قلم کڻي پنهنجو پاڻ کي تاريخدانن جي فهرست ۾ نالو لکرايو اٿس. آئون تـ اها اميد رکان ٿو سنڌ جي محققن ۽ تاريخدانن کان، جن جو وڏي پيماني تي علم، تحقيق ۽ ادب سان تعلق آهي انهن کي اهڙي ريسرچ ڪرڻ گهرجي. ڇو جو انهي لاءِ پرڏيهـ جا اڙانگا سفر ڪاٽڻا پوندا. اگهم ڪوٽ جو علمي خزانو تـ مدد خان پٺاڻ شهر کي باهـ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.
    جيئن تـ مخدوم صاحب وڏو اولياءُ ۽ بزرگ هو، سندس پرهيزگاري ۽ علم تي ڪنهن کي بـ شڪ نـ آهي. ها البت سندس حب الوطني تي ڪجهـ اختلاف موجود آهن. سائين عبد الواحد آريسر پنهنجي ڪتاب “ سچ وڏو ڏوهاري آ” ۾ لکي ٿو تـ “ منهنجي معلومات جيڪا محمد صالح عاجز جي ڪتاب سنڌ جا سورهيـ ۽ محترم ساٿي مشڪور ڦلڪاري جي ريسرچ ۽ ڪچهرين تي مبني آهي، ان مطابق مخدوم صاحب (مخدوم بلاول) کي گهاڻي ۾ پيڙهائي شهيد ڪرڻ وارو ظالماڻو ۽ سفاڪاڻو قدم شاهـ بيگ ارغون جي پٽ مرزا شاهـ حسن کنيو هو ۽ سڄو فيصلو ۽ فتويٰ نصرپور ۾ تيار ٿي هئي. جتي شاهـ حسن ارغون طرفان ميان اسماعيل سومرو اگهم ڪوٽي فتويٰ ڏيندڙن جو وڪيل هو. جڏهن تـ مخدوم بلاول طرفان ٻين سان گڏ شيخ ڀرڪيو ولد عيسو ڪاتيار بچاءُ جو وڪيل هو. شيخ ڀرڪيو تمام وڏو محب وطن بزرگ ٿي گذريو آهي. تاريخن ۾ ان کي شيخ ڪري لکيو ويو آهي سو هن کي سندس مرتبي جي ڪري سڏيو ويندو هو، نـ تـ هو ذات جو ڪاتيار هو. ڳوٺ شيخ ڀرڪيو گلاب لغاري کان 10 ڪلوميٽر اولهـ طرف واقع آهي. ماڻڪ ملاح پنهنجي هڪ مضمون جيڪو ڪتاب “هو جو سراپا عشق هو” ۾ ڇپيو آهي لکي ٿو تـ اگهم ڪوٽ ۾ مرزا شاهـ بيگ ارغون، مخدوم بلاول لاءِ فتويٰ ورتي هئي ۽ شيخ ڀرڪيي فتويٰ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.
    مشڪور ڦلڪاري جي تحقيق مطابق مغلن مخدوم اسماعيل سومري کي سندس خدمتن جي عيوض جاگير عطا ڪئي ۽ اگهم ڪوٽ ۾ وڏي مسجد جو ڪم بـ شروع ڪرايائون، جنهن جو ذڪر وتائي فقير بـ ڪيو آهي. مشڪور چواڻي تـ شاهـ حسن مخدوم صاحب وٽ اگهم ڪوٽ اڪثر ايندو هو. جڏهن شاهـ بيگ مري ويو تـ سندس پٽ شاهـ حسن اگهم ڪوٽ ۾ موجود هو. تاريخ شاهد آهي تـ شاهـ بيگ وڏو ظالم بادشاهـ هو. جڏهن اها خبر سنڌ جي ماڻهن کي پئي تـ سنڌ ۾ وڏا جشن ملهائجڻ لڳا. انهي سلسلي جو پهريون جشن بُڪيرا شريف ۾ ملهايو ويو ۽ اها خبر جڏهن شاهـ حسن کي اگهم ڪوٽ ۾ ڏني وئي تـ ان بُڪيرا شريف تي چڙهائي ڪري وڏو قتلام ڪيو ۽ نوجوان عورتن جون ڇاتيون چيري ڦاڙيون ويون. ان اهو سڄو ڪم اگهم ڪوٽ مان اٿي وڃي ڪيو. مشڪور جي تحقيق جي شاهدي “تحفت الڪرام” جو مصنف اجهو هيئن ٿو ڏئي“ درويش دائود ۽ ميان همون هر هڪ مخدوم اسماعيل سومري جا همعصر هئا، هر هڪ جي مدرسي ۾ 500 ماڻهو قران شريف جي قرات ۾ مشعول رهندا هئا، جن جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو انتظام پنهنجي طرفان ڪندا هئا. مرزا باقي باوجود ڏاڍو بخيل هو، تاهم هيءَ بزرگ جيڪا بـ آبادي ڪندو هئا تنهن تان ڍل ۽ ٻيا انگ ابواب معاف ڪري ڇڏيائين . ” انهيءَ مان صاف ظاهر آهي تـ اهي سڀئي بزرگ مغلن سان اُٿي ويٺي ۾ پيا نڀائيندا هئا. جڏهن تـ شيخ ڀرڪيو قومي غيرت جي ڪري مغلن کان پاسيرو رهيو. تاريخ ۾ مخدوم اسماعيل سومري جون ڪافي ڪرامتون تـ لکيل آهن، پر سندس سماجي ڪردار واضع طور اجاگر ٿيل نـ آهي، جهڙي طرح مذهبي ڪردار تي گهڻو ڪجهـ لکيو ويو آهي. جمال ابڙو پنهنجي “آتم ڪٿا ” ۾ بيگلار نامي جي مصنف مرزا باقي بابت لکي ٿو تـ “هو ظالم، قاتل ۽ درندي صفت انسان هوندو هو ” تنهن کي هڪ مسلمان تاريخدان مولانا غلام رسول مهر وڏو داناءُ ۽ انصاف وارو سڏيو آهي. ” تاريخ ۾ اهڙيون ستم ظريفيون جابجا ملنديون. جڏهن تـ اسان جي نوجوان نسل کي سرڪاري اسڪولن ۾ اهائي تاريخ پڙهائي وڃي ٿي. پوءِ اڳتي هلي هو ڪا ڳالهـ نـ پڙهڻ لاءِ تيار آهي، ۽ نـ وري مڃڻ لاءِ .


    جاگرافي

    جاگرافي

    ڳوٺ گلاب لغاري تعلقـي ماتلي جي يونين ڪائونسل ماڻڪ لغاري جي هڪ ڳوٺ مان ڦري شهر ٿي پيو آهي. هي اهو شهر ڪونهي، جنهن ۾ زندگيءَ جون سڀ سهوليتون ميسر هجن. بقول سائين فضل الله قريشي جي تـ وڌندڙ آبادي ڳوٺن کي شهرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پر اهڙن ڳوٺن جا رهواسي وقت جي حڪمرانن جي عدم دلچسپي، سٺي حڪمراني جي اڻاٺ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ناهموار روين سبب بنيادي سهولتن جي اڻاٺ جو شڪار رهندا پئي آيا آهن . ڇو جو هن رياست ۾ سٺي حڪمراني جو تصور (Concept) اڃان پنهنجن پيرن تي بيهڻ کان قاصر آهي. اهو ڳوٺ، جنهن تي يونين ڪائونسل ٽيڪس وغيرهـ مڙهي سگهي ٿي تـ ان کي ڳوٺ تـ نـ چئبو اهو تـ هڪڙو ننڍڙو شهر ٿيو. منهنجو ڳوٺ ضلعي بدين جي اوڀر طرف ضلعي هيڊ ڪوارٽر کان تقريبن 100 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي، جيئن بدين ضلعو ملڪ جو ڏکڻ طرف آخري ضلعو آهي، تيئن منهنجو ڳوٺ وري ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي اُتر اوڀر ۾ آخري شهر آهي. بدين ضلعي جو آخري اسڪول ۽ ٿاڻو پڻ منهنجي ڳوٺ ۾ واقع آهن. ان کان پوءِ تعلقو چمبڙ ضلعو ٽنڊو الهيار شروع ٿئي ٿو. گلاب لغاري آڳاٽي سنڌو درياهـ جي ٻن ڦاڪن جي وچ ۾ واقع آهي، جنهن مان هڪ کي سرفراز ڍورو ۽ ٻئي کي بهرام واهـ ڪوٺيو وڃي ٿو. اهي ٻئي واهـ سکر بئراج جي وهڻ کان اڳ آبڪلاڻي جي موسم ۾ ڇهـ مهينا ڀرپور پاڻي ءَ ڏيندا هئا ۽ انهن جو اوج هوندو هو. انهي پاڻيءَ تي جوئر ۽ ٻاجهر جا فصل تمام سٺا ٿيندا هئا. جيئن سکر بئراج وهڻ شروع ڪيو تـ انهن موسمي ۽ قدرتي پاڻيءَ جي نيڪالن جو اوج بـ ختم ٿي ويو. ان سان گڏ اهي برڪت ڀريا ڏينهن بـ موڪلائي ويا. ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي پنهنجي ڪتاب “سنڌ جي اقتصادي تاريخ” ۾ انهن برڪت ڀرين ڏينهن لاٰءِ لکي ٿو تـ “ کاڌي ۽ زندگي ءَ جي ٻين ضرورتن جي فراواني هئي ۽ قيمتون گهٽ هيون. چوپايو مال نهايت گهڻو هو، عام رواجي ماڻهو وٽ بـ ٻـ چار وهٽ هوندا ئي هوندا هئا. حيدرآباد ۾ هڪ هاريءَ وٽ آسائشي حالتن ۾ اٺ جوڙا ڍڳن جا، هڪ گهوڙو، هڪ ڳئون ۽ هڪ گابو، هڪ مينهن ۽ 15 کان 20 تائين ٻڪريون هونديون هيون. ” بس ائين کڻي چئجي تـ خواهشون گهٽ ۽ وسيلا گهڻا هوندا هئا. عام ماڻهو سال جا 6 مهينا ٻني ٻاري ۾ ڪم ڪندو هو تـ باقي وقت ڪڏهن هِن جي اوطاق تي ڪڏهن هُن جي اوطاق تي ڪچهرين جا ڪوٽ پيو اڏيندو هو. آمدرفت جا ذريعا محدود هئا . ريڊيو ۽ اخبار جو ننڍن ڳوٺن ۾ وجود نـ هئڻ جي برابر هو. ٽپال ذريعي اٺن ڏينهن کان پوءِ ڪو خط پٽ پيو پهچندو هو. ائين انگريز فيل مست، ماڻهن مٿان حڪومت ڪندو رهيو. سڄي ساري هڪ صدي گورو صاحب ڪارن مٿان نفسياتي توڙي انتظامي طور حاوي رهيو. پوءِ جڏهن هتان ويو تـ پٺيان پنهنجو اهڙو جانشين ڇڏي ويو، جو سندس سڀئي ڏنل اهنج، ڏک سور ڌوپجي ويا. هي زمانو سکر بئراج کان اڳ جو وقت ٿو ٻڌائي.
    ڳالهـ پئي هلي گلاب لغاري جي انتطامي ۽ جاگرافيائي جوڙجڪ جي، جڏهن کان ماتلي تعلقـو ٺهيو آهي تڏهن کان گلاب لغاري ان جو حصو رهندو پيو اچي. ها البتا 1974 ع کان پوءِ جڏهن بدين ضلعو ٺهيو تـ اسان جو سڄو ماتلي تعلقو بدين جي حدن ۾ هليو ويو ۽ اڃان تائين اسان ان جو حصو آهيون. سنڌ جي اقتدار جا لالچي وڏيرا پنهنجي سياسي فائدي جي لاءِ ضلعي، تعلقي ۽ يونين ڪائونسل جي حد بندين جي ڦير گهير ۾ دير ئي نـ ڪندا آهن. جڏهن تـ پڇ لٽڪائو بيوروڪريسي ڪڏهن بـ انهن جي اڳيان ڪو صحيح موقف، جيڪو عوامي اميدن وٽان هجي، نـ رکيو آهي. پري ڇو ٿا وڃون ويجهي ماضي ۾ ڪن حڪومتن پنهنجي ڪرسي بچائڻ خاطر حيدر آباد ۽ ڪراچي ضلعن کي ٽوڙي،سنڌ جي تاريخ سان هڪ وڏي هٿ چراند ڪئي. ٿي سگهي ٿو تـ ڪن فردن کي ان مان فائدو پهتو هجي پر مجموعي طرح سنڌ کي وڏو نقصان پهتو، ڪنهن بـ سنڌي بيوروڪريٽ انهيءَ ڪڌي ڪم تي مزاحمت نـ ڪئي.
    هي تـ مٿي مون هڪڙي تاريخدان جو حوالو ڏنو آهي، پر دنيا جي محققينن جي اڪثريت انهي تي متفق آهن، تـ هن خطي جا ماڻهو امن پسند ۽ قناعت پسند پئي رهيا آهن. جيئن مٿين تاريخي حوالي مان ظاهر آهي تـ سنڌ جي ماڻهن کي روزي روٽي جو فڪر مڙئي گهٽ هوندو آهي. ٿوري تي قناعت ڪرڻ تـ ڪو هنن کان سکي. مجموعي طرح سنڌ جي ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي ۽ طور طريقن جو اثر سڄي هن خطي تي پوي ٿو. تيئن منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو بـ سست، ڪاهل، ڪم چور، سڄو ڏينهن هوٽلن تي ٻٽاڪون هڻڻ، شغل ۽ شڪار جا شوقين، ٺٺري ۽ ڦشري تي ڪم ڪار ڇڏي ڳوڙھ ٿي ويندا. ڪا پسنديدهـ شئي ملي تـ گهر لٽائي طهري ڪري ڇڏيندا. ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي سنڌي ماڻهن جي تفريح ۽ وندر بابت لکي ٿو تـ “ سنڌي مسلمان جو آدمشماريءَ جي اڪثريت جي نمائندگي ڪري ٿو. لااُبالي قسم جو ماڻهو آهي، کل خوشيءَ جو ڪوڏيو آهي، ۽ سڀاڻي جو فڪر هن کي بنهـ ڪين ٿو ستائي. فراوانيءَ جي هن زمين پيدا ٿيڻ ڪري، هڪ مثالي سنڌي کي ڪڏهن بـ محتاج ٿيڻو ڪونـ پيو آهي ۽ پنهنجي جسم توڙي روح جي بقا لاءِ هن جو الله تي آسرو ۽ ڀروسو آهي. ”
    جيئن سنڌ جي ماڻهن کي شڪار لاءِ هڪ فطري ذوق ۽ شوق آهي، تيئن منهنجي ڳوٺ جا ڪجهـ شهزادا بـ شڪار جا شوقين رهيا آهن. انهن ۾ تترن جو شڪار وڏي اهميت رکندو آهي. منهنجي ڏاڏي حاجي محمد بخش وٽ دونالي بيلجم جي بندوق هوندي هئي، خاص ڪري تترن جي شڪار جو وڏو شوقين هوندو هو. توبچي جي وصف ٻڌائيندي چوندو هو تـ توبچي ڪڏهن بـ ويٺل پکي کي ڌڪ نـ هڻندو هميشـ اُڏاري پوءِ ڌڪ هڻندو. ان کان سواءِ ڪجهـ راڻا، سوئر جو شڪار پڻ ڪندا هئا. سنڌ ۽ افغانستان جي ماڻهن جي اها خوبي آهي تـ هو ڪڪڙن ويڙهائڻ جا شوقين آهن. مون ڪڪڙ ڌاريا تـ ڪونـ، باقي ڪڪڙن جي ميل تي آئون گهڻا دفعا ويس. خفتي پنهنجن ڪڪڙن تي وڏا پئسـا بازي طور رکندا آهن. جڏهن تـ هو انهن تي خرچ بـ تمام گهڻو ڪندا آهن. ان کان سواءِ امير توڙي غريب، شاھ توڙي هاري ٻنهي لاءِ گهڻو ڪري ساڳيون تفريحون هونديون آهن. ان زماني ۾ منهنجي ڳوٺ ۾ شڪار، پتنگ بازي يا لغڙ اڏائڻ، ڪُڪڙ ويڙهائڻ،گهوڙي ڊوڙ، ڍارو، لونٽڻي، اٽي ڏڪر، ونجهـ وٽي، لڪ لڪوٽي، تاس ۽ والي بال کان سواءِ راڳ ۽ ناچ هر ڪو پيو پسند ڪندو هو. جڏهن تـ هن وقت اِنفارميشَن ٽيڪنالاجي جي تيز ترين ترقيءَ جي ڪري انهن راندين جي جاءِ انٽرنيٽ ۽ فيس بڪ اچي والاري آهي. مٿان وري مذهبي انتهاپسندي جي ڪري عام ماڻهو جو مذهب ڏانهن رجحان وڌي وڃڻ جي ڪري اهڙيون تفريحي سرگرميون ذري گهٽ ڳوٺن مان ختم ٿينديون پيون وڃن.


    آگهاماڻي جو ميلو

    آگهاماڻي جو ميلو

    ميلو سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو صحيح ۽ حقيقي وندر ۽ ورونهـ جو نمونو پيش ڪري ٿو. سنڌ سونهاري جي هر ضلعي ۾ ننڍا وڏا ميلا لڳندا رهن ٿا، جيڪا نمائش ميلن ۾ نظر اچي ٿي اها ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ نطر نـ ايندي آهي. ميلن مان ننڍيون وڏيون ڪيترن ئي قسمن جون اقتصادي سرگرميون پڻ جنم وٺن ٿيون، جيڪي ان علائقي جي لاءِ ڏاڍيون سودمند هونديون آهن. ان کان سواءِ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي لاءِ ٻارنهين مهيني تفريح جو سبب پڻ بڻجن ٿيون. لوڪو رام ڏوڏيجا پنهنجي ڪتاب “ منهنجو وطن منهنجا ماڻهو” ۾ سنڌ جي ميلن متعلق ڪجهـ هيئن خيال آرائي ٿو ڪري. “ ميلن ۾ پير فقير، امير غريب، چورچڪار، بازيگر رانديگر، جوڳي ٺوڳي، لنگها،کدڙا، ڪڃريون قوال، لليجا، جوئاري، شوقين ۽ شودا، دڙا دلال، مطلب تـ سڀ قسم جا سنڌي ڏسڻ ۾ ايندا. زالن ۾ بـ حسين، هر ناز واريون اچي ڳاهٽ ٿينديون هيون. انهن کي نهاري وڏيرا پنهنجن تلوار ڇاپ مڇن کي وٽ ڏيئي ذري ذري پيا کنکهنڪار ڪندا، لڪُڻ پيا گهمائيندا ۽ پٽڪي کي پيا ٽاٽائيون ڏياريندا. پر جاني نهارين بـ ڪين. پر ڪڏهن ڪڏهن ضرورتمندن جي مُشڪ ۽ نيڻن سان نينهن جي نياپن جي ڏي وٺ بـ ٿيندي هئي. ”
    سنڌ ۾ ميلا (ميڙا) جيڪي وڏي تعداد ۾ هر هنڌ لڳندا هئا. سي سماجي ڳانڍاپو ۽ سير تفريح جو وڏو ذريعو هوندا هئا. تقريبن هر ميلي ۾ مال جو وڏو واپار ٿيندو هو ۽ اهو سلسلو اڃان تائين جاري ساري آهي. اسان جي ڳوٺ جي پاسي ۾ اگهاماڻي ۾ پڻ ڪيتري عرصي کان مخدوم محمد اسماعيل سومري جو ميلو هر سال وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو پيو اچي. انهي ميلي جو روح روان قريشي خاندان جو چشم چراغ ميان غلام نبي قريشي هوندو هو، جيڪا روايت اڄ ڏينهن تائين سندس پويان قائم رکيو اچن. آئون ٻن سالن جو هوس تـ بابا سائين سان گڏجي ميلي تي گهمڻ ويندو هوس. جڏهن پنجن سالن جا ٿياسين تـ پاڻ مرادو سڄو ڏينهن پيا ميلي تي ڦيرا ڪندا هئاسين. مون اگهاماڻي جي ميلي مان جڏهن پنجين درجـي ۾ پڙهندو هوس تـ هڪ تصوير ڪڍرائي هئي، اها اڄ ڏينهن تائين مون وٽ محفوظ آهي بليڪ اينڊ وائيٽ وڏيون ڪئميرائون هونديون هيون، جن ۾ ڪارو ڪپڙو ٻڌل هوندو هو، فوٽو ڌوئڻ مهل فوٽو گرافر انهي ڪاري ڪپڙي ۾ ٻانهن لنگهائي پوءِ ڪجهـ اندر ڪندو هو. ان کان پوءِ ان کي رسي ۾ ٻڌي سُڪائي ڇڏيندو هو. ڪلاڪ کان پوءِ فوٽو تيار ۽ مالڪ جي حوالي. اگهاماڻي جو ميلو ايڏو وڏو تـ نـ هوندو هو، پر ٽن ڏينهن لاءِ وڏو چهچٽو لڳي ويندو هو. ٻـ وڏا هوٽل شيش محل هوٽل ڪري سڏبا هئا. ان کان سواءِ ڪشمش جا دڪان، مٺائي جا دڪان، رانديڪن جا دڪان، شربت وارا، ڳنڍي وارا، پينگهي وارو مطلب تـ ٽن ڏينهن جي لاءِ بر ۾ بازاريون لڳي وينديون هيون. هر ننڍو وڏو، غريب غربو ان ميلي جي لاءِ سڄو سال تياري پيو ڪندو هو. منهنجي بابا ۽ راڻي ڀائي (مينگهواڙ) گڏجي ڀائيواري تي 1962ع ۾ وڏي تاج محل هوٽل کولي هئي. آئون اڃان ستن سالن جو هوس، چٽي يادگيري تـ ڪونهي ڀانيان ٿو تـ بچت ڪا گهڻي ڪانـ ٿي هئي. باقي هوٽل لاءِ جيڪا تاج محل جي تصوير، جنهن جي ٺاهڻ لاءِ پورو مهينو لڳو هو، اها اتان لاهي اسان جي گهر جي هڪ ديوار تي اچي لڳائي هئي. اگهاماڻي جي ميلي ۾ ان وقت جا نالي وارا ملهـ پهلوان پڻ ايندا هئا. جن ۾ غلام سرور جتوئي، سيد سمن شاهـ، الهجڙيو سمون، خدو شيدي، دادلو شيدي، ڀيرجي سامي ۽ اسان جي تر جي ملهن ۾ نعمت الله سريوال، عبدالرحمان لغاري، محمد لغاري وغيره قابل ذڪر آهن. رات جو ميلي ۾ ڳائڻن جون مختلف ٽوليون پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪنديون هيون. انهن ۾ هڪڙي ٽولي ڪولهي راڳيندڙن جي بـ هوندي هئي، جيڪي گاسليٽ جي مُتي تي راڳ ڳائيندا هئا. ملاکڙي کان پهريان ڀلن گهوڙن جو ميل ٿيندو هو. ان کان پوءِ ملاکڙي جو شغل شروع ٿيندو هو. جيڪو هر ميلي جو مُکُ ائٽم سمجهيو ويندو آهي. هر ماڻهو ملهن کي واهـ واهـ سان گڏ انعام طور هڪ روپـي کان ڏهن رپين تائين انعام پيو ڏيندو هو،خاص انعام بوسڪي جا پٽڪا هوندا هئا، جيڪي خاص ڪري اسان جي تر جي معزز رئيس محمد حسن خان لغاري (سريوال) ۽ ٻين معزز ماڻهن طرفان هوندا هئا. ان کان سواءِ ٽن ڏينهن لاءِ ملهن جي رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست پڻ رئيس محمد حسن خان سريوال جي طرفان هوندو هو. انهي دوران هر ملهـ پهلوان جي ضرورت آهر تيل مالش ۽ ماهي کير جو بندوبست پڻ رئيس صاحب جي حوالي هوندو هو. اها روايت سندس اولاد اڄ ڏينهن تائين قائم رکيو اچي ٿو. انهن مهمانن ۾ شامل هوندا هئا ملهـ پهلوانن جا شاگرد، ملهن جو جمعدار، ملاکڙي جي ڪامينٽري ڪرڻ وارو مطلب تـ 50 کان 60 ماڻهن جو ٽولو هوندو هو جيڪو ٽن ڏينهن جي لاءِ رئيس محمد حسن خان سريوال جو مهمان هوندو هو.
    ان زماني ۾ هر ميلي ۾ هڪ خاص مخصوص بازار هوندي هئي، جنهن کي ڳاڙهي بازار ڪري چوندا هئا. اسان جي ڳوٺ واري ميلي تي پڻ اها رونق افروز ٿيندي هئي. اها بازار ٿورو پري ميلي جي پاسي ۾ وڏا وڏا ڪرڙن جا ٻوٽا هوندا هئا، انهي ۾ سجندي هئي. هڪ دفعي آئون بـ انهي بازار ۾ دل پشوري ڪرڻ ويو هوس، ڏاڍي رش لڳي پئي هئي. اسان جي ميلن مان رس ۽ چس تڏهن نڪتي، جڏهن ميلا ڦري عرس ٿيا ۽ هر ڳالهـ کي حرام ۽ حلال جي ساهمي ۾ توريو ۽ تڪيو ويو. هر وندر ۽ ورونهن کي فحاشي جي دوربني جي اک سان ڏٺو ويو. انهي، متعلق مولانا گرامي پنهنجي مقالي جي شروعات ئي هنن لفظن سان ڪري ٿو تـ “ اسان جا اڄڪلهـ جا ڪي نقاد، ذوق جمال ۽ فحاشي ۾ ڪو بـ فرق ۽ امتياز نـ ڪري سگهيا آهن. هنن کي سائي جي مرض وانگر، هر هنڌ عريانيت ۽ جنسيات پئي نظر اچي. پوءِ ڀلي تـ ڪو رنگين خيال هجي ۽ اهو شيرين ۽ روح پرور پيرايي بيان ۾ آيل هجي، پر ان کي هرو ڀرو اخلاقيات ۾ گهلي اچڻ ۽ مٿس فتويٰ ڏيڻ کان اسان جا نقاد مڙن ئي نـ ٿا. ” مولانا گرامي صاحب ساڳئي مقالي ۾ انهي بابت ڪجهـ اجهو اهڙن خيالن جو اظهار ڪري ٿو. “ هونئن بـ زندگي خشڪ ۽ مرده چيز آهي. ان جي بيحسيءَ ۽ مردگيءَ، جمود ۽ خشڪي کي ٽوڙڻ جي لاءِ ضروري آهي تـ منجهس احساس ۽ بصيرت ۽ شيريني بـ ڪنهن حد تائين پيدا ٿئي. ان ۾ سوز ۽ ساز، ڪيف ۽ ذوق وجدانيات ۽ جماليات جا ڪجهـ اثر ۽ نقش ڀريا وڃن. رڳو رهبانيت ۽ ٻڌ ازم واري ترڪ دنيا تي تـ پوري انسان ذات هلي ڪا نـ ٿي سگهي. ”


    گلاب لغاري جا لوهاڻا

    گلاب لغاري جا لوهاڻا

    گلاب لغاري جي لوهاڻن جي ڪهڙي ڳالھـ ڪجي. تقريبن ڳوٺ ۾ سنڌي سان گڏ سرائڪي بـ ڳالهائي وڃي ٿي.اسان جي ڳوٺ جو ديوان سرائڪي ويٺو ڳالهائيندو تـ خبر نـ پوندي تـ هندو آهي يا ڪو ٻروچ ويٺو ڳالهائي. مهل ۽ موقعي جا مڙس ماڻهو، آئي ويل ڪم اچڻ وارا. آڌيءَ رات جو وڃي گهر تي سڏ ڪبو تـ همراھ گهر مان نڪتو ايندو، اهو نـ ڏسندو تـ ڪير ٿو سڏي، دوا درمل انهيءَ مهل مفت ۾ ڏيندو ان کان پوءِ ڏينهن جو دڪان تي چڙهي آيو تـ اڳيان پويان سڀ حساب ڪتاب چڪتو ڪبا. عاشوري جي ڏينهن ۾ گلاب لغاري جي لوهاڻن طرفان ڀت جون ديڳون لهي وينديون، مٺي پاڻي جون سبيلون لڳي وينديون. بسون روڪرائي هر ايندڙ، ويندڙ کي ننگر پاڻي ڪرائي سبيل پياري پوءِ بس کي روانو ڪبو. ڪجهـ سال اڳ مسلمانن طرفان پڻ ائين ڪيو ويندو هو پر جڏهن کان مذهب جو جوش ۽ جذبو وڌڻ لڳو آهي، تڏهن کان اسان جي پاسي جي مسلمانن اهو ڪم ڇڏي ڏنو آهي. اهو چئي تـ اسان سُني آهيون، اهو ڪم اهل تشيع وارن جو آهي ۽ اسان بهشت، دوزخ جي چڪر ۾ پئجي ويا آهيون. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان هڪ اهڙي نسل جي آبياري ڪرڻ شروع ڪئي، جيڪو ذهني اپاهج ٿي ويو. ڳالهـ وڃي مرڻ مارڻ ۽ خود ڪش حملي آورن تي پهتي آهي. انهي تعليم 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻار تي اهڙو تـ اثرڪري ڇڏيو آهي، جو هو پنهنجي حياتيءَ جي پرواهـ نـ ٿو ڪري. پاڻ تـ بغير روڪ ٽوڪ جي وڃو بهشت ۾ حورن حوالي ٿئي، پر پٺيان بم جو ڌماڪو ڪري وڏي انگ ۾ ماڻهن کان وقت کان اڳ سندن جون زندگيون کسي ٿو وٺي ۽ پويان انهن جي خاندانن کي جيئري دوزخ ۾ وجهيو وڃي.
    منهنجو تعلق شروع کان وٺي غريب خاندان سان رهيو آهي. بابا سائين جو نالو مظهر علي خان هوندو هو، عُرف عام ۾ کيس مزار خان سڏيو ۽ سڃاتو ويندو هو. ان بـ غربت واري زندگي گذاري، جيڪا هن کي اسان جي ڏاڏي کان ورثي ۾ ملي هئي. منهنجو ڏاڏو حاجي محمد بخش، جنهن کي قاضي ڪري سڏيندا هئا انگريزن جي زماني جو پڙهيل، لکيل، چالاڪ ۽ سيلاني طبعيت جو مالڪ هوندو هو، ڍنڍ جي پکي وانگر ڪڏهن ڪٿي تـ ڪڏهن ڪٿي. اهڙن ماڻهن جي واقفيت تمام گهڻن ۽ وڏن ماڻهن سان هوندي آهي. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ سيد ميران محمد شاھ ٽکڙ وارو سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر هوندو هو تـ مون وارو ڏاڏو قاضي محمد بخش ساڻس گڏ هوندو هو. سيد ميران محمد شاه کيس قاضيءَ ڪري سڏيندو هو. اها خبر نـ آهي تـ پاڻ ميران محمد شاھ وٽ منشي هو يا نوڪر. پر غالب گمان آهي تـ قاضي محمد بخش سندس خاص نوڪرن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. شاھ صاحب جتي بـ ويندو هو تـ قاضيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. پوءِ شملو هجي يا سيوهڻ قاضي صاحب گڏ. اهڙي طرح سيوهڻ جي هڪ دوري دوران محترم محبوب علي چنـا سان ملاقات ٿي، جنهن کي ٻنهي ڌرين توڙ تائين نڀايو. 10 ۽ 16 سالن جي ڄمار کان شروع ٿي ۽ ساھ جي آخري گهڙي تائين قائم رهي. چنـا صاحب جڏهن سيوهڻ کان نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهڻ آيو تـ منهنجي ڏاڏا سائين، (جيڪو 6 سال هُن کان ڄمار ۾ وڏو هو) اسڪول ۽ بورڊنگ جي خرچ توڙي آئي ويل مدد ڪندو رهندو هو، ڇو جو محبوب علي چنـا صاحب جو والد صاحب ٽپال کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. پوري پُني آمدني هئڻ ڪري پنهنجي پٽ جي پڙهائي جي خرچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن تنگي محسوس ڪندو هو. هونئن بـ سنڌ ۾ اها روايت رهي آهي تـ آئي ويل هڪ ٻئي جي مدد ئي ڪبي آهي. اها ورهاڱي کان اڳ جي ڳالهـ آهي. هڪ ٻئي جون شاديون بـ پاڻ ڪرايائون. محبوب علي چنـا صاحب سرڪاريءَ نوڪري ۾ داخل ٿيو ۽ وڏن وڏن عهدن تي پهتو پاڻ اڳتي هلي پروفيسر ٿيا ۽ سنڌ جي مختلف ڪاليجن جا پرنسيپال رهيا. جن ۾ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد، هالا ڪاليج ۽ جيڪب آباد ڪاليج وغيره شامل آهن. سندن آخري پوسٽنگ اسلام آباد رهي. اتان حج تي ويا ۽ مديني ۾ وفات ڪيائون. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف رهيا آهن.
    محبوب علي چنـا صاحب هر سال جون، جولاءِ مهيني ۾ پندرهن ڏينهن جي لاءِ اسان جي ڳوٺ گلاب لغاري ۾ اچي رهندا هئا. اها Routien آخر تائين برقرار رکيائين. پاڻ جڏهن اسلام آباد نوڪريءَ سانگي هوندا هئا تڏهن بـ اهو سلسلو جاري رهيو، پوءِ ٿورن ڏينهن لاءِ پر دوست تان ڀيرو ضرور ڀڃبو هو. اها انهي زماني جي ڳالهـ آهي جڏهن پاڻ سچل سرمست آرٽ ڪاليج حيدرآباد جا پرنسيپال هوندا هئا. هي اهو زمانو هو جڏهن ڪنهن استاد کي باقي ضلعي جي عملدارن کان وڌيڪ عزت جي نگاهـ سان ڏٺو ويندو هو. اها 50 واري ڏهاڪي جي ڳالهـ آهي، هي جيڪي هاڻي روڊ رستا نظر اچن ٿا، اهي ان زماني ۾ ڪو نـ هوندا هئا. ٽپال وسيلي چنـا صاحب جي چٺي پهتي تـ جون جي فلاڻي تاريخ تي گلاب لغاري اچڻ گهري ٿو. جڏهن تـ ٽنڊو الهيار کان گلاب لغاري تائين سواري جو بندوبست ٽنڊو الهيار جي ميمڻ برادري ڪندي، جيڪي تقريبن چنـا صاحب جا ڪنهن نـ ڪنهن طرح شاگرد هوندا هئا. مقرر تاريخ تي محبوب علي چنا صاحب ريل رستي حيدرآباد کان ٽنڊي الهيار پهتا تـ اُتي جي ميمڻ برادري اڳي سندس آجيان لاءِ موجود هئي. جن ۾ شامل هئا، حاجي صادق ميمڻ، حاجي احمد ميمڻ ۽ حاجي يوسف ميمڻ چمبڙ وارو. اها تـ سڀ ڪنهن کي خبر هئي تـ چنـا صاحب کي اگهاماڻي يا گلاب لغاري وڃڻو آهي پر ڪنهن وٽ وڃڻو آهي اها ڪنهن کي بـ خبر ڪانـ هئي. خوش خير عافيت کان پوءِ کانئس پچيو ويو تـ گلاب لغاري ڪنهن جا مهمان ٿيندا. پاڻ جواب ڏنائون، “منهنجو هڪ سادو سٻاجهو لغاري غريب دوست آهي، جنهن جو نالو آهي “محمد بخش” انهي جا مهمان آهيون. منهنجي ڏاڏي کي تـ اتي ڪوئي نـ سڃاڻندو هو. سو ٽنڊي الهيار جا ميزبان لڳا هڪ ٻئي جي مُنهن ڏانهن ڏسڻ. تنهن تي هڪ چيو تـ “ ها آئون انهي ماڻهو کي سڃاڻان ٿو، اهو ڍڪ منشي آهي. ” تنهن تي انهن مان هڪ ماڻهو ڀڻڪو هنيو تـ “توهان ايڏا وڏا ماڻهو هڪ معمولي ماڻهو ڍڪ منشي وٽ ڪيئن ويندا. ” جيئن اهي لفظ چنـا صاحب جي ڪنن تي پيا تـ هو صاحب ڪاوڙجي پيو. “ چئي دوستيءَ ۾ ڪا ننڍ وڏائي ٿيندي آهي ڇا؟ دوستيءَ ۾ غريب غربو سڀ برابر هوندا آهن. آئون اوهان جي گاڏي استعمال نـ ڪندس. بس آئون واپس حيدرآباد ٿو وڃان. ” انهيءَ تي چنـا صاحب سخت ناراض ٿيا. ٽنڊي الهيار جي ميمڻ برادري وڏين منٿن ميڙن کان پوءِ چنـا صاحب کي راضي ڪري گاڏي ڏئي گلاب لغاري موڪليو سو ان زماني جا اهڙا ماڻهو هوندا هئا، جيڪي دوستي جي هڪ اکر تي بـ سودي بازي جي لاءِ تيار نـ هوندا هئا، جيئن تـ چنـا صاحب تقريبن پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ دوران تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو. تنهنڪري سڄي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ سندس ٿورا ڪي گهڻا شاگرد ضرور هوندا هئا. ان کان سواءِ سندس سنڌي ادب سان وڏو گهرو لڳ لاڳاپو هوندو هو. تنهنڪري ادب جي دنيا ۾ پڻ ڄاتو سڃاتو ويندو هو. آئون جڏهن 1976-77ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي ويس تـ اُتي ان جو پرنسيپال جنهن جو نالو عبدالرحيم چنـا صاحب هو ۽ هن جو تعلق نوشهري فيروز سان هوندو هو. مون کي خبر نـ آهي تـ هن صاحب کي ڪيئن خبر پئي، جنهن مون کي گهرايو ۽ پڇيائين تـ “ توهان جو محبوب علي چنـا صاحب سان تعلق آهي ” مون جواب ۾ صرف اهو چيو تـ “ هي جيڪو منهنجو نالو نظام الدين آهي، اهو بـ محبوب علي چنـا صاحب جو رکيل آهي. ” جنهن تي پرنسيپال عبدالرحيم چنا صاحب ڪرسي ڇڏي يڪدم اٿي بيهي رهيو ۽ چيائين تـ “ آئون سائين وٽ هالا ڪاليج ۾ پڙهيو هوس. ” مون ڏٺو تـ هڪ عظيم شخصيت ٻئي عظيم شخصيت کي عقيدت جا گل پيش ڪري رهي هئي. بس انهن ئي ڏينهن دوران آئون اڃان مٺياڻي ڪاليج ۾ پڙهندو ئي هوس تـ محبوب علي چنـا صاحب جو مديني ۾ انتقال ٿي ويو، تـ سائين عبدالرحيم چنـا صاحب ڪافي ڏک جو اظهار ڪيو هو.
    هاڻي وري موٽون ٿا، مون واري ڏاڏي تي، جيڪو سيلاني طبعيت جو مالڪ هوندو هو، تنهنڪري سندس سُهري فيصلو ڪيو تـ ان کي سڱ نـ ڏينداسين انهي جي تصديق خود هُن پنهنجي ڊائري جي هڪ ورق ۾ ڪئي آهي . جنهنجو هڪ ورق اڳتي ايندو. اها خبر جڏهن اسان جي مائٽن کي پئي تـ هن کي ڳولڻ شروع ڪيائون، هن همراهـ جو ٺڪاڻو هجي تـ هن کي ڳولي هٿ ڪجي. ائين آڌي مانجهي اسان وارن مائٽن جي ڊوڙ هوندي هئي چنـا صاحب تي. انهي کي وڃي اها ماجرا ٻڌايائون. جنهن صاحب هن کي وڏي ڳولا کان پوءِ وڃي مٽيارين مان هٿ ڪيو.
    گلاب لغاري جي پوسٽ آفيس پڻ قاضي محمد بخش 1943 ع ڌاري سائين ميران محمد شاھ کي چئي کولرائي هئي، جيڪا اڃا تائين هلي رهي آهي. پاڻ ان زماني ۾ سيلانيون ڇڏي ڳوٺ ۾ اچي ڪپڙي جو دڪان کوليو هئائين. محبوب علي چنــا صاحب سان ملاقاتون بند ٿي ويون. خط کان سواءِ ميل ميلاپ جو ٻيو ڪو ذريعو ڪو نـ هوندو هو. سو همراھ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي چئي پوسٽ آفيس کولرائي. ان زماني ۾ انگريزن جي قانون مطابق پوسٽ آفيس ان شرطـ تي هڪ مهيني لاءِ کولي ويندي هئي تـ مهيني ۾ ڪيترا خط، پارسل ۽ مني آرڊر اچن ۽ وڃن ٿا. گلاب لغاري ۾ اڄ هن 21 هين صدي جي اِنفَارميشن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بـ پڙهائي پوري ساري آهي تـ 100 سال اڳ ڇا حالت هوندي ؟ پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين. هاڻي پوسٽ آفيس بـ هلائڻي آهي. ڳوٺ جي ماڻهن جي ڪا ڄاڻ سڃاڻ هجي ۽ پڙهيل لکيل بـ هجن تـ ڪو خط پٽ بـ اچي وڃي. ان مسئلي جو حل بـ پاڻ ڪڍيائين. لفافا، پوسٽ ڪارڊ ۽ مني آرڊر فارم تـ سرڪار اڳي وڪڻڻ جي لاءِ ڏياري موڪليا هئا، سو اهي سڀ پاڻ خريد ڪيائين. جتي جتي هندستان ۾ واقفيت هوندي هيس انهن سڀني ماڻهن کي هر روز خط لکندو هو. اها تـ ٿي ويندڙ ٽپال، جيڪي ٻاهران اچي ان لاءِ ائين ڪيائين جو ڳوٺ جي سڀني ماڻهن کي خط لکيائين، ڪنهن کي لفافا تـ ڪنهن کي ڪارڊ، صبح جو جيڪا ٽنڊوالهيار يا حيدرآباد بس ويندي هئي ان جي ڊرائيور کي اها ٽپال ڏيئي ڇڏيندو هو تـ صرف اهي شهرن مان ٽپال جي ڳاڙهي دٻي ۾ وجهي ڇڏين. ٻئين ٽئين ڏينهن هر ماڻهو کي خط پيا پهچندا هئا. ائين هڪ مهينو خط پٽ ايندا ويندا رهيا ۽ پوسٽ آفيس پڪي ٿي وئي. مون واري ڏاڏي سڀئي مزا ورتا، سرڪاري نوڪري بـ ڪيائين جو ڪجھـ وقت لاءِ ڍڪ منشي ٿي رهيو، زمينداري بـ ڪيائين ۽ دڪانداري بـ هلايائين پر ڪٿي بـ ڄمي بيهي نـ سگهيو. پاڻ انهي زماني ۾ بـ روزانـو باقائدگيءَ سان ڊائريءَ لکندو هو. سندس ڊائريءَ جي هڪ ورق مان سندس سيلاني طبعيت ۽ اسان جي مالي حالت جي پڙهندڙن کي پروڙ پئجي ويندي.


    ڏاڏا سائينءَ جي ڊائريءَ جو هڪ ورق

    ڏاڏا سائينءَ جي ڊائريءَ جو هڪ ورق

    ڏاڏا سائينءَ جو ننڍ پڻ
    منهنجي ڄمڻ جي تاريخ ۽ مهيني جي پوري پڪ ڪانهي، ڇو جو والدين ويچارا اڻ پڙهيل هئا. تنهنڪري ڄمڻ جي تاريخ قلم بند ڪانهي. مگر انومان آهي تـ آئون 1913ع يا 1914 ع ۾ ڄائو آهيان. جيئن تـ منهنجي والدين کي فقط آئون اڪيلو پٽ هوس، ٻيو ڪو بـ اولاد ڪو نـ هئن. تنهنڪري غريبي حالت هوندي بـ آئون سکيو پليس ۽ جيڪو بـ انگل آرو ڪندو هوس، سو يڪدم پورو ڪندا هئا. مگر اهو سکيو وقت ڪو گهڻو ڪونـ هليو، آئون چئن يا پنجن سالن کن جو هوس، تـ والده ماجده جو انتقال ٿيو، ۽ والده صاحبـا 1919 ع جي وڏي بيماريءَ ۾ وفات ڪئي. پوءِ منهنجي پرورش والد محترم جي زير نظر رهي. اسان گهر ۾ فقط ٽي ماڻهو هئاسون. هڪ والد صاحب، ٻيو آئون ۽ ٽيون منهنجي ناني. منهنجي نانيءَ ٻيو حق ڪيو هو. ان جو گهر وارو، جنهن جو نالو حسڻ هو ۽ آئون ان کي نانا ڪري سڏيندو هوس. قدرتي الاهي جو بابا جو پڻ 1924ع ۾ شفقت ڀريو هٿ کڄي ويو. منهنجو ويجهو عزيز ڪو بـ ڪونـ هو، تنهنڪري آئون ناني سان گڏ رهڻ لڳس، منهنجي ماني وغيره ناني تي هئي، باقي ڪپڙا آئون پنهنجا پاڻ ڪندو هوس. بابي سائين جي وفات وقت اسان وٽ هيٺين ملڪيت هئي، هڪ گهوڙي، هڪ ڍڳو، 5 يا 6 ٻڪريون ۽ اٽڪل 50 روپيـا روڪ هئا. مون گهوڙي 43 روپين ڪري وڪي ۽ ڍڳي 40 روپين ۾ وڪي. اهي 83 روپيـا ۽ ٻيا پئسـا امانت ڪري، رئيس حاجي شاھ محمد خان وٽ رکيم. جنهن مان ڪپڙا وٺندو هوس. منهنجي والده صاحبـا ننڍي هوندي منهنجو مڱڻو ڪري وئي هئي، تنهنڪري ساهُرن کي بـ ڪپڙا ڏيندو هوس، آخر چوڻي آهي تـ “کاڌي کوھ بـ کٽيو وڃن”، تنهن کان پوءِ آمدني ٺهي ڪا نـ رڳو کپت، سو پئسا چئن پنجن سالن کان پوءِ کٽي ويا. بابا سائين جنهن وقت وفات ڪئي هئي ان وقت آئون پنجون درجو سنڌي پڙهندو هوس، جو پاس ڪيم ۽ پوءِ اسڪول ڇڏي ڏنم ۽ مولوي پير محمد چانڊيي وٽ قرآن شريف پڙهڻ ويٺس جو پورو ڪيم. تنهن کانپوءِ گهڻو ڪري رئيس حاجي شاھ محمد خان جن وٽ ڪمائيندو هوس، جي فقط ماني ڏيندا هئا. جڏهن تـ منهنجي ڪا ٻي بـ واھ ڪا نـ هئي تنهنڪري لاچار اتي ئي پيو هوندو هوس. آخر مٺو پٽ سنجر، جو لغاري آهي، ان وٽ مهيني تي بيٺس ۽ ٻڪريون چاريندو هوس. پگهار ٻـ روپيـا مهينو مقرر ٿيو. ڪجھـ وقت اتي هوس، منهنجي حالت اهڙي هئي، جو رڳو چم ۽ هڏيون باقي رت ماس ڪو نـ هو. حاجي سنجر خان مون کي چوندو هو تـ تنهنجو باقي مٿو اچي بچيو آهي. آخر اتان بـ موڪلائي آيس. ٻي ڪا واھ ڪا نـ هئي، تنهنڪري رئيسن ۾ آيس. انهي کان پوءِ ٻاجهي پٽ حاجي فقير واري کي چيم تـ مون کي مهيني تي بيهار، جنهن ٻـ روپيـا مهينو ڏيڻو ڪيو، مگر اهو شرط وڌائين تـ 12 مهينا پورا ڪندين. مون انهي تـي بـ هائو ڪئي. مگر وچ ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهو چيو تـ اهڙو ظلم نـ ڪر غريب جيڪي وقت ڪمائي سو ڏجانءِ. پوءِ ان بـ اها ڳالهـ قبول ڪئي ۽ آئون هن جو صبح جو ٻنيءَ جو ڪم ڪندو هوس، پوءِ ٻڪريون ڪاهي جهنگ ۾ ويندو هوس. انهيءَ سال مينهن جام پيا هئا ۽ ٻاجهي جي زمين هئي جنهن ۾ گاھ تي“ رک ” هئي، آئون سڄو ڏينهن پرائو مال ڊوڙائيندو هوس ۽ شام جو پنجين بجـي ڌاري موٽي ايندو هوس ۽ اتي ٻني تي ڀاڻ پکيڙيندو هوس يا ٻيو ڪم ڪندو هوس. جيئن تـ آئون ننڍو ۽ ڪمزور هوس، تنهنڪري چيلهـ ۾ سور ڏاڍو هوندو هوم ۽ هڪ چم جو ٽڪرو هو، جيڪو چيلهـ ۾ ٻڌي گهمندو هوس. ڪجهـ وقت کان پوءِ پگهار وڌائي ٽي روپيـا ڪري ڏنائون ۽ چيائون تـ ٻن ٽن مهينن کان پوءِ توکي پنج روپيـا ڪري ڏينداسين. انهيءَ تي آئون ڏاڍو خوش ٿيس. خير پنج روپيـا تـ ڪو نـ مليا، باقي ٽي روپيـ يعني هڪ مهيني جو پگهار ڏنائين.
    گلاب لغاري ٿاڻي تي 1930ع ڌاري دوست محمد خان نالي هڪ پٺاڻ پوليس ۾ سوار هو. جنهن سان بابي سائين جو دوستيءَ وارو رستو هو ۽ هو بـ مون کي پيار ڪندو هو. آخر ٻي واھ نـ ڏسي دوست محمد خان وٽ ويس. جيڪو انهيءَ وقت اتي بدين ۾ جمعدار هو. ڪجھـ وقت اُتي رهيس، وري ان جو ننڊو ڀاءُ پير بخش خان سو بـ پوليس ۾ هو ۽ ان وقت ڀٽ شاھ ٿاڻي تي هو. آئون وري ان وٽ ويس اٺ نو مهينـا اتي هوس، اتي نوڪر وانگر ڪم ڪندو هوس، مگر ملندي رڳو ماني هئي. ، جُتي بـ پير ۾ ڪا نـ هئي. آئون ڀٽ شاھ ۾ هوس تـ اتي هڪ سيد نالي گلو شاھ جيڪو هٽڙي جي ڀر ۾ ڪڪي نگواڻي جي ڳوٺ ۾ ويٺل هو. اهو هڪ ٻانهن کڻي اتي آيو ۽ مائي کي اتي ڇڏي پاڻ ڳوٺ موٽي ويو. مگر اها مائي مون کي گهڻو پيار ڪندي هئي، جنهن کي آئون ادي ڪري سڏيندو هوس. وري جڏهن گلو شاھ مائي کي وٺڻ آيو تـ مون مائي کي چيو تـ ادي آئون توهان سان هلندس جنهن چيو تـ ڀلي هل. آخر پيربخش خان کان موڪلائڻ کان سواءِ آئون، مائي ۽ سيد سان گڏجي سيدن جي ڳوٺ آيس. جتي سيدن جا ٻـ گهوڙا هئا، جن جي خدمت چاڪري ۽ گاھ وغيره ڪندو هوس، ڇهن ستن مهينـن کان پوءِ مون کي سيد چيو تـ تون اسان جون ٻڪريون چار تـ توکي پنج روپيـا مهينـو ڏينداسون. مون اها ڳالھـ قبول ڪئي اٺ نو مهينـا ٻڪريون چاريم مگر ملي پائي بـ ڪا نـ،انهي وچ ۾ ٻيلي جو هڪ جمعدار نبي بخش چانڊيو هو، جو اڻ پڙهيل هو ان کي منشيءَ جي ضرورت هئي، آئون ان وٽ منشي بيٺس ۽ اتي مون کي چار پئسـا ملڻ لڳا. جيئن تـ آئون غريب ماڻهو هوس ۽ منهنجو خرچ ڪجهـ بـ ڪو نـ هو، تنهنڪري چڱي رقم گڏ ٿي پئي. ڳوٺ آيس اتي معلوم ٿيو تـ منهنجي سُهري ٻئي هڪ ماڻهو کي سڱ ڏيڻو ڪيو آهي، جيڪو شادي جي تيارين ۾ آهي. اها حالت ڏسي راڄ جو چڱو مڙس رئيس ڪمال خان سريوال هو، جيڪو هلندي وارو ۽ هڪ وڏو شريف انسان هو. ان وٽ دانهن کڻي ويس، جنهن منهنجي سهري ۽ ٻين ماڻهن کي گهرايو ڳالهيون ٻڌي فيصلو ڪيائين تـ حق ڇوڪري جو آهي. تنهنڪري حق ان کي ملي، منهنجي سهري بـ اها ڳالهـ قبول ڪئي ۽ منهنجي غريباڻي شادي ٿي. ڪجهـ بـ ڪونـ هو، نـ ڀت نـ راڳ نـ رنگ 5-8 ماڻهو هئا ۽ نڪاح پڙهيو ويو. ”


    اسان جي معاشي حالت ۽ بابا مرحوم جو هي جهان ڇڏڻ

    اسان جي معاشي حالت ۽ بابا مرحوم جو هي جهان ڇڏڻ

    هن ڊائريءَ جي ورق ۾ منهنجي ڏاڏي مرحوم ڪابـ تاريخ نـ لڳائي آهي. البت چوي ٿو تـ هو 1914ع ڌاري پيدا ٿيو هو. ساڳئي وقت سکر بئراج جو ڪو بـ ذڪر نـ ڪيو اٿس. انهي مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ 1920ع ۽ 1932ع جي وچ واري زمانو هو. سنڌي هندو جيڪي ورهاڱي وقت هندستان هليا ويا ۽ اسان جي ڳوٺ مان بـ وڏي تعداد ۾ لڏ پلاڻ ٿي هئي. انهن جي وڃڻ جي ڪري هڪ قسم جو خال پيدا ٿي پيو، ڇو جو اسان جي ڳوٺ جو ڪاروبار تقريبن انهن جي هٿ ۾ هو. جيئن تـ بابا ڪنهن هندو دڪاندار وٽ ڪمائيندو هو جنهن جو نالو سيٺ لالو مل هو، جڏهن تـ انهي خاندان هجرت نـ ڪئي هئي ۽ اڄ ڏينهن تائين انهن سان اسان جو قرب جو رستو هلندو ٿو اچي. سيٺ جي همٿائڻ ۽ ڪجهـ مالي مدد ڪرڻ تي بابا پنهنجو ريزڪي دڪان کوليو .
    جيئن تـ منهنجو بابا مرحوم صرف پنج درجا سنڌي جا پڙهيل هو، زمين وغيره تـ اسان جي هئي ڪانـ . جيئن مٿي ڊائريءَ جي هڪ ورق مان ظاهر آهي. پٽ سٽ ڪري هڪڙو ريزڪي دڪان کوليائين. تنهن تي سڄو ڏينهن سگهڙن جي ڪچهري لڳي پئي هوندي هئي. ڪڏهن شاعري پئي چئبي هئي تـ ڪڏهن وري ڏور ۽ ڳجهارتون ڏبيون ۽ ڀڃبيون هيون . بابا جي دڪان تي هڪ پريو مڙس ايندو هو، جيڪو ذات جو خاصخيلي هو ۽ سندس نالو هو جاڙو، اهو بـ بابا جي دڪان تي هر روز ايندو هو. ان جا ٻـ نوجوان مائٽ پڻ اسان جي دڪان تي ايندا هئا جن جا نالا هئا ڪريم بخش ۽ جُڙيو، اهي ٻئي نوجوان راڳ ڏاڍو ڀلو ڳائيندا هئا. هرسال گرمين جي موڪلن ۾ پروفيسر محبوب علي چنـا ڏهـن پندرهـن ڏينهن جي لاءِ اچي اسان جي ڳوٺ رهندو هو. چنـا صاحب صوفي طبعيت جو مالڪ، راڳ رنگ جو شوقين، سنڌي ادب سان سندس گهرو گهاٽو لاڳاپو، تنهنڪري ان جي اچڻ تي اهڙي ڪچهريءَ جو اهتمام ڪيو ويندو هو. اها ڪچهريءَ رات جو اسڪول ۾ مچندي هئي. ڳوٺ جا سگهڙ شاعر ۽ اهي ٻئي ڀائر راڳي محفل مچي ويندي هئي. اسين بـ ننڍڙا ٻار هوندا هئاسين سو ڪنڊ پاسو وٺي ويهي ڪچهري ٻڌندا هئاسين. ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي اڃان ڪانـ آئي هئي. اها سڄي ڪچهري گاسليٽ جي گولن تي مچندي هئي. مهمانن جي اچڻ جي ڪري اسان جو دڪان جلدي بند ٿي ويندو هو، ڇو جو سج لٿي کان پوءِ گولو مهمانن جي حوالي هوندو هو. هر ڪو ماني ٽڪي کائي ڪچهري ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيندو هو. ڏاڏو ڪامل لغار ي جيڪو اسان جي ڳوٺ جو وڏو سگهڙ هوندو هو، جنهن کي ڏور بيت جي وڏي ڄاڻ هوندي هئي. اهو ڏور بيت ٻڌائيندو هو تـ دائم خان لغاري، جنهن کي ڌڱاڻي بوزدار مان خاص گهرايو ويندو هو، اهو شاعري ٻڌائيندو هو. پوءِ وارو ڏبو هو ڳائڻن کي، اهي هئا ڪريم بخش ۽ جڙيو خاصخيلي. ڪريم بخش خاصخيلي سُريلو راڳي هوندو هو. هونئن تـ پاڻ پنهنجي مڇي ماني وارا هوندا هئا، هروڀرو شادين مرادين تي پئسـن جي لالچ ۾ راڳ ڪو نـ ڳائيندا هئا. ها البت راڳ جي شوق جي ڪري پاڻ ٽنڊي آدم وڃي استاد منظور علي خان جي والد استاد جمالو خان کان 5 سال راڳ جي سکيا ورتائون. پاڻ هر صنف کان واقف هئا. ڀٽائي، بلي شاهـ، سچل، مصري فقير، نواب ولي محمد خان لغاري، سائين طالب الموليٰ وغيره کي ڏاڍي سهڻي نموني ۽ مهارت سان ڳائيندو هو. کيس راڳ جي راڳڻين تي بـ خاصو عبور حاصل هوندو. رات جو آڌي کان پوءِ جڏهن راڻو ڇيڙيندو هو تـ ويٺلن تي هڪ قسم جو وجد طاري ٿي ويندو هو. بابا مرحوم سان دوستي هوندي هئي، سو راڳ رنگ جو ساز، سامان اسان جي دڪان تي پيو هوندو هو. مون کي جيتري قدر ياد ٿو پوي تـ سائين چنـا صاحب هڪ دفعي پندرهن ڏينهن جي لاءِ اچي گلاب لغاري ۾ رهيا، اهي پندرهـ ئي راتيون ڏور بيت ۽ راڳ رنگ جي محفل جاري رهي. ڪريم بخش خاصخيلي هر رات نئون ائٽم پيش ڪندو رهيو. هن نوجوان راڳي چنـا صاحب کي ڪافي متاثر ڪيو. مطلب تـ اها روح رهاڻ جي محفل سڄي رات پئي هلندي هئي. چاچا ڪريم بخش خاصخيلي اڃان حال حيات آهي. دعا آهي تـ الله کيس وڏي ڄمار ڏئي. آئون جڏهن هن دفعي ڳوٺ ويو هوس تـ ساڻس سٺي ڪچهري ٿي هئي. اسان جي دڪان جي پاسي ۾ هڪ پناهگير حاجي محمد دين جي اٽي جي چڪي هوندي هئي. حاجي صاحب اهو سڄو لڪاءُ ويٺو ڏسندو هو، جنهن کي اها محفل ڪو نـ وڻندي هئي. هڪ دفعي سڙي سڙي نيٺ چيائين تـ “ فرعونن جي ڪچهري شروع آهي ” تنهن تي اڳيان جواب مليو تـ “ هتي ابوجهل جي ڪا بـ جڳهـ ڪانهي ” راڳي ڪريم بخش خاصخيلي جڏهن سائين طالب الموليٰ جو هڪڙو ڪلام ٻڌائيندو هو. اهو مون کي ڏاڍو وڻندوٰ هو. جڏهن تـ سائين محبوب علي چنـا پڻ انهيءَ ڪلام جي بار بار فرمائش ڪندا هئا، جنهن جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿي.
    تو دلڙي يار ڌُتاري، پوءِ ير ! ڪا نـ ڪيئي پوئواري.
    تنهنجا ڪيس پيارل ! ڪارا، آهن پيچ انهن جا پيارا
    ڪن ونگ وجهڻ لاءِ وارا، پائن ڳٽ ڳچيءَ ۾ ڳارا
    ڪن قيد سياڻا سارا، مهميرن تي سي مارا
    ٿين وير بـ اُت ويچارا،ٿا شاهـ ڀرين شوڪارا
    منهنجي نرمل ! آ نيزاري، تو دلڙي يار ڌُتاري
    انهيءَ دڪان هوندي بـ بابا هڪ چوڪڙي (چار ايڪڙ) ڪڻڪ جي پوکيندو هو. جيئن 12 مهينن جو ان داڻو پنهنجو ٿئي. هر سال اها چوڪڙي ڪڻڪ لاءِ نانا حاجي شاھ محمد ڏيندو هو. جنهن جي چڱي خاصي زمينداري هوندي هئي، جيڪا اڃان تائين هلندي ٿي اچي. پاڻ ايوب خان واري بنيادي جمهوريت (Basic (Democracy) ۾ ميمبر رهيا. ايوب خان جڏهن فاطمـ جناح سان اليڪشن ۾ بيٺو هو تـ مون وارو نانو بـ ٽنڊي محمد خان ۾ ووٽ ڏيڻ ويو هو. پاڻ جيئن تـ فاطمـ جناح جو وڏو حمايتي هو، تنهن ڪري ان جي اليڪشن هارائڻ جي ڪري کيس ڏاڍو ڏک پهتو هو. جيئن تـ اسان ننڍڙا هئاسين بابا مرحوم وفات ڪري ويو. ان ڪري اسان کي اخلاقي توڙي مالي مدد ڪرڻ ۾ منهنجي ناني جو وڏو ڪردار رهيو آهي. انهي هڪ چوڪڙي زمين جي، جنهن تي اسان ڪڻڪ پوکيندا هئاسين ان جي کيڙي ڍڳن تي ٿيندي هئي، جيڪا بابا يارن دوستن کان ڍڳا پن پري ڪري کيڙي ڪرائيندو هو. اڃان ٽريڪٽر وغيره عام جام ڪونـ هوندا هئا. آخر ۾ هَلَر بـ ڍڳن تي ڳاهبي هئي. ڪڻڪ جو لابارو ڪري ولھـ کڻي اچي کرو (ديرو) ٺاهبو هو. شروع ۾ کرو ائين ٺاهبو هو، جو ڪڻڪ جي ولھـ جون ڀريون کڻي چوءُ طرف سٿيون ٺاهي رکبيون هيون ۽ وچ خالي ڇڏي ڏبو هو. وچ ۾ ڪاٺ جي ٿوڻي کوڙبي هئي، جنهن کي ميڙھ چئبو هو. 8-9 ڍڳا هڪ وڏي رسي سان انهي ميڙھ سان قابو ڪري ٻڌبا هئا ۽ اها “ولھـ” ڍڳن جي پيرن ۾ ائين ڏبي هئي، جيئن هر ڍڳي جو کُر ان ولھـ تي اچي. پوءِ هڪ ماڻهو ڍڳن کي پويان هڪليندو هو. اهو ڪم اسين ٻار ڪندا هئاسين ۽ بابا ڏانداري سان انهيءَ ولھـ جي اوٿل پوٿل پيو ڪندو هو. انهن مان ٻـ شيون نڪرنديون هُيون. سِٽن مان داڻو ۽ باقي ڪڻڪ جي ڳاني مان بھـ نڪرندو هو. اها جيڪا ولھـ ڍڳن جي هيٺان پکيڙبي هئي ان کي“ پڳر” چئبو هو. سڄي ڏينهن ۾ وڌ ۾ وڌ ٻـ پڳر ڳاهي سگهبا هئا، جيڪا ڪڻڪ هڪ چوڪڙي 100 مڻ کان وڌيڪ لهندي هئي. ان جا 20 – 22 پڳر ٿيندا هئا يعني هڪ چوڪڙي ڏهن کان ٻارهن ڏينهن ۾ ڳاهبي هئي. شرط اهو هوندو هو تـ ڏينهن گرم هجي ۽ اتر جو واءُ لڳي، جيئن خشڪ ٿي ڪڻڪ يڪدم ڀُري وڃي. سخت گرميءَ کي سڻائو ڏينهن سمجهو ويندو هو. پر جيڪڏهن ان جي ابتڙ ڏکڻ جو واءُ لڳو تـ هلر ڇوڙي ڇڏبي هئي، ڇو جو اُن ۾ ڪڻڪ گهمجي ويندي ۽ ڳاهبي ڪونـ. هئي.
    جڏهن بابا مرحوم هيءُ جهان ڇڏيو هو تـ ان وقت آئون چمبڙ مڊل اسڪول ۾ ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. ان وقت اسان جي مالي حالت ڪا سٺي ڪونـ هئي. انڌو منڊو دڪان هوندو هو، جنهن کي اوڌر وارن اڳي کائي کپائي خلاص ڪري ڇڏيو هو. بابا دڪان بند ڪري سيٺ حاجي ڦوٽو ميمڻ ڏندي واري جي اٽي جي مشين تي 40 روپيـا مهيني جي حساب تي پگهار تي بيهي چڪو هو. حاجي ڦوٽو ميمڻ جي چار پنج مهينا نوڪري ڪرڻ جي باوجود هن ڪو بـ پگهار وغيره ڪو نـ ڏنو. بابا جي مالي حالت ڪافي تنگ ٿي وئي. آئون مٿي لکي آيو آهيان تـ اسان کي نانا حاجي شاھ محمد هر سال ڪڻڪ جي هڪ چوڪڙي پوکڻ لاءِ ڏيندو هو، جيئن سال جو ان داڻو پنهنجو ٿي وڃي مٿان ڪڻڪن ۾ بـ لابارا شروع ٿي ويا. آئون جيئن چمبڙ مڊل اسڪول مان ايندو هوس تـ سڌو کري تي بابا سان هلر ڳاهڻ ۽ ڍڳا هڪلڻ تي مدد ڪندو هوس، جيئن تـ اڃان مشيني پوک ايتري عام ڪونـ ٿي هئي. ڪڻڪ جي هلر وغيره ڍڳن تي ڳاهڻي پوندي هئي. اسان وٽ جوڙو وغيره هوندو ڪونـ هو. سو بابا مڙوئي يارن دوستن کان پن پري تي پيو ڪم هلائيندو هو. مون مٿي ميڙھ واري هلر جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا اٺن يا نون ڍڳن سان ڳاهبي هئي. ڍڳن جي اڻاٺ جي ڪري اهو ڪڻڪ جي ڳاهي جو طريقو اڳتي هلي ختم ٿي ويو. ان جي جاءِ تي ڍينگر واري هلر وارو طريقو رائج ٿي چڪو هو. جنهن ۾ ٻـ ڍڳا اڳيان ٻڌبا هئا ۽ هڪ ڪنڊي جو وڏو ڍينگر پٺيان ٻڌبو هو. هڪ ماڻهو انهن ڍڳن کي پٺيان لٺ سان هڪليندو هو. هڪ ڏينهن جيئن مون ڍڳا پئي هڪليا تـ هڪ ڍڳي ٺڪاءُ کڻي لت ڪرائي تـ آئون ڪري پيس ۽ ڪنڊي جو ڍينگر منهنجي مٿان چڙهي ويو. بابا مون کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ پنهنجن پيرن تي هلائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر آئون هلي نـ سگهيس. ڇو جو منهنجي ساڄي ٽنگ ڀڄي پئي هئي. مون کي گهوڙيءَ تي چاڙهي گهر وٺي آيا. ان زماني ۾ اسان جي تر ۾ ٻـ ماڻهو هئا، جيڪي ديسي طريقي سان ڀڳل عضون جو علاج ڪندا هئا. اڃان ڊاڪٽري طريقي موجب لوھ جي راڊ نـ وڌي ويندي هئي. انهن مان هڪڙو هو اسان جي ڳوٺ جو محمد عثمان ڪنڀر، جنهن جو اهو خانداني ڌنڌو هو. جڏهن تـ ٻيو ماڻهو، جنهن جو نالو هو محمد يوسف لغاري، سندن اوڙڪ هوندي هئي “کرڙائي”، تنهنڪري يوسف کرڙائي ڪري سڏبو هو. صلاح بيٺي تـ يوسف کرڙائي کي سڏجي، ڇو جو تر ۾ عضون ٻڌڻ جو ماهر سمجهو ويندو هو. جنهن گهوڙيءَ تي مون کي کڻي آيا هئا انهي ساڳي وهٽ تي ان کي وٺي آيا، سندن ڳوٺ اسان جي ڳوٺ کان ٽي چار ميل ٻاهر هو. هُن ۽ اسان جي پاڙي جي پرئي مڙس حاجي الهـ جڙيو خان گڏجي منهنجي ٽنگ ٻڌي. مون کي جيترو ياد پوي ٿو تـ بابا ان زماني ۾ ڏاڏي يوسف کرڙائي کي چار روپيـا ڏنا هئا. اسان جي پاڙي واري هردل عزيز ڊاڪٽر احمد خان مون کي ٻـ سيون اچي هنيون هيون ۽ ٻڪ گورين جو پڻ ڏيئي ويو هو. ڊاڪٽر احمد خان ڳوٺ جي ڪنهن بـ ماڻهو کان دوا درمل لاءِ پئسو پائي نـ وٺندو هو. جنهن جو ذڪر اڳتي جا بجا ايندو رهندو. ان سال اسان جي ڪڻڪ تـ ڪافي ڀلي ٿي هئي، البتا ڪنهن مرض سبب داڻو نـ ڪيائين. مٿان جو منهنجي ٽنگ ڀڄي پئي تـ بابا کي پريشانيون ۽ ڳڻتيون ورائي ويون. آخر ۾ ائين ٿيو جو بابا بيماريءَ جي بستري تي کٽ تي ۽ آئون ٽنگ ڀڄي پوڻ جي ڪري انهي ساڳئي ڪمري ۾ پٽ تي پيو هوندو هوس. اڳتي هلي بابا جو انهي کٽ تي موت واقع ٿيو. بابا جي ان وقت ڄمار صرف 37 سال هئي. جڏهن تـ ٽنگ ڀڄي پوڻ جي ڪري آئون هلڻ ڦرڻ کان لاچار هوس. مون کي هاڻي جيڪا ڳالھـ سمجهـ ۾ اچي ٿي تـ بابا جو ڪُمهلي موت جو وڏو سبب اسان جي غربت هئي.
    منهنجي جنهن ماڻهو ڀڳل ٽنگ جوڙي هئي، انهي جو نالو محمد يوسف هو. انهي جي سگهڙائپ جو هڪ ٻيو واقعو بـ ٻڌندا هلو. ساماري پاسي، ڪنهن عورت جي ٽنگ دڏ کان نڪري پئي، هن کي وٺي ويا، اڳيان ماڻهو پرديدار هئا عورت جي دڏ تي ڪيئن هٿ لڳائي. سو هڪ مينهن گهرايائين، جنهن کي ٽي چار ڏينهن اُڃو ۽ بکيو رکيائون. ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ انهي عورت کي ان تي چاڙهي وهاريائون ۽ مينهن کي پاڻي پيارڻ شروع ڪيائون، جيئن مينهن پاڻي پيئندي وئي ۽ ان جون ڪکون ڀربيون ويون ۽ سندس پيٽ ڦوڪبو ويو تـ عورت جي ٽنگ ٺڪاءُ ڏئي چڙهي وئي. اهي هُئا ان زماني جي سگهڙن جا ڏاهپ جا ڏس، جيڪي هنڌين ماڳين مشهور هوندا هئا. اڄ جو ڊاڪٽر پروفيشنلي ڊس آنيسٽ ڪمپنيءَ جي مال کپائڻ لاءِ غريب مريض جو مال کپائي ڇڏيندا. پوءِ مريض کي فائدو ٿئي يا نـ ٿئي. مون هڪ ڳالهـ جيڪا نوٽ ڪئي آهي انهي ۾ آئون غلط بـ ٿي سگهان ٿو. سنڌ جي ڊاڪٽرن جي مقابلي ۾ اسلام آباد جا ڊاڪٽر مريض سان ايڏي زيادتي ڪو نـ ٿا ڪن. جڏهن تـ مهانگائيءَ جي لحاظ کان اسلام آباد دنيا جي مهانگن شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سنڌ جي ماڻهو جي مقابلي ۾ اسلام آباد ۾ ماڻهن وٽ مال ملڪيت وڌيڪ آهي. انهي هوندي بـ ڊاڪٽر مون کي هتي اسلام آباد ۾ مناسب في وٺڻ وارا لڳا، نـ ڪمپني جي ونگار وهڻ وارا، نـ ليبارٽريءَ جي ڌنڌي ڪرائڻ وارا. مون کي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بـ ڊاڪٽر اهو نـ چيو آهي تـ فلاڻي ليبارٽريءَ تان رپوٽون ڪرائي اچ، پرائيويٽ ڊاڪٽر کي سرڪاري ليبارٽيءَ جي رپورٽ تي ڪو بـ اعتراض نـ هوندو آهي.
    بابا سائينءَ جي جهان ڇڏڻ وقت اسين چار ڀائر ۽ هڪ اسان جي ڀيڻ هئي. بس اهوئي امان جو سڄو اثاثو هئو. چاچا شمس الدين کي جانورن جي کاتي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ واري نوڪري ملي چڪي هئي. جيڪو اسان کي 20 روپيـا مهينو گهر جي خرچ پکي لاءِ ڏيندو هو. سائين پروفيسر محبوب علي چنـا جيڪو اسان جي ڏاڏيءَ جو دوست هو،جنهن فيصلو ڪيو تـ هنن ٻارن کي هر سال 20 مڻ ڪڻڪ حاجي شاهـ محمد خان ڏيندو جيڪو اسان جو نانو هو ۽ هر مهيني گهر جي خرچ لاءِ حاجي محمد بخش، جيڪو اسان جو ڏاڏو هو ۽ شمس الدين جيڪو اسان جو چاچو هو هڪ مقرر رقم ڏيندا. نانا طرفان ۽ چاچا طرفان تـ مقرر امداد ملندي رهي پر ڏاڏا طرفان اهو ڪجھـ نـ ملي سگهيو، جيڪو ملڻ گهربو هو. ڀائرن ۾ آئون ٻي نمبر تي هوس ۽ 7 ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. جيئن تـ ٽنگ ڀڄي پوڻ جي ڪري ڪافي وقت اسڪول نـ وڃي سگهيو هوس. تنهنڪري چمبڙ مڊل اسڪول وارن منهنجو نالو اسڪول مان خارج ڪري ڇڏيو هو.
    با با جي وفات کان پوِ اسان جي معاشي حالت اها هوندي هئي جو اسان جي گهر ۾ پورن پنجن سالن تائين رات يا ڏينهن جو ڪڏهن ٻوڙ لاءِ ڪُني ڪا نـ چڙهي هئي. پاڙي مان لسي لپ ايندي هئي ۽ بصر جي ڳنڍ تي گذارو ڪبو هو. بابا کان پوءِ امان سڀ ڪجهـ اسان کي سمجهو. اسان کي هڪ ڏينهن بـ اسڪول کان نـ روڪيائين. اوڌر سوڌر ڪري پئي اسان جا ناز نخرا پورا ڪندي هئي. اڄ جڏهن اسان هنن وڏن عهدن تي پهتا آهيون انهيءَ جو سڄو ڪريڊٽ اسان جي امان کي وڃي ٿو. جيڪڏهن هوءَ ان وقت شادي ڪري ڇڏي ها، (جيڪو سندس قانوني، اخلاقي ۽ مذهبي حق بـ هو، ان وقت سندس عمر مشڪل سان 35 سال کن هئي). اسان جو هن وقت ڪهڙو حال هجي ها ! ڇو جو اسان وٽ ڪا موڙي پونجي تـ هئي ڪا نـ، جو اسان ان جي سهاري پڙهون ها يا ڪو ٻيو ڪاروبار ڪيون ها. اهو اسان سڀني ڀائرن جي اولاد کي بـ سمجهڻ کپي تـ هنن جو ملڪ جي وڏن شهرن ۾ رهي سٺن تعليمي ادارن ۾ پڙهيو آهي. اسلام آباد ۽ ڪراچي جي وڏين ۽ مهانگي مارڪيٽن مان جين ۽ جوگر خريد ڪرڻ جا خواب ڏسن ٿا، اهو سڀ ڪجهـ. انهيءَ بيوهـ ۽ بي سهارا عورت جي قربانين ۽ محنتن جو نتيجو آهي. اسان جي امان ڪنهن گهر ۾ نوڪرياڻي ٿي ڪم ڪو نـ ڪيو. ها البت هٿ جي هنر ۾ امان سُگهڙ هوندي هئي، جهڙوڪ رليون ٺاهڻ، اڳٺ ٺاهڻ، عورتن جون سڳيون ٺاهڻ ۾ امان ڀڙ هوندي هئي.
    آئون اهو اڳي لکي آيو آهيان تـ چمبڙ مڊل اسڪول وارن منهنجو نالو خارج ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ان اسڪول مان سرٽيفڪيٽ وٺي صوفي آباد، جيڪو برانچ مڊل اسڪول هوندو هو ان ۾ پڙهڻ ويس جيڪو نواب محمد علي خان پنهنجي ٻني تي کولرايو هو. جتي ستون ۽ اٺون ڪلاس پڙهيس. مون سان گڏ سنڌ جو ناميارو ليکڪ، محقق ۽ علم دوست شخصيت مشڪور ڦلڪارو پڻ پڙهندو هو، جنهن سان قرب جو رستو اڃان تائين جاري آهي.


    نواب حاجي محمد علي لغاري

    نواب حاجي محمد علي لغاري

    نواب حاجي محمد علي لغاري تاج پور جي نواب خاندان جو چشم چراغ هو. پاڻ صوفي طبعيت جا مالڪ هوندا هئا. مذهبي دائن پيچن کان گهڻو تڻو آزاد هوندا هئا. اهو بـ ضروري نـ هوندو هو تـ سندس خاص نوڪرن ۾ ڪو مسلمان نوڪر هجي. تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ سندس دل ۾ جيڪا چڻنگ دکندڙ هئي اها تڏهن ڀنڀٽ ٿي ڀڙڪي، جڏهن هن پنهنجي اوطاق تي انگريزي اسڪول جو پايو وڌو. انهي تعليمي چڻنگ مان مون جهڙا هزارين نـ تـ بـ سوين تعليم جي اُڃ اجهائيندا رهيا. صوفي لاڪوفي طبعيت هئڻ سبب انهي اسڪول جو نالو رکيائين صوفي آباد. اهو اسڪول گلاب لغاري ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ماڻهن لاءِ ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪو نـ هوندو هو. انهيءَ اسڪول ۾ اسان انگريزيءَ جا ابتدائي درجـا پڙهيا سين. ڇو جو ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ۽ ان سان لاڳاپيل ڳوٺن ۾ انگريزي تعليم جو ڪو بـ بندوبست ڪو نـ هوندو هو. صوفي راڳ سان چاهـ هئڻ سبب سندس صوفي آباد واري اوطاق تي مهيني ماس جمعي چنڊاڻي صوفي راڳ جي محفل ضرور مچندي هئي. ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ جي آس پاس عمر نانگو مشهور صوفي راڳيندڙ هوندو هو. جيڪو نواب صاحب جي اوطاق جو خاص راڳيندڙن ۾ شامل هوندو هو.
    هي، اهو زمانو هو، جڏهن سنڌ سراپا احتجاج هئي ۽ ون يونٽ جو پنجوڙ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ڇا پيو، هو تـ پنهنجو وجود بـ وڃائي چڪي هئي. انهيءَ لاءِ سنڌ جي هر حلالي ٻچي پنهنجي ڌرتي ماءُ کي غلامي جي ڳٽ مان ڪڍڻ جا جتن پي ڪيا. سنڌ جي استادن، اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين جيڪي انهي ڪم ۾ اڳڀرا هئا. سندن احتجاجن جي ڪري شريف ڪميشن جي رپورٽ تي عمل نـ ٿي سگهيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو تـ رفتـ رفتـ اردو کان علاوه ٻين علاقائي ٻولين کي اسڪولن مان خارج ڪيو ويندو. پر وڏي پيماني تي سنڌ جي استادن ۽ شاگردن جي احتجاج جي ڪري ايوب خان سرڪار ائين نـ ڪري سگهي هئي. اسان کي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي ٿي وئي. انهن ڪتابن جي مٿان مونو گرام اولھـ پاڪستان ٽيڪسٽ بورڊ جو لڳل هوندو هو، جنهن تي امانت، ديانت،شرافت ۽ صداقت لکيل هوندو هو، جيڪو اڃان پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن مٿان لڳل آهي. خبر نـ آهي ڇو انهن چئن لفظن کي بنگالي سمجهي نـ سگهيا ۽ الڳ ٿي ويا. سنڌين ۽ بلوچن کي پڻ اهي لفظ ڏاڍي دير سان هاڻ سمجهـ ۾ آيا آهن.


    حاجي جيئند خان لغاري

    حاجي جيئند خان لغاري

    منهنجو ڳوٺ گلاب لغاري ٽن ڳالهين جي ڪري مشهور آهي. هڪ اگهاماڻي جي تاريخي کنڊرن جي ڪري، ٻيو سيٺ لوهاڻن جي ڀلان ڀلي جي ڪري، ٽيون لغاري ڍارائن يا نجومين جي ڪري. اچو تـ مختصر جائزو وٺون تـ علم فلڪيات ڇا ٿيندو آهي. هي هڪ قدرتي سائنس (Natural Science) آهي، جيڪا چنڊ تارن ۽ ٻيا قدرتي سيارا، جيڪي هن ڌرتي جي گولي تي موجود آهن انهن متعلق ڄاڻ ڏي ٿي. مطلب تـ ڌرتيءَ جي گولي مٿان هر شئي جو اڀياس ڪري ٿي. هي تمام پراڻي سائنس آهي. پراڻين سڀيتائين جهڙوڪ، سنڌو، يونانين، بابلين ۽ مصري تهذيبن جي رهاڪن هن سائنسي علم جي ذريعي رات جي آسمان جي کوجنا ڪئي. علم فلڪيات هڪ اهڙي سائنس آهي، جنهن جا نتيجا هر عام ماڻهو سولائيءَ سان ڪڍي سگهي ٿو. خاص ڪري ڳجهـ جي علم ۾ هي سائنس وڏي مدد ڪري ٿي. هونئن تـ هن سائنس جي تاريخ تمام پراڻي آهي پر تيرهين صدي عيسوي ۾ هي علم ٻي دنيا سان گڏ اسلامي دنيا ۾ بـ ڪافي تيزي سان پکڙيو. انهن ۾ عرب ۽ پرشن ماهر فلڪياتن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. گلاب لغاري جو ذڪر اچي ۽ هن علم جي وڏي ڄاڻو فقير حاجي جيئند لغاري جو ذڪر نـ اچي اهو ٿي نـ ٿو سگهي. پاڻ درياه دل ماڻهو هو، ڳوٺ جي چئن چڱن ۾ شامل ٿيندو هو. هن علم جا ڪافي شاگرد پيدا ڪيا. انهن ۾ ڪي لائق تـ ڪي وري نالائق شاگرد نڪتا. مون جڏهن ڏٺو تـ سندس جواني موٽ کائي چڪي هئي، چاپائين اڇي ڏاڙهي، سنهيون تيز اکيون، پورو پنو قد، يارن جو يار، ڦڙت ڳالهائڻ ۾ چالاڪ، هر ايندڙ ويندڙ خوش، پهرين ريزڪي دڪان، پوءِ ڦيري پسارڪو ڪيائينس. سُتي ڦڪي وارا گراهڪ گهٽ البت محبوب پرچائي ڏيڻ، شاديءَ جو نـ ٿيڻ، چوري چڪاري جو سامان نـ ملڻ، ۽ ٻين ڌاڳن ڦيڻن وارن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي، ڪنهن ڪجهـ ڏنو، ڪو هٿين خالي اُٿي ويو، سڀنيءَ کي هڪ جيتريون دُعائون. پئسـن جي لالچ سندس من ۾ نـ هوندي هئي. علم نجوم سندس شوق هوندو هو. هر سنڌ جي بيوروڪريٽ ۽ وڏي آفيسر جو مٿو ٽيڪيل، انهن لاءِ الڳ ڪمرو دڪان جي پٺين حصي ۾ مخصوص هوندو هو. حد جي ڊي سي ۽ ايس پي تي اک ڪا نـ ٻڏندي هئس. هر نئين ايندڙ کي اهڙي سنڌائتي هڻندو هو جو سڌو پيرن تي هٿ. ماڻهن جي جڏهن اچ وڃ وڌي تـ ڪنڊائتي اوطاق ڳوٺ جي ٻاهران ٻني تي ٺهرايائين، ڪير آيو ڪير ويو، ڪنهن کي ڪا خبر نـ پوي. پاڻ (نظام لغاري ) جڏهن ست دفعا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ فيل ٿياسين تـ وڃي حاجي صاحب جو پاسو ورتوسين، ائين هفتي ۾ هڪ ٻـ دفعا حاجي صاحب جي درگاھ جو چڪر لڳائبو هو. مختلف قسمن جا ماڻهو پيا ايندا ويندا هئا. آئون ويٺو لقاءُ ڏسندو هوس. اڪثر ماڻهو خلاصو ڳالهائيندا هئا. ڇو جو محبوب پاران لفٽ نـ ڪرائڻ يا سُريت پرچائي ڏيڻ يا مرڳو گهرواري جو تعاون نـ ڪرڻ جهڙا انيڪ مسئلا هئا، جيڪي ٻين جي اڳيان ٻڌائڻ جهڙا ڪو نـ هئا. منهنجي ويٺي هڪ همراھ آيو خير عافيت ڪرڻ کان پوءِ کيس چيائين تـ “ابا رات تنهنجي خواهش باوجود تنهنجي گهرواري لفٽ نـ ڪرائي”. همراھ جا ترا نڪري ويا سڌو حاجي صاحب جي پيرن تي ڪري پيو. آئون جڏهن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي پنهنجن مُرادن پورين ڪرڻ لاءِ سڌو حاجي صاحب وٽ ويس، ڏسندي ئي چيائين تـ“ بابا تون هاڻي داخل آهين”. يعني توکي نوڪري ملي وئي. جڏهن تـ مون اڃان صرف انٽرويو ڏنو هو، پاس ۽ فيل جي ڪا خبر چار ڪا نـ هئي. مون کي اها بـ خبر ڪا نـ هئي تـ منهنجي نوڪري هوندي ڪٿي، مون کي چيائين تنهنجي نوڪري ٿيندي جتان پاڻي اچي ٿو. ٻن مهينن جي اندر اندر مون کي آفر ليٽر مليو تـ اچي اسلام آباد جوائن ڪر. سندس خوبين تي جيڪڏهن لکڻ ويهجي تـ هوند پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. ايڏي وڏي پيماني تي اُٿي ويٺي هوندي بـ ڪڏهن ٻڌي ڇوڙي وارو ڪم نـ ڪيائين. پوليس جي اڳيان پٺيان ٿيڻ کي سٺو نـ سمجهندو هو. بس پين سان پني تي ماڻهن جا زايئچا ويٺو ٺاهيندو هو، نـ ڪنهن کي ڏنائين نـ ڪنهن کي ڏکويائين. ائين چپ چپات ۾ راھ عدم وٺي جوڳي رمندو رهيو.
    ائين مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان ٿورو ذڪر حاجي جيئند جي ڀاءُ کٻڙ خان جو ٿي وڃي تـ بهتر ٿيندو. اسان کيس مامو کٻڙ چوندا هئاسين پاڻ اسان جي تر جو جراھ ڪاريگر، رازو، هوندو هو. ان ۾ ڪيتريون ئي خصوصيتون هونديون هيون. هڪ تـ ڪم ايمانداريءَ سان ، ٻيو ڪم ۾ صفائي ۽ تيزي. ڪوشش ڪندو هو تـ مالڪ جو نقصان نـ ٿئي. ڪم جي تمام وڏي ڄاڻ هوندي هئس. اڄ جو انجنيئر مامي کٻڙ کي نـ پهچي. اڄ بـ گلاب لغاري ۽ ان جي آسپاس ۾ ڪجهـ پراڻيون جڳهيون انهيءَ ڳالھـ جي شاهدي لاءِ موجود آهن. ٻئي جيڪا مامي ۾ خوبي هوندي هئي تـ هو حاضر جواب ۽ واھ جو ٽوڪر باز هوندو هو. ننڍو هجي، وڏو هجي، امير هجي توڙي غريب، مامي جي بُل تي چڙهي آيو، لائي ڏيندو هوس لطيف چئي. ڪير بـ مامي سان ڪاوڙبو ڪو نـ هو، کليو خوش ٿيو هليو ويندو هو. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالھـ آهي جڏهن سنڌ سڄي ون يونٽ جي خلاف سراپا احتجاج هئي. گلاب لغاري ٿاڻي جي حد مان جنڊاوڙن (خانبدوش قبيلي) جو گڏھ چوري ٿي ويو هو ۽ هو هر ڪنهن کي منٿون ڪندا ٿي وتيا تـ سندن گڏھ واپس ڪرائي ڏيو. ان زماني ۾ ريڊيو بـ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هوندو هو. سو هر سڄاڻ ماڻهو رات واري ماني کائي اچي ٺاڪو واڻئي جي دوڪان تي بي بي سي ٻڌندو هو. بس هڪ رات خبر هلي وئي تـ صدر ايوب هليو ويو آهي . حڪومت جو واڳون هاڻي يحيٰ خان جي حوالي آهن. صدر صاحب ان رات انگريزي ۾ تقرير پڻ ڪئي. تقرير تـ سڀني ٻڌي پر انگريزي ڪنهن کي بـ سمجهـ ۾ ڪو نـ آئي. سڀني مامي کٻڙ کان پڇيو تـ ماما صدر صاحب ڇا چيو آهي. مامو ڪورو اڻ پڙهيل پر ڦُڙتائي مان جواب ڏنائين تـ “صدر صاحب گلاب لغاري ٿاڻي جي صوبيدار کي حڪم ڪيو آهي تـ، جنڊاوڙن جو گڏھ جلدي واپس ڪرايو وڃي”. ماڻهن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ هر ماڻهو کي هدايت ڪيائين تـ ابا پنهنجي نئين صدر جي نالي ۾ گار شامل آهي، تنهنڪري ان جو نالو گهر ۾ نياڻي سياڻي جي اڳيان نـ وٺندا.


    سيٺ الهـ بچايو خان لغاري

    سيٺ الهـ بچايو خان لغاري

    هونئن تـ لاڙ جي ڌرتيءَ ڪيئي اهڙا مڙس مٿير پيدا ڪيا آهن. جيڪي پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندا هئا، پوءِ ڪن تعيلم جي ميدان ۾ پاڻ موکيو تـ ڪن وري انساني ڀلائي جا ڪم ڪيا. جيڪڏهن گلاب لغاري، جي همدرد ۽ هڏ ڏوکين ۾ حاجي الهـ بچايو خان لغاري جو نالو نـ اچي تـ اها خود تاريخ سان زيادتي ٿيندي. پاڻ غريب خاندان سان تعلق رکندا هئا. وڻج واپار، پنهنجي محنت اورچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪري ڪاروباري شخصيت مان ڦري زمينداري شروع ڪيائين، جنهن مان کيس چڱي خاصي آمدني ٿيڻ لڳي. اڳتي هلي پاڻ اسان جي تر جا وڏا زميندار ٿي ويا. جڏهن تـ هن نيڪ مرد سڀ ڪجهـ پئسي کي نـ سمجهو. ڇو جو هن جو خيال هو تـ پئسو اچڻي وڃڻي شئي آهي. تنهنڪري ڪجهـ ڪجي تـ ڳوٺ جي ترقي جي لاءِ ڪجي. ورهاڱي جي ٽن ڏهاڪن کان پوءِ جڏهن گلاب لغاري سنڌ سرڪار کي ياد پيو تـ بنيادي صحت مرڪز جي منظوري ٿي تـ پاڻ ڳوٺ جي غريبن جي ڏکن ۽ اهنجن کي محسوس ڪندي. پنهنجي دوست حاجي الهـ جڙيو خان لغاري کان ان جو پلاٽ مفت ۾ وٺي ڏنائين. اها ٻنهي ڌُرين جي فراخدلي هئي، جو اڄ اها اسپتال گلاب لغاري ۽ ان جي آس پاس صحت جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي. آئون مرحوم کي تمام گهڻو عقيدت ۽ احترام سان پيش ايندو هوس. موٽ ۾ پاڻ بـ مون کي ڪافي عزت ڏيندا هئا. آئون جڏهن روزگار سانگي اسلام آباد اُسهيس پئي تـ پاڻ مون کي حڪم ڪيائين تـ “اسلام آباد مان جڏهن بـ اچڻ ٿئي تـ مڙئي پيو ڀيرو ڀڃجان” پوءِ منهنجو جڏهن بـ ڳوٺ اچڻ ٿيندو هو تـ هڪ رات جي ماني چاچي حاجي وٽ هوندي هئي. سندس بورچي غلام محمد خاصخيلي جي هٿ جي ٺهيل ماني هجي ۽ حاجي صاحب جي کل ڀوڳ سان ڀرپور نصيحتن ڀري ڪچهري هجي تـ محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا هئا. گلاب لغاري جي لاءِ اسڪول ڪامپليڪس هجي يا واٽر سپلاءِ اسڪيم پنهنجي ڪروڙن رپين جي زرعي زمين مفت ۾ ڳوٺ وارن جي حوالي ڪيائين. اڄ هزارن جي تعداد ۾ پاڻي جا اڃايل ۽ تعليم جا پياسا ان مان لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. هي هڪ اهڙو صدقي جو ڪم آهي، جنهن جي ڪري حاجي صاحب کي هزارن سالن تائين گلاب لغاري جي هوائن ۾ ياد رکيو ويندو. مون جڏهن گلاب لغاري ۾ گهر جي جاءِ ٿي ٺهرائي تـ مون کي چيو هئائين تـ “ اسان جي سنڌي سماج ۾ هر ماڻهو جي اها عادت هوندي آهي تـ ٻئي تي پنهنجي مرضي ٿوپيندو آهي. تنهنڪري توهان ٻڌجو سڀني جي، ان تي عمل ڪرڻ اوهان جي مرضي هوندي” پوءِ حاجي صاحب جي نصيحت مون هميشـ لاءِ ياد ڪري ڇڏي. نوڪريءَ جي آخري سالن ۾ آئون جڏهن ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي پهتس تـ ڪافي ماڻهو منهنجي ماتحت ڪم ڪرڻ لڳا، تـ هر روز ڪو نـ ڪو ماڻهو نئين ڪهاڻي اچي ٻڌائيندو هو. ڪو ڪنهن جي خلاف،تـ ڪو ڪنهن جي خلاف. مون کي ائين لڳندو هو تـ چاچو حاجي الهـ بچايو منهنجي سامهون اچي بيٺو آهي ۽ مون کي چئي رهيو آهي تـ “ ٻڌ سڀني جي، عمل پنهنجي سوچ سمجهـ تي ڪر” ائين آئون پنهنجن وڏڙن جي نصيحت تي نوڪريءَ جا ڏکيا ڏهاڙا بـ سولائيءَ سان پورا ڪري ويس. پاڻ مذهبي ضرور هئا پر اعتدال پسند هئا، انتهاپسنديءَ کي ڪڏهن بـ پسند نـ ڪيائون. ڇو جو ڪنهن کي بـ مذهب جي نالي تي مدرسي کولڻ لاءِ زمين نـ ڏنائين. ان جي برعڪس واٽر سپلاءِ ۽ اسڪول وغيره لاءِ دل کولي پنهنجي قيمتي زمين ڏيئي ڇڏيائين. افسوس انهي ڳالهـ تي ٿئي ٿو تـ سندس اولاد انهي مقام تي نـ پهچي سگهيو آهي، جنهن تي هنن کي هئڻ گهربو هو. لڳي ٿو تـ حاجي صاحب مرحوم جنهن پنڌن ۽ پيچرن تي هلندو رهيو، اهي گس ۽ گهيڙ سندس پوين کان وڃائجي ويا آهن


    ورهاڱي وقت استاد جي عظمت

    ورهاڱي وقت استاد جي عظمت

    سڄي سنڌ وانگر گلاب لغاري تعليم جي لحاظ کان پوئتي پيل علائقو چئجي تـ وڌاءُ نـ ٿيندو. مائٽن ۾ پڙهائيءَ جي لاءِ چاھ ڪونهي، شاگردن کي پڙهائي جو شوق ڪونهي. ورهاڱي وقت غربت عام ماڻهو جو مسئلو ڪونـ هئي. پر اڄ اڌ آبادي کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، انهي سبب جي ڪري پڻ سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. ون يونٽ مڙهجڻ کان پوءِ زوري تعليم وارو سلسلو ختم ٿي ويو تـ سنڌ مان تعليم موڪلايو. هندو استادن جي هندستان وڃڻ، ان جي جاءِ تي مسلمان استاد ڀرتي ٿيا ۽ تعليم ۾ سياسي مداخلت، رشوت خوري ۽ نقل جي علت تعليم تي وڏو اثر وڌو. آئون فخر سان چئي سگهان ٿو تـ مون مئٽرڪ بغير ڪنهن ڪاپي ڪرڻ يا اُتاري لکڻ کان سواءِ ڪئي. هاڻي تـ جيترا ٻار اسڪول جي اندر امتحاني پيپر ڏيڻ ۾ رڌل اوترا وري ٻاهر کين ڪاپي ڪرائڻ ۾ رڌل، جنهن هڻي اسان جي تعليم جا بکيا اُڊيڙي ڇڏيا آهن. ورهاڱي کان اڳ يا پوءِ جيستائين تعليم ۾ سياسي مداخلت شروع ڪانـ ٿي هئي. تعليم جو هڪ معيار هوندو هو. جيئن چوندا آهن تـ اسان جي ادارن جڏهن پاڪستان ۾ مين پاور جي کوٽ هئي تـ معياري تعليم تي ڌيان ڏنو. هاڻي جڏهن ڇٽاڀيٽي جو دور آهي تـ غير معياري تعليم ڏيڻ شروع ڪئي اٿن.
    اهي برداشت ۽ سهپ جا ڏينهن هئا، اڄ ڪالھـ جهڙو رڻ ڪونـ هوندو هو. ننڍي وڏي جي عزت هوندي هئي. اِنفَارميشن ٽيڪنالاجي جو پري پري تائين نالو نشان ڪونـ هوندو هو. خبر کي حيدرآباد کان گلاب لغاري تائين پهچڻ ۾ ڏينهن، مهينا ۽ سال لڳي ويندا هئا. اڃان گهر گهر چغل خور پيدا ڪو نـ ٿيا هئا. امن ۽ آشتيءَ جو دور هو. پيرن ۽ ميرن کي ادب ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو. مُلن جي اڃان ايتري ٻِيگِهي ڪو نـ متي هئي. ڳوٺ جي ننڍي وڏي مسئلي ۾ مُلو اڃان ٽنگ ڪونـ اڙائيندو هو. اسڪول ماستر يعني استاد جو مان مٿانهون هوندو هو. بُري ڀلي ۽ سڱن بندن جون صلاحون استاد سان ڪبيون هيون. ڇو جو اهي انهي جا لائق بـ هئا. ورهاڱي کان پهرئين اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ هندو استاد هوندا هئا. گهڻا تـ هندستان هليا ويا. هڪ ميگهواڙ استاد هوندو هو سائين وشنداس، جيڪو پوءِ گلاب لغاري مان لڏي چمبڙ وڃي ويٺو. اسان جي سڀني مائٽن جو اهو استاد هو. بابا ڳالهـ ڪندو هو تـ جيئن ئي سائين وشنداس سامهون ٿو اچي تـ بدن مان ساھ نڪريو وڃي. ايترو داٻي وارو ۽ ڪڙڪ استاد هوندو هو. جنهن زماني ۾ اسان پرائمري درجن ۾ پڙهندا هئاسين تـ ڪورس جي ڪتابن ۾ بهترين قسم جا نصيحت آموز ۽ بهادري جا سبق ڏنل هوندا هئا. جيئن هڪ بيت هوندو هو منهنجي امڙ، جنهن جي ڪري ماءُ جي مامتا جي لاءِ پيار ۽ اُتساهـ وڌندو هو. جيئن هر ڪنهن ماءُ لاءِ چيل هو؛
    مون کي ڪنهن ٿي کِير پياريو،
    پيارَ منجهان ٿي گود ويهاريو
    خوش ٿي هر هر مون ڏي نهارييو،
    منهنجي امڙ
    انهن سبقن ۾ هوشو شيدي، ڄام بابينو، اَلهندو شاهـ وغيره جهڙا سبق هوندا هئا. پرائمري ۾ اسان کي سائين غلام حسين کوکر پڙهايو، جيڪو انتهائي سلجهيل، دٻ دٻي واري استاد هوندو هو. هي بـ انهن سٺن استادن ۾ هوندو هو،جن استادن اسان کي پڙهايو انهن مان ٻن جو ذڪر مناسب سمجهان ٿو تـ اچڻ گهرجي. هڪ هوندو هو سائين غلام حسين کوکر ۽ ٻيو هو سائين ڪريم بخش لغاري. سائين غلام حُسين کوکر جاتي، ٺٽي پاسي جو ويٺل هوندو هو. نوڪريءَ سانگي اچي نواب حاجي دائود خان جي اوطاق تي ويٺو. جيڪو گلاب لغاري کان چار ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هوندي هئي. سائين کوکر وڏو محنتي، پڙهائي تي تمام گهڻي توجهـ ڏيندڙ استاد هوندو هو. کيس سياست سان گهرو لڳاءُ هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اردو ڊائجسٽ بـ پڙهندو هو. پر ٻارن جي پڙهائي تي خاص ڌيان ڏيندو هو. چاچي دودي مرحوم سان دوستي هوندي هئس. اسان جي اوطاق ۾ رهندو هو. ٻئي “جنگ” اخبار پڙهي پيا سياست تي بحث مباحثو ڪندا هئا. نوڪري ڪا ٿورو وقت ڪري سگهيو سلهـ جي بيماري جي ڪري وقت کان اڳ ئي راهـ رباني ورتائين. پر مون کي جيڪا الف ب پڙهايائين اها اڄ بـ ياد آهي. ٻيو استاد هوندو هو سائين ڪريم بخش لغاري، اسان جي ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر تي ڳوٺ شير محمد لغاري جو ويٺل هو. انهي ڪري کيس شيراڻي ڪري سڏيندا هئا. اسان کي پرائمري ٻي درجي کان پوءِ پنجين درجي تائين سائين ڪريم بخش پڙهايو. پڙهائيءَ ۾ تمام سخت، ڪنهن جي ٻڌڻ وارو ڪو نـ، شرارت تي يا سبق ڪچي هئڻ تي مولا بخش (ڪاٺ جي رول کي مولا بخش چئبو هو) گهرائي چڱي خاصي ڦيهـ ڪڍندو هو. ڪڏهن بـ ڪچو سبق برداشت نـ ڪندو هو. پاڻ سنڌي فائنل پاس سان گڏ اديب فاضل جي ڊگري پڻ رکندا هئا. سنڌي اخبارون اڃان ايتريون مشهور ڪو نـ ٿيون هيون. عبرت اخبار حيدر آباد کان ٻاهر ڪن نصيب وارن کي نصيب ٿيندي هئي. ها البت جنگ اخبار ۽ اردو ڊائجسٽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ڇو جو سنڌي ماڻهو ايتري وڏي انگ ۾ پڙهيل ڪونـ هوندا هئا. جيڪي سنڌي ماڻهو پڙهيل هئا اهي جنگ اخبار انهي ڪري پڙهڻ پسند ڪندا هئا جو هي اسان جا ڀائر هندستان مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا، تـ هنن اردو اخبارون پڙهڻ شروع ڪيون. هنن کي ڏسي تـ اسان وارن سنڌي يارن بـ اردو پڙهڻ شروع ڪئي. انهيءَ ۾ ڪو بـ شڪ نـ آهي تـ هي اسان کان سوين سال گهڻو اڳتي هئا. ڇو جو هڪ اندازي مطابق مسلمانن 700 سال هندستان تي حڪومت ڪئي هئي. اقليت ۾ هوندي بـ هي اڪثريت تي حاوي رهندا آيا آهن. پاڪستان هجرت ڪرڻ کان پوءِ هي اڇي ڪاري جا ڌڻي ٿي ويهي رهيا. قائد اعظم کي اوڀر پاڪستان وٺي وڃي اردو جا نعرا هڻايائون، هڻي ملڪ ٽوڙائي ويهي رهيا. سو ڳالهـ پئي هلي سائين ڪريم بخش جي، انهي لاءِ صرف ايترو چوندس اسان جي استادن جي اڄ جي ماسترن سان ڀيٽ نـ ٿي ڪري سگهجي . جنهن زماني ۾ اسان پرائمري يا انگريزي ۾ پڙهياسين تـ استاد محنتي، اخلاق جا پيڪر، پڙهائيءَ ۾ ڪنهن بـ قسم جي ڪوتاهي برداشت نـ ڪندا هئا. هي جيڪو 15 سالن کان پوءِ ون يونٽ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ مان نڪتو اهو بـ سڄي جو سڄو ڪريڊٽ استاد طبقي کي وڃي ٿو. هنن جيڪا 50 جي پوئين ڏهاڪي ۾ ون يونٽ لڳڻ کان پوءِ سنڌ ۾ تعليم ۽ سجاڳي ڏني ۽ جڏهن اها شاگردن جي کيپ يونيورسٽي ۾ پهتي تـ انهن انهي غلاميءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان جي خلاف اٿي کڙا ٿيا. انهي جي نتيجي ۾ ون يونٽ ٽُٽي ويو. اهو ان وقت جي استادن جي محنت، سياسي فهم، پنهنجي ڌرتي سان لڳاءُ ۽ شاگردن کي صحيح رهمنائي جي ڪري ممڪن ٿيو. اڄ جي تيز ترين سائنسي ترقي ۾ نـ رهيا آهن اهي استاد، نـ رهيو آهي اهو ڪورس، نـ رهيا آهن اهي مائٽ ۽ نـ وري اهو شاگرد رهيو آهي. اسان جي زماني ۾ ڪنهن ڪتاب يا ڪاپي ۾ هڪ اڌ ڪنهن محبوب جي تصوير ائين لڪائي رکبي هئي، جيئن اڄ جي دور ۾ سُوٽي جو موالي ڪا پُڙي لڪائي رکندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڏسي ورتو تـ ممڻ مچي ويندو هو جنهن بـ گهٽي مان منهن ڪڍبو هو تـ هر ڪو ايندو ويندو پيو جٺ لعنت ڪندو هو. ان زماني جي مقابلي ۾ اڄ جو شاگرد نـ ڄاڻ نـ سڃاڻ جي باوجود هزارين تصويرون کڻي اسڪول ۽ ڪاليج وڃي ٿو. هو موبائل فون ۽ فيس بڪ جي هر پيچيده مسئلي کان تـ واقف آهي پر هن، شاهـ عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز، تاجل بيوس ۽ راشد مورائي، ايترقدر جو هوشو، هيمون، جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو نالو بـ نـ ٻڌو هوندو. ڇو جو اڄ جي جديد ڪورس ۾ ٻارن کان اهي شيون لڪايون وڃن ٿيون. ان جي مقابلي ۾ وقت جي حڪومت جي خواهش تي ماضيءَ جي هيرن جي ڪردار ڪشي پڻ ڪئي وڃي ٿي. هتي اسلام آباد ۾ هڪ دفعي مون کان منهنجن ٻارن هڪ ڇرڪائيندڙ سوال ڪيو تـ “ ڇا ذوالفقار علي ڀٽو پيئندو هو”. مون انهن کان پڇو تـ “اهو توهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي”. يڪدم جواب مليو تـ اسان جي ڪتاب ۾ لکيو پيو آهي. مون جڏهن تصديق ڪئي تـ برابر اها شئي لکي پئي هئي. مطلب تـ اڄ جو ڪورس اسان جي ٻارن کي اهو ڪجهـ پڙهائي ٿو. اڄ اسان جي سنڌ هر لحاظ کان پَستي ۾ آهي، انهي جو ڪارڻ بـ اهو ئي آهي تـ حقيقت کان هٽيل ڪورس استادن جي غلط تربيت، اقرباپروري، ڪرپشن، پنهنجا نوازڻ، اهي ڪجهـ اهڙا سبب آهن جن سنڌ جي تعليم کي خاص ڪري پنجاب جي تعليم کان 100 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. اڄ جي استاد انقلاب جو لفظ وساري تبديلي کي پڙهائڻ شروع ڪيو آهي. مون محسوس ڪيو آهي تـ سنڌ جا شهري علائقا يعني ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر کي ڇڏي ڪري باقي سنڌ جو سرڪاري تـ ڇڏيو پر ڪو بـ پرائيويٽ اسڪول اسلام آباد جي ڪنهن بـ سرڪاري اسڪول سان مقابلو نـ ٿو ڪري سگهي. فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيئٽ، اسلام آباد جو مئٽرڪ توڙي انٽر ميڊيئٽ جون پهريون ٽئي پوزيشنون سرڪاري اسڪول کڻندا آهن. ها اها ڳالهـ ضرور آهي تـ مائٽ ٻارن جي پڙهائيءَ تي دل کولي خرچ ڪندا آهن. آئون پنهنجن ٻن ٻارن کي ست درجـا سنڌ ۾ پڙهائي پوءِ اسلام آباد وٺي آيس تـ جيئن ٻارن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ اچي. اٺين ڪلاس ۾ داخلا وقت ٿوري تڪليف ٿي. اسڪول وارن جو شرط هو تـ ٻار داخلا ٽيسٽ پاس ڪن. اهو ممڪن ڪو نـ هو تـ سنڌ جو پڙهيل ٻار ڪنهن اسلام آباد جي اسڪول جي داخلا ٽيسٽ پاس ڪري سگهي. مڙئي ڪجهـ منٿ ميڙ، ڪجهـ داٻا ساٻا، ڪجهـ فنانس ڊويزن جي بليڪ ميلنگ تي بس منهنجن ٻن ٻارن جي داخلا ٿي وئي. انهيءَ داخلا تي هڪ دلچسپ واقعو بـ ٻڌندا هلو. عبدالطيف لغاري صاحب، ڊپٽي سيڪريٽري فنانس ڊويزن هجي، جنهن منهنجن ٻارن جي داخلا لاءِ مرحوم نجم الدين مـڱرئي صاحب کي چيو جيڪو تعليم جي وزارت ۾ 20 گريڊ جي ڪنهن پوسٽ تي هو،جڏهن اڳيان مـڱرئي صاحب ٻارن جا نالا پڇا تـ مون کان منهنجن ٻنهي ٻارن جا نالا وسري ويا، لغاري صاحب منهنجي پريشانيءَ کي محسوس ڪري ورتو اڳيان مڱرئي صاحب کي چيائين تـ ٻارن جا نالا اسان توهان کي پوءِ ٻڌايون ٿا. تعجب جي ڳالهـ اها آهي جو اتي جيڪي انهيءَ اسڪول ۾ سنڌي استاد هئا. انهن مون کي اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌايون جو “چون تـ اڄ ڏينهن تائين سنڌ جو پڙهيل ٻار هتي هلي نـ سگهيو آهي ” آئون ويتر نااميد ٿي ويس. مون سوچيو تـ سنڌ ۾ ڪاپي وغيره ڪري ٻار پاس تـ ٿي وڃن ها. هتي تـ پاس ٿيڻ کان بـ ويا. پر ٻارن همت ڪري پڙهيو، اٺين ڪلاس ۾ منهنجي هڪ ٻار ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. انهن کان پوءِ ٻيا منهنجا ٻـ ٻار ستون ڪلاس سنڌ مان پاس ڪري، اسلام آباد انهن ئي سرڪاري اسڪولن پڙهڻ آيا. سڀئي سٺين پوزيشنن ۾ پاس ٿيا. اڄ اهي ٻار جوان آهن. انٽرويو ڏيندا ٿا وڃن ۽ نوڪريون ملنديون ٿيون وڃن. مون اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بـ پنهنجي نوجوان جي نوڪري لاءِ ڪنهن بـ دوست يار کي فون نـ ڪئي آهي . ها البت مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مون هر ٻار کي اهو ذهن نشين ڪرائي ڇڏيو هو تـ “مون مان نوڪريءَ جي ڪا بـ اميد نـ رکو” . آئون جڏهن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿي ويس منهنجن ٻارن اهو سوچيو هوندو تـ هاڻي اسان سرڪاري گاڏيون بـ استعمال ڪندا سين ۽ اسان ٻيون سهولتون پڻ حاصل ڪنداسين. مون ويتر سختيءَ سان آفيس ۾ آرڊر ڪري ڇڏيو تـ ڪا بـ سرڪاري گاڏي منهنجي گهر نـ ويندي. اڳتي هلي پيپلز پارٽي جي گورنمينٽ 20 اسڪيل جي مٿي وارن آفيسرن کي مالڪاڻـن حقن تي گاڏيون بـ ڏيئي ڇڏيون، ان سان گڏ ڪنوينس الائونس جي مد ۾ چڱا خاصا پئسـا بـ ڏنائون ائين سرڪاري گاڏين مان منهنجي جان ڇٽي وئي.


    ديسي رانديون

    ديسي رانديون

    آئون جيئن پڙهائيءَ ۾ ڪمزور هوندو هوس،تيئن راندين ۾ پڻ ڪمزور ثابت ٿيو هوس. ڪرڪيٽ تـ گهڻو وقت پوءِ مشهوري ماڻي. جڏهن ميڊيا جو دور آيو. اسان جي زماني ۾ تـ اٽي ڏڪر، ونجهـ وٽي، لڪ لڪوٽي، ڪوڏي ڪوڏي، اکر ڀوري وغيره رانديون عام جام کيڏيون وينديون هيون. جڏهن تـ سڄي سنڌ ليول تي ملھـ مشهور راند هوندي هئي. اسان جي ڳوٺ ۾ محمد عيسيٰ پهلوان، محمد لغاري ۽ عبدالرحمان لغاري ٻئي جوڙ جي ملهن ۾ شمار ٿيندا هئا. جڏهن تـ پاسي واري ڳوٺ سارنگ خان لغاري جو نعمت الله سريوال پهرين جوڙ جو ملهـ هوندو هو. انهن مان ڪجهـ اڃان حال حيات آهن هڪ ٻـ راهـ رباني وٺي ويا آهن. حڪومت جي عدم دلچسپي ۽ بي توجـهـي جي ڪري هاڻي تـ سنڌ جي ڳوٺن مان ملهـ جو شوق ئي ختم ٿيندو ٿو وڃي. چاچو موسو سريوال جيڪو ڳوٺ ۾ واڍ ڪو ڪم ڪندو هو ۽ موسو واڍي جي نالي سان مشهور هوندو هو. اهو انهن سڀني ملهن جو استاد هوندو هو. ملهن کي ملهـ جا انگ سيکاريندو هو. مون ان کي ملهن کي انگ سيکاريندي ڏٺو هو.
    ديسي راندين جي رس ۽ چس وري پنهنجي هوندي آهي. ڪٿي ونجهـ وٽي تـ ڪٿي ڪوڏي ڪوڏي، تـ ڪٿي وري والي بال. اٽي ڏڪر گهڻو گهڻو اڳ موڪلائي چڪي هئي، البتا مون راند ٿيندي ڏٺي بـ هئي تـ ڪئي بـ هئي. جيئن تـ آئون اهو مٿي ڪافي ڀيرا لکي چڪو آهيان تـ مون ڪنهن بـ عملي ميدان ۾ ڪا سٺي ڪارڪردگي نـ ڏيکاري هئي چاهي اهو تعليم جو ميدان هجي يا راند جو ميدان مطلب تـ سطحي شاگرد تـ سطحي رانديگر. اڳتي هلي پڙهيل ڳڙهيل دوستن سان اٿڻ ويهڻ جي ڪري زندگيءَ جو ڪارونهوار بدلجي ويو. والي بال ۾ منهنجو چاچو شمس الدين، مون کان ننڍو ڀاءُ قمر الدين مرحوم، ان کان سواءِ ڊاڪٽر اقبال، رمضان شيدي، غازي مريداڻي، ڪرشن واڻيو، اسماعيل لوهار، ابراهيم کٽي ۽ عمر سومرو، سٺن رانديگرن ۾ شمار ٿيندا هئا. انهن کان سواءِ گلاب لغاري ٿاڻي تي ڪڏهن ڪڏهن راند جو شوقين عملدار بـ اچي ويندو جيئن غلام رسول لاشاريءَ دادو سائيڊ جو هو، اسان جي ڳوٺ جي ٿاڻي تي صوبيدار ٿي آيو. راند جو تمام ڀلو هوندو هو. پي پي پي ڏانهن سياسي جهڪاءُ جي ڪري ضياءُ الحق جي چپيٽ ۾ اچي ويو. جيل جي هوا کائڻي پيس. بهترين ماڻهو ۽ بهترين رانديگر هوندو هو . انهن رانديگرن مان گهڻا تڻا راهـ رباني وٺي ويا آهن، باقي چند داڻا اڃان نوجوان رانديگرن کي سکيا ڏئي رهيا آهن. آئون صرف ٻاهران بال کڻڻ ۾ خوش هوندو هوس. ان زماني ۾ ٻاهران ڪافي ٽيمون گلاب لغاري ميچ کيڏڻ اينديون هيون. اسان جي ڳوٺ جي ٽيم چمبڙ، ٽنڊوغلام علي جهڙن پڪين ٽيمن جي اڳيان پير ڪو نـ جهليندي هئي. ها البت ماڻڪ لغاري، صابن دستي جهڙين ٽيمن کان کٽيو ويٺا هوندا هئا.
    ونجهـ وٽي خاص ڪري چنڊ جي جوڀن وارين راتين ۾ ٿيندي هئي. انهي ۾ حاجي نٿو، اسماعيل جوڳي، محمد اشرف شيدي ۽ شاهـ محمد اترادي جنهن کي شاهن ڪري چوندا هئا سٺا رانديگر سمجهيا ويندا هئا. انهن مان ڪو بـ هڪ دري يا ٻاڙي تي ڄمي بيهي رهيو تـ اڳئين رانديگر کي اتان مٽڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. هي راند والي بال وانگر باقاعدي راند تـ ڪا نـ ٿيندي هئي پر چنڊ جي سُهائي راتين ۾ ڳوٺ جا نوجوان ڪافي دير تائين پيا کيڏندا هئا. هن راند ۾ خرچ وغيره نـ ايندو هو، تنهنڪري بغير خرچ پکي واري راند هئڻ ڪري ٻهراڙين ۾ ڪافي مقبول هئي. ڪڏهن ڪڏهن اوڙي پاڙي وارن ڳوٺن جون ٽيمون ميچ کيڏڻ اينديون هيون.


    الهـ بخش عرف ڪُرو ٿيٻو

    الهـ بخش عرف ڪُرو ٿيٻو

    امن آشتي جو دور هو. ڳوٺ جي ملوڪڙن ڇوڪرن کي چوري سيکارڻ جي بهاني ڪاٽڪو رات جو انهن کي وٺي وڃي ڪنهن جي ڪڪڙ چوري ڪئي تـ ڪنهن جي ٻڪري ڇيلي کي پاسو ڏنو. بس ائين ٿوري گهڻي ڍڳي ڍور جي چوري ڪڏهن ڪڏهن پئي ٻڌبي هئي. اڃا وڏيون وارداتون شروع ڪو نـ ٿيون هيون. چورن جو بـ پنهنجو پنهنجو جهان آهي. اهي هڪڙي قسم جا سچا ۽ کرا ماڻهو آهن. اڪثر ڪري نالي وارا نامي گرامي چورن يا ڌاڙيلن جا ڪي اصول هوندا آهن. آڙي پاڙي ۾ واردات کان پاسو ڪندا، يار دوست جي ڳوٺ کي عزت جي نگاهـ سان ڏسندا، سيد ۽ بي پهچ تي هٿ نـ کڻندا. “چوندا تـ اک ڪاري ڪجي ڏس ڪاري نـ ڪجي”. راڄ ڀاڳ اوڙي پاڙي سنگت ساٿ جو وڏو خيال ڪندا هئا. اتي هڪڙو قصو ٻڌائيندو هلان تـ اڄ کان چار ڏهاڪا پراڻي ڳالهـ آهي آئون اڃا اسلام آباد ڪو نـ اُسهيو هوس. البت قومي تحريڪ سان جڙجي چڪو هوس. قومي ڪارڪنن جو مون وٽ اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو. هڪ شام جو ڪنهن هڪ ڇوڪري سان ملاقات ٿي جنهن پنهنجو نالو الهـ بخش ٿيٻو ٻڌايو هو. هو ان زماني ۾ ڪنهن هاءِ اسڪول جي ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. رات جو بس وغيره نـ ملڻ جي ڪري هو مون وٽ رات ٽڪي پيو هو. مون هن کي رات جو سندس پڙهائي ۽ قومي سياست تي وڏو ۽ ڊگهو ليڪچر ڏنو هو. مون واريون ڳالهيون هُن کي ڪيترو سمجـهـ ۾ آيون هيون اها خبر نـ آهي ۽ ورندي ڏينهن صبح جو هو هليو ويو هو. ان کان پوءِ ٿورو وقت اسان جو پاڻ ۾ خطن جو سلسلو بـ جاري رهيو. پوءِ اهو بـ اڳتي هلي ختم ٿي ويو. آئون ڳوٺ ڇڏي اسلام آباد هليو آيس. ڪوبـ رابطو نـ رهيو. جيئن امير بخش شر پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي تـ “اسان جي نوجوانن جي لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيو ويون جو هو ڏوهن جي دنيا ۾ هليا ويا”. اڳتي هلي اهو ساڳيو نوجوان پڻ سنڌ جو نالي وارو ڌاڙيل ٿي ويو . ڪُرو ٿيٻو جي نالي سان لاڙ پٽ ۾ سندس چڱو خاصو ڏهڪاءُ ۽ دٻدٻو هوندو هو. هڪ ڏينهن آئون اسلام آباد مان ڳوٺ گلاب لغاري پهتس تـ اسان جا هڪڙا خانداني دوست (Family Friends) آهن، اهي مون وٽ آيا ۽ اچي چيائون تـ “فلاڻي ڌاڙيل جون اسان کي چٺيون آيون آهن. اهو اوهان کي سڃاڻي ٿو، ان ڏي اسان کي چٺي لکي ڏيو تـ اسان کي تنگ نـ ڪري“ مون انهن کي مٿين سڄي ڳالهـ ڪري ٻڌائي تـ هو جڏهن ٻار هو ۽ هاءِ اسڪول جي ڪنهن هيٺين ڪلاس ۾ پڙهندو تـ هڪ رات مون وٽ اچي ترسيو هو. ان کان پوءِ ان سان منهنجو ڪو بـ رابطو ڪونهي. تنهن هوندي بـ مون انهن ماڻهن کي چٺي لکي ڏني. اها خبر نـ آهي تـ اها چٺي انهي تائين ڪيئن پهتي، منهنجي خط پهچڻ کان پوءِ ان ماڻهو منهنجن دوستن کي نياپو ڪيو تـ مون کي اها خبر ڪونـ هئي اڳتي لاءِ ڪو بـ توهان جو نالو نـ وٺندو. سو اهي هئا ان زماني جا سخنور ۽ اصول وارا چور ۽ ڌاڙيل. مون کي هُن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ پتو پيو تـ هن ڏوهن جي دنيا ۾ ڦاٿل نوجوان اسان جي ڳوٺ تي انهي ڪري هلان نـ ڪئي جو هڪ رات اتي ماني کائي ويو هو ۽ مون کي دوست سمجهي اسان جي ڳوٺ کان پاسو ڪندو رهيو.


    غلام مصطفصٰ آريسر

    غلام مصطفصٰ آريسر

    اهي چيٽ جا ڏينهن هئا، ڪڻڪن ۾ لابارا اڃا گهٽ ئي پيا ها. لاڙ پٽ ۾ ڏينهن جو گرمي ۽ رات جي ٿڌي هير ٿي گُهلي، انبن ۾ ٻور پنهنجن جوڀن تي هئا. هارين ڪتي جا سانباها پئي ڪيا. منهنجي بـ مست جواني هئي، مٺياڻي ۽ مورو مان قوم پرستي جي عشق جي لهر لڳي چڪي هئي. تنهنڪري انهي عشق ۾ اهڙا غلطان هئاسين جو ٻيو ڪجهـ اسان کي نظر ئي ڪو نـ ٿي آيو. جيڪو ڪجهـ نظر ٿي آيو تـ سنڌ جو جياپو ئي پسڻ ۾ ٿي آيو. جتي ٿوري گهڻي دوستي يا ڄاڻ سڃاڻ ٿي نـ آهي اسان اتي پهتا نـ آهيون. انهي قومي جذبي تحت 70 واري ڏهاڪي ۾ جيڪو جيئي سنڌ محاذ ڪم ڪيو انهي جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ايندي ويندي ڪو دوست ٿي ويو تـ ٻئي ڏينهن ان جي ڳوٺ تي ڪچهري رکي ويندي هئي. هڪ ڏينهن جنهن نوجوان سان ملاقات ٿي جيڪو ان وقت ڪنهن هاءِ اسڪول جي مٿيئن ڪلاسن ۾ پڙهندو هو. قد بت ۾ پورو پنو، ڪڻڪ رنگو، سنهيون ۽ ڪاريون اکيون، ڪارا ۽ ڀنڀا وار سندس شخصيت کي نکاري بيٺا هئا. ڏاڍو سهڻو ۽ دل کي لڀائيندڙ نينگر ٿي لڳو. هن نوجوان مون کي ڪنهن بس جي سيٽ تي ڀر ۾ ويهڻ جي آڇ ڪئي هئي. هن پنهنجو نالو غلام مصطفيٰ ۽ ذات آريسر ٻڌائي هئي. اهو فاصلو تـ ڪو 15 ڪلو ميٽرن جو مس هو پر اسان واري بس ڪلاڪ ۾ پورو ڪيو هو. انهي وچ ۾ اسان خوب ڪچهري ڪئي هئي ائين لڳو تـ اسان سالن جا دوست هئاسين. ائين غلام مصطفيٰ آريسر سان اها منهنجي پهرين ملاقات هئي، جيڪا ڪنهن بس جي سيٽ تي ٿي هئي. ڪميونيڪيشن جي اڻاٺ جي ڪري اسان جي ملاقات گهٽ ئي ٿيندي هئي. پر هي نوجوان ايندي ويندي مون سان ملندو ئي رهندو هو. هڪ ڏينهن هن جي خواهش تي سندس ڳوٺ ۾ جيئي سنڌ محاذ جو يونٽ کوليو ويو. هاڻي اسان جي دوستي ذاتيات مان ڦري قومي ٿي پئي هئي. ايترقدر جو هڪ ٻـن گڏجاڻين کي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين محترم عبدالواحد آريسر کي خطاب ڪرڻو پيو هو. اهو سڄو منهنجي ننڍڙي ڀاءُ غلام مصطفيٰ جي محنتن ۽ محبتن جو نتيجو هو. جنهن هڪ بي لوث قومي ڪارڪن جي حيثيت سان ان علائقي ۾ ڪم ڪيو هو. اها قومي دوستي اڳتي هلي ذاتي دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. هاڻي ڏک سک ۾ غلام مصطفيٰ اسان جي گهر جو ڀاتي ٿي ويو. آئون وطن ڇڏي جلا وطن ٿيس ۽ وڃي اسلام آباد جا وڻ وسايم. پر هن دوست هڪ منٽ لاءِ بـ مون کي وساريو ڪو نـ . هن اڳتي هلي ماسترن جي سياست ۾ حصو ورتو ۽ ڪجهـ وقت ڪنهن اخبار ۾ صحافي طور بـ ڪم ڪيائين. پر مون جڏهن انهن ڪمن تي پنهنجو ناراضپو ڏيکاريو تـ منهنجي خوشيءَ خاطر انهي ڪمن کان ڪنارا ڪش ٿي ويو. بس هاڻي صبح جو نوڪري ۽ شام جو ذاتي ڌنڌو ڌاڙي، جنهن مان سندس وقت سٺو گذرندو رهيو. آئون جڏهن بـ اسلام آباد مان ڳوٺ ايندو هوس تـ هڪ ڏينهن فيملي سميت هن دوست جي حوالي هوندو هوس. مون وٽ ڪو بـ دوست فيملي سميت اسلام آباد ڪو نـ آيو پر غلام مصطفيٰ آريسر هڪ کان وڌيڪ دفعا مون وٽ اچي اسلام آباد رهيو هو. اهو سندس مون سان اڻ ميو ۽ اڻ توريو پيار هو، جيڪو کيس مون وٽ ڇڪي ايندو هو. هن دوست جا مون تي ڪروڙين احسان آهن. جيڪڏهن لکڻ ويهجي تـ پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. مون جڏهن ذاتي ڪوشش ۽ سرڪاري جوابداري سمجهي هر رٽائر ٿيندڙ سرڪاري ملازم کي 180 ڏينهن جي بجاءِ 365 ڏينهن جي پگهار ڏيارڻ جي منطوري ورتي هئي. (اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت ۾ اهو منهنجو ڪم هو). جيئن ئي اهڙو آرڊر جاري ٿيو تـ پهريون ماڻهو غلام مصطفيٰ آريسر هو، جنهن کي مون اها خبر ٻڌائي هئي. بس پوءِ هي دوستن جي ڪنهن بـ ڪچهري ۾ ويهندو هو تـ سندس ڪچهري جو موضوع اهو ئي هوندو هو. “ منهنجي وڏي ڀاءُ ڏسو توهان ملازمن لاءِ ڪيترو وڏو ڪم ڪيو آهي. ” جتي ويهندو هو تـ منهنجي ساراهـ ڪرڻ لاءِ هن کي لفظ ڪو نـ ملندا هئا. هن جڏهن ڀلي پار جو سفر ڪيو هو تـ مون کان موڪلايو هئائين. پر جڏهن عدم جي سفر جو سانباهو ڪيائين تـ ڪجهـ ياد نـ رهيس. ائين هي اسان جو مٺڙو ۽ پيارو دوست چپ چپات ڪري اوڏانهن هليو ويو، جتان ڪو بـ واپس نـ موٽيو آهي.


    لاڙ جي موسم ۽ لباس

    لاڙ جي موسم ۽ لباس

    جيڪڏهن موسم جو حال احوال ڏبو وٺبو تـ لاڙ پٽ جي موسم جي ڀيٽ پاڪستان جي ڪنهن بـ علائقـي سان ڪري نـ ٿي سگهجي. فيبروري جي اڌ کان جون جي پهرين ڏهاڪي تائين ڏکڻ جي هير اهڙي گهلندي آهي جو ننڊ محبوب جي ماڻن وانگر ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيندي آهي. چپن تي رکيل چپ ۽ ڳلن تي رکيل ڳل پنهنجو وجود وڃائي چڪا هوندا آهن. انهي وچ ۾ اپريل ۽ مئي ۾ بي انتها جهڪون لڳنديو آهن ۽ اهو هوائن جو سلسلو اڃان جاري آهي. ايتريقدر جو هوا جي سامهون هلندڙ بس جي رفتار گهٽجي ويندي هئي. مون پنهنجي نوڪريءَ جي ايامن ۾ انهي تي هڪ انگريزي ۾ مضمون بـ لکيو هو، جيڪو The News اخبار ۾ ڇپيو هو. مون انهي ۾ دليلن سان اهو واضع ڪيو هو تـ انهي تيز هوا تي تمام گهڻي چرخي واري بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. جيئن تـ اسان جي ڳوٺ ۾ 1973 ع جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ بجلي ٻرڻ شروع ٿي هئي. پر اسان جي گهر ۾ ڏهن سالن کان پوءِ وڃي هوا ڏيڻ وارا پکا لڳا هئا اها بـ هڪڙي قسم جي اسان جي عياشي چئبي باقي ضرورت ڪونـ هئي. جنهن ڏينهن اسان جي گهر ۾ پکا پئي لڳا اسان جي ناني اچي امان تي ڪاوڙي تـ “هي ڦرڻيو پئي هڻائين ٻارن جون شاديون نـ ٿي ڪرين. ” مطلب تـ انهي شيءَ جي ضرورت ڪونـ هئي. سياري جي موسم ۾ هڪڙي اجرڪ مان گذارو ٿي ويندو هو. ايئرڪنڊيشنڊ تـ ڪافي وقت پوءِ آيا. جڏهن واپڊا وارن ماڻهن کي سيکاريو تـ ڪُنڊا هڻو ۽ ايئرڪنڊيشنڊ هلايو، اسان کي 20 روپيـا ڏيو. هڪ دفعي جي ڳالهـ آهي آئون اسلام آباد مان ڳوٺ آيس امان مون کي چڱي خاصي دٻ ڪڍي، “ ڳوٺ ۾ فلاڻن فلاڻن ماڻهن جي گهر ۾ AC ٿا هلن انهن جا بل اچن 35 رپيـا منهنجا صرف 3 بلب ٿا ٻرن بل اچي ٿو 300 روپيـا، تون ڪهڙي قسم جو آفيسر آهين. ” هاڻي امان کي ڪيئن سمجهايان تـ اهو واپڊا وارن جو ڪمال آهي. اتي مون واري آفيسري کي لوڙهو اچي ويو آهي. اُنهي تي ٻيو واقعو بـ ٻڌندا هلو، اها اسلام آباد اسهڻ کان اڳ جي ڳالهـ آهي. آئون اڃان ماستر هوس واپڊا وارا آيا ميٽر ڏسڻ، اهو ڪجهـ وڌيڪ هليل هو. مون کي چيائون تـ هيترا پئسـا ڏي ميٽر پوئتي ٿا ڪريون پوءِ تنهنجو بل گهٽ ايندو. واقعي پهرين مهيني جو بل تـ ڪجهـ گهٽ آيو. پوءِ هر مهيني 200 يونٽن جو بل وڌيڪ اچڻ لڳو. هاڻي مون وارو ماستري جو پگهار بجلي جي بل ۾ وڃڻ لڳو، امان کنيو ڏنڊو تـ هي ڇا پيو ٿئي. نيٺ لاڳاپيل آفيس مان پتو پيو تـ توهان ميٽر ۾ هٿ چُراند ڪئي آهي. هاڻي اهو ڏنڊ توهان هر مهيني ڀريندا رهندا. انهي جو حل اهو ٻڌايائون تـ ميٽر بدلي ڪريو. نيٺ ميٽر ٻيو لڳو ان کان پوءِ وڃي منهنجي جان آزاد ٿي. انهي کان گهڻا گهڻا سال پوءِ جي ڳالهـ آهي،آئون اسلام آباد مان ڳوٺ ويس، گهر ويٺو هوس تـ ٻاهر سڏ ٿيو. جان کڻي ڏسان تـ بجلي وارو همراھ بغل ۾ بندي کنيو بيٺو آهي. مون کي چيائين تـ “ توهان جو ميٽر ڪافي هلي ويو آهي. مون کي هيترا پئسـا ڏيو تـ آئون ميٽر ٺيڪ ٿو ڪريان پوءِ توهان جو بل گهٽ ايندو. ” مون واري ڇهين حس ڪم ڪري وئي” ڇو جو آئون انهن جو اڳئي ڌڪيل هئس. کيس چيم تـ اسان بجلي ٻاري آهي تـ بل بـ ڏينداسين پر توکي پئسـا نـ ڏينداسين” مون کان پڇيائين تـ “توهان ڪٿي ڪم ڪندا آهيو” مون جواب ڏنو تـ “ آئون اسلام آباد ۾ ڪم ڪندو آهيان” مون ڏٺو تـ همراھ جا پير نڪري ويا. آئون تـ هفتو ڳوٺ رهي اسلام آباد هليو آيس ڪيترو بل آيو انهي جي خبر نـ آهي. پويان امان پئي بل ڏنا. سو سائين ڳالهـ نڪتي موسم جي ۽ وڃي نڪتاسين بجلي وارن تي. بهرحال موسم جو پاور سان گهرو تعلق آهي، انهن کي هڪ ٻئي کان الڳ نـ ٿو ڪري سگهجي.
    امان ڳالهـ ڪندي هئي تـ سندس شادي واڻين جي ڀاڄ واري سال ٿي هئي. اسان جي ڳوٺ ۾ واڻيا جهجهي تعداد ۾ رهندا هئا. منگهن مل پنهنجو ٻن ڪمرن وارو نئون ٺهيل گهر اسان کي انهي وعدي تي ڏيئي ويو هو تـ هو واپس ايندو تـ کيس اهو گهر واپس ڪيو ويندو. هڪ ڪمري سان گڏ هڪ ننڍڙي ڪوٺي بـ هئي ان ۾ ڪجهـ پنهنجو سامان رکي ان کي تالو لڳائي چاٻيون پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا. اهو ڪمرو ڪو پنجن سالن تائين بند رهيو، جڏهن پڪ ٿي تـ هي هاڻي واپس نـ ايندا تـ پوءِ ان مان هڪ پلنگ ۽ هڪ پينگهو تالو کولي ڪڍيو ويو هو.
    ان زماني ۾ گلاب لغاري ايڏو وڏو شهر ڪو نـ هو، بس هڪ اڌ ٻيڙي ماچيس جي ڪئبن، ٻـ چار سيـٺين جا دڪان، ٻـ مريداڻين جون هوٽلون، روڊ ڪچو هوندو هو. جنهن تي حاجي صادق ميمڻ جي لاري هلندي هئي، جنهن جو ذڪر آئون اڳي ڪري آيو آهيان. ورهاڱي کان اڳ ديوانن جي ڀل ڀلان هوندي هئي. هر جڳهـ تي هندو پاڻي مسلمان پاڻي الڳ الڳ هوندو هو. مامو دائم ڳالهـ ڪندو هو تـ ڳوٺ ۾ هڪ حجام هوندو هو جنهن جو نالو هو منو ۽ هو مسلمان هو. منو ڏاڍو ڀوڳائي ۽ چرچائي هوندو هو. سڄو ڏينهن هن جي دوڪان تي واندن جي محفل لڳي پئي هوندي هئي. جڏهن تـ ان زماني جا حجام ريڌارا بـ ڏاڍا سٺا هوندا هئا. ڳوٺ جون ننڍيون وڏيون شادين جو ڀت بـ منو ئي رڌيندو هو. اها تـ هر ڪنهن کي خبر آهي تـ سنڌ جو هندو حرام شئي ڪڏهن بـ نـ کائيندو آهي. سو اڪثر سيٺين جون ڀت جون ديڳون منو حجام ئي لاهيندو هو. جيئن تـ منو جي دڪان تي واندن جي ڪچهري سڄو ڏينهن لڳل هوندي هئي. هڪ ڏينهن منو ڪنهن سيٺ جي ديڳ پچائڻ ويو ۽ دوستن کي چئي ويو تـ اڄ آئون سڄي ديڳ کڻي ايندس دڪان تان ڪير بـ نـ وڃي. هر ديڳ پچائڻ تي گلاب لغاري جا سيٺ منو کي ڀت جو ٿالهـ ڀري ڏيندا هئا. سو منو جڏهن ديڳ پچائي تيار ڪئي ۽ ٿالهـ جهليائين ديڳ جي اڳيان تـ سيٺ ان ۾ هڪڙو ڪپ ڪير وڌو تـ منو چيس سيٺ مهمان آهن اڃان ڪجهـ ڏي سيٺ وري ٻيو وڌو ائين منو بس ائي نـ ڪري. سيٺ چيو منو بس هاڻي گهر مهمان آهن انهن کي بـ کارائڻو آهي. منو ڇا ڪيو جو ڪاوڙ مان ڀت جو سڄو ٿالهـ کڻي ديڳ ۾ لاٿائين. سيٺ کان رڙ نڪري وئي منو هي ڇا ٿو ڪرين. هاڻي ديڳ سڄي جي سڄي پليت ٿي وئي. منو کڻ هي ديڳ، منو اها سڄي ديڳ کڻي دڪان تي آيو ۽ اچي يارن کي کارايائين.
    مون اهو زمانو بـ ڏٺو، جڏهن مرد ڏهن کان ٻارهن والن جون سلوارون پائيندا هئا، وڏي پهراڻ ٽائيپ قميص پاتي ويندي هئي، جيڪڏهن ڪنهن جي گهر وڃڻو پئجي وڃي يا ڪا عورت واٽ تي ڏسي وٺي تـ ڪٿي اُگهاڙپ جو تاثر پيدا نـ ٿئي. جڏهن تـ عورتون هالن جي اڏاڻن جون ٺهيل گربي جي سٿڻون ۽ ڇيٽ جو ڀرت ڀريل چولو پائينديون هيون، مٿي ڍڪڻ لاءِ چڪني جي وڏي پوتي استعمال ڪئي ويندي هئي، جنهن سان عورت جو سڄو بدن ڍڪجي ويندو هو. ٻهراڙي جون عورتون خاص ڪري ٽن ٽونئرن واريون هٿ جون ٺهيل جتيون پائينديون هيون. ها البت شهرن ۾ هندو توڙي مسلمان عورتون ساڙهي بـ پائينديون هيون. مطلب تـ عورت جي پوشاڪ مان حياءُ نظر پيو ايندو هو. واٽ ويندي ڪا عورت سامهون نظر ايندي هئي تـ مرد جي لاءِ لازمي هوندو هو تـ اهو رستو ڇڏي ڏئي. يعني عورت کي عزت جي نگاهـ سان ڏٺو ويندو هو. منهنجي امان ڪڏهن بـ گاگهري ۽ ريشمي سلوار ڪو نـ پاتي. هميشـ گربي ۽ هٿ سان ڀرت ڀريل چولو پائيندي هئي. زمانو ڦريو مردن مان بافتي نما سدري وئي، موچي جي ٺهيل سنڌي جتي جي جاءِ تي سينڊل اچي ويو، ٻارهن والن مان سٿڻ گهٽجي اچي ٽن والن تي پهتي. ٽوپي ۽ پٽڪي جي جاءِ تي مٿو اگهاڙو ڪري کٻي پاسي کان سينڌ شروع ٿي. مردن جي دنيا بدلي تـ عورتن ۾ پوشاڪ جي تبديلي جو سفر شروع ٿيو. مائين کي قناويزن، گربين ۽ سوسين جون سٿڻيون هيٺ تائين پهريل هونديون هيون، ڀرت ڀريل گج، مٿي تي وڏيون وڏيون پوتيون، نئين فيشن گربين کي ڦيري ريشمي ڪري ڇڏيو، عورت جيڪا اٺن والن جي سٿڻ پائيندي هئي اها ڏيڊ وال جي پاجامي تي اچي پهتي. سنڌ جي تبديل ٿيل ڪلچر جي ڪري لاڙ پٽ جو ڪلچر پڻ تبديل ٿي ويو. ٽائيم ڏسڻ لاءِ سج جي پاڇي جو سهارو ورتو ويندو هو. ان جي جاءِ تي واچ اچي وئي. مطلب تـ سائنس جي ترقيءَ. مختلف ڪلچرن جو پاڻ ۾ ميلاپ جي ڪري مردن توڙي عورتن جي دنيا ئي بدلجي وئي. اڃا اڳتي هلي انٽرنيٽ ۽ پوءِ موبائل فون زندگي جو سڄو نظام ئي ڊاوا ڊول ڪري ڇڏيو.


    لاڙ جو اوطاقي ڪلچر

    لاڙ جو اوطاقي ڪلچر

    سنڌ جو ڀلوڙ ڪلچر هو اوطاق سان. هاڻي تـ اهي اوطاقون ئي ويون. اهي مڙس ئي مري ويا جيڪي يڪي سر پنهنجن اوطاقن تي لنگهي آيل لاتعداد مهمانن کي منهن ڏيندا هئا. اهو زمانو هو جڏهن ڪچا رستا هوندا هئا. اڪثر ماڻهو گهوڙن تي يا پيرين پنڌ سفر ڪندا هئا. لاريون موٽرون ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪو نـ هونديون هيون. بس پوءِ جتي ڏينهن تتو، اتي ماجهاندو ڪبو. هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ڪو نـ ڪو سخي مرد ضرور هوندو هو جو وس آهر آيلن جو آڌر ڀاءُ پيو ڪندو هو. اسان جي ڳوٺ گلاب لغاري ۾ حاجي الھـ جڙيو لغاري( پاڙو شهاڻي) جي ڀلا ڀلي هوندي هئي. سندس اوطاق جي هنڌين ماڳين هاڪ هوندي هئي. اسان جي لاڙ پٽ ۾ ماءُ اهڙو پٽ وري نـ ڄڻيندي جو ايڏي وڏي پيماني تي آيلن جي آڌرڀاءُ ڪري. مهمانن سان گڏ سندن وهٽن جي پڻ ايتري خاطر چاڪري ٿيندي هئي جو وڃي ٿيا خير. مون پنهنجن گنهگار اکين سان ڪئي ورهاڙا پنهنجن وهٽن سميت رات ترسندي ڏٺا. ڇا تـ مڙس جو شان هو، هر آئي وئي واقف توڙي اڻ واقف کي هڪ جيترو مان ملندو هو. آئون حاجي الهـ جڙيو خان کي مامو ۽ سندن گهر واري کي ماميءَ سڏيندو هوس. ڇو جو امان سان هن جو ويجهو مائٽي جو رشتو هو. هر روز ڏهن کان ويهن تائين مهمان تـ خير جي ڳالهـ هوندي هئي. الله جنت نصيب ڪري اسان جي ماميءَ کي، جيڪا انهن نـ کٽندڙ ۽ لا تعداد مهمانن جي اڪيلي سر ماني ٺاهيندي هئي. ان زماني ۾ نوڪر يا بورچي جو تصور ڪونـ هوندو هو. گهر ۾ ڪيترا مهمان اچي وڃن زائفائون پنهنجو پاڻ رڌ پچاءُ جو ڪم ڪنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن تـ 50 مهمان بـ اوطاق تي اچي ويندا هئا. اڪثر ائين ٿيندو هو تـ هڪ کان وڌيڪ ورهاڙا گڏجي پوندا هئا. هڪ عورت کان ڪم مٿي چڙهي ويندو هو تـ منهنجي امان کي سڏ ڪبو هو، تـ هو وڃي هٿ ونڊرائيندي هئي، پر اڪثر ماميءَ، ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ پسند نـ ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن چور ۽ ڪاٽڪو ٽائيپ مهمان بـ اچي ويندا هئا. ڇو جو مامو حاجي الهـ جڙيو ڪڏهن بـ ڪنهن مهمان کان اهو نـ پڇندو هو تـ هو ڪير آهي؟ ڪٿان آيو آهي؟ ڪيڏانهن ٿو وڃي؟. مطلب تـ “خانن جي خاني، مانيءَ مان معلوم” مهمان بس مڙوئي مهمان آهي، ان کي مانيءَ کارائبي رات جو ان جي رهڻ جو بندوبست ڪبو. ڇو جو اها سنڌ ۽ سنڌين جي روايت ئي ڪونهي، جو ماني کان سواءِ ڪنهن مهمان کي ائين بکئي پيٽ ڇڏي ڏجي. انهي اوطاق جي ڪري کيس ڀوڳڻو بـ گهڻو ڪجهـ پيو هو. هڪ رات ڪو واٽهڙو اچي ترسيو، دستور مطابق ان کي ماني بسترو مليو، رات جو لوڪ لڪا سمهڻ کان پوءِ همراھ حاجي صاحب جون ٻڪريون بـ ڪاهيون، بسترو بـ کڻي ڪلهي تي رکيائين ۽ روانو ٿي ويو. چور جي ڪا ڦٽي، آڌيءَ رات جو ڪي مهمان اچي ويا، حاجي صاحب کي انهن مهمانن کي ماني کارائڻ لاءِ اُٿڻو پيو، جان کڻي ڏسي تـ نـ ٻڪريون نـ همراھ، اچي مچي ڪري ڳوٺ جي ٻاهران وڃي همراهـ کي ٻڪرين سوڌو جهليائون. ڪن جو خيال هو تـ هن کي پوليس جي حوالي ڪجي پر حاجي صاحب کيس ڇڏي ڏنو. اهو چئي تـ ”هن پنهنجو ڪم ڪيو، اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو”. سندس ڪنهن ويجهي مائٽ جو ڀلو ڍڳن جو جوڙو چوري ٿي ويو. پاڻ وڏي ڪوشش ڪري اهو بغير ڀُنگ جي واپس ڪرايائين. چور ڪڏهن بـ ڀُنگ وٺڻ کان سواءِ چوري واپس نـ ڪندا آهن. پر حاجي صاحب جي اُٿي ويٺي جي ڪري چوري واپس ٿي. نظير احمد جيڪو منهنجو ماروٽ ٿئي، سو ڪن دوستن سان گڏ ڀٽ شاهـ تي ويو. اُتي انهن کي هڪ ماڻهو مليو، خير عافيت ۽ واقفيت کان پوءِ يڪدم چيائين تـ “توهان انهي گلاب لغاري جي ڳوٺ جا آهيو جتي حاجي الهـ جڙيو خان جي اوطاق آهي ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي ماني کارائيندو آهي. ” ڇا تـ ماني ۽ خيرات جي برڪت هئي، حاجي صاحب کي اڌ سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو. پيار ۽ خلوص جو زمانو هوندو هو. هي ڳالهـ آئون 40 سال اڳ جي ٿو ڪريان ۽ اهو سلسلو منهنجي ڄمڻ کان اڳ جو هلندڙ هو، ائين کڻي چئجي تـ اهو خير جو ڪم انگريزن جي دور کان شروع هو. ايتري خرچ ڪرڻ جي باوجود سندس هٿ ڪڏهن بـ تنگ نـ ٿيو. هي اهو زمانو هو جو فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جو 10 سالا ترقياتي پروگرام اڃان شروع نـ ٿيو هو. هر پاسي ڪچا رستا هوندا هئا. ماڻهو پنهنجي منزل تي پهچڻ جي لاءِ ڍڳي گاڏي يا گهوڙن جو استعمال ڪندا هئا. پوءِ جتي رات پئي اتي ٽڪي پئبو هو. گلاب لغاري ۾ حاجي الهـ جڙيو خان جي اوطاق، اهڙن مهمانن جي انتظار ۾ هوندي هئي. هر مهمان جو بندوبست هڪيو تڪيو هوندو هو.
    حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تـ اهي سنڌ جي خوشحالي ۽ سندس ڀريا ڀڪنا ڏينهن هئا. اها بـ سڀني کي ڀلي ڀت خبر آهي تـ سنڌ صدين کان وٺي، ٻاهران ايندڙ حملي آورن جي گهوڙن جي سنبن جو شڪار رهي آهي. هر ڪنهن فاتح پنهنجي پنهنجي نظر ۽ هٿ سان سنڌ کي ڦُريو ۽ لٽيو آهي. ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي پنهنجي ڪتاب “ سنڌ جي اقتصادي تاريخ” ۾ ڪنهن غير ملڪي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو تـ “ سنڌ ملڪ ۾ اناج تمام گهڻو پيدا ٿئي ٿو، ۽ مکڻ نهايت جهجهو پيدا ڪيو وڃي ٿو، جنهن مان گهڻو حصو مسقط ڏانهن برآمد ڪيو وڃي ٿو. ”هاڻي اچو مختصر طور اهو ڏسون تـ هيءَ “سنڌ” جيڪا مکڻ برآمد ڪندي هئي، منجهس وڏي مقدار ۾ اناج پيداڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي. ماڻهو مهمان نواز هوندا هئا، واپاري توازن (Terms of Trade) هميشه سنڌ ملڪ جي حق هوندو هو. وڏي پيماني تي ٻاهريون ناڻو (Remittances) سنڌ ۾ ايندو هو. اڄ سنڌ ڪٿي بيٺي آهي، سنڌي ماڻهن مان اها مهمان نوازي ڪيڏانهن وئي. پاڪستان جي وحدت ۾ ڏٺو وڃي تـ سنڌ جا سڀئي ڏسڻا عدد (Index Numbers) سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي فائدي ۾ نـ آهن. اڌ کان وڌيڪ سنڌي غربت جي لڪير کان فقيرن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ڄمڻ ۽ مرڻ جي ريٽ ۾ ڪو بـ مڃيل اصولن مطابق ڳانڍاپو نظر نـ ٿو اچي. هي اقتصادي ڏيوالپڻو يا ماضيءَ جي امير سنڌ ۽ حال جي فقير سنڌ، منهنجي هن مضمون جي دائري کان ٻاهر آهن. هتي صرف رچرڊ ايف برٽن جي ڪتاب جو حوالو ڏئي هن بحث کي ختم ڪرڻ ئي مناسب ٿيندو، هو لکي ٿو تـ“ مون کي پوري طرح يقين آهي تـ جيستائين سنڌي مسلمانن کي هندن کان بچائڻ واسطي ڪو قانون نـ جوڙيو ويندو، تيستائين اهو وياجي هندو کان بچي ڪو نـ سگهندو. جيڪڏهن هنن جي تحفظ لاءِ (Encumbered Estate Bill) نـ آندو ويو تـ سنڌي مسلمانن کي تباهيءَ کان ڪير بـ بچائي نـ سگهندو. ” هندو تـ 70 سال اڳ هتان هليا ويا. سوال هي آهي ڇا اسين سنڌي مسلمان تباهيءَ کان بچي ويا آهيون. اسان جو حال ورهاڱي جي وقت کان بـ برو آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ پينو فقيرن تي ڪا سروي ڪئي وڃي تـ سنڌ جو هر چوٿون ماڻهو فقير نڪرندو. جنهن ۾ ڪو توهان کي ظاهري طور پنندي ڏسڻ ۾ ايندو تـ ڪو خيرات جي رقم جي لاءِ ڪنهن ATM مشين جي سامهون نظر ايندو. پلاننگ ڪميشن جي دعويٰ آهي تـ سنڌ ۾ 0.5 سيڪڙو غربت گهٽ ٿي آهي. پر زميني حقيقتون انهي دعويٰ سان ٺهڪي نـ ٿيون اچن.
    اهو 70 جو ڏهاڪو هو، هڪ چواڻي مطابق“ سنڌ اڃان گدڙن ڪو نـ کاڌي هئي”. مهمان مڙي جو آڌر ڀاءُ پيو ٿيندو هو، ننڍي وڏي ڏينهن تي قرب ڪچهريون پيون ٿينديون هيون. ها البت ٻهراڙين ۾ شادين جي موقع تي ڇنن جي جاءِ تي شاميانن جو رواج پئجي چڪو هو. شادي هالن جو ٻهراڙي ۾ ڪنهن نالو نشان بـ نـ ٻڌو هو. مطلب تـ امن ۽ شانتي جو زمانو هو. راڳ جي ميدان ۾ اسان جي لاڙ پٽ ۾ حيدر کوسي ۽ مُٺو ڪڇي جي هاڪ هوندي هئي. فوزيا سومرو گهڻو گهڻو پوءِ ميدان ۾ لٿي. هر ڪو ماڻهو پنهنجي ۾ خوش هوندو هو، ڪيڙي کي ڪڻ تـ هاٿي کي مڻ، هر ڪنهن کي پنهنجي وت ۽ وس آهر روزگار ملي ويندو هو. راقم کي بـ انهي زماني ۾ سنڌي ماستري ملي وئي هئي. اهو ماستري ۽ نوڪري جو ذڪر گاهي بگاهي ايندو رهندو. خبر نـ آهي جو سنڌ کي ڪنهن جي نظر لڳي جو 70 جي پوئين ڏهاڪي ۾ ملڪ مٿان ڪاري آنڌي اچي نازل ٿي. ملڪ جي مولوين اليڪشن جي نتيجن ۾ پي پي پي جي ڪاميابي کي مڃڻ کا انڪار ڪيو. نون پارٽين جو هڪ اتحاد ٺاهي جنهن کي پاڪستان نيشنل الائينس (PNA) جو نالو ڏئي، ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي جي خلاف تحريڪ هلائي، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيا. فوج حڪومت جو تختو اونڌي ڪري پاڻ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. انهي سڄي معاملي ۾ مذهبي جماعتن وڏو ڪردار ادا ڪيو. انهي جي عيوض ضياءُالحق انهن کي حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو. ڀٽي کي دٻائڻ جي لاءِ مارشل لا حڪومت سنڌ ۽ سنڌين تي سختي شروع ڪئي. ڏوهارين کي وڌيڪ ڏوهن ۾ ملوث ڪري کين هٿيارن پنهوارن سان ليس ڪري خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بدامني پيدا ڪئي وئي. چڱا خاصا ڏسڻا وائسڻا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ڏوهن جي دنيا ۾ لهي پيا، جن جو اثر اوس سنڌ جي ڪلچر تي پوڻو هو. هڪ اهڙو ڏهڪاءُ ۽ ڊپ جو ماحول پيدا ڪيو ويو، جو ماڻهو ماڻهو کان ڊڄڻ ۽ خوف کائڻ لڳو. تعليم ۾ ڪاپي جو ڪلچر اڳئي ڀٽي جي زماني ۾ پئجي چڪو هو. باقي امن امان جي رهي سهي ڪثر مارشل لا سرڪار ڪڍي ڇڏي. رات جو جيڪڏهن اوطاق تي ڪا ڪچهري منعقد ٿيندي هئي يا ڪنهن مهمان کي ماني کارائي ويندي هئي تـ ورندي ڏينهن پوليس مٿان اچي بيهندي هئي تـ توهان چورن کي ماني ٿا کارايو. ائين ڪيئي بي گناھ پوليس جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسي ويا. ڀرين ڀُڪنن اوطاقن جا کليل دروازا بند ٿي ويا. سنڌ جو بهترين ڪلچر ڌماڪي سان اچي پٽ پيو. بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ جي ڪري روڊ رستا وڌيڪ ٺهي ويا، سفر ۾ آسانيون پيدا ٿيون، ماڻهو ٻئي هنڌ ترسڻ جي بجاءِ پنهنجي گهر پهچڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا، انهيءَ جو بـ اثر سنڌ جي اوطاقي ڪلچر تي پيو.
    اسان وٽ سنڌ ۾ جتي نوجوان گهوٽن جون شاديون ڪيون وينديو هيون اُتي ننڍڙن گهوٽن جي طهرن تي پڻ وڏا جشن ڪيا ويندا هئا. سنڌ ۾ جيتري شادي جي اهميت هوندي هئي، اوتري ئي طهرن جي پڻ. سرندي وارا توڙي غريب غربو انهن ٻنهي موقعن تي گهر ٻاري ڏياري ڪندو هو. جڏهن تـ نياڻين جي شادين تي هروڀرو ايترو ڊنڊاسرو ڪو نـ ڦيرائبو هو، سڄو زور پٽ جي طهر ۽ شادي تي ڏبو هو. سنڌ ۾ جيڪڏهن هڪ ئي ڳوٺ ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا تـ سڀ ڪنهن وٽ طهر ۽ شاديءَ جون الڳ الڳ ريتون، رسمون ۽ طور طريقا آهن. ڪجهـ مخصوص سنڌي مهينا هوندا هئا جن ۾ شاديون يا طهر نـ ڪيا ويندا هئا. هاڻي تـ طهر جو ڀت ڪٿي نالي ماتر وڃي رهيو آهي. موتمار مهانگائي، وقت جو نـ هئڻ، دنيا جو سڪڙجي وڃڻ هن رسم کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. شهرن ۾ تـ جابجا پارڪ يا ٻيون گهمڻ جو جايون آهن، جتي شهرين جو وقت سٺو پاس ٿيو وڃي، ان جي مقابلي ۾ ٻهراڙي ۾ طهرن، شادين ۽ ميلي ملاکڙي کان سواءِ ٻئي ڪابـ اهڙي گهمڻ ڦرڻ يا تفريح جي جڳهـ ڪانهي جنهن ۾ ڪو سورن جو ماريل ۽ غربت جو ستايل چار گهڙيون وڃي ڪنهن سان دل جا سور سلي.
    مون پنهنجي سانڀر ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون طهرون ۽ شاديون ڏٺيون، جيڪي انتهائي يادگار سمجهيون وڃن ٿيون. هي اهو زمانو هو، جڏهن تنبو ۽ تولان، شاميانا ۽ ڪناتن جو اڃان رواج ۾ ڪو نـ پيو هو. هر ڪو پنهنجي وت ۽ وس آهر ڇنا ٺاهي پيو شادين ۽ طهرن جون خوشيون ملهائيندو هو. اهڙيون تقريبون سنڌ ۾ منقعد ٿيندڙ ڪنهن بـ ميلي کان گهٽ ڪين هونديون هيون. طهر يا شادي جي تاريخ مقرر ٿيڻ کان پوءِ يڪدم سڄي راڄ کي ڪاٺين ڪرڻ جي ڪوٺ ڏني ويندي هئي، اهو سلسلو ڪافي ڏينهن تاءِ هلندو رهندو هو. ڀت جي ديڳين جا دس لهندا رهندا هئا، هر آيو ويو اوڙو پاڙو انهيءَ مان کائي خوش ٿي مالڪن کي دُعائون ڏيندو ويندو هو. اڃان طهر يا شادي مهينو کن پري هوندي هئي تـ راڄ کي ڇني ٺاهڻ جي ڪوٺ اچي پهچندي هئي. هر ڪو پنهنجي راڄ ڀاڳ ۾ ڏيٺ ويٺ جي بنياد تي تور تڪ ڪندو هو. سو طهر يا شادي جي تقريب لاءِ ڇنو پڻ اهڙي حساب سان ٺاهڻو پوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڇنا چئين ايڪڙن ۾ پکڙيل بـ مون پنهنجن اکين سان ڏٺا. انهيءَ لاءِ الڳ ڪاٺ جون ٿوڻيون، سَر ۽ ٻيو سامان، سڀ ڪو پنهنجي زمينداري يا سنگت ساٿ مان وڍرائي پيو ڪم هلائيندو هو. اهو تـ شادي واري جي اُٿي ويٺي تي منحصر هوندو هو تـ ٻين راڄن سان سندس ڪيترا پير ڀريل هوندا هئا. انهي حساب سان ٻين راڄن ڀاڳن جا ماڻهو اچي انهي ڪم ۾ هٿ ونڊرائيندا هئا. مقرر تاريخ تـ اڃان ڪافي پري هوندي هئي پر انهيءَ جو چهچٽو گهڻو وقت اڳي شروع ٿي چڪو هوندو هو. جيئن جيئن ٻاهر مرد پنهنجو ڪم تيز ڪندا هئا تـ وري هوڏانهن گهوٽ گهر ۾ ماين اچڻ شروع ڪيو، اوڙي، پاڙي، راڄ ڀاڳ پنهنجو پرايو، رات جو سومهاڻين جي نماز کان پوءِ اچي گهوٽ گهر پرگهٽ ٿينديون هيون. ڳيچ ۽ سهرا تـ سنڌ جي اهم ريتن ۽ رسمن ۾ شامل آهن. ڳوٺ جي مڱڻهار فقيرن جي روزي روٽي پڻ انهن شادين مرادين تي مدار رکندي آهي، جيڪڏهن ڪا وڏي شادي يا طهر اچي وئي تـ سڄي سال جو خرچو پاڻي ٻاهر. اڳيان بـ رئيس يا وڏيري جي پٽ جي طهر يا شادي آهي، سو انهن بـ وسان ڪين گهٽايو. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تـ اهڙن موقعن لاءِ چئين ايڪڙن ۾ ڇنو ٺاهيو ويندو هو، انهي لاءِ ايتري ايراضي ۾ گهوڙن ٻڌڻ جي لاءِ ڪِلا هنيا ويندا هئا، جيئن تـ روڊ ۽ رستا اڃان ڪچا هئا، تنهنڪري وڏا وڏا ماڻهو پنهنجي سواري واسطي ڀلا ڀلا گهوڙا ڌاريندا هئا. ننڍي وڏي ڏينهن تي يا شادي مراديءَ تي انهن تي چڙهي وڃبو هو. اڳيان شادي وارن پاران خاص ڪري وڏو تعداد ماڻهو بيهاريا ويندا هئا جي رڳو گهوڙا جهلڻ ۽ انهن کي ڪلي تي ٻڌڻ لاءِ هوندا هئا. جڏهن وڏي تعداد ۾ ماڻهن وانگر وهٽ اچي گڏبا هئا تـ انهن جي هِڻڪار جو آواز هڪ قسم جو اهڙو سريلو ۽ سٺو وايو منڊل پيدا ڪري ڇڏيندو هو جو دل چوندي هئي تـ اهڙيون تقريبون سدائين ٿينديون رهن. اهڙين شادين يا طهرن ۾ وڏي انگ ۾ ڦنڊرون ڪٺيون ۽ لا تعداد ڀت جون ديڳيون لاٿيون وينديون هيون. آيو ويو غريب غربو پرائي مال تي مفت ۾ پيو خوشيون ملهائيندو هو.
    هاڻي تـ اهڙو ڦِرڪو ڦريو آهي جو نـ اڄ اهڙيون شاديون ٿين ٿيون نـ ئي وري اهڙيون گڏجاڻيون مطلب تـ اهي ريتون رسمون، اهي خوشيون غميون، هاڻي ماضيءَ جا قصا ٿي ويون آهن. اسان جي راڄ جا پيءُ ۽ پٽ مڱڻهار اسماعيل فقير ۽ بهار فقير، جڏهن گڏجي دُهل وڄائيندا هئا تـ اهڙو سُر ۽ لئي بيهاريندا هئا جو ڄاڃين تي هڪ قسم جو وجد طاري ٿي ويندو هو. اڄ جي بينڊ باجن کان رس مڙوئي چڙهيل هوندو هو. ڳوٺ ۾ ڪا شادي ٿيندي هئي تـ هوٽلن وارن ۽ مانڊڻي وارن جي چاندي ٿي ويندي هئي. هر آيل دعوتو ايندي ويندي چانهـ جو ڪوپ پاڻ بـ پيئيندو هو تـ يارن دوستن تي پڻ پيو خرچ ڪندو هو. چانهـ کان پوءِ پان جو چاٻو ۽ سگريٽ جو سوٽو پڻ لازمي هوندو هو. مطلب تـ هڪ شادي جي ڪري ۽ ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ پئسي جي ريل پيل جي ڪري چڱي خاصي معاشي سرگرمي جنم وٺندي هئي. معاشي طرح ملڪ جي لاءِ بـ سٺو سوڻ هوندو هو. هاڻي نـ رهيون آهن اهي ريتون ۽ رسمون، ڳوٺن جي شادين وڃي شهر وسايا، نـ ناچو نـ ڳائڻا،نـ فقير نـ فقراءُ، مطلب تـ سنڌ جي ڀري ڀُڪني رسم اسان جي هٿن مان واريءَ وانگر نڪري وئي. سنڌ جي ٻهراڙيءَ کي انهيءَ جو معاشي توڙي اخلاقي طور وڏو نقصان ٿيو آهي. وري جو اهڙو واءُ وريو، جو اهي زمانائي تبديل ٿي ويا. “ نـ رهي برھ نـ رهي باهڙي”، اهي مچ ئي موڪلائي ويا، جنهن تي ويهي ڳوٺن جا وڏڙا، سياڻا، سٻاجها ۽ اٻوجھـ ماڻهو ڪانڀون ڪڍي دل جون اورون اوريندا هئا. سندن گفتار پڙهيل لکيل عالمن کان وڌيڪ نصيحت ڀريل هوندي هئي. سچي گيھـ جي جاءِ هٿرادو گيھـ، ڊالڊا اچي والاري، جنهن مان انيڪ قسم جون بيماريون پيدا ٿيون، نـ انهن تي قابو پائڻ لاءِ سرڪار وٽ ڪي دوائون آهن ۽ نـ وري ڊاڪٽرن وٽ ڪو ٽائيم، ديسي ٽوٽڪا ۽ ڏاهپ جا ڏس گهڻو اڳ اها جوءِ ڇڏي ويا. مٿان غربت هڻي غريبن جا لاھ ئي ڪڍي ڇڏيا آهن. ڳاٽي ڀڳا اسپتالن جا خرچ ۽ هر وقت وڌندڙ ڊاڪٽرن جون فيون، هر ڪنهن جي وس جي ڳالهـ نـ آهي. انسان تـ آهي پر انسانيت موڪلائي وئي. اڳي وارا استاد اِنسان ۽ انسانيت جي خدمت جي تعليم ڏيندا هئا، هاڻي جا مدرسا ڳڀرو نوجوانن کي انسان ۽ انسانيت جي تباهي جو سبق ڏين ٿا. هر شيءَ نيست نابود ٿيندي پئي وڃي. خاص ڪري، ڀٽي جي ڦاسي کانپوءِ سنڌ ۾ هڪ اهڙو ڪلچر متعارف ڪرايو ويو، جنهن هڻي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هٿرادو پيدا ڪيل ڌاڙيل ڪلچر ڀرين ڀُڪنين اوطاقن جا کليل دروازا بند ڪرائي ڇڏيا آهن. مطلب تـ سنڌ جي هر شيءَ تيزي سان تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي.


    پنجاب جو املهـ ماڻڪ سنڌ ۾

    پنجاب جو املهـ ماڻڪ سنڌ ۾

    سنڌي ۾ چوڻي آهي تـ “مڙس ڊڀ نـ آهن جو وري موربا” اسان جي سونهاري سنڌ بـ ڪيئي اهڙا مٿير مڙس پيدا ٿيا آهن . انهن ڌرتي جي ٿڃ ضرور ملهائي آهي. پوءِ ڪنهن اتر ۾ تـ ڪنهن ڏکڻ ۾، ڪڏهن ڪڏهن لِڏ مان بـ لال نڪري نروار ٿيندا آهن. جيئن سنڌ هر شعبي ۾ داناءُ ۽ سياڻا پيدا ڪيا. ائين اسان جي ڳوٺ گلاب لغاري ۾ پڻ لاتعداد سياڻا ۽ سخنور پيدا ٿيا، انهن مان ڪن جو هتي آئون ذڪر ڪندس. گلاب لغاري ۾ جيڪي املهـ ماڻڪ ڪردار هئا. انهن ۾ ڊاڪٽر احمد خان جو ڪردار بـ پنهنجو مٽ پاڻ هو. غالبن ورهاڱي کان اڳ 1919ع ۾ سوڀو خان لغاري جي گهر ۾ ديري غازي خان (پنجاب) جي ڪنهن بستي ۾ جنم ورتائون. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي، سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي تعلقـي ٽنڊي الهيار جي هڪڙي ننڍي ڳوٺ مسو بوزدار ۾ پنهنجن مائٽن وٽ اچي رهيا. مائٽن جي ڏڍ ۽ آسري تي پنجاب مان ٻن ڪپڙن ۾ نڪتو، نـ ڪنهن ڀڄايو، نـ ڪنهن ورغلايو. سنڌيءَ جا ابتدائي ڪتاب بـ مسو بوزدار ۾ پڙهيائين ۽ پنهنجي ناني وٽ حڪمت جو ڪم سکڻ لڳو، جيڪو ڏاهپ جي ڏسن ۾ ڄاڻو حڪيم هو. جڙي ٻوٽين سان ماڻهن جو علاج پيو ڪندو هو، انهي جي صحبت ۾ رهي پاڻ سٺو حڪيم ٿي ويو. ڳوٺ جي ڪنهن پرئي مڙس پنهنجي نياڻيءَ جو بار لاهڻ لاءِ هن رول ڇوڪري کي پنهنجي نياڻي ڏئي شادي ڪرائي ڇڏي، ائين اڄ جو نڌڻڪو ٻار سڀاڻ جو ڪامياب شخص شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو. ائين شاديءَ کان پوءِ ترت مسو بوزدار مان لڏو پٽي اچي گلاب لغاري ۾ ٽپڙ رکيائين. مٿان ملڪ جو ورهاڱو ٿيو تـ ڪو سائين سڻايو واڻيو ان کي اسان جي پاڙي ۾ پنهنجو گهر ڏئي ويو. جيئن تـ اسان جو سڄو پاڙو لڏي ويندڙ هندن خالي ڪيو هو، سو منهنجي ڏاڏي کي بـ مگهن واڻئي گهر ڏنو هو، تـ اسان جا وڏا پڻ ٻهراڙين مان مڏيون گول ڪري “مفت جي مال تي ٽوپي نراڙ تي” رکي شهرن ۾ اچي رهيا. اڃان بـ ڪافي تعداد ۾ اسان جي پاڙي ۾ واڻين جا گهر آهن، جيڪي بغير ڪنهن خوف خطري ۽ ڊپ ڊاءَ جي رهيا پيا آهن. هتي دنيا جهان جا لوفر لنب گهرن کان تڙيل، آريا، عرب، ارغون،ترخان،مغل (ڪن ڪاهون ڪيون ڪن پناھ ورتي) اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. اها ئي تـ صوفي سنڌ جي خوبي آهي جو هر ايندڙ ويندڙ، هندو توڙي مسلمان کي پنهنجي ڪوسي ڪک ۾ جاءِ ڏيندي آئي آهي. خبر نـ آهي جو هن خوش بخت ڌرتي ڪيترن ٻاهران ايندڙن کي پنهنجو ڪيو. جيئن تاريخ جي ورقن ۾ چٽي طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو تـ ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو حدون تمام گهڻو پکڙيل هيون ۽ سندس ڄمار بـ تمام وڏي ڄاڻائي وئي آهي. تازو هندستان جي ڪنهن ريسرچ جنرل ۾ آيو آهي تـ موهن جو دڙو ۽ هڙپا انڊس سولائيزيشن جون تهذيبون 5500 سال نـ پر 9500 سال پراڻيون آهن. ماضي قريب ۾ لڏپلاڻ جا ٻـ دورٿيا، جيڪي 1947ع کان اڳ ۽ پوءِ جا دور چئي سگهجن ٿا. اڳ ايندڙ ماڻهن پنهنجو الڳ تشخص ختم ڪري سنڌ ۾ سنڌي ٿي ويا. جڏهن تـ پوءِ ايندڙن اڃان تائين پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم رکندا پيا اچن. سائين جي ايم سيد پناهگيرن متعلق چيو آهي تـ “ اهي ٽن حصن ۾ ورهائجي ويندا. انهن جو هڪ طبقو سنڌي ٿي ويندو، ٻيو حصو ملڪ ڇڏي هميشه لاءِ ٻاهر ڪنهن ملڪ ۾ وڃي وسندو، جڏهن تـ ٽيون طبقو وڙهي پنهنجو وجود ختم ڪري ڇڏيندو”. جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان ڏسبو تـ اهو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. انهن جو وڏو حصو، جيڪو اندروني سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو، انهي جو وڏو تعداد سنڌي ٿي چڪو آهي. ڪراچي، حيدرآباد يا سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ رهندڙ، انهيءَ مرحلن مان گذرن پيا . ٽيون طبقو پنهنجي ئي اردو ڳالهائيندڙن جي هٿان مارجي پيو. باقي اسان سمجهون تـ اهي هينئر جو هينئر سنڌي ٿي وڃن، اهو ممڪن ئي ڪونهي. قومن کي ٺهڻ ۾ صديون لڳنديون آهن، اڃان تـ 70 سال مس گذريا آهن. يهودين کي گڏجڻ ۾ 800 سال لڳي ويا آهن. خود سائين جي ايم سيد انهن لاءِ نرم گوشو رکندا هئا. انهي ڪري کيس سوسائٽي جي ڪجهـ طبقن طرفان تنقيد جو بـ نشانو بنايو ويو. سندس خيال مطابق سنڌ ۽ سنڌين هزارن سالن کان وٺي هر آيل جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي. ان جي مقابلي ۾ هر فاتح قوم هميشه جي لاءِ پنهنجو وجود وڃائي هتي جي ٿي ويئي آهي.
    هي اهو زمانو هو جو سنڌي مسلمان پڙهيل هوندو ئي ڪونـ هو. پڙهيا لکيا هندو سنڌ ڇڏي هليا ويا. آخرڪار انهن جي جاءِ ڪن کي تـ ڀرڻي هئي. احمد خان جيڪو مسو بوزدار ۾ حڪمت جو ڪم سکندو هو، اهو هتي ڊاڪٽر بڻجي ويو. ڳوٺ وارن لاءِ ڄڻ تـ هڪ مسيحا ٿي آيو. گلاب لغاري اڃان ڪنهن پڪي روڊ سان سلهاڙيل ڪو نـ هو. بس اهي ئي ٻـ لاريون شام جو اينديون هيون ۽ صبح جو ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد روانيون ٿي وينديون هيون. اهڙي حالت ۾ ڳوٺ ۾ ڪنهن ڊاڪٽر جو هئڻ غنيمت کان گهٽ ڪو نـ هو. پاڻ باقاعدي حڪمت جو آغاز 1947 ع کان پوءِ ڪيائين. مذهب ۾ هميشـ اعتدال پسنديءَ کان ڪم ورتائين، ها البت صوفي مذهب کي وڌيڪ ويجها هوندا هئا. سندس اسپتال ۾ هر وقت “حق موجود” جي تنوار پئي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. هندو مسلمان، ڪولهي ڀيل پيو مفت ۾ اسپتال مان لاڀ حاصل ڪندو هو. پاڻ پنهنجي سِر ڪنهن بـ مريض کان گُهري پئسو نـ ورتائين، جنهن جيڪي ڪجهـ ڏنو، بغير ڏسڻ ۽ ڳڻڻ جي رکي ڇڏيندو هو. ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نـ ٿيندو تـ وڏو حصو مفت وارا مريض هوندا هئا. ڪنهن بـ پاڙي واري يا ڳوٺ واري لاءِ دوا درمل مفت هوندي هئي. سندس اسپتال هميشه ماڻهن سان ڀري پئي هوندي هئي. جيترا مريض اوترا ڪچهري ڪرڻ وارا، چانهـ جو دور بـ پيو هلندو هو تـ زماني جا قصا بـ پيا ڪُٽبا هئا. سنڌ هميشه نڌڻڪي رهي آهي. هر وقت ڪي نـ ڪي وبائي مرض ايندا ئي رهيا آهن. آئون اڃان ٻئي يا ٽئي درجي ۾ هوس جو سنڌ ۾ گُهگُهن سڄڻ جي وبا شروع ٿي هئي. جنهن جي ڪري تيز بخار ۽ گلو ٻنهي طرفن کان سُڄي پوندو هو. ڊاڪٽر احمد خان پورا 15 ڏينهن علاج ڪيو، صبح شام پينسلين جون سيون لڳنديون هيون، نـ پئسو نـ پائي. هي تـ مون پنهنجو مثال ڏنو آهي پر پاڻ ڪنهن بـ غريب غربي کان پئسو نـ وٺندا هئا.
    ڊاڪٽر احمد خان صاحب خوش طبع ۽ ڀوڳائي ماڻهو هوندو هو. خاص ڪري مريض کي دوا درمل کان سواءِ ئي کلائي خوش ڪري روانو ڪري ڇڏيندو هو. ڀوڳ چرچو هلڪي سلڪي ٽوڪر بازي لڳي پئي هوندي هئي. پاڻ ڊاڪٽر چڱو خاصو ٽوڪر باز پڻ هوندو هو. جيڪڏهن ڪو چڙهي آيس تـ رومال ۾ ويڙهي اهڙي هڻندو هوس، جو گهر تائين ٽهڪ ڏيندو ويندو هو. ڊاڪٽر صاحب ۽ سندس ويجها ساٿي هر علت کان آجا هئا. پر هن درگاهـ تي هر ڪنهن جي لاءِ ِ فطرت ۽ عادت آهر مال مسالو موجود هوندو هو. شوقينن لاءِ گرمين ۾ سنڌي ٿاڌل گلاسن جي بجاءِ محمد عثمان ڪنڀار جي ٺهيل ڇلن ۾ موالين کي اڻ پيتي جا نشا ڏئي ڇڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ٽانڊو ٽوپي مان نڪتل دونهون اوڙي پاڙي جي ايندڙن ويندڙن کي معطر ڪري ڇڏيندو هو. ڳوٺ جا واندا سڄو ڏينهن ٺِٺري تي ڊاڪٽر جي اسپتال ۾ لٿا پيا هوندا هئا. ان زماني ۾ ننڍي وڏي جي عزت ۽ برداشت جو مادو هر ماڻهو ۾ تمام گهڻو هوندو هو. ٿوري گهڻي تي نـ ڪاوڙ نـ ڪشومت، هر ڪو کليو خوش ٿيو ٽهڪ ڏيو ويندو هو. سندس چوياري ۾ محمد عثمان ڪنڀار، مون وارو ڏاڏو حاجي محمد بخش، رئيس حُسين بخش لغاري (کرڙائي) ۽ مون وارو نانو حاجي شاهـ محمد مرحوم. انهن ۾ خاص ڪردار هو محمد عثمان ڪنڀار جو، جنهن کي عوثو ڪنڀار ڪري چوندا هئا، جنهن کي سڄوڏينهن ڊاڪٽر وٽ لڳي ويندو هو. ماني جيڪا ڊاڪٽر لاءِ گهران ايندي هئي انهي مان عوثو بـ ٻـ چار گرهـ هنيا تـ واهـ واهـ نـ تـ رات جو گهر ماني وڃي کائبي. جڏهن تـ هر ايندڙ ويندڙ رولاڪ جي ماني بـ ڊاڪٽر جي مٿي تي. مطلب تـ دليون وڏيون هيون تـ روزيءَ جا دروازا بـ رازق خلاصا ڪري ڇڏيا هئا. مون ڪڏهن بـ کيس پئسي ڏوڪڙ ۾ تنگي محسوس ٿيندي نـ ڏٺي. منهن تي پاڪي ڦيريندو هو. مولوي مرڙي کان ٽهندڙ صوفي ڪچهريءَ جو ڪوڏيو. علي خان لغاري ۽ شادمان لغاري جي ڳوٺن جا لغاري جيڪي پاڻ کي نانگو سڏائيندا آهن، سي يڪتارا، چپڙيون کڻي ڇير ٻڌي اچي ڊاڪٽر جي اسپتال ۾ صوفياڻو راڳ مچائيندا هئا. سندن پويان اڃان تائين اهو صوفياڻو رنگ رکيو اچن. آئون هينئر بـ جڏهن اسلام آباد مان ڳوٺ ويندو آهيان تـ هڪ رات اها محفل ضرور رچائبي آهي. هاڻي تـ ڳوٺ جي ننڍين ننڍين شادين تي نانگا واهـ جي محفل مچايو ڇڏين. ٿوري گهڻي تي خوش، نـ وڏي تمنا نـ گهڻي لالچ، صوفين کي جيڪو مليو انهي ۾ خوش، راڳ تي ڇڙي واهـ واهـ ملي تـ بـ نانگا خوش. خوش بـ ڇو نـ ٿين. هي فقير نـ گاڏين تي گهمڻ وارا، نـ محلن ۾ سمهڻ وارا ۽ نـ وري ايئرڪنڊيشنڊ جا هيراڪ.
    سو ڳالهـ پئي ٿي ڊاڪٽر احمد خان جي، وڃي نڪتاسين نانگن فقيرن تي. ماني جي ڀور تي ڊاڪٽر وٽ ڪيئن اُڙيا ٿڙيا لٿا پيا هوندا هئا. ڪو اسپتال جي صفائي پيو ڪندو هو تـ ڪو وري گهر جو ننڍو وڏي ڪم ڪار پيو ڪندو هو. ڊاڪٽر وٽ هڪ همراهـ رهندو هو، جنهن جو نالو هوندو هو مجاهد اهو ٻنپهرن جو ڊاڪٽر جي گهران ماني کڻي ايندو هو. ان زماني ۾ گهرن جي درن تي گهنٽيون وغيره ڪو نـ هونديون هيون يا در تي ڪڙو کڙڪائبو هو يا سڏ ڪبو هو. اسان جي پاڙي وارن هنن ڊاڪٽرن جي عادت هوندي هئي تـ ماڻهن جي سڏن تي اوڙي پاڙي وارا نڪري ايندا هئا پر هي ڪو نـ نڪرندا هئا. هڪ دفعي ڊاڪٽر مجاهد کي خالي ٿانوَ ڏنا تـ گهر پهچائي اچ، جون، جولاءِ جون گرميون هجن، مجاهد در تي سڏي سڏي بيزار ٿي پيو ڪو نڪري ئي ڪو نـ پيو. گرمي اچي هن کي ڇتو ڪيو ۽ ٻي واهـ نـ ڏسي مجاهد گهر ۾ ڍري پيو. اڳيان جو ماسي بيٺي هئي جنهن جو رس ڊاڪٽر کان بـ چڙهيل هو. سا سونٽي کڻي ٿي پٺيان پئيس. خير ٿانوَ ڇڏي مجاهد ڊڪندو سهڪندو اچي اسپتال تي پهتو. ڊاڪٽر پڇيس تـ مجاهد خير تـ آهي سهڪندو پيو اچين، هاڻي هو کيس پيرائتي واردات ٿو ٻڌائي تـ “ سائين هوءَ نـ جيڪا توهان جي نوڪرياڻي آهي، انهي مون کي ڊوڙايو آهي. ”ڊاڪٽر کلي جواب ڏنس تـ “ ابا اها مون کي روز ٿي ڊوڙائي، توکي تـ اڄ ڊوڙايو اٿس” سو سائين اهڙن سخنور انسانن جا قصا ڪيترا لکي ڪيترا لکجن. قلم کي طاقت ڪونهي جو خدا ترس، سخي ۽ هر دل عزيز ماڻهن جو خوبيون لکي سگهي. هونئن بـ اسان جي ڳوٺ جي مذهبي رواداري بي مثال رهي آهي. جيڪڏهن ان سڄي ماجرا ۾ محمد عثمان ڪنڀار جو ذڪر نـ اچي تـ ڳالهـ پئي ٻسي لڳندي. عوثو ڪنڀار جهڙا ڪردار بـ ڪن نصيب وارن ڳوٺن ۾ صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. مرحوم جي ياري منهنجي ننڊي ڀاءُ قمرالدين سان ۽ ڊاڪٽر احمد خان سان هوندي هئي. ڪنڀار وٽ جيڪڏهن گڏھ نـ هجي تـ اهو ڪنڀار ئي اڌورو. مون جڏهن عوثو مرحوم کي ڏٺو تـ جواني مڙي چڪي هئس، ڏند کائي ڏاٺن کي اچي لڳو هو. پر سندس جواني جا قصا ۽ ڪهاڻيون ويهي ڪير هن کان ٻڌي. مرحوم ٻڌائيندو هو تـ ڪنهن زماني ۾ وٽس ڀلا گڏھ هوندا هئا، جو ذات لاڙ پٽ جو شوقين وٽس سلامي هوندو هو. پر هن جي ڪنهن تي اک ئي ڪا نـ ٻڏندي هئي. ڇو جو اهڙا ڀلا گڏھ هن کان سواءِ ڪنهن وٽ هئا ئي ڪو نـ، سندس جوانيءَ واري زماني ۾ هر نسل وارو ڀلو گڏھ سندس ڪلي تي ٻڌل هوندو هو. گڏهن جون اهڙيون خوبيون بيان ڪندي وڃي پار پوندو هو جو هر ماڻهو هن جي سگهڙائپ مان پيو متاثر ٿيندو هو. مرحوم ٻيو هڪڙو قصو ٻڌائيندو هو تـ “ اسين پهرين جهرڪن جي ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين جتي قائد اعظم محمد علي جناح مون سان گڏ بلورن (Marble) راند ڪندو هو. ” ڳوٺ جا ماڻهو سڀ هن تي کلندا هئا ۽ واقعي اڳتي هلي اها ڳالهـ تڪراري ٿي وئي تـ قائد اعظم جهرڪن ۾ ڄائو هو. سو مرحوم اهڙيون خبرون ٻڌائيندو هو. جو ان وقت نـ انهن ڳالهين جو نـ ڪن نـ پڇ، جڏهن تـ اڳتي هلي اهي ڳالهيون سچ ثابت ٿينديون هيون. مرحوم ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر احمد خان سان يا قمرالدين سان ڪاوڙبو هو تـ ڦلڪارن پاسي سندس ڀائر رهندا هئا اتي وڃي ڪاوڙجي ويهي رهندو هو. اولاد ڪو نـ ٿيس آخر تائين ٻي شاديءَ جي خواهش دل ئي دل ۾ رهجي ويس ۽ هڪ ڏينهن سڀني يارن دوستن کي خوش خوش ڇڏي راھ عدم ڏانهن راهي ٿي ويو.


    اسان جي تر جا ڪامريڊ

    اسان جي تر جا ڪامريڊ
    مولوي محمد يعقوب حاجاڻو “ ساقي”

    مولوي محمد يعقوب حاجاڻو، تخلص ساقي، جي والد جو نالو سونهارو خان حاجاڻو هو . هن عمرڪوٽ ويجهو جنم ورتو، سندس پيءُ هڪ غريب پورهيت هو . هن صوفي فقير لڳ پلي خاندان جي ديني مدرسي، جيڪو چئونري وارن پَليَن جو مدرسو سڏبو هو، مان مولانا قراني ۽ ٻين مشهور ديوبندي عالمن کان ديني تعليم حاصل ڪري مولوي بڻيو. ان بعد هن برصغير ۾ هلندڙ تحريڪن مولانا امروٽي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جي“ تحريڪ ريشمي رومال” مولانا عطا الله شاه بخاري جي “مجلس احرار اسلامي” ۽ علامه عنايت الله مشرقي جي “خاڪسار تحريڪ” ۾ هڪ سرگرم ڪارڪن جو ڪردار ادا ڪيو. انهي سلسلي ۾ ّ خاڪسار تحريڪ جي قافلي سان ريل رستي دهلي روانو ٿيو. خانيوال جنڪشن تي انگريز فوج طرفان کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جنهن تي هنن جو فوج سان جهيڙو ٿي پي، جنهن دوران خاڪسار رُڪن الدين قريشي ڪوٽڙي وارو شهيد ٿي ويو. باقي هڪ سئو جي لڳ ڀڳ سمورن قافلي ۾ شريڪ خاڪسارن کي گرفتار ڪري ملتان جيل ۾ رکيو، جنهن ۾ هن کي به ٻه سال سزا ڏيئي جيل ۾ رکيو ويو، ان بعد آزاد ٿيو. جيل ۾ هي برصغير ۾ انگريزن خلاف هلندڙ تحريڪن بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. هن جي ذهن ۾ انقلابي نظريا ڀرجي ويا ۽ هي مولوي مان ڪامريڊ ٿي ٻاهر نڪتو. هي پوري زندگي مختلف تحريڪن سان واڳيل رهيو. حيدر بخش جتوئي جي “هاري حقدار پارٽي” جو تمام اهم رڪن هو. سائين جي ايم سيد سان به سندس ويجهو تعلق رهيو. آخري عمر ۾ به هن پنهنجي گهر کي هڪ سکيا آشرم بڻائي ڇڏيو. جتي نوجوانن ۾ سياسي بصيرت پيدا ڪندو رهيو. جنهن آشرم ۾ آئون ۽ مشڪور ڦلڪارو به شامل ٿياسين ۽ شروعاتي سياسي سکيا ورتي سين. مولوي صاحب شاعر به هو، سندس تخلص ساقي هو. سندس گهر اسان جي ڳوٺ کان ڪجهـ فاصلي تي هوندو هو. جڏهن بـ گلاب لغاري ايندو هو تـ منهنجو مهمان هوندو هو. مون ۽ مشڪور ڦلڪاري سندس هڪ انٽريو بـ ڪيو پر بدقسمتي سان اها ڪيسٽ مون کان گم ٿي وئي.
    مولوي صاحب عمر جي آخري ساهـ تائين انقلاب لاءِ سوچيندو ۽ وس آهر جدوجهد ڪندو رهيو. هي خوددار ايترو هو جو جڏهن سندس ماضيءَ جو ساٿي مير علي احمد ٽالپر، ضياءُ الحق جي حڪومت ۾ وزير دفاع ٿيو ته هن جي پيريءَ، جسماني بيمارين ۽ غربت کي ڏسندي، کيس مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ ماڻهو هٿان پئسن جو لفافو موڪليو. مولوي صاحب اهو لفافو کولڻ کانسواءِ ئي کيس واپس ڪندي چيو ته مير صاحب جي مهرباني پر منهنجي نظر ۾ هو مري ويو آهي ۽ مون ڪڏهن به مزارن تي وڃي پنهنجي مراد حاصل ڪرڻ لاءِ دعا ناهي گهري . انهي لاءِ مون کي سندس ڪنهن به مدد جي ضرورت ناهي . حالانڪ انهي وقت مولوي صاحب جو وقت فاقه ڪشي ۾ گذرندو هو .


    ڪامريڊ محمد عثمان لغاري ۽ ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي

    ڪامريڊ محمد عثمان لغاري ۽ ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي

    هونئن تـ سنڌ اهڙي ڌرتي رهندي آئي آهي، جنهن ۾ هزارن سالن کان وٺي فاتح ۽ لٽيرا ايندا رهيا آهن تـ ڪڏهن وري ديسي دلالن بـ ڌرتي ماءُ جو دامن داغدار پئي ڪيو آهي. تاريخ اهڙن ڪردارن سان ڀري پئي آهي . عربن کان وٺي، مغلن تائين، لياقت علي خان کان وٺي موجوده سياسي وڏيرن تائين سنڌ سان ڪنهن بـ گهٽ نـ ڪئي آهي. انهي زبردستي ۽ دٻڙ دونئس جي دور ۾ ڪي مانجهي مڙس هر علائقي ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا. جيستائين سائين جي ايم سيد جو پيغام سنڌ جي مائرن جي ڪنن ۾ ٻُرندو رهندو هي باغي مائرون سرموڙ ۽ سرويچ ڏنگا ٻار ڄڻينديون رهنديون. اها ڀُل آهي تـ سنڌ جو وڏيرو سنڌ وڪڻي ڇڏيندو يا ڌاريو سنڌ کائي ويندو. سنڌ جي هڪ هڪ انچ جو دفاع هي اسان جا ڏنگا ٻار ڪري ڄاڻن ٿا.
    هي انهن ڏينهن جي ڳالهـ آهي، جڏهن اسان جي پاسي جنهن شيءَ جو نالو سهوليت آهي، اهڙي نالي ڪا شئي اسان وارن ماڻهن ٻڌي بـ ڪو نـ هوندي. ٽنڊي الهيار کان ويندي ٽنڊي غلام علي تائين. خلق خدا جي کي ڪنهن بـ قسم جي سهوليت ميسر نـ هوندي هئي. ايوب خان جو ڏهـ سال ترقياتي منصوبو (Development of Decade) اڃان پلاننگ ڪميشن جي تنجڻن ۾ هو. هر پاسي ڪاري وارا ڪک لڳا پيا هئا. انهي سمجهـ ۽ سوچ جي ڏڪار جي دور ۾ اسان جي لاڙ پٽ ۾ هڪ اميد جي چڻنگ دُکي هئي. جنهن هن پوئتي پيل علائقي ۾ هر پتنگي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو. انهي زماني جا ڪهڙا ڪامريڊ هئا، جن سائين محمد عثمان لغاري جي ڳوٺ سڪندر لغاري جي ياترا نـ ڪئي هجي. جنهن ۾ شهيد نظير عباسي ۽ ڄام ساقي ڪنڊائتيون ياترائون پڻ ڳوٺ سڪندر لغاري ۾ ئي ڪندا رهيا. مطلب تـ سائين محمد عثمان لغاري جن اهڙن ڪامريڊن جي لاءِ ڇپر ۽ ڇانو هوندا هئا. جن تي وقت جي حاڪمن جو ڏمر هوندو هو. سائين عملي دنيا جو سچو ۽ کرو ماڻهو هو، جنهن چمبڙ جي علائقي ۾ هارين ۾ وڏو ڪم ڪيو. منهنجي ساڻس هڪ اڌ ملاقات هئي سا بـ رڳو راهـ ويندي. ڪٿي ويهي گهڻي ڪچهري ڪا نـ ٿي سگهي. انهيءَ جو شايد سبب اهو ٿي سگهي ٿو تـ اسان جيئن ئي “جيئي سنڌ محاذ” ۾ شامل ٿياسين تـ اسان بـ ڳوٺن ۾ ئي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. انهي ڪري ايتري واندڪائي بـ ڪو نـ ملي جو ڪٿي ويهي سياسي ڪچهري ڪجي. تان جو روزگار سانگي وطن جا وڻ ڇڏي ڪنهن ڌارين ديس کي پنهنجو ڪرڻو پئجي ويو. انهي کان اڳ سائين جن جي هڪ ٻئي ساٿي ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي سان ٻـ چار سياسي بحث مباحثا ضرور ٿيا هئا. اسان جي سُئي آخر ۾ اتي اچي اٽڪي پوندي هئي، جتي ڪامريڊ خاصخيلي سائين جي ايم سيد کي وڏيرو ڪوٺيندو هو ۽ ان کي ڪڏهن بـ قوم پرست اڳواڻ تسليم نـ ڪيائين. منهنجي خيال ۾ اها هاري ڪميٽي جي لائين هئي تـ هر انهيءَ ماڻهو جي مخالفت ڪرڻي هئي جيڪو ننڍو وڏو زميندار هو. هر ڌاريي کي پنهنجو ڪرڻو آهي، جيڪو هارين جو حمايتي هجي. ڪامريد علي محمد خاصخيلي سائين جي ايم سيد کي ايتري اهميت ڪو نـ ڏيندو هو، جيتري هڪڙي مهاجر ڪاموري مسعود کدرپوش جي ڳالهـ ڪندو هو، ڇو جو هن نواب شاهـ ۾ هارين جا هڪ ٻـ جلسا ڪرايا هئا. مسعود کدر پوش جو آئون اڳئي ذڪر ڪري آيو آهيان. هي اهو ماڻهو هو، جنهن لاهور مان ٻـ مهاجرن جون ريل گاڏيون ڀرائي نواب شاهـ ۾ اچي آباد ڪرايون هيون. حشو ڪيولراماڻي جي مشهور ڪيس ۾ مسعود کدڙ پوش هڪ جج جي حيثيت ۾ حشو کي مخاطب تي چيو هو “ اسان اوهان سنڌين کي ريڊ انڊين ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين” ۽ اهو ساڳيو مهاجر ڪامورو اسان جي هاري ڪميٽي وارن جو اک جو تارو هو. جنهن جي ڪامريڊ خاصخيلي تعريفون ڪندي ٿڪبو ئي نـ هو. باقي ڪامريڊ قرب ڏيڻ ۽ قرب وٺڻ وارو ماڻهو آهي. غريبي حال سارو اڄ بـ ڪامريڊ خاصخيلي پنهنجي مقصد سان سچو ۽ نڀائيندو اچي ٿو.
    سائين ڪامريڊ محمد عثمان لغاري پاڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد جن جو ساٿاري ٿي ڪم ڪيو. پاڻ سدائين هارين، مزدورن ۽ مظلومن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا. ڪو وقت اهو بـ آيو جو سائين جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ ملڪ جي سرمائيدارن ۾ هڪ قسم جي مايوسي پکڙجي وئي. چمبڙ ۾ هاري ڪورٽون قائم ٿيون. وقت جي وڏيرن کي انهن عدالتن جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو ويو، هارين کي پنهنجا حق ڏياريا ويا. اهو هاري تحريڪ جي اوج جو زمانو هو. انهي جي پاداش ۾ کيس گهڻن ساٿين سان گڏ جيل ياترا بـ ڪرڻي پئي. پر ڪامريڊ محمد عثمان لغاري نـ جُهريو نـ جهڪيو، هميشه اميدن جي بلندين جا سير ڪندو رهيو. مطلب تـ ڪا بـ طاقت ڪامريڊ لغاري کي جهڪائي ڪا نـ سگهي. منهنجي خيال ۾ انهي سڄي تحريڪ کي ڀٽي جي جادوئي شخصيت ڏاڍو ڌڪ رسايو. جنهن هارين ۽ مزدورن جي ڳالهـ ڪري انهن کان ووٽ وٺي. انهن جي ئي ٻارن جي اسڪولن ۾ ڪاپي ڪلچر متعارف ڪرايو . انهن کي هميشـ لاءِ انهن وڏيرن جو محتاج ڪري ڇڏيو. جن جي خلاف سڄي ڄمار ڪامريڊ محمد عثمان لغاري هاري تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدو جهد ڪندو رهيو.


    تعليم

    تعليم
    غالبن آئون 1960ع ڌاري پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيس. منهنجي خيال ۾ ان زماني ۾ سائين غلام حُسين کوکر اڪيلو استاد هوندو هو ۽ بعد ۾ سائين ڪريم بخش لغاري جي مقرري ٿي. ان زماني ۾ اسان پاڻ ۾ جيڪي اسڪول ميٽ هوندا هئاسين، انهن ۾ ڊاڪٽر احمد خان جو پٽ پيار علي، خالد پرويز، نعمت الله سريوال جيڪو اڳتي هلي پهرين جوڙ جو ملهـ ٿيو ان ۾ شامل هئا . ان کان سواءِ ڪجهـ هندن جا ٻار پڻ اسان سان گڏ پڙهندا هئا. ائين پنج سال کل خوشي ۾ گذري ويا، خبر ئي نـ پئي. منهنجي خيال ۾ آئون ڪنهن بـ درجي ۾ پاڻ مرادو پاس ڪونـ ٿيو هوس، پر پاس ڪرايو ويندو هوس. ٻهراڙي جي ڪلچر جي ڪري پڙهائي ڏانهن ڪو خاص ڌيان ڪونـ هوندو هو. بابا بـ روزي جي تنگي جي ڪري ڳڻتين ڳاراڻن ۾ رهندو هو. ڪنهن زماني ۾ اسان جو ريزڪي دڪان بـ هوندو هو. انهي ۾ هميشـ نقصان پوندو رهيو. ڳوٺ جو ماحول هو اڌ کان وڌيڪ اوڌر جو ڌنڌو ٿيندو هو ۽ اوڌر ڪڏهن بـ واپس ڪانـ ملي. ها البت اهو اڳي چئي چڪو آهيان تـ اسان جي دڪان تي، شاعرن ۽ سگهڙن جون ڪچهريون لڳيون پيون هونديو هيون. مون جيئن ئي پنجون درجو پاس ڪيو تـ مون کي چمبڙ مڊل اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ داخل ڪرايو ويو. اسان جو ڇهين ڪلاس ۾ سائين، سائين بخش ڪُرڪلي (لغاري ذات جو پاڙو)، ڪلاس ٽيچر هوندو هو. جيئن تـ ون يونٽ قائم ٿي چڪو هو، تنهنڪري اسان کي ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور جا ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. جيئن پهرين درجي انگريزي کان علي ۽ نسيما وارو سبق شروع ٿيندو هو تـ اٺين ڪلاس تائين اهو پيو هلندو هو.
    اهي مارچ ۽ اپريل جا مهينا هئا. جڏهن تـ اسڪولن جا امتحان پڻ انهن ئي مهينن ۾ ٿيندا هئا. ان وقت ايوب خان جي 10 سالـ ترقياتي پروگرام (Development of Decades ) تحت ٽنڊي الهيار کان ٽنڊو غلاي علي روڊ،وايـا چمبڙ ۽ گلاب لغاري، جو ڪم شروع ٿي چڪو هو. هڪ اڌ بس ڪا انعام ميمڻ (شرجيل ميمڻ جو پيءَ) جي هلندي هئي. انعام ميمڻ سڄو ڏينهن ويسپا اسڪوٽر تي انهن جي پٺيان پيو ڦرندو هو. امتحانن جي ٽائيم ۾ اهي بسون اڪثر ڪري خراب هونديو هيون ۽ اسان اٺ ڪلو ميٽر پيرين پنڌ ڪري چمبڙ مڊل اسڪول ويندا هئاسون تـ جيئن امتحان جو ڪو پيپر رهجي نـ وڃي. مون ڇهون ڪلاس چمبڙ مڊل اسڪول ۾ پڙهيو، ان وقت اسان ڇهين ڪلاس ۾ 20 کن شاگرد هوندا هئاسين، جن ۾ ڪن جا نالا ياد آهن ۽ ڪن جا وسري ويا آهن. جن ۾ احمد ۽ جبار سولنگي، حاجي محمد اسماعيل ميواڻي، محمد اشرف شيراڻي، علي محمد ڪالرو ۽ ٻـ ڀائر مظفر ۽ عمر لغاري، جيڪي پير سائين جا مريد هوندا هئا. سڄي ڪلاس ۾ آئون ڏڏ شاگرد هوندو هوس. جڏهن تـ هوشيار ۾ هوشيار شاگرد حاجي اسماعيل ميواڻي هوندو هو. خبر نـ آهي تـ، سندس تعليم ڪٿي پهتي، مون سندس نوڪري وغيره بـ نـ ٻڌي آهي. ان کان سواءِ هڪ ٻيو شاگرد اسان سان گڏ پڙهندو هو، جنهن جو نالو هو نور علي لغاري، وڏيرو ۽ سنجيده قسم جو ماڻهو هوندو هو. 50 سال ٿيا آهن، انهن دوستن مان ڪنهن سان بـ ملاقات نـ ٿي آهي. سواءِ هڪ ٻن جي، جن ۾ علي محمد ڪالرو، جيڪو منسٽري آف ايگريڪلچر ۾ هوندو هو ۽ ان مان ئي 20 اسڪيل مان رٽائر ڪيائين. جيئن تـ هن جي پوسٽنگ تـ سنڌ ۾ رهي پر فيڊرل گورنمينٽ جي نوڪريءَ جي ڪري اسلام آباد پيو ايندو ويندو هو تـ ڪڏهن ڪڏهن ملاقات جو شرف بخشيندو هو. هونئن بـ ڪلاس ۾ پنهنجو نمبر سڀني ۾ آخر ۾ هوندو هو. قد بت ۾ بـ ننڍو هوندو هوس، صفائي سُٿرائي جو بـ ڪو خاص خيال نـ رکندو هوس. مون کان هر ڪو پيو پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اها تـ خدا کي خبر آهي تـ آئون 20 گريڊ ۾ ڪيئن پهتس. بس ائين کڻي چئجي جو ڪجهـ امڙ جون دعائون، ڪجهـ پنهنجي محنت ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي نوڪرين ۾ ڪوٽا پاليسي اسان سنڌين کي سنڌ مان اسلام آباد کڻي آئي، نـ تـ هنن سان اسان ڪنهن بـ ميدان ۾ مقابلو ڪري نـ ٿي سگهياسين. مون نوڪرين جي باري ۾ ٿوري گهڻي تحقيق ڪئي آهي تـ هي نوڪريون ڪيئن ٿا ڦٻائي وڃن. آئون انهي نتيجي تي پهتو آهيان تـ جيڪڏهن ڪوٽا سسٽم نـ هجي تـ هي اسان جا مسلمان ڀائر وڏو حصو نوڪرين جو پاڻ کڻي وڃن ها. ٻين صوبن جي اميدوارن جي تسلي ۽ ميرٽ جو مان مٿانهون رکڻ لاءِ لکت ۾ ٽيسٽ ڪندا، انٽرويو وري بـ انهن جي هٿ ۾، جنهن کي مرضي پاس ڪن يا فيل ڪن. نوڪرين ۾ ڪوٽا جو هڪ فارمولو آهي، جنهن تي هي عمل ڪرڻ کان لنوائيندا رهيا آهن.
    چمبڙ مڊل اسڪول جي ڳالهـ آهي اسان ڇهين ڪلاس جو امتحان ڏنو هو. حسابن جي پيپر ۾ منهنجون 34 مارڪون اچي ويون، جيڪو تمام هوشيار شاگرد هوندو هو حاجي محمد اسماعيل ميواڻي اُن جون 33 مارڪون آيون. همراهـ کڻي سڄو اسڪول مٿي تي کنيو. چئي تـ “هن کي ڪجهـ اچي ڪونـ ٿو، هن جون بـ مون کان وڌيڪ مارڪون” چوڻ جو مطلب تـ اسڪول ۾ مثال بڻجندا رهياسين. مون کي اچي پنهنجي لڳي تـ ڪٿي مون کي فيل نـ ڪري ڇڏين. پيپر وري چيڪ ڪري ان کي 80 مارڪون ڏنائون ۽ منهنجون اهي ئي مارڪون برقرار رهيون، تڏهن وڃي پيٽ ۾ ساهـ پيو. ائين ڇهين ڪلاس جو امتحان ڏئي ستين درجي ۾ آياسين تـ هلر ڳاهيندي ٽنگ ڀڄي پئي ۽ ان کان ڏهن يا ٻارهن ڏينهن کان پوءِ بابا بـ هي جهان ڇڏي ويو. جنهن جو ذڪر ڪجهـ اڳي ڪري آيو آهيان. ادا وڏو روشن الدين لغاري اٺين ڪلاس ۾ ۽ آئون ستين ڪلاس ۾، بس ڪمائڻ وارو ڪير بـ نـ رهيو. ها البت نانا حاجي شاهـ محمد، جيڪا هر سال هڪ چوڪڙي ڪڻڪ جي پوکائيءَ لاءِ بابا کي ڏيندو هو اها پاڻ اسان جي نالي پوکائي 20 مڻ ان ڏيندو رهيو. اهو فيصلو بابا جي ٽيجهي تي پروفيسر محبوب علي چنا صاحب جن ڪيو هو تـ هنن ڇوڪرن کي سندن نانو هر سال 20 مڻ ڪڻڪ ڏيندو ۽ سندن ڏاڏو حاجي محمد بخش هر مهيني 30 روپيـا گهر جي خرچ لاءِ ڏيندو ۽ چاچا شمس الدين 20 روپيـا مهينو ڏيندو. جيستائين هي يتيم ٻار پنهنجن پيرن تي بيهن. جيڪو ڏاڏا سائين جو گهرو دوست هو. انهي خاندان سان گَهَري لڳ لڳاپي کي هاڻي 90 سال کن ٿيڻ وارا آهن. جنهن جو ذڪر هر هنڌ موقعي جي مناسبت سان ايندو رهندو.


    مشڪور ڦلڪارو

    مشڪور ڦلڪارو

    اهي 20 هين صدي جي ڇهين ڏهاڪي جا پڇاڙڪا سال هئا. آئون صوفي آباد برانچ مڊل اسڪول ۾ ستين درجي ۾ داخل ٿيو هوس. جيتريقدر ياد پويم ٿو تـ تقريبن 20، 25 شاگرد هئاسين، جيڪي اسين صوفي آباد اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين. اهو تــ آئون اڳي لکي آيو آهيان تـ چمبڙ مڊل اسڪول وارن منهنجو نالو ڪڍي ڇڏيو هو. ڇو جو منهنجي ٽنگ ڀڄي پوڻ جي ڪري اسڪول کان ڪافي عرصو غير حاضر رهيس. صوفي آباد ۾ جيڪي اسان دوست گڏ پڙهندا هئاسين، انهن جو مختصر ذڪر ٿيڻ گهرجي. محمد عارف آرائين، جيڪو صوفي آباد ڳوٺ جي پاسي ۾ پنجابين جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو. انتهائي هوشيار، ذهين ۽ اعليٰ اخلاق وارن شاگردن مان هو. اڳتي هلي ڊاڪٽر ٿيو. هاڻي حيدرآباد ۾ آباد آهي. ان کان سواءِ شفيع محمد عرف غازي خان لغاري، مشڪور ڦلڪارو، خان محمد لغاري ۽ ٻـ لُنڊ ڇوڪرا نواب شاهـ جي پاسي جا هوندا هئا، الهـ رکيو ۽ محمد رمضان. انهن ٻنهي دوستن سان 50 سالن کان وٺي ملاقات نـ ٿي آهي. باقي غازي خان يارن جو يار، جڏهن بـ ڳوٺ وڃبو آهي تـ ملاقات ٿيو وڃي. پنهنجي زمينداري اٿيس انهي ڪري وقت سٺو پيو گذريس. خان محمد لغاري ڊاڪٽر ٿيڻ کان اڳي ئي، تبليغي جماعت جي ور چڙهي ويو. سو ڊاڪٽري بـ ڪندو رهيو ۽ مُلن سان گڏ سڄي ملڪ جا سير سپاٽا پڻ ڪندو رهيو. هاڻي رٽائر ٿي الله الله ڪرڻ ۾ مشغول آهي. باقي رهيو مشڪور ڦلڪارو، سو انهي زماني ۾ ستين ڪلاس کان وٺي شاعري ڏانهن لاڙو هوندو هوس. ان زماني ۾ مذهبي شاعري ڪندو هو. حمد ۽ نعتون چوندو هو. اڳتي هلي باريش بـ ٿي ويو. ڪڏهن ڪڏهن گلاب لغاري جي مسجد ۾ جمعي جو خطبو بـ ڏيڻ فرمائيندو هو. نظم سان گڏ نثر بـ سٺو هوندو هوس. ان زماني ۾ اڄ جي فيس بڪ وانگر مختلف اردو توڙي سنڌي رسالن ۾ قلمي دوستي جو صفحو هوندو هو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان قلمي دوستي لاءِ ايڊريسون ڏنل هونديون هيون. انهي ذريعي ڪنهن ڇوڪريءَ سان خطن ذريعي جُڙجي ويو. بس پوءِ ڊگهن ڊگهن خطن جو هڪ نـ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو، انهن خطن ۾ شاعري، فلسفو، مذهب، سياست مطلب تـ دنيا جهان جون خبرون چارون هونديون هيون. سو اهي خط وري مون کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو،انهي جي نتيجي ۾ منهنجو هي دوست عشق جي گندي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو. بس عشق جي لپيٽ اهڙي لڳس جو روزا نمازون سڀ وسري ويس. انهي عشق جو مقابلو سونهاري شريف بـ نـ ڪري سگهي. جڏهن تـ سندس عشق جو راز دان صرف آئون هوندو هوس. اهو راز آئون اڄ 45 سالن کان پوءِ فاش ڪري رهيو آهيان. مون کي اڄ بـ پڪ نـ آهي تـ انهي خط لکندڙ جي جنس ڪهڙي هئي، جيئن فيس بڪ تي اڪثر ادا، اديون ٿي پونديون آهن، تيئن ان زماني ۾ بـ ائين ٿيندو هوندو. هاڻي مذهبي شاعريءَ مان ڦري عشقيـ شاعري شروع ٿي وئي. همراهـ کي عشق جي چپيٽ ذرا زياده لڳي وئي، سو يڪتاري ۽ چپڙي ۾ کڻي هٿ وڌائين. بس ڪن تي هٿ رکي الوميان کڻي شروع ڪيائين عشق جي ٻاڦ نڪرندي نڪرندي، هڪ ڏينهن مشڪور وارو کوکو خالي ٿي ويو. جڏهن عشق جو نشو لٿو تـ يڪتاري ۽ چپڙين کي ڇڏي قلم هٿ ۾ کنيائين، جنهن کي اڄ ڏينهن تائين مضبوطيءَ سان سنڀاليو اچي. اهو تـ خدا ڀلو ڪري سائين راشد مورائيءَ جو، اڄ آئون ۽ مشڪور ڪنهن مقام تي پهتا آهيون ٻي حالت ۾ اسان ماستر ئي رهون ها. اسان سڀ هم عمر هوندا هئاسين، تنهنڪري خير سان هينئر سڀ جا سڀ رٽائر ٿي چڪا آهيون. مشڪور هن وقت سنڌ جي تاريخ کي ڳولڻ ۾ پورو آهي. ڪڏهن ڪوهستان تـ ڪڏهن ٿر. انهي متعلق سندس ٻـ چار ڪتاب بـ ڇپجي چڪا آهن. انهي سان گڏ مشڪور ڦلڪارو شاعر بـ سٺو آهي. شاعري جي نون نون صنفن تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. مون سان قرب جو ڳانڍاپو جيئن جو تيئن ڳنڍيل آهي.


    رپ هاءِ اسڪول

    رپ هاءِ اسڪول

    جيئن تـ ان زماني ۾ اٺين ڪلاس جو امتحان ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن حيدرآباد وارا وٺندا هئا،تنهن ڪري اسان اٺين ڪلاس جو امتحان ماتلي سينٽر ۾ ڏيڻ ويا هئاسين. انهي کان اڳ مون ماتلي جو شهر ڪونـ ڏٺو هو . اسان جي رهڻ جو بندوبست هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ ڪيو ويو هو. ان زماني ۾ اڃان ڪاپي جو رواج ڪونـ پيو هو. پڙهيو سين امتحان ڏنوسين ۽ پاس ٿي وياسين. هاڻي اسان اٺ درجا پاس ڪيا تـ صوفي آباد واري تعليم کٽي وئي. امان جو ماسات هوندو هو، جنهن جو نالو هوندو هو محمد بخش، جنهن اچي امان کي اوڀاريون لهواريون ٻڌايون تـ هتي ڪو ويجهو اسڪول آهي ڪو نـ، هنن ڇوڪرن کي ڊي سي هاءِ اسڪول رپ ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيون ٿا. پڙهائي بـ سٺي، ماني بـ مفت جي آهي. انهي ۾ ڪو بـ شڪ نـ هو تـ اسان ۾ ڪنهن وڏي شهر ۾ پڙهڻ جي طاقت بـ ڪونـ هئي. ڇو جو بابا کي جهان ڇڏي اڃان ٿورو عرصو ئي گذريو هو. گهر جو گاڏو بـ پاڙي پتي مان لسي لپ تي پئي هليو. اسان جي غريبي حال مان هوشيار ماڻهن خوب فائدو ورتو. ڪنهن پلاٽ لکرايا تـ ڪنهن ڪجهـ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. عام چوڻي آهي تـ “بک بڇڙو ٽول”. جيڪو انهي مان گذريو هوندو، ان کي ئي قدر هوندو. “جتي باهـ ٻري اها جاءِ جلي”، ڍاءِ کي ڪهڙي خبر تـ غريب جي رات ڪيئن ٿي گذري. الله جنت نصيب ڪري اسان جي ماميءَ کي (حاجي الهجڙيو جي گهر واري) جيڪا هر روز لسي جي دکي ڀري اسان لاءِ خاص الڳ ڪري رکندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ ۾ مکڻ جو چاڻو پڻ وجهي ڇڏيندي هئي. ائين اسان ڏينهن رات اها لسي کائي گذارو ڪندا هئاسين.
    ان زماني ۾ اسان جي پاسي ڪي ڳاڻ ڳڻيا اسڪول هوندا هئا. بدين ضلعو اڃان نـ ٺهيو هو. اهو سڄو پٽ حيدرآباد ضلعي ۾ هوندو هو. ان زماني ۾ حيدرآباد ضلعي جا ست تعلقـا هوندا هئا، جن ۾ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، هالا، ماتلي، بدين ۽ ٽنڊوباگو تعلقا شامل هئا. گلاب لغاري تعلقـ ماتلي جي اتر اوڀر ڪنڊ ۾ اڃان تائين آهي. سو ڳالهـ پئي هلي منهنجيءَ پڙهائي جي تـ مون کي ڪٿي پڙهايو وڃي. ويجهي ۾ ويجهو هاءِ اسڪول هو ٽنڊوغلام علي، جنهن ۾ بـ ٽرانسپورٽ جو ڪو سٺو سسٽم ڪونـ هوندو هو. شرجيل ميمڻ جي پيءُ انعام ميمڻ جون ٻـ جڏيون بسون هلنديون هيون، ڪڏهن ڪٿي تـ ڪڏهن ڪٿي بيٺيون هونديون هيون. تنهنڪري امان کي سائين محمد بخش جي صلاح وڻي ۽ اسان ٽن ڇوڪرن کي وٺي رپ ڇڏي آيو،جن ۾ خان محمد لغاري، مشڪور ڦلڪارو ۽ راقم شامل هئاسين. آئون سڀني ۾ ننڍي ۾ ننڍو هوندو هوس، اُتي رپ ۾ ڪو بـ اعتبار نـ ڪري تـ آئون ڪو، نائين ڪلاس ۾ آهيان. مون کي چون تون ڇهين ڪلاس ۾ آهين. آخر جڏهن رزلٽ آئي پوءِ وڃي ماڻهن کي اعتبار ٿيو تـ واقعي آئون نائين ڪلاس ۾ آهيان. آئون اڳ ڪڏهن ڳوٺان نڪتل ڪونـ هوس. سو مون کي اچي ڳوٺ جي سڪ لڳي اچو رُئان ۽ رڙيون ڪيان. آئون شايد ايترو بابا جي وفات تي بـ ڪونـ رنو هوس، جيترو آئون رپ ۾ رنو هوس. ڳوٺ جي سڪ اچي ستايو ٽن يا چئن ڏينهن کان پوءِ بغير ڪنهن کان موڪلائڻ جي پنهنجي لوهـ جي پيتي کڻي ڳوٺ روانو ٿيس. ڳوٺ ۾ مشهور ٿي ويو تـ آئون رپ اسڪول مان ڀڄي آيو آهيان. جتان منهن ڪڍان اتان هوڪرا ٿيو وڃن. اٽلندو مون امان کي چيو تـ آئون پڙهندس ئي ڪونـ، بابا تـ اڳي جهان ڇڏي چڪو هو، باقي امان ويچاري منٿون ڪري، پر آئون مڃان ئي ڪونـ . منهنجو اهو ضد تـ آئون هاڻي مرڳو پڙهندس ئي ڪونـ. خير اها خبر جڏهن منهنجي نانا حاجي شاهـ محمد کي پئي، جيڪو همت ۽ حشمت وارو ماڻهو هوندو هو، جيئن گهر آيو تـ ڪاوڙيو آيو، اچي وڏو گوڙ ڪيائين تـ“ ڪٿي آهي تـ ڪڍانس مار”. مون کي ڪا ٻي لِڪڻ جي جڳهـ ڪا نـ ملي، سو کٽ هيٺان ڍري ويس. امان چيو نڪر ٻاهر، مون اچي امان کي منٿون ڪيون تـ رڳو اڄ جان ڇڏائي، آئون پڙهڻ وڃان ٿو. ٻئي ڏينهن وري مون گُهپي ڪئي تـ مون کي ڪو اسڪول ڇڏي اچي، ڇو جو ماستر مون کي ماريندا. وري امان ويچاري پٽ سٽ يا اوڌر وٺي مون کي ڪنهن ماڻهو سان رپ موڪليو. پوءِ ائين مهيني کان پوءِ سڀني سان گڏ ڳوٺ آيس. جيئن ننڍي لاڪون ڳوٺان تڙجي نڪتو آهيان وري گهٽ ئي ڳوٺ نصيب ٿيو آهي. تعجب جي ڳالهـ اها ٿي جو اُتي رپ هاءِ اسڪول ۾ مون کي ڪنهن بـ ڪونـ چيو تـ ڪو تون ڀڄي ويو هُئين. شايد اهڙا واقعا اتي عام ٿيندا هوندا، تنهنڪري انهي ڳالهـ جو ڪنهن نوٽيس ئي نـ ورتو.
    اهو تـ آئون اڳي لکي آيو آهيان تـ اسان ڊي سي هاءِ اسڪول رپ شريف ۾ نائين ڪلاس ۾ داخل ٿياسين. سنڌ ۾ سخي انسان جُڳن کان پيدا ٿيندا آيا آهن. تڏهن تـ سنڌ جيئي پئي. انهن مان ڪن اوطاقون اجاريون تـ ڪن وري تعليم جي ميدان ۾ اڳتي قدم رکي مفت لاجنگ ۽ بورڊنگ قائم ڪري اسڪول هلائڻ شروع ڪيا. ويجهي ماضيءَ ۾ اسان جي لاڙ پٽ ۾ ٽي اهڙيون شخصيتون ٿي گذريون آهن جن تي وڏو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پهريون مير غلام محمد ٽالپر، ٽنڊوباگو، ٻيو محمد يعقوب ٿيٻو سعيد پور وارو، ۽ ٽيون محترم سائين مرحوم محمد اشرف ٿيٻو ۽ سندس فرزند محمد رحيم ٿيٻو عرف رئيس ٻڍو خان ٿيٻو رپ شريف وارو. اهي ٽئي جڳهيون هاڻوڪي بدين ضلع ۾ واقع آهن. آئون هتي صرف رئيس ٻڍي خان ٿيٻي جو ذڪر ڪندس سندس والد صاحب محمد اشرف ٿيٻو گهڻو وقت اڳي هي جهان ڇڏي چڪو هو. ان جي زماني ۾ چون ٿا تـ اسڪول جو اوج هوندو هو. جيئن تـ هو صاحب 1955ع جي آخري مهينن ۾ وفات ڪري ويو. انهي مان ثابت ٿئي ٿو تـ رپ شريف جو اسڪول انگريزن جي دور کان هلندڙ هو. ان جي رحلت کان پوءِ سندس لائق ۽ فائق فرزند رئيس ٻڍي خان ٿيٻي اسڪول کي هلائڻ شروع ڪيو. اسان انهي اسڪول ۾ 1970 ع ۾ داخل ٿياسين. هاسٽل ڪچين اوڏڪين ديوارن جي ٺهيل هئي، جنهن جا ڏهـ ڪمرا هڪ ئي لائين ۾ هوندا هئا ۽ هڪڙو ڪمرو وري پٺيان هوندو هو. هر ڪمري ۾ تقريبن ڇهـ کان ست شاگرد رهندا هئاسين. اسين ڇهين نمبر ڪمري ۾ ڇهـ کن شاگرد رهندا هئاسين،جنهن ۾ ٻـ ڀٽي ڀائر ٽنڊي محمد خان جا، مظفر ۽ زاهد،نور محمد چانگ، مشڪور ڦلڪارو، خان محمد لغاري ۽ راقم. اسان مان نور محمد چانگ نماز مانيٽر هوندو هو، جيڪو اسان کي نماز نـ پڙهڻ يا دير ٿيڻ تي هاسٽل انچارج سائين محمد اسماعيل چانڊيو کان مار کارائيندو هو. ان کان سواءِ اسان سان جيڪي ٻيا شاگرد پڙهندا هئا ۽ انهن مان ڪجهـ اڳتي هلي وڏن عهدن تي پهتا. انهن ۾ نور محمد لغاري جيڪو واڻڪي وسي پاسي جو هوندو هو، اهو اڄ ڪلهـ سنڌ سرڪار ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. عبدلعزيز ٿيٻو جيڪو اتي جو لوڪل هو. اهو هينئر ڊاڪٽر آهي. عبدالقيوم چانگ، جيڪو سائين عبدلخالق چانگ جو پٽ آهي. اهو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر طور بدين ۾ نوڪري ڪندو رهيو. ڪجهـ ٿر جي پاسي جا ميگهواڙ شاگرد هوندا هئا، انهن سان وري رابطو نـ ٿيو آهي. سڄي اسڪول جي هاسٽل ۾ اسان 120 کن شاگرد رهندا هئاسين. ان کان سواءِ 15 کان 20 تائين استاد بـ رهندا هئا. انهن سڀني کي مفت ۾ ٽي وقت ماني ملندي هئي. جيڪا رئيس ٻڍي خان ٿيٻي جي طرفان ڪچي سيڌي جي صورت ۾ ملندي هئي، باقي بورچي جو ڪم اسان جي اسڪول جا پٽيوالا ۽ ٻيا ملازم ڪندا هئا. صبح جو ناشتي تي چانهـ جو ڪوپ ۽ چانورن جي ماني، منجهند جو ٻوڙ ۽ چانورن جي ماني ۽ رات جو ڀت ۽ دال. اهو هر روز جو روٽين هوندو هو . اڪثر ڪري رات جو ٻــ وڏيون کير جو چروڙيون بـ ڀرجي اينديون هيون، جنهن مان هڪ هڪ گلاس کير جو پڻ اسان شاگردن کي ملندو هو. مهيني ماس ٻاڪرو گوشت پڻ ملندو هو. ان لاءِ ڇيلو وغيره رئيس ٻڍي خان ٿيٻي جي ٻڪرين جي ڌڻن مان ايندو هو. رئيس صاحب جا ڪيترائي ٻڪرين جا ڌڻ هوندا هئا، جيڪي مختلف جاگيرن تي سندس هاري ناري سنڀاليندا هئا. انبن جي موسم ۾ انبن جون ڇليون اسان شاگردن لاءِ ڀرجي اينديون هيون.
    رپ شريف ۾ پڙهڻ دوران جن شاگردن سان دوستيءَ جو رشتو جڙيو، اهو هو عبدالعزيز ٿيٻو، جيڪو رپ شريف جو رهاڪو يعني اُتي جو لوڪل هو. ان وقت آئون مئٽرڪ ۾ هوندو هوس تـ هي اٺين ڪلاس ۾ هوندو هو. رمضان جي مهيني ۾ هاسٽل ۾ رڳو ڀت ٿيندو هو. تنهنڪري روزي رکڻ جي لاءِ اسان کي لسي جي ضرورت پوندي هئي. هر ڪمري مان هڪ ڇوڪرو ٺِڪر جي دکي کڻي قطار ٺاهي پاڙي مان لسي وٺڻ ويندا هئاسين. منهنجو قد بت ننڍو هئڻ ڪري مشڪور ڦلڪاري وارا مون کي چوندا هئا تـ لسي وٺڻ تون ويندين . جڏهن تـ ڀت هو وٺي رکندا هئا. عبدالعزيز ٿيٻي (ان زماني ۾ اڃان هي ڊاڪٽر نـ ٿيو هو ۽ اٺين ڪلاس ۾ هوندو هو. ) جو گهر ٻئين يا ٽئين نمبر تي ايندو هو. هر گهر مان لپ لپ لسي جو ملندي هئي 15 گهرن کان پوءِ وڃي دکي ڀربي هئي. آئون جڏهن عزيز جي گهر پهچندو هوس تـ هي مون واري ٽڀي گهر کڻي ويندو هو ۽ فل ڀريو کڻيو ايندو هو. مون کي چوندو هو تـ تون هاڻي سڌو هاسٽل تي هل. جڏهن تـ آئون سڀني کان اڳ هاسٽل تي لسي جي ٽڀي ڀرائي پهچي ويندو هوس تـ هي مون وارا يار روم ميٽ مون تي ڪاوڙيا ويٺا هوندا هئا. چون تـ ٻيا ڇوڪرا اڃان آيا ئي ڪو نـ آهن، تو اڳي اچي ويو آهين، پڪ لسي ۾ پاڻي وجهي ڀري آيو آهين. آئون سڄو سارو قران مٿي تي کڻي ويندو هوس تـ مون کي عزيز لسي جي دکي ڀري ٿو ڏي. تنهنڪري آئون سڀني کان اڳ اچي ٿو وڃان. پر هنن کي منهنجي قسم تي ڪو بـ اعتبار ڪو نـ هوندو هو. ٻين روم وارن کان لسي جو ذرو کڻي اچي ٽيسٽ ڪندا هئا پوءِ وڃي منهنجي ڳالهـ کي مڃيندا هئا. منهنجي خيال ۾ هي لاڙ پٽ ۾ محمد اشرف ٿيٻو، ان جي سپوٽ پٽ،جيڪا تعليم جي ميدان ۾ Contribution ڪئي آهي. انهي هزارين مون جهڙن غريبن کي غربت جي کوري کان ٻاهر ڪڍيو آهي. اها تعليم ڪنهن خاص مقصد کي سامهون رکي نـ ڏني ويندي هئي. نـ ئي ڪنهن مخصوص گروپ لاءِ هوندي هئي. امير ۽ غريب کي ساڳي ماني ملندي هئي. هي جيڪو اڄ رڻ ٻريو پيو آهي. ماني کارائي ۽ خودڪش حملي آور ٺاهڻ. اها منافقت ڪانـ هوندي هئي. انهي خيرات ۾ رڳو شاگرد شامل ڪونـ هوندا هئا. پر اڌ رپ جو ڳوٺ پيو رئيس جي بنگلي تان پلبو هو. کاڌي کائڻ ۽ کڻڻ جي ڪنهن کي ڪا جهل پل ڪانـ هوندي هئي. اهڙا سخي مرد سنڌ ۾ هاڻي توهان کي ڪونـ ملندا. هاڻي سخاوت ۽ چئريٽي جي معنيٰ ئي تبديل ٿي وئي آهي. هاڻي چئريٽي جي سهوليت توهان کي پئسن سان وٺڻي پوي ٿي، سخاوت جي عيوض زندگي جو نذرانو ڏيڻو پوي ٿو. اسان جي سنڌ جي سخين جي سخاوت جو رنگ ۽ ڍنگ ئي نرالو هوندو هو. ائين نـ آهي تـ رئيس ٻڍو خان رڳو غريبن کي ماني کارائيدو هو، هو تـ هر ڪنهن لاءِ مسيحا هوندو هو. زڪوات ڏيندو هوتـ هر شئي جي الڳ الڳ، جانورن جي الڳ، جنهن ۾ ٻڪرين، مينهن، ڍڳين ۽ رڍن جي الڳ الڳ هوندي هئي. هر سال ڊي سي هاءِ اسڪول رپ شريف جي هيڊ ماستر کي حڪم ٿيندو هو تـ غريب شاگردن کي زڪوات ڏيڻ لاءِ سفارش (Recommendation) موڪلي وڃي. اها خبر نـ آهي تـ اڳيان ڪيترن نالن جي ڊمانڊ ايندي هئي. هڪڙي سال منهنجو نالو پڻ زڪوات جي وٺڻ وارن ۾ هليو ويو. بهرحال رئيس ٻڍو خان جيڪا زڪوات ڏيندو هو اها صرف هيڊ ماستر جي سفارش تي ڪا نـ هوندي هئي. پر هو صاحب خود انهي جي چڱي طرح ڇنڊڇاڻ پڻ ڪندو هو. هر شاگرد کي الڳ الڳ گهرائي چڱي طرح پڇا ڳاڇا ڪري پوءِ ڏيندو هو. مون کي زڪوات ۾ جانورن مان مينهن ملي. مون کي پنهنجن هٿن سان پنهنجي ڪنهن ڌنار ڏي چٺي لکي ڏني هئائين، جنهن ۾ لکيل هو؛
    “ڌنار هبو، شاگرد نظام الدين لغاري کي “واڌائي” مينهن ڏجي ٿي. ”
    اهي لفظ پاڻ ننڍڙي چٺي تي مون کي پنهنجن هٿن سان لکي ڏني هئائين. ڪافي وقت اها چٺي مون سنڀالي رکي هئي. پر روائتي سنڌي سستي لاغرضائي اڳتي هلي اها مون کان گم ٿي وئي. اڄ آئون انهي پنهنجي غلطي تي نادم آهيان، ڇو جو اها چٺي رئيس ٻڍي خان جي پنهنجن هٿ اکرن سان لکيل هئي، هن ڪتاب ۾ شامل هئڻ گهربي هئي. ان زماني ۾ اسڪول ۾ ٽن قسمن جي في وصول ڪئي ويندي هئي. هڪ فُل معاف، ٻئي اڌ معاف ۽ ٽي هوندي هئي، فل في، يعني پوري في ڀرڻي پوندي هئي. پهرين سال منهنجي اڌ في معاف ٿي يعني 2 روپيـ مهينو ڏيڻي پوندي هئي. غربت جي ڪري گهران امان مون کي هر مهيني هڪ روپيو سڄي مهيني جي خرچ لاءِ ڏيندي هئي. تنهنڪري اسڪول في ڏيڻ منهنجي لاءِ وڏو مسئلو ٿي پيو. ايتري ۾ رئيس ٻڍي خان جي طرفان هيڊ ماستر کي آرڊر آيو، جيڪي شاگرد في نـ ٿا ڀري سگهن، انهن جا نالا موڪليو. ائين پهرين سال جي اسڪول في بـ رئيس طرفان ڏني وئي. جڏهن تـ ٻئي سال جي في اسڪول وارن ازخود معاف ڪري ڇڏي. هر مهيني پروجيڪٽر تي بئٽرين جي مدد سان سندس بنگلي تي خاص شاگردن کي انڊين فلم بـ ڏيکاري ويندي هئي. ائين اسان ٻـ سال رپ شريف ۾ گذاري 1972ع ۾ مئٽرڪ ڪري آياسين.


    پير حسام الدين راشدي واري وڏيري جي وصف

    پير حسام الدين راشدي واري وڏيري جي وصف

    سو سائين ڳالهـ پئي ڪئي سين سنڌ جي وڏيرن جي، اڄ کان 50 سال اڳ جن لاڙ جي ڪجهـ ماڻهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي. انهن جو نالو سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. هر معاشري ۾ اهڙا لازوال ڪردار اٽي ۾ لوڻ برابر هونداآهن. باقي ملڪ مڙوئي منصور لڳو پيو آهي. مجموعي طرح سنڌ جي محقق پير حسام الدين راشدي سنڌ جي وڏيري جي حالت بابت پنهنجي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ ڪجهـ هن طرح لکيو آهي. ” ٻهراڙي جي وڏيري جا شوق ۽ شغل ئي الڳ هئا. سنگتياڻيون رکڻ، ڪنهن سهڻي ڇوڪر کي ڪار جي اڳئين سيٽ تي ويهارڻ، ڪنهن هٿ نـ ڏنو تـ ان جي عزيزن کي پوليس کي چُرچ ڏئي ڦاسائڻ، ڪاٽڪُن کي پالي، انهن ذريعي جنهن تي ڪاوڙ ايندي، انهن جون چوريون ڪرائڻ، اڪثر چوريون ڀنگ تي واپس وٺي ڏيڻ، پوليس سان ياري ۾ فخر محسوس ڪندا، وڏن عملدارن کي دعوتون ڏئي گهرائي اوڙي پاڙي وارن تي رعب ڄمائڻ. پوليس جو سپاهي هوندو تـ ان جي اڳيان پٺيان پيا ٿيندا. ڳوٺ جي سيٺين کان قرض کڻي، پهرين پٽ جي طهر ۽ پوءِ شادي ڪندا. نتيجي ۾ زمين جي سڄي پيداوار سيٺ کڻي ويندو”
    گهڻي وقت جي ڳالهـ آهي، ائين کڻي چئجي تـ اها ورهاڱي جي زماني جي ڳالهـ آهي. اسان جي پاسي هڪڙو زميندار هوندو هو. چڱي خاصي زمين هوندي هئس. همراهـ کي اچي پاڻ پڏائڻ جو شوق جاڳيو تـ آئون اهڙو ٿيان جو ماڻهو مون کي ڏسي حيران ٿي وڃن ۽ واهـ واهـ ڪن . مطلب تـ ٻڪريون ڪُسن ۽ رنڊيون نچن. ان زماني ۾ روڊ رستا اڃان ڪونـ هئا. بجلي جو تـ تصور ئي ڪونـ هوندو هو. همراهـ گهر ٻاري ڏياري ڪرڻ ٿي چاهي. سو ڇا ڪيائين جو زمين کڻي وڪيائين. واه واه سائين، پئسـا کوڙ ٿي ويا. گهر جي مٿان خلاصو ڪمرو ٺهرايائين، ڪارن موٽرن جو اڃان رواج ڪونـ هوندو هو، سو بگي خريد ڪيائين. شباب ۽ ڪباب جون محفلون شروع ٿي ويون. رئيس جي سائين، ڀل ڀلان ٿي وئي. مون بـ سندس ٻانهن ۾ ٻـ ٻـ واچون ٻڌل ڏٺيون. ڏهن ئي آڱرين ۾ سون جون منڊيون. چڙهڻ جي لاءِ ٽانگو در تي بيٺل. سنڌي ۾ چوندا آهن تـ زمين جو پئسو ڪڏهن بـ ٽڪندو نـ آهي. جڏهن تـ اقتصاديات جو بـ اصول اهو آهي تـ پئسو گهڻو ٿيندو تـ خرچ بـ گهڻو ٿيندو. آمدني تـ وڃي رئيس جي زيرو تي بيٺي. عياشي تي خرچو بي تحاشـا ٿيڻ لڳو. اڄ نـ سڀاڻي پئسـي کي تـ ختم ٿيڻو هو. سو ائين ئي ٿيو. ڪيڏانهن ويا ٻـ ڦيٿا تـ ڪيڏانهن ويا شوق شغل. بس همراهـ ڏسندي ڏسندي پَٽ پئجي ويو. آخر ۾ اسان انهي ماڻهو کي ڪسم پرستي واري حالت ۾ ڏٺو. سو سائين سنڌ جي وڏيري جا حال اهڙا آهن. ان جي مقابلي ۾ رپ شريف جي وڏيري ٻڍي خان ٿيٻي جي ڪهڙي ڳالهـ ڪجي،جنهن هزارين مون جهڙن کي فرش تان کڻي عرش تي پهچائي ڇڏيو. ٽئين سنڌ جي وڏيرن جي وصف وري سائين جي ايم سيد ڏني آهي. “ تـ سنڌ جو وڏيرو ڀونئري مثل آهي”ڀونئرو بـ جيڪا اُڀي ڪاٺي ڏسندو آهي ان تي وڃي ويهندو آهي. ”


    مئٽرڪ پاس ڪري چڻان وڪڻڻ

    مئٽرڪ پاس ڪري چڻان وڪڻڻ

    مون جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي تـ ان وقت منهنجي ڄمار مشڪل سان 16 سال هئي. آئون ڪنهن بـ سرڪاري نوڪري لاءِ اهل نـ هوس. گهر ۾ غربت جي ڪري گهر جي گاڏي کي هلائڻ ۾ امان کي ڪافي مشڪلاتون درپيش اچي رهيون هيون. پاڙي جو هڪڙو مهاجر ڇوڪرو چڻا وڪڻندو هو. مون ان کي چيو تـ مون کي بـ چڻا وڪڻڻ سيکار. بس ائين مون چڻا وڪڻڻ شروع ڪيا. هو مهاجر ڇوڪرو هڪ ٿالهـ مان 4 روپيـ ٺاهيندو هو ۽ آئون مشڪل سان ٻـ روپيـا ٺاهي سگهندو هوس. آئون شڪل شبيهــ جو ٿورو ملوڪڙو(ڀورل) هوندو هوس، سو ڳوٺ جا عاشق جيوڙا مون کان اچي چڻا وٺندا هئا. پر هڪڙي بدمعاشي اها ڪندا هئا جو “ اڃان ڏي اڃان ڏي” ڪري هڪ آني جي چڻن جي بجاءِ چئن آنن جا چڻا کڻي ويندا هئا. چڻن جي هڪ ٿالهـ تي مشڪل سان ڇهـ آنـا خرچ ايندو هو، جڏهن تـ آمدني ٻـ روپيـا جي لڳ ڀڳ هوندي هئي. گهر جو گاڏو مڙوئي چـڱو هلڻ لڳو. چڻا وڪڻي محنت ڪرڻ جي ڪري ڪجهـ پئسـا گڏ ٿي ويا. جيئن تـ منهنجي وڏي ڀاءُ روشن الدين لغاري کي پڙهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جو شوق هوندو هو. باقي پنهنجو پڙهڻ جو حال بـ پورو سارو، تنهن پڙهائي تان ارواح ئي کڻائي ڇڏيو. بس ائين سال کن گلاب لغاري جي گهٽين ۾ چڻا وڪڻندو رهيس ۽ گهر جي بورچي خاني جي چلهـ ٻرندي رهي. انهيءَ وچ ۾ مون کي ڪنهن مشورو ڏنو تـ تون درزڪو ڪم سک. جيئن تـ چڻن وڪڻڻ جي ڪري ڳوٺ جي دڪاندارن توڙي درزين سان منهنجا سٺا تعلقات قائم ٿي چڪا هئا. سو مون کي هر ڪو درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ تيار هو. پر امان مون کي هر ڪنهن وٽ ڇڏڻ لاءِ تيار نـ هئي. هڪڙو مينگهواڙ درزي هوندو هو. جنهن کي منهنجي ڏاڏي ڪٿان وٺي اچي پنهنجي ڪپڙي جي دڪان تي درزي ڪري ويهاريو هو، ان جو نالو هوندو هو پاتيو مل. مون کي انهيءَ پاتئي مل وٽ درزڪي ڪم سيکارڻ لاءِ ويهاريو ويو. ائين آئون درزڪو ڪم سکڻ لڳس. انهي وچ ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو. ٿيو ائين جو منهنجي وڏي ڀاءُ کي نوڪري ڪرڻ جو شوق اڳي هو ۽ هو نوڪريءَ جي ڄمار تي بـ پهچي چڪو هو، اسان کي بـ گهر ۾ ڪنهن هڪ ماڻهو جي نوڪري جي سخت ضرورت هئي. ڇو جو درزڪي ڪم سکڻ تان ڪڏهن 8 آنا تـ ڪڏهن هڪ روپيـو ملندو هو . سو بورچي خاني جو خرچو بـ مشڪل سان نڪرڻ لڳو. ادا کي حيدرآباد پاسي جي ڪنهن ماڻهو چيو تـ آئون توهان کي فاريسٽ ڊپاٽمينٽ ۾ نوڪري وٺي ٿو ڏيان. توهان مون کي رڳو درخواستو لکي ڏيو . انهي نوڪري لاءِ ٻـ اميدوار هئا، هڪڙو منهنجو وڏو ڀاءُ ۽ ٻيو ماتلي جي پاسي جو ڪو لغاري همراهـ هو. اسان مان ان کي ڪوئي ڪونـ سڃاڻندو هو. سو انهي همراهـ هنن کي ٻـ ٽي پنڌ ڪرائي، هنن کي چيائين تـ توهان جي نوڪرين جا آرڊر ڪراچي ۾ ٿي ويا آهن، پر پئسن کان سواءِ نـ ٿا ملن. توهان مان هر هڪ الڳ الڳ ساڍا چار سو روپيـا کڻي ٺٽي فلاڻي هوٽل تي اچو تـ آئون توهان جا ڪراچيءَ مان نوڪرين جا آرڊر کڻي اچي توهان کي ڏيان. هو همراهـ جيئن ڪراچي ويو تـ موٽيو ئي ڪو نـ، هنن کي ٺٽي جي هوٽل وارن هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ پئسن کٽڻ تي هوٽل مان ڪڍي چڏيو، نـ نوڪري ملي نـ همراهـ هٿ آيو. اهي ٻـ چار سئو روپيـا جيڪي مون چڻا وڪڻي گڏ ڪيا هئا، اهي بـ هليا ويا. امان پوءِ ٻـ ٽي مهينا انهن پئسن لاءِ رئندي رهي. پر ٺڳن جي ور چڙهيل پئسا نـ واپس ٿيڻا هئا نـ ٿيا.


    ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو مختصر جائزو

    ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو مختصر جائزو

    اهي 70 واري ڏهاڪي جا پهريان سال هئا. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو زمانو هو،جيڏانهن ڪر نگاهـ جيئي ڀٽو جي صدا پئي ڪنن ۾ ٻُرندي هئي. جيالن جون چارئي آڱريون گيهه ۾ هونديون هيون. جيالن جو حڪومت جي زور تي ڏنڊو پيو ڦرندو هو. اسان جي لاڙ پٽ ۾ جيڪي بسون هلنديون هيون، انهن ۾ اسٽوڊنٽ چوڻ تي ڀاڙو معاف هوندو هو. انهي ۾ ڇا پوڙهو ڇا جوان سڀ اسٽوڊنٽ، اهو پهاڪو مشهور ٿي ويو تـ “جيئي ڀٽو ڀاڙو ڇٽو”. ڪجهـ اهڙا بـ واقعا پيش آيا جو ڪن سادن سودن ماڻهن کي اسٽوڊنٽ چوڻ نـ آيو تـ انهن چيو “اسڪوٽر”. انهي ڪري بسن ۾ مار ڪٽائي، جهيڙا جهڳڙا روز جو معمول ٿي ويا. ڪنهن جو مٿو ڦاٽو پيو آهي تـ ڪو ڪٿان رت ڳاڙيندو پيو اچي. اها هئي عوامي حڪومت، ڪير ڪنهن کي چوڻ آکڻ وارو ڪونـ هوندو هو. بس سنڌ جو زوال اتان شروع ٿيو، جيڪو اڃان تائين جاري ۽ ساري آهي. اسان جي اسڪولن ۾ ڪاپي ڪلچر پڻ انهي حڪومت کان پوءِ شروع ٿيو، جنهن اسان جي تعليم جي انجڻ ئي ويهاري ڇڏي آهي.
    اهو سال 1974 يا 1975 جو زمانو هو. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب حيدرآباد کان هيليڪاپٽر جي ذريعي بدين ٿي ويو . ماتلي ۾ سندس ٿورو ترسڻ جو پرگرام هو. ماتلي ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ طرف هيلي پيڊ ٺاهيو ويو هو. ماڻهن جو هڪڙو وڏو هجوم هو جو کيس ڏسڻ لاءِ آتو هو. اسان بـ رڙهي سڙهي وڃي هيلي پيڊ جو پاسو ورتو، جيئن ڀٽو صاحب جي ڪا جهلڪ نظر اچي وڃي. جيئن ئي هيليڪاپٽر لٿو تـ ماڻهن جو هڪ وڏو ريلو ڀٽو صاحب کي ڏسڻ لاءِ هن ڏانهن وڌڻ لڳو، پوليس لٺ بازي ڪري ماڻهن کي پوئتي هٽايو. جيئن تـ هيليڪاپٽر زمين کان ٿورو مٿي بيٺل هو، تنهنڪري مون کي هن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ نصيب ٿي. اترادي لهجي ۾ اردو گاڏڙ سنڌي ۾ پنج منٽ تقرير ڪري بدين روانو ٿي ويو.
    جيئن تـ ذوالفقار علي ڀٽو غير معمولي هوشيار ۽ طلسماتي شخصيت جو مالڪ هوندو هو. جنهن پاڪستان جي ايڪانامي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گهڻو ڪجهـ ڪيو. نتيجي ۾ ٻاهر جو ناڻو پاڪستان ۾ اچڻ لڳو. پئسي جي گهڻي ريل ڇيل جي ڪري روپئي جي ملهـ ۾ انتهائي وڏي پيماني تي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي ويئي. ايتريقدر جو انهن سالن مان ڪنهن هڪ سال ۾ ناڻي جي واڌ ( Inflation) 29 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. انهي سان گڏ ڪيترائي ترقياتي ڪم ۽ پروگرام شروع ٿي ويا. انهن ۾ هڪڙو پروگرام هو بالغن جي تعليم. جيڪو مختلف اسڪولن ۾ رات جو شروع ڪيو ويو هو. ان زماني پاڪستان ۾ تعليم جي شرح مشڪل سان 25 يا 26 سيڪڙو هوندي هئي. خاص انهي تعليمي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ “بالغن جي تعليم جو پروگرام” شروع ڪيو ويو هو.
    پاڪستان ۾ اقتصادي اڻ برابري، غلط فيصلا، پنهنجا نوازڻ، ميرٽ جي لتاڙ ڪجهـ اهڙن قسم جي فيصلن پاڪستان کي ٻـ اڌ ڪري ڇڏيو. اڃان تائين اسان جي واڳ ڌڻين انهي مان سبق نـ سکيو آهي. اها روش جيئن جو تيئن جاري ساري آهي. جڏهن 1971ع جي جنگ لڳي تـ آئون ان وقت رپ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس. مون کي چٽي طرح ياد آهي تـ اسان شاگردن کان اسڪول جي ميدان تي ٻـ ٽي مورچا کوٽرائي اسان کي موڪل ڏئي ڇڏي هئائون. آئون جڏهن ڳوٺ گلاب لغاري پهتس تـ اتي بـ بازار جي چوڪ ۾ ٽي مورچا کوٽيا پيا هئا. ان وقت اسان جي ڳوٺ جي بازار وچ شهر ۾ هوندي هئي ۽ ٻنهي طرفن کان گهر هوندا هئا. اهو اسان جي ڳوٺ جي بازار جي اوج جو زمانو هوندو هو. جڏهن تـ ٽنڊي الهيار کان ٽنڊي غلام علي تائين روڊ ٺهي چڪو هو پر ٻاهر روڊ تي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ دوڪان هوندا هئا. اهو سڄو مزو ٻاهر روڊ تي جيڪو هينئر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو رئيس احمد خان جي اسپتال شهر کان نڪري ٻاهر وڃڻ کان پوءِ شروع ٿيو. جيئن تـ 1971ع جي جنگ لڳي چڪي هئي، اسين بـ نوجوان هوندا هئاسين، رت ۾ هڪڙي قسم جو انڌو جوش هوندو هو. سو مون هڪ سڄي رات ويهي ننڍا ننڍا هٿ سان ڪاغذ تي بينر لکي سڀني اچڻ وڃڻ جي جڳهين تي ڪڻڪ جي اٽي جي لئي سان چهٽائي ڇڏيا. جنهن تي لکيل هو Cursh India) ) ۽ پنهنجو نالو بـ هيٺان لکي ڇڏيو، جيڪو پيو ڏسي مون کي شاباس پيو ڏي، ائين جيئن جو تيئن آئون ڦونڊبو پيو وڃان. اسان ايترا ٻار هوندا هئاسين جو اسان کي خبر ئي نـ هوندي هئي تـ دنيا ڪيئن ٿي هلي. ان جي مقابلي ۾ اڄ جو ٻار سئو دفعا وڌيڪ سمجهدار آهي. ڇو جو اڄ سڄي دنيا هُن جي هٿ ۾ آهي. جڏهن تـ اها رات بـ مون کي چٽي طرح ياد آهي، جنهن رات يحيٰ خان ريڊئي تي تقرير ڪندي چيو هو تـ “ اسان هزار سالن تائين جنگ جاري رکنداسين” ۽ ٻئي ڏينهن چار فوٽ قد وارن بنگالين بانس جي لٺ ۾ ناريل ٻڌي ڇهـ فوٽ پنجابي فوجي کي ڊيري ڪري ڇڏيو ۽ ڀڳڙو ڀڄي ٻـ ڦارون ٿي پيو. اسين انهي تُور (Genration) وارا انهن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. اهو راز اڄ تائين فاش نـ ٿي سگهيو آهي تـ اوڀر پاڪستان ۾ ڇا ٿيو. پر هن اِنفَارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد دور ۾ اسان جا ڪونڌر ڪيئن ڏينهن ڏٺي جو بي رحم ۽ بي دردي سان ڪٺا ويا ۽ ساڙيا ويا پر قاتل هٿن جي خبر پئجي نـ سگهي. جيئن هي ملڪ ڳجهي نموني ٺاهيو ويو هو،تيئن وقتن بوقتن هن ملڪ جي شهرين تي ڳجهي نموني راتاها بـ لڳندا رهيا آهن پر راز هميشه راز ئي رهيو آهي.
    آئون اهو اڳي لکي آيو آهيان تـ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مون چڻا وڪيا ۽ درزڪو ڪم سکيو. جيئن تـ مٿي آئون ٻـن لفظن ۾ بالغن جي تعليم جو ذڪر ڪري آيو آهيان. اهو بـ ٻڌايو اٿم تـ اهو پروگرام ڀٽي صاحب پنهنجي حڪومت جي ايامڪاري دوران شروع ڪيو. اهو ٽن مهينن جو پروگرام هو جيڪو نومبر 1973ع کان شروع ٿي ۽ فيبروري 1974ع تائين هليو. اڃان تائين منهنجي ڄمار 18 سالن مان هڪ ٻـ مهينا کٽل هئي. پر اسان جا هڪڙا مائٽ آهن انهن جو آفيسن ۾ اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو. انهن مون کي بالغن جي ماستري جو آرڊر وٺي ڏنو. آئون اڄ ڏينهن تائين انهن جو ٿورائتو آهيان. جن مون کي ٽن مهينن جي لاءِ کڻي پر نوڪري تـ وٺي ڏني. جڏهن تـ آئون پاڻ ئي اڃان بالغ ڪو نـ ٿيو هوس. مون کي نوڪري جو آرڊر تعلقي ماتلي جي ڪنهن ٻي ڳوٺ ۾ ڏنو ويو هو. جيڪو اسان جي ڳوٺ کان پري هوندو هو . هن پروگرام جا ڪلاس رات جو هلڻا هئا، آئون نابالغ هوندو هوس،تنهنڪري آئون اتي وڃڻ لاءِ تيار ڪونـ هوس. هي اهو زمانو هو جڏهن بدين ضلعو اڃان ڪونـ ٺهيو هو، اهو سڄو پٽ حيدرآباد ضلعي ۾ هوندو هو. سو مون ڇا ڪيو جو اهو نوڪري وارو آرڊر کڻي حيدر آباد ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر وٽ هليو ويس. انهي زماني ۾ حيدرآباد جو DEO عبدلقيوم صاحب هوندو هو ۽ اردو ڳالهائيندڙ پناهگير هو، تنهن کي عرض ڪيم تـ “مون کي هن ڳوٺ مان بدلي ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ رکو. ” تنهن مون کي ڏسي پڇيو تـ “توکي ڪنهن آرڊر ڏنو آهي. ”؟ اتي جيڪي ماڻهو ويٺل هئا، انهن کي مخاطب ٿي چيائين تـ “ هي پاڻ بالغ ڪونهي تـ هي ڪيئن ٻين بالغن کي پڙهائيندو”؟ منهنجو آرڊر پاڻ وٽ رکي مون کي چيائين تـ “تون هليو وڃ” مون سان اهو ڪم ٿيو جو “آئي سون پائڻ ڪن ڪپائي ويٺي. ” بدلي تـ ڪا نـ ٿي نوڪري بـ ڦرجي وئي. پوءِ ٻئي ڏينهن سائين محبوب علي چنـا صاحب جي گهر ويس، ان جي وڏي فرزند شفيق الرحمان چنـا DEO آفيس مان آرڊر کڻي ڏنو. ائين سڀ آها پلي اچي رئيس مير محمد خان نظاماڻي جي ڳوٺ ٺري ۾ ڊيوٽي رپوٽ ڏنم. اسڪولن جو بندوبست ائين ڪيو ويو هو تـ هر اسڪول ۾ ٻـ استاد رکڻا هئا، انهن مان هڪ پراڻو پرائمري استاد ۽ هڪ نئين مقرري، جنهن تي مون کي مقرر ڪيو ويو هو. اُتي خبر پئي تـ جيڪو منهنجو هيڊ ماستر آهي اهو اتان کان ٽي يا چار ڪلوميٽر پري ڪنهن ٻئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ آهي. نيٺ پنڌ ڪري ڳوٺ حاجي خميسو باگراڻي جي پرائمري اسڪول پهتس. اتي جو هيڊ ماستر سائين محمد يوسف هو جيڪو ماتلي شهر جو شيدي هو. جنهن مون کي چيو تـ “آئون ٺري ڪونـ هلندس، پاڻ هتي ٿا اسڪول کوليون” آئون تڏهن نئون هوندو هوس مون کي ڪابـ خبر ڪانـ هئي تـ سرڪار جو ڪارونهوار ڪيئن ٿو هلي. سائين محمد يوسف شيدي جي شخصيت ڪنهن درويش کان گهٽ ڪانـ هئي. با اخلاق، سلڇڻو، ڏاڙهي ڪوڙ پر سوم صلوات جو پابند صفا سڌو، محنتي، پڙهائي جي هر طريقيڪار کان واقف، مون مس هڪ مهينو کن ان سان گڏ نوڪري ڪئي هوندي. ائين لڳو تـ اسين تـ ڪي سالن جا دوست آهيون. دعا سلام ۽ دوستي جو رستو جيڪو ان وقت ڳنڍيو سو اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهي. سائين محمد يوسف ماتلي شهر جو نمبر ون درزي هو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو هو. ان زماني ۾ ماتلي ۾ ڪپڙن جي هڪ وڳي جي سلائي مشڪل سان 10 روپيـا هوندي هئي، پر سائين يوسف 60 روپيـا وٺندو هو. تڏهن بـ گراهڪن جي رش، جو ڪاريگر پورائي ڪونـ پوندا هئا. وقت کان اڳ نوڪري تان رٽائر ڪيائين. هاڻي پنهنجو ذاتي اسڪول ۽ تبليغين سان نڀائيندو ٿو اچي. باگراڻين جي ڳوٺ ۾ مون کي ڪنهن بـ قسم جي تڪليف ڪانـ ٿي. اها حقيقت هئي تـ آئون ننڍو هوندو هوس، ڏاڙهي مڇ اڃان خير ڪو آيا هئا، سو پڙهڻ وارا گهٽ ۽ مون کي ڏسڻ وارا گهڻا هوندا هئا. انهن ۾ ڪجهـ تـ واقعي اڻ پڙهيل هوندا هئا، انهن کي اسان رات جو سبق پڙهائيندا هئاسين . انهن بالغن ۾ هڪڙو شاگرد هوندو هو محمد ايوب، جنهن کي ايوب کهڙي جي نسبت سان کهڙو ڪري سڏيندا هئا. انهي جون مينهون وغيره هونديون هيون، اهو روز اسڪول اچڻ مهل ڪڙهيل کير، جنهن ۾ بادام پشتا پيل هوندا هئا، انهي جو لوٽو ڀريو کڻيو ايندو هو. سائين يوسف هوندو هو تـ گڏجي پيئندا هئاسين، نـ تـ آئون اڪيلو سڄو لوٽو ڏوگهي ڇڏيندو هوس. انهي ڳالهـ کي هاڻي 42 سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي، پر اڄ ڏينهن تائين کهڙي جو خلوص ۽ سندس قرب مان آندل بادامن ڀريو کير نـ وساري سگهيو آهيان. ان کان سواءِ ٻيو ڇوڪرو هوندو هو چاچي پير بخش باگراڻي جو ننڍو فرزند محمد ابراهيم باگراڻي. غالبن اسان هڪ ئي سال مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. اسڪول الڳ الڳ شهرن ۾ هئڻ جي ڪري پهريان ڪنهن بـ قسم جي واقفيت ڪونـ هوندي هئي. هو ماتلي ۾ پڙهندو هو ۽ آئون رپ شريف ۾. هو رئيساڻو ۽ وڏيرڪو ٻار هئڻ جي ڪري مون کان وڏو لڳندو هو، آئون ڇٽي کان ڇورو ٻار سو قد بت ۾ هلڪو هوندو هوس. هن ڇوڪري منهنجو هر طرح سان خيال رکيو. ائين تـ ماستر جي ماني چاچي حاجي خميسو باگراڻي جي گهران ايندي هئي. پر چانهـ چڪو، لسي لپ ابراهيم کڻيو پيو ايندو هو. مطلب تـ هاڻي اسان جو اُٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ گڏ ٿيڻ لڳو. منهنجي مٿان هڪ قسم جو ڇپر ڇانوَ هوندو هو. هن جي ڳوٺ جو وڏيرو هئڻ جي حيثيت ۾ هر ڪو پيو اسان کان ڀوءَ کائيندو هو. مون کي جيتريقدر ياد پوي ٿو تـ ابراهيم وٽ هڪڙي موٽر سائيڪل هوندي هئي. جنهن تي اسين سڄو ڏينهن پيا گهمندا هئاسين. ڇو جو منهنجي رات جو ڊيوٽي هوندي هئي. اڪثر ڏينهن جو ابراهيم جي ٻني تي يا ڀر واري ڪنهن شهر ۾ يا سائين محمد يوسف سان پرائمري اسڪول ۾ پيو ٻارن کي پڙهائيندو هوس. ائين منهنجي پڙهائڻ جي سکيا اتان شروع ٿي. محمد ابراهيم باگراڻي جو ڏنل پيار آئون اڄ ڏينهن تائين وساري نـ سگهيو آهيان. اڄ جڏهن اهي ڳالهيون ياد پون ٿيون تـ بي اختيار ڳلن تي ڳوڙهن جو نـ کٽندڙ لارون وهي ٿيون اچن. ڇو جو منهنجي دوست تي ڪنهن موالي ٽائيپ نشي ۾ اچي پستول جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. مون جڏهن هن کي اسلام آباد مان سندس خير عافيت جو خط لکيو تـ موٽ ۾ سندس وڏي ڀاءُ ولي محمد باگراڻي مون کي اها ڏکوئيندڙ خبر اسلام آباد ۾ ٻڌائي هئي، تـ منهنجا ڇيهـ ڇڄي پيا هئا ۽ ڪيترا ڏينهن آئون پنهنجو پاڻ کي اسلام آباد جي روڊن تي اٻاڻڪو ۽ اڪيلو محسوس ڪندو هوس. جڏهن تـ اسان جي ملاقات کي ڪيترن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو هو . سندس ڏنل قرب آئون اڄ تائين وساري نـ سگهيو آهيان. انهي ڳوٺ جي ٽئين شخصيت، جنهن جو آئون ذڪر ڪرڻ وڃي رهيو آهيان. جنهن جو آئون هر ايندڙ ويندڙ کان پڇندو بـ رهندو آهيان تـ مون کي خبر پوندي آهي تـ هو خوش آهي. بس دل مان دعا نڪرندي آهي تـ الله ڪري جتي هجي خوش هجي. يقينن هو مون کي نـ سڃاڻندو هوندو، نـ ياد ڪندو هوندو. ڇو جو پنجن سالن جي ڪنهن بـ ٻار کي ڪجهـ بـ ياد نـ هوندو آهي. آئون جڏهن باگراڻين جي ڳوٺ ۾ بالغن جي تعليم ۾ ماستر هوندو هوس، هي ٻارڙو اڃان ڇڙي چولي ۾ هلندو هو. هٿ ۾ ڪاٺ جي ڦرهي کڻي الف انب پڙهڻ ايندو هو. هي ننڍڙو نينگر چاچا حاجي خميسو باگراڻي جو پوٽو هو، جيڪو ڳوٺ جو مالڪ بـ هوندو هو ۽ ماستر کي ماني بـ کارائيندو هو. هو جڏهن ماني گهران کڻي ايندو هو تـ مون سان گڏجي ماني کائيندو هو. سندس ٻاراڻيون ٻوليون مون کي ڏاڍيون وڻنديون هيون. سندس نالو هو ذوالفقار، هو رات جو ڪافي دير تائين مون وٽ ويٺو رهندو هو. پوءِ سندس والد صاحب احمد خان گهر وٺي ويندو هوس. آئون هڪ دفعي ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس تـ ذوالفقار ضد ڪيو تـ هو بـ مون سان ڳوٺ هلندو. بهرحال هي ٻار مون کي اڄ ڏينهن تائين نـ وسريو آهي. هونئن بـ باگراڻين جا ڏنل قرب مون کي اڄ ڏينهن تائين ياد آهن. هڪ مهيني کان پوءِ جيئن ئي پروگرام جو معائنو ٿيو تـ اسڪول ٻئي جڳهـ تي هئڻ جي ڪري مون کي زبردستي ٺري موڪلي ڇڏيائون ۽ سائين محمد يوسف شيدي اُتي ڪونـ هليو. اُتي مون کي بلڪل مزو ڪونـ آيو. باقي رهيل ٻـن مهينن ۾ ڪجهـ وقت گسائي ڪجهـ وقت ڊيوٽي ڪري ڳوٺ اچي ويهي رهيس.


    پريم چند عرفK−2 مل لوهاڻو

    پريم چند عرفK−2 مل لوهاڻو

    هي انهن ڏينهن جي ڳالهـ آهي جڏهن آئون اڃان ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. گلاب لغاري جون گهٽيون ۽ پاڙا گندي پاڻي سان ڀريا پيا هوندا هئا. جنهن جو اثر ڳوٺ جي ماحول تي اوس پوڻو ئي هو . انهي ناموافق ۽ آلوده ماحول جي هوندي ڪجهـ پاڙا يا گهٽيون ڪن ماڻهن جي ڪري صاف سٿريون نظر اينديون هيون. اهڙي ماحول ۾ اسان جي پاڙي جو هڪڙو صاف سٿرو ٻار هٿ ۾ ڪتابن جو ٿيلهو کڻي اسڪول ويندي ڏسندو هوس. اهي هن جا پرائمري اسڪول جا ڏينهن هوندا هئا. ٻروچن جو ٻار نـ هئڻ جي ڪري ڏاڍو دل کي لڀائيندڙ ٻار لڳندو هو. اڪثر لغارين جا ٻار پنجين ڪلاس تائين منهن بـ ڪونـ ڌوئيندا هئا. منهنجي پنهنجي اها حالت هوندي هئي جو وڌي وڏو ٿي ڏاگهـ ٿي ويو هوس پر منهنجو صفائي سُٿرائي ڏانهن ڪنهن بـ قسم جو ڪو بـ ڌيان نـ هوندو هو. اسان جي مقابلي ۾ سيٺين جا ٻار تيل ڦليل ڪري گهران نڪرندا هئا تـ حقيقي شهزادا لڳندا هئا. ائين لڳندو هو تـ خود خدا انهن کي پنهنجن هٿن سان سيڙجي ويهي ٺاهيو آهي. اسان جي گهرن جي وچ ۾ صرف ٻـ ٻيا گهر هئا. سماجي طرح اسان پاڙيسري هئاسين. اسان جي عمرن ۾ بـ چڱو خاصو فرق هوندو هو. آئون ستين ڪلاس ۾ هوندو هوس تـ هو ٻئين يا ٽئين ڪلاس جو شاگرد هوندو هو. ورهاڱي کان پهريائين منهنجو بابا هنن جي دڪان تي نوڪر ٿي ڪم ڪندو هو. ائين ورهاڱي کان پوءِ بابا الڳ پنهنجو دڪان کوليو جو اوڌر وارن کائي کپائي ڇڏيو هو. مٿان جو وري بابا سائين جو ڪمهلو موت ٿيو تـ سيٺن جو اسان تي شفقت جو هٿ وڌي ويو. جڏهن تـ هن سنڌي هندو خاندان سان اسان جا هزارين لڳ لڳاپا هئا ۽ اڃان تائين آهن. ساڳي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ چاهي دنيا جي ڪنهن بـ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هجي ان سان نـ ڇڄندڙ ناتا جڙي سگهجن ٿا. هي تـ اسان هڪڙي ئي ڳوٺ ۽ ساڳي پاڙي ۾ رهندا هئاسين هونئن بـ سنڌ جو هندو تمام سخي مرد رهيو آهي. بس ايندي ويندي اهو ننڍڙو نينگر مون کي گهٽي ۾ پيو ٽڪرائبو هو. هڪ دفعي جي ڳالهـ تـ مون هن کي چيو هو تـ ” اڄ تون منهنجي اسڪول هل” هي بـ بغير سوچڻ سمجهڻ جي مون سان گڏ بس ۾ چڙهي اسان جي صوفي آباد واري مڊل اسڪول هليو هليو هو. انهي ڏينهن هي اسان جي ڪلاس جو رانديڪو ٿي پيو. هن کان جڏهن نالو پڇيو ويو تـ هن پنهنجو حقيقي نالو ٻڌايو هو. هونئن بـ سنڌ ۾ هر ماڻهو جا ٻـ نالا هوندا آهن. پر هن جو نالو تـ هڪڙو ئي هو جيڪو شايد هندن جي ريتن رسمن مطابق ڪنهن ٻائيءَ پوٿي پٽي هن جو نالو پريم رکيو هو. پر هن جي چنچل طبعيت ۽ شرارتي سڀاءَ جي ڪري اسان ان وقت جي اسڪول جي دوستن هن جو ٻائيءَ جي پوٿي مان نڪتل پاڪ ۽ پوتر نالي کي بدلي ڪري، هن جو نالو هميشه لاءِ K-2 رکي ڇڏيو. بس انهي ڏينهن کان پوءِ هي پنهنجو تعارف بـ k-2 جي نالي سان ڪرائيندو هو. اڄ بـ جڏهن ڳوٺ ۾ هن جي پڇا ڳاڇا ڪو اصل نالي سان ڪندو تـ هن کي ڳولي نـ سگهندو. هڪ دفعي هن ڏاڍي مزيدار ڳالهـ ٻڌائي. چيائين تـ آئون هڪ دفعي دڪان تي ويٺو هوس تـ ڪنهن ماڻهو مون کان پريم واڻئي جو پڇيو تـ مون هن کي چيو تـ انهي نالي سان اسان جي ڳوٺ ۾ ڪو بـ ماڻهو ڪونهي. پوءِ مون کي اوچتو ياد آيو تـ اهو تـ آئون پاڻ آهيان. سو ڪڏهن ڪڏهن نقل اصليت تي حاوي ٿي ويندوآهي. اسان جي ائين ئي پاڙي ۾ ايندي ويندي پئي ملاقات ٿيندي هئي. اها خبر نـ هئي تـ هن سان ڪو نينهن جو اهڙو ناتو جڙندو جو موت ئي انهي کي ٽوڙي سگهي ٿو. اسان جي گهر ۾ غربت هئڻ جي ڪري گهر جو خرچو پورو نـ هئڻ جي ڪري مون مئٽرڪ پاس ڪري گلاب لغاري جي گهٽين ۾ چڻا وڪڻڻ شروع ڪيا. هي سيٺاڻو ٻار پڙهندو رهيو، هوڏانهن هن جي مائٽن جو زور هوندو هو تـ هي ڪاروبار ۾ دلچسپي وٺي. ان جي برعڪس هن جي ڪارو بار ۾ ڪنهن بـ قسم جي ڪا بـ دلچسپي نـ هوندي هئي. ائين اسان جي دوستي وئي وڌندي. هن کي جيڪا گهران خرچي ملندي هئي اها اسان چانهـ پاڻي ڪري ڦوڪي ڇڏيندا هئاسين. هو مون کي چوندو هو تـ ” آئون اسڪول مان اچان تـ تنهنجي مٿي تي چڻن جو ٿالهـ نـ هجي. ” ڇو جو هر روز شام جو اٿڻ ويهڻ گڏ ٿي ويو. هن جا مائٽ هن جي ڪاروبار ۾ دلچسپي نـ وٺڻ جو سبب مون کي قرار ڏئي رهيا هئا تـ مون سندن ٻار کي کاري خراب ڪري ڇڏيو آهي. انهي زماني ۾ گلاب لغاري جي بازار اندر گهرن جي وچ ۾ هوندي هئي. جنهن ۾ مِٺي مريداڻي ۽ عثمان مريداڻي جون هوٽلون هونديو هيون. انهن تي ٻـ آنا هڪ ڪوپ چانهـ جو ملندو هو. آئون جيڪي چڻن مان روپيـ اڌ ڪمائي ايندو هوس اهو گهر جي خرچ ۾ پورو هوندو هو . شام جو چانهـ جو ڪپ ۽ نانخطائي K–2 جي مٿي تي. اهو بـ ڳوٺ جي گهڻن ماڻهن کان برداشت ڪو نـ ٿيندو هو. پيا هن جي مائٽن کي گهاٽيون واڌيون ڪري ٻڌائيندا هئا. مون کي تـ چوڻ آکڻ وارو ڪير بـ ڪو نـ هوندو هو، ٻيو تـ آئون هن کان ڄمار ۾ ٿورو وڏو هوندو هوس. باقي قد بت اسان جا هڪ جيترا ئي هوندا هئا. منهنجي حصي پتيءَ جي جُٺ ڦٽ بـ K–2 جي مٿي تي. ائين آئون سڃو ۽ هو شاهوڪار اسان جي دوستي ۽ پيار ويو وڌندو. هاڻي هن مون کي پنهنجي کيسي جي خرچي ۾ پڻ ڀاڱي ڀائيوار ڪري ڇڏيو، جيڪا ڪنهن بني بشر کي اڄ ڏينهن تائين خبر نـ آهي. اڪثر مون اهو محسوس ڪيو آهي تـ “ناموافق حالتن ۽ بي رحم وقت جي لوڏن لمن ۾ اچي ماڻهو بدلجي ويندا آهن” پر هن ڪيئي صعوبتون برداشت ڪيون پر دوستي ۾ داغ اچڻ نـ ڏنائين. ظاهر آهي تـ وقت کي پنهنجي رفتار سان تـ هلڻو ئي هو. اسان ڇوڪرن مان ڦري جوان ٿي وياسين. نوڪريون مليون وطن ڇڏي جلا وطن ٿياسين. پر اسان جي پيار ۽ محبت ۾ڪنهن بـ قسم جي ڪمي ڪو نـ آئي. آئون جڏهن روزگار سانگي ڳوٺ مان اسلام آباد هليو آيس تـ هن ڌنڌي ڌاڙي ۽ ڪاروبار ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. مون کي اهو ٻڌي ۽ ڏسي خوشي جو شدت سان احساس ٿيو تـ منهنجي نوڪريءَ اسان ٻنهي کي سنئين راهـ تي چاڙهي ڇڏيو آهي. مون کي ياد آهي تـ آئون جڏهن بـ اسلام آباد مان ڪجهـ ڏينهن لاءِ موڪل تي ڳوٺ ايندو هوس تـ،منهنجو گهڻو تڻو وقت هن سان ئي گذرندو هو. اسلام آباد واپسي جو کٽو ٽُٽُو ڀاڙو ڪرايو بـ K-2 پيو ڀريندو هو.
    هي ماڻهو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هئڻ سان گڏ يارن جو يار بـ تـ سماجي ڪمن ۾ پڻ وڏي سرگرميءَ سان حصو وٺندو آهي. ڳوٺ ۾ خوشي غمي ٿئي تـ k-2 اڳيان، ڳوٺ ۾ چوري چڪاري ٿئي تـ پيش پيش، ڳوٺ جي ڪنهن ڏنگي ٻار ڏنگائي ڪئي تـ k- 2 ٿاڻي تي. مذهب ۾ صوفي لاڪوفي هن وٽ هندو مسلمان جو فرق مون ڪڏهن بـ محسوس نـ ڪيو. ڳوٺ جو بـ ايترو اونو جو رات جو پيو گهٽين ۾ ڦيرا ڏيندو تـ ڪو لوفر لنب يا چور چڪار ڪا حرڪت تـ نـ ٿو ڪري. . سڄي بدين ضلعي جون واٽر سپلاءِ اسڪيمون فيل ٿي ويون. پر گلاب لغاري جي اسڪيم ڪامياب صرف ان ڪري جو K-2 انهي جو ڌڻي ويٺو آهي. محترمـ بينظير ڀٽو جي قتل جي واقعي واري ڏينهن جتي سنڌ سڄي ٻري اٿي، اتي اسان جو ڳوٺ گلاب لغاري پڻ ڪافي متاثر ٿيو. جتي بئنڪن کي باهيون ڏيئي ساڙيو ويو، اتي يوٽليٽي اسٽور ۽ اسڪولن جا فرنيچر پڻ سڙيا ۽ خاڪ ٿيا. هن ڇا ڪيو جو ڳوٺ جا ٻـ چار جانٺا جوان هٿ ڪري اوڙي پاڙي مان ڪا پراڻي سراڻي ڇيرن واري بندوق هٿ ڪري اٿندي ئي وڃي اسڪول ۽ واٽر سپلاءِ وارو مورچو سنڀاليو. جڏهن بي قابو هجوم بئنڪ ساڙي اسڪول ڪامپليڪس ڏانهن وڌيو تـ هن پري کان کين هڪل ڪئي تـ هيڏانهن ڪو بـ نـ وڌي نـ تـ خون خرابو ٿيندو. هڪ ڳوٺ جو معزز ماڻهو ٻيو بندوق هٿ ۾ کنيو بيٺو هجي. سو هجوم بيهي رهيو. ائين آسي پاسي وارن سڀني اسڪولن جو فرنيچر سڙي ويو، پر گلاب لغاري جو اسڪول ڪامپليڪس محفوظ رهيو.
    سندس ڳالهـ ڪرڻ جو انداز بـ دل کي ڏاڍو لڀائيندڙ ۽ سُريلو هوندو آهي. هڪ ڏينهن مون کي اسلام آباد فون ڪري چيائين تـ “ رات مون سان جٺ ٿي آهي. ” مون پڇيو ڇا ٿيو آهي چيائين تـ ” رات ڪي مهمان آيا سو ڪاٺين جي باهـ ٻري ڪا نـ، بورچي خاني ۾ دونهون ڀرجي ويو. آئون جيئن ئي مهمانن جي ماني کڻڻ ويس اڳيان ڪنهن هڪل ڪئي تـ “هُش ٻلا”، دونهي ۾ خبر ئي نـ پوي تـ ماڻهو يا ٻلو سو مون رڙ ڪئي تـ آءُ ماڻهو آهيان نـ تـ ٻي حالت ۾ ڪاٺ جي بنڊي اچي منهنجي مٿي ۾ ٺڪاءُ ڪري ها. ” آئون هاڻي هن جي ٽپيڪل انداز ۾ ڳالهـ ٻڌان يا کلان. “سو توهان ڪوشش ڪريو تـ گلاب لغاري کي ڪا گئس ملي”. اهو هڪ قسم جو هن جي طرفان مون کي حڪم هو. هتي مون منسٽري آف پيٽروليم وارن سان ڳوٺ جي گئس جي لاءِ ڳالهايو پر هنن اسان کي گاهـ ئي ڪو نـ وڌو. چون تـ اوهان جو ڳوٺ گلاب لغاري Feasible ڪونهي. جڏهن تـ اسان جي يونين ڪائونسل مان گئس نڪري ٿي، اسان کي ڳوٺ مان گئس جا شعلا نظر اچن. سڄي بدين ضلعي مان پئٽرول ۽ گئس نڪري. پر اسان جو ڳوٺ “ڀريءَ ٻيڙي ۾ واڻيو ڀاري” جا اڃان تائين اسان جي ڳوٺ ۾ نـ آئي آهي. جيئن سئي مان گئس نڪتي تـ بلوچستان جو ڪو بـ شهر هنن جي نظر ۾ گئس جي لاءِ موزون ڪو نـ هو. جڏهن هنن جا مري ۽ گُليات سڀ موزون هئا. اتي گئس پهچائي پوءِ هنن ڪوئٽـا کي گئس ڏني هئي. هاڻي اسان جي ڳوٺ ۾ ڪمرشل بئنڪ، هاءِ اسڪول، ٻيون سڀ سهولتون موجود پر گئس موزون ڪونهي ۽ جڏهن تـ گئس نڪري بـ اسان جي ضلعي بدين مان. بقول ڀٽائي جي تـ “ پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن”
    هڪ ڏينهن ائين اوچتو امان جي ڳوٺان فون آئي تـ K-2 ڳوٺ ڇڏي سرحد جي هُن پار هليو ويو آهي. واٽر سپلاءِ جو ڇا ٿيندو ۽ ڳوٺ جو ڇا ٿيندو. ڪنهن حد تائين امان جا اهي خدشا بلڪل صحيح هئا. جيترو ڳوٺ جو اونو ۽ الڪو هن کي هوندو هو. ايترو اڄ ڪنهن کي بـ ڪونهي. هر ٻئي ٽي مهيني ڳوٺ جي ڪمن ڪارين جي لاءِ هن جا فون ايندا ئي رهندا هئا. آئون جو اسلام آباد مان حيدرآباد ۾ ڪنهن آفيسر کي ذاتي نـ پر اجتماعي ڪم چوندو هوس تـ اڳيو ٿورو خيال ڪندو هو. پوءِ ڪي ڪم ٿيندا هئا تـ ڪي ڪو نـ ٿيندا هئا. پر K-2 سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ لڳو پيو هوندو هو. K-2 هُن پار وڃي خوني رشتن کان سواءِ روحاني رشتا ۽ لڳ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا هئا. ظاهر آهي تـ سنڌ جي چيڪي مٽي ۽ لاڙ پٽ جي هيرن جهڙين هوائن هن کي جهوري وڌو هوندو. هن گلاب لغاري جي گهٽين جا اهڙا تـ خواب ڏٺا هوندا، جيڪي هن جي ويڳاڻي من کي بغير ويزا جي ڳوٺ جي اُپسرائن ۾ کڻي آيا هوندا. هن جو جڏهن من ماندو ٿيو هوندو، ساهـ ٻوساٽجڻ لڳو هوندو تـ هن پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي گهر ۽ پنهنجي سنڌ کي آخري نمسڪار چيو هوندو. هن جي هُن ڏيهـ اُسهڻ کان پوءِ مون کي هن جو رابطي جو نمبر مليو هو پر مون صبر کان ڪم وٺي هن سان ڳالهائڻ کان لنوايو هو. ٻيو تـ هاڻي آئون اهڙي عهدي تي هوس، جتي منڪر ۽ نڪير جو پاڇو پوڻ اوس هو. بس هڪ ڏينهن من ۾ مانڌاڻ متو تـ مون هن کي فون ملايو هو ۽ اسان جا روحاني رشتا وري بحال ٿيا هئا.


    سنڌي ماستر

    سنڌي ماستر

    آئون بالغن جي تعليم ختم ڪري اپريل 1974ع ۾ پرائمري ماستر ٿي ويس تـ مون کي، گولاڙچي طرف آرڊر مليو. بغير ڪنهن هٻ ڪاهٽ جي، پنجابين جي ڳوٺ چڪ نمبر 58 ۾ وڃي ماستري شروع ڪيم. هي پنجابين جو ڳوٺ 1962 ع ۾ غلام محمد بئراج جي وهي اچڻ کان پوءِ آباد ٿيو. سنڌو ندي تي 80 ڪروڙ رپين سان ٺهيل ڪوٽڙي بئراج، جنهن جو نالو بعد ۾ تبديل ڪري غلام محمد بئراج رکيو ويو هو. بقول سنڌ جي هڪ ڏاهي علي احمد بروهي جي تـ هي صاحب بيمار قوم جو غليظ گاريال گورنر جنرل هوندو هو. اهڙن ماڻهن جا اسان جي بئراجن تي نالا رکيا ويا. اسان جهڙا 1947 ع وقت تـ تهڙا 1960ع ۾. اهو غلامي جو طوق اڄ ڏينهن تائين اسان جي ڳچين مان نـ نڪتو آهي. غلام محمد بئراج جي زمينن جي الاٽمينٽ لاهور ۾ اچي ٿي،ڇو جو هي شهر ون يونٽ هئڻ جي ڪري مغربي پاڪستان جو گادي جو هنڌ هو. جڏهن تـ غلام محمد بئراج جي ڪيچمينٽ ايريا لاڙ سنڌ هئي. سنڌ جي وڏي بجيٽ ون يونٽ سرڪار پنهنجي قبضي ۾ ڪري سنڌ جون ترقياتي اسڪيمون رد ڪيون. ڪيترن ئي سنڌي آفيسرن کي سندن جونئيرن جي ماتحت ڪيو ويو. سنڌ جي هر عوامي جڳهـ تي سنڌي ۾ لکيل نالا مٽائي اردو ۾ لکيا ويا. ننڍن صوبن جي اٿاريل آواز کي ملڪ دشمن، اسلام دشمن، انتشار پسند، غدار ڪوٺي رد ڪيو ويو. مغربي پاڪستان جي وڏين وڏين ڪارپوريشنس ۾ سنڌين جي داخلا بند ڪئي وئي. مطلب تـ هر طرف سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن سان ناانصافيون ڪيون ويو. پنجاب جي واڌو آبادي کي سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ آباد ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا. جنهن جو وڏي ۾ وڏو لاڀ مليو، گجرانوالا کان ويندي ساهيوال تائين جي ماڻهن کي. مغربي پاڪستان سرڪار سنڌ ۾ ڳوٺن جي شڪل ۾ چڪ ٺاهي ۽ اتي اسڪول کولي ڏنا. انهي جا پڻ گهڻ رُخي مقصد هئا،جيئن پنجاب جي واڌو پاپوليشن کي ٻين صوبن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، جيئن صوبي تان آبادي جو وڌيل دٻاءُ گهٽائي سگهجي، دفاعي مقصدن لاءِ پنجابين کي سرحدي علائقن ۾ آباد ڪري پاڪستان جون سرحدون محفوظ ڪيون وڃن، ڇو جو سنڌي ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلائي مرڪزي سرڪار وٽ پنهنجو اعتماد وڃائي چُڪا هئا. جيڪڏهن ڏسجي تـ ون يونٽ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. ورهاڱي کان اڳ پنجاب اهڙي ڪوشش ڪندو رهيو تـ سنڌ ڪنهن طرح پنجاب سان ملائي وڃي پر انگريز سرڪار سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نـ هوندي هئي. ڇو جو پنجاب جي مخالف لابي سنڌي هندن تي مشتمل هئي ۽ انهن جي انگريزن سان ويجهڙائي هئڻ جي ڪري اهو عمل پنجاب جي خواهش مطابق پورو نـ ٿي سگهيو. انهي جي وڌيڪ معلومات يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پروفيسر اعجاز قريشي جو ڪتاب “ون يونٽ ۽ سنڌ” پڙهڻ گهرجي.
    گورنمينٽ اردو پرائمري اسڪول چڪ نمبر 58 اولهـ گولاڙچي، جنهن ۾ منهنجي پهرين مقرري ٿي هئي . انهي اسڪول ۾ 70 کن ٻار هوندا هئا، اتي بـ ماني وغيره جو ڪو بـ مسئلو نـ هو. سائين محمد خان خاصخيلي جيڪو بدين پاسي جو هو، اهو منهنجو پهريون هيڊ ماستر ٿيو. جيئن تـ آئون نئون هوس تنهنڪري پنجابي گاڏڙ اردو ڪجهـ سمجهـ ۾ گهٽ ايندي هئي. اتي مزو ڪجهـ گهٽ آيو. ٻـ راتيون اتي تـ هڪ رات بدين جي ميمڻن وٽ. آئون جڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي ٿو ڏسان تـ سنڌ ۾ منهنجا تمام گهڻا دوست هوندا هئا. جيئن وطن مان جلاوطن ٿي اسلام آباد آيو آهيان تـ دوستيءَ جو دائرو محدود ٿي ويو آهي. انهيءَ جا ڪجهـ سبب آهن. جيئن تـ سنڌ ۾ آئون قومي تحريڪ سان واڳيل هوندو هوس. ستر واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۾ جيئن ئي سائين جي ايم سيد سان سن ۾ ملاقات نصيب ٿي ۽ سائين عبدالواحد آريسر جيئي سنڌ محاذ کي نئين سر ٺاهڻ شروع ڪيو، ان جي سربراهي ۾ اسان بدين ضلعي جي باڊي ۾ شامل ٿي وياسين. انهي زماني ۾ اسان جن بدين ضلعي ۾ ڪم ڪيو انهن ۾ شامل هئا. محمد راهمون، غلام رسول نظاماڻي، لال چانڊيو، محمد عثمان بجير، مولانـا عبدالستار چاوڙو، شوڪت رند، مشڪور ڦلڪارو ۽ راقم. ائين ڪجهـ اڳتي نڪري ويو آهيان. ٻڌائڻ هيءَ کپندو هو تـ مون کي قوم پرستي جي سُتي ڪٿان پئي. اهو اڳئي لکي آيو آهيان تـ سنڌي ماستر تـ ٿي ويو هوس. نوڪريءَ جي ٻن سالن کان پوءِ PTC جي ٽرينگ لاءِ ايليمينٽري ٽرينگ ڪاليج مٺياڻي لاءِ آرڊر ٿي ويو. منهنجو اڳ تـ مٺياڻي جو نالو بـ ٻڌل ڪونـ هو، سو ڊوڙي وڃي اسڪول ۾ لڳل سنڌ جي نقشي ۾ مٺياڻيءَ کي ڳولڻ لڳس. ان زماني ۾ اسڪولن کي ڪافي چارٽ ۽ نقشـا وغيره ڏنا ويندا هئا.


    سيد لياقت علي شاهـ

    سيد لياقت علي شاهـ

    آئون اڳئي اهو ذڪر ڪري آيو آهيان تـ دوستيءَ جون سرحدون ۽ حد بنديون تمام پري پري تائين پکڙيل هونديون آهن. اهو ضروري ڪونهي تـ دوست رڳو ڪو ڳوٺ يا ساڳئي شهر ۾ رهندڙ هجي يا هم ڪلاسي هجي صرف ان سان ئي دوستي ٿي سگهي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ مون سان ائين نـ ٿيو آهي. زندگيءَ جي ڪنهن بـ موڙ تي جيڪڏهن ڪو پيار ڪندڙ انسان ملي ٿو وڃي تـ اهو بـ دوست ٿي وڃي ٿو. جيئن مولانـا جلاالدين رومي جو قول اهي تـ “ پيار توهان ۽ هر شيءَ جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪم ڏئي ٿو . ” سو ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا ماڻهو مليا جو انهن جو ڏنل پيار ۽ قرب دل تي ائين نقش ٿي چٽجي ويو، جو انهيءَ جو مٽجڻ ناممڪن آهي. اهڙن ماڻهن ۾ منهنجي ننڍ پڻ جو دوست جنهن جو تعلق خيرپور ضلعي جي ٻٻرلوءِ سان آهي. منهنجي خيال ۾ اهي سال 1973ع جا شروعاتي مهينا هئا. منهنجو ڏاڏا سائين بيمار ٿيو هو، جنهن کي شگر جي بيماريءَ هئي ۽ انهي بيماري جو ان زماني ۾ خاص ڪري پاڪستان ۾ خاطر خواهـ علاج اڃان ڪو نـ آيو هو. مون کي ياد ڪونهي تـ ڪو انسولين ان زماني ۾ موجود هئي. اسان جي مريض کي سول اسپتال حيدر آباد ۾ ڊاڪٽر ارشاد مورياڻي جي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو. هڪ ڏينهن صبح جو سوير پاسي واري بيڊ تي هڪ نوجوان نينگر کي کڻي آيا. اهو مون کي ياد ڪونهي تـ ان کي بيماري ڪهڙي هئي. البت نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي. ان سان ڪيترا ماڻهو گڏ هئا اها بـ يادگيري نـ اٿـم. ها البت انهيءَ سان گڏ منهنجي هم عمر جيترو نوجوان پڻ گڏ هو. ان جو نالو سيد لياقت علي شاهـ هو. پاڻ ٻڌايائون تـ هو ٻٻرلوءِ سان تعلق رکن ٿا. انهي سنڌ جي شهر جو نالو منهنجو پهريون دفعو ٻڌو هو. غالبن اهو مريض جو وڏو ڀاءُ هو. انساني ۽ اخلاقي طور منهنجو بـ فرض هو تـ آئون انهن نون آيلن جي مدد ڪريان. انهن مون کان پاڻي پيئڻ جي لاءِ گلاس گهريو، جيڪو مون هنن کي ڏنو هو. ان کان پوءِ جيترو وقت اسان اسپتال ۾ رهياسين تـ اسان گڏ رهياسين. هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ اسان کي اسپتال مان موڪل ٿي تـ اسين ڳوٺ هليا وياسين. شاهـ صاحب وارا اڃان اسپتال ۾ هئا. اسپتال مان موڪلائڻ وقت اسان هڪ ٻئي کان خط جون ايڊريسون ڏنيون ۽ ورتيون هيون. ائين اسپتال جي ٻن ٽن ڏينهن جي ملاقات اسان جي دوستي ۾ تبديل ٿي وئي هئي. اها تـ سڀ ڪنهن کي خبر آهي تـ شگر جو مريض هروڀرو سيرئس نـ هوندو آهي ۽ وڃڻ وقت رات جو سڪون سان الله توهار ڪندو آهي. آئون بـ 32 سالن کان شگر جو مريض آهيان، مون سان بـ ائين ٿي سگهي ٿو. خير ڳالهـ پئي ڪئيسين سيد لياقت علي شاه جي. هي ڪهاڻي اڄ کان 40 سال اڳ جي آهي. ان زماني ۾ بهترين ملاقات جو ذريعو خط هوندو هو. سو اسان جو بـ هڪ قسم جو باقائدگي سان خطن جو سلسلو شروع ٿي ويو. شاهـ صاحب جا مون وٽ هن وقت 28 خط موجود آهن، جيڪي 35 کان 40 سال پراڻا آهن. اهو بـ ممڪن آهي تـ ڪجهـ خط مون کان هيٺ مٿي ٿي ويا هجن. ان وقت لفافي جي قيمت 80 پئسـا هوندي هئي. انهي وچ ۾ شاهـ صاحب هڪ دفعي مون وٽ ڳوٺ بـ آيا هئا. گلاب لغاري واري بس تـ انگريزن جي زماني کان مشهور هئي تـ ڪڏهن بـ وفا نـ ٿي ڪري. هو اتر سنڌ جو ماڻهو لاڙ سنڌ ۾ منهنجي محبت ۽ پيار ۾ ڇڪجي سوين ڪلوميٽر پنڌ ڪري رات جو 11 بجي مون وٽ اچي پهتو هو، انهي کي ئي تـ سڪ ۽ پيار چئبو آهي. ورنـ ڪير ڪنهن جي لاءِ رات جو لُنڊيون لتاڙي ٿو اچي. جڏهن تـ هڪ رات لاءِ آئون بـ وٽس مهمان ٿيو هوس ۽ جيڪا حسرت کڻي ويو هوس اها پوري نـ ٿي هئي. جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ارمان اٿم، اڳتي هلي جڏهن ايڪنامڪس ۾ پڙهيو هوم تـ سڀني خواهشن جو پورو ٿيڻ ممڪن ڪونهي، ڇو جو خواهشون لامحدود هونديون آهن . ان جي مقابلي ۾ وسيلا محدود هوندا آهن. انهي تي اقتصادي ماهرن جون مون تي ضرور آڱريون کڄڻ گهرجن، ڇو جو اقتصاديات ئي ناڻي جو علم آهي. مطلب تـ آئون لياقت علي شاهـ کان ڪي پئسـا وٺڻ ويو هوس. نـ نـ ائين ڪونهي. اقتصاديات جي هڪڙي ٻي وصف اها بـ آهي تـ هر اهي خارجي توڙي داخلي عمل، جنهن سان روح کي راحت نصيب ٿئي. انهي کي بـ اقتصادي عمل چئي سگهجي ٿو. سائين جي ايم سيد ۽ گانڌي جيڪي وطن جي آزاديءَ لاءِ ڪشالا ڪٽيا، ڏک ۽ ڏاکڙا ڏٺا. ان کي پڻ اقتصاديات جي دائري ۾ آڻي سگهجي ٿو تـ پوءِ مون جيڪا لياقت علي شاهـ مان تمنا ۽ آرزو رکي هئي ۽ اها پوري نـ ٿي تـ اهو بـ اقتصادي عمل ٿي سگهي ٿـو. مون هينئر جڏهن سائين لياقت علي شاهـ جا خط کڻي پڙهيا آهن تـ خوشي بـ ٿي آهي تـ افسوس پڻ. خوشي ان ڪري جو مون پنهنجي دوست جا خط وڏي عرصي تائين سنڀالي رکيا آهن. جڏهن تـ افسوس ان ڪري جو منهنجي نالائقي جي ڪري اهو خطن جو سلسلو خبر نـ آهي تـ ڪڏهن کان ٽٽي ويو. انهن خطن ۾ هر حال احوال پيو ڏبو وٺبو هو. ان وقت مذهبي رواداري تمام گهڻي هوندي هئي، هنن هيڏن سارن خطن ۾ اسان ڪڏهن بـ مذهب تي هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ نـ ڪئي. زماني جا ٻيا موضوع زير بحث ضرور رهيا آهن، جهڙوڪ پڙهائي، نوڪري، بيروزگاري، جيل ۽ هڙتالون وغيره جهڙا موضوع بحث هيٺ ايندا رهندا هئا. مون مذهب جي بنياد تي ڪڏهن بـ دوستن کي الڳ الڳ خانن ۾ نـ رکيو آهي. هندو، مسلمان، شيعا، سني سڀ منهنجا هڪ جهڙا دوست آهن. هاڻي فيس بڪ جي اچڻ کان پوءِ اها حالت وڃي ٿي آهي جو نـ عورت جي خبر نـ مرد جي خبر، نـ ٻار جي خبر نـ جوان جي خبر. تنهن ڪري آئون اهو چئي سگهان ٿو تـ منهنجو ڪو ننڍي ۾ ننڍو دوست بـ ٿي سگهي ٿو تـ ڪو جهوني ۾ جهونو دوست بـ ٿي سگهي ٿو. ها البت ڪٽرپڻي کان ٿورو پاسيرو رهندو آيو آهيان. اٽو ٻڌي تبليغين وانگر ڪنهن جي پٺيان نـ لڳندو آهيان. هتي شاهـ صاحب جا سڀ خط شايع ڪرڻ کان تـ آئون قاصر آهيان پر نموني خاطر سندس هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو. هي جيڪو هيٺ خط ڏجي ٿو غالبن سائين جو اهو پهريون خط آهي، جيڪو هن منهنجي خط جي جواب ۾ لکيو آهي. شاهـ صاحب جي اڪثر خطن تي ڪا تاريخ وغيره لڳل نـ هوندي هئي. گهڻو عرصو گذري وڃڻ جي ڪري اهو چئي نـ ٿو سگهجي پهريان ڪهڙو خط آيو ۽ پوءِ ڪهڙو آيو.
    پيارا ڀاءُ مسٽر نظام الدين، خوش هجو شال تا قيامت.
    اسلام اعليڪم، جي عرض تـ هت سڀ خير اهي ۽ مولا پاڪ جي فضل و ڪرم سان اوهان ڀائرن ڏانهن بـ سڀ خير هوندو.
    المطلب تـ مون کي ادا نوڪري ملي وئي آهي. سو حال في الحال اسان کي ٺري مير واهـ رکيو اٿن. پيارا ڀاءُ مون کي عوامي ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام ۾ مارڪيٽ اسسٽنٽ ڪري رکيو اٿن. پيارا ڀاءُ اوهان کي تمام گهڻي خوشي ٿي هوندي. ادا آهيون تـ هڪ ٻئي کان تمام پري جو هڪ ٻئي کي دل جا احوال ڪيون. پيارا ڀاءُ اوهان ڪڏهن اسان جي ڳوٺ قرب جا پير ڀري ايندا. سو پيارا ڀاءُ مان سمجهان ٿو تـ اوهان ستت اسان وٽ ايندا، ادا سائين اميد تـ اها ئي آهي. ٻيو احوال تـ اوهان جا ڪافي ڪجهـ خط مليا آهن. سو سڀني کي پڙهيو آهي. سڀني ۾ ائين لکيل آهي تـ جيڪڏهن ننڍي ڀاءُ تي ڪا ڪاوڙ هجي تـ معاف ڪندا. ادا اسان پرديسي غريبن جي اوهان تي ڪهڙي ڪاوڙ هوندي. پيارا ڀاءُ اوهان تـ تمام گهڻا ڪاوڙيا هوندا. پر مان اميد ٿو ڪريان تـ اوهان مون تي انشاالله پنهنجي ڪاوڙ، هن خط پهچڻ شرط لاهي ڇڏيندا. ادا اسان ٻـ ٽي ڏينهن نوڪري جي ڀڄ ڊڪ ۾ هئاسين جو اوهان ڏي خط نـ لکي سگهياسين. سو هاڻي ٻن ٽن ڏينهن ۾ انشاالله اوهان وٽ خط اچي ٺڪاءُ ڪندو. انشاالله اوهان خطن کان بيزار ٿي ويندا. خط جي جواب جي ڪجهـ عنايت ڪندا. هاڻ اسان هڪ پارٽي ٿا ڪريون، جنهن ۾ سڀني دوستن کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني بـ آهي ۽ اوهان کي بـ ڪوٺ ڏجي ٿي تـ 16-2-1974 تي ٻن چئن ڏينهن لاءِ سڌو ٻٻرلوءِ اچو. اسان جي اچڻ جو پتو هي آهي. پهريان حيدرآباد مان ٽڪيٽ وٺو سکر جي لاءِ،اتان پڇا ڪندا تـ خيرپور بس ڪهڙي ٿي وڃي. پوءِ خيرپور واري بس ۾ چڙهي، ڪنڊيڪٽر کان پڇا ڪندا تـ ٻٻرلوءِ هلي لاهـ. پوءِ اتان منهنجو جنهن کان پڇندا تـ ٻڌائيندو.
    ايڊريس. سيد لياقت علي شاهـ مارڪيٽ اسسٽنٽ معرفت ڊاڪٽر مرتضيٰ ضلع خيرپور ميرس تعلقـو ٺري مير واهـ، پوسٽ آفيس ٺري ميرواهـ، عوامي ڳوٺاڻو ترقياتي پروگرام.
    فقط سيد لياقت علي شاهـ. .

    هن خط ۾ ڏنل پارٽي جي دعوت واري تاريخ مان پتو پوي ٿو تـ آئون اڃان نوڪري ۾ ڪو نـ آيو هوس. ڇو جو منهنجي نوڪري تي چڙهڻ جي تاريخ 11-4-1974 آهي. ساڳئي طرح منهنجي جسماني ۽ منهنجي دوست جي ذهني بلوغت جو اندازو بـ هن خط مان ڀلي ڀت لڳائي سگهجي ٿو. اسان ديس ۾ هوندي بـ پنهنجو پاڻ کي پرديسي پيا چوندا هئاسين. پر اهو سچ آهي تـ پيار، محبت ۽ دوستي، ياري جي ڪا حد مقرر نـ هوندي آهي. انهي جي پکيڙ ۽ هڳاءُ پري پري تائين پسيو ۽ محسوس ڪيو ويندو آهي. هن خط جي تجزيئي مان اسان ٻنهي جي ذهني هم آهنگي ظاهر ٿئي ٿي. انهن خطن جي اها خوبي آهي جو اسان دوستن کي تقريبن ڏهن سالن تائين ڳنڍي رکيو. هاڻي جڏهن 35سالن کان پوءِ خطن جو فائيل ڪڍي پڙهڻ ويٺس تـ ائين لڳو تـ هي ڪو قصو اڄ جو آهي. ان جي مقابلي ۾ اڄ جي جديد دور ۾ انهي کان وڌيڪ تڪڙا ۽ سٺا پيغام رسائڻ جا ذريعيٰ ۽ وسيلا موجود آهن پر اهي انهي لکپڙهـ واري طريقي کي ايترو وڏو عرصو محفوظ ڪري نـ ٿا سگهن. مون کي ياد نـ آهي تـ مون پنهنجن خطن ۾ ڇا لکيو هوندو. وقت جي وڇوٽي جي ڪري هر شئي ميٽجي وئي آهي. صرف نـ مٽيو آهي تـ اهو پيار، جيڪو اسان هڪ ٻئي کي ڏنو هو ۽ اڃان بـ آهي. جڏهن تـ اسان جي ملاقات کي لڳ ڀڳ 35 سال ٿيڻ وارا آهن.


    گولاڙچي کان ماڻڪ لغاري بدلي

    گولاڙچي کان ماڻڪ لغاري بدلي

    جيئن تـ منهنجو تعليمي رڪارڊ ڪو سٺو نـ رهيو آهي. مئٽرڪ ٿرڊ ڪلاس (جنهن کي اقبال خان لغاري، ”بلوچ“ ڊويزن چوندو آهي) انٽر ميڊيئيٽ بار بار فيل ٿي پوءِ ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس، بي اي سيڪنڊ ڪلاس، ايم اي (ايڪنامڪس) سيڪنڊ ڪلاس، ايم بي اي. سواءِ پهرين ۽ آخري امتحان جي باقي سڄي تعليم پرائيويٽ، لک احسان سنڌ يونيورسٽي جا، جنهن پرائيويٽ ڪلاس متعارف ڪرائي اسان جهڙن غريبن کي وڌيڪ پڙهڻ جو موقعو ڏنو. ٻي حالت ۾ اسان جتي جا هئاسين اتي ئي هجون ها. مون مئٽرڪ 1972 ع ۾ پاس ڪئي. ننڍي ڄمار هئڻ ڪري ڪنهن بـ نوڪري لاءِ اهل نـ هوس. تنهنڪري ڇولا، چڻا وڪيا ۽ درزڪو ڪم ڪيو. جيئن ئي بالغن جي تعليم وارو پروگرام ختم ٿيو تـ مون کي پرائمري ماستري ملي وئي. جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. وري هتي ڏيڻ ورجاءُ ٿيندو. گولاڙچي ۾ اٺ مهينا نوڪري ڪري جيئن تيئن ڪري بدلي ڪرائي. گلاب لغاري جي پاسي ۾ ڳوٺ ماڻڪ لغاري ۾ اچي دخلڪار ٿيس. جتي جو هيڊ ماستر سائين عبدالڪريم لغاري هو. جيڪو انهي ڳوٺ جو رهاڪو هوندو هو. سائين شريف انسان، نيڪ نمازي، فائينل پاس، انهي سان گڏ اديب فاضل جا امتحان پڻ سائين جا پاس ڪيل هئا. اسڪول ۾ ڪنهن بـ قسم جي رعايت ڏيڻ جو لفظ هن جي لغت ۾ لکيل ڪونـ هوندو هو. مون کي جنهن استاد جي جاءِ تي موڪليو ويو هو، اهو بـ لغاري هو. پر گوسڙو استاد هئڻ جي ڪري سائين عبدالڪريم ان کي برداشت نـ ڪندو هو. آفيس وارن کي ايترو لکي مجبور ڪيائين جو انهن کي ڪا خاص فضيلت واري ٻولي نـ ملي سگهي، جو منهنجي بدلي جي آرڊر تي لکيائون تـ “ منشي (ان زماني ۾ ماستر کي منشي چوندا هئا) نطام الدين لغاري کي منشيXXXX ڀڄي ويل جي جاءِ تي مقرر ڪجي ٿو. ” اهي انهي آرڊر جا لفظ هئا، جيڪي آفيس وارن منهنجي بدليءَ جي آرڊر تي لکيا هئا. جيئن تـ اسڪول ۾ ٻارن جو وڏو تعداد سرائڪي ڳالهائيندڙن جو هو، باقي سيد، ڀيل۽ مينگهواڙ ٻار هئا. اهي بـ لغارين جي ڳوٺ ۾ رهي ڪري سرائڪي ڳالهائيندا ۽ سمجهندا هئا. اسين ان زماني ۾ ٻـ استاد هڪڙي اسڪول ۾ هوندا هئاسين. جڏهن تـ اسڪول ۾ ٻارن جو تعداد تمام گهڻو هوندو هو. هڪ هيڊ ماستر ٻيو مون کان ڄمار ۾ وڏو تنهنڪري آئون سندس وڏو احترام ڪندو هوس. جيئن تـ آئون ڪلاس ۾ ٻارن سان سرائڪي ڳالهائيندو هوس تـ مون کي هڪ دفعي وارننگ ڏنائين تـ اسڪول ۾ ٻارن سان صرف سنڌي ۾ ڳالهايو. چوڻ جو مقصد تـ پراڻا استاد اسڪول ۾ ڪنهن بـ قسم جي ڪوتاهي برداشت نـ ڪندا هئا. آئون گورنمينٽ پرائمري اسڪول ماڻڪ لغاري ۾ تقريبن 10 سال کن ماستر رهيس. منهنجي ٽوٽل سنڌ گورنمينٽ ۾ نوڪري رهي 11 سال، جنهن مان 10 سال هڪڙي ئي اسڪول ۾ گذاري ڇڏيا. جيئن تـ ڳوٺ جو مالڪ رئيس حاجي نجم الدين خان سريوال هو ۽ سياسي طور وڏي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو هو. پر آئون پڪ سان چوان ٿو تـ رئيس جي اسڪول جي معاملن ۾ مداخلت بلڪل نـ هوندي هئي. وڏن ماڻهن جي اسڪول جي هئڻ جي ڪري هرو ڀرو آفيس وارا بـ اسان تي اجائي سجائي آڪڙ خاني ڪونـ ڪندا هئا. مون سان هڪ اهڙو ئي معاملو ٿيو هو، جيڪڏهن آئون ڪنهن ٻئي اسڪول تي هجان ها تـ جيل جي هوا کائي وڃان ها. پر انهي اسڪول ۾ هئڻ ڪري منهنجي جان بچي وئي. ٿيو ائين جو جنهن وقت اسان جا بدلين جا آرڊر ٿيا تـ ان سان گڏ ڪافي ٻين بدلين جا آرڊر بـ ٿيا. انهي وچ ۾ ڪن ساڙ سڙين ٽپال رستي آفيس وارن کي درخواست موڪلي، جنهن تي تعليم واري صوبائي وزير جناب پيار علي الانا جا آرڊر ٿيل هئا تـ “ فلاڻي استاد جي بدلي فلاڻي اسڪول کان فلاڻي جاءِ تي ڪيو” آفيس وارن کي شڪ پيو تـ هڪ پرائمري اسڪول جي ماستر جي بدلي لاءِ منسٽر ڪيئن لکندو. انهن اها درخواست تصديق جي لاءِ ڪراچي منسٽر آفيس ڏياري موڪلي. هنن انهي تي لکيو تـ هي ڪوڙي درخواست آهي. تنهنڪري جاچ ڪري ڪيس پوليس کي موڪليو وڃي. ماتلي آفيس وارن اهي سڀئي آرڊر لڳائي ڪيس پوليس کي ڏياري موڪليو. ڪيس سڄو، ٺهي جڙي،مون تي اچي بيٺو. جڏهن تـ مون ان زماني ۾ اڃان ڪراچي ڏٺي بـ نـ هئي. بهرحال وڏن ماڻهن جي اسڪول ۾ هئڻ جي ڪري منهنجي جان بچي وئي. ائين جيئن آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان تـ سائين عبدالڪريم ڪنهن بـ قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نـ هوندو هو. اڌ ڪلاڪ ليٽ ٿي تـ وضاحت، هڪ ڏينهن موڪل تـ وضاحت، بغير ٻڌائڻ جي موڪل ڪرڻ تي وضاحت،ان وقت تـ اهي ڳالهيون ڏاڍيون ڏکيون لڳنديون هيون، پر اها وقت جي پابندي، جيڪا سائين سيکاري مون کي اسلام آباد ۾ ڏاڍو ڪم آئي. انهي جي ڪري ئي منهنجا آفيسر مون مان خوش هوندا هئا ۽ آئون ترقيءَ جون منزلون چڙهندو ويس. اتي پهتس جنهن جو مون ڪڏهن خواب ئي ڪونـ ڏٺو هو. ائين وقت گذرندو ويو. شاگرن جو تعداد وڌيڪ هئڻ جي ڪري آفيس وارن ٽيون استاد بـ اسان کي ڏنو. جنهن جو نالو هو الله بخش، اهو اسان جو ٽيون ساٿي هو. جنهن مون کان پوءِ اسڪول جوائن ڪيو . ماستريءَ جي نوڪري ملڻ کان پوءِ مون روائتي سنڌي سستي جي ڪري پڙهڻ ڇڏي ڏنو هو. انهي وچ ۾ مون کي سائين الهـ بخش لغاري مٿي پڙهڻ جو شوق ڏياريو، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ٻن، ٽن سالن جو گيپ اچي چڪو هو. تنهنڪري فرسٽ ييئر۽ سيڪنڊ ييئر جا گڏي فارم ڀرڻ جو اهل هوس پر پئسـا پورا ڪو نـ هئا. شابس هجي سائين الهـ بخش کي جنهن منهنجو فارم سچل سرمست آرٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ ڀريو ۽ فارم جي في يعني پئسا بـ پاڻ ڏنائين. مون کي هاڻي اهو بـ ياد ڪونهي تـ مون اهي پئسا سائين کي واپس ڪيا هئا يا نـ، ائين وري چئن سالن جي وٿيءَ کان پوءِ پڙهائيءَ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين ختم ناهي ٿيو. ان سال اسان جو امتحاني سينٽر رکيو ويو هو سٽي ڪاليج حيدر آباد. ان زماني جو سنڌ ۾ پهرين جوڙ جو ملهـ دادلو شيدي جيڪو ٽنڊي قيصر جو رهاڪو هو، اسان ٻنهي امتحان گڏ ڏنو هو ۽ خير سان ٻئي پهرين دفعي امتحان ۾ فيل ٿي پيا هئاسين. پوءِ سومناٿ تي بار بار چڙهايون ٿيون، پوءِ وڃي پاس ٿياسين. حيدرآباد بورڊ وارن منهنجي انٽر جي سرٽيفڪيٽ تي لکي ڇڏيو تـ هي همراهـ انٽر ميڊيئٽ جي امتحان ۾ ڌڪي تي پاس ٿيو آهي. ان زماني ۾ اسان جو اهو خيال هوندو هو تـ مڙئي پاس ٿيڻو آهي. انهي جو اڳتي هلي نقصان اهو ٿيو جو منهنجي ٽن مهينن جي لاءِ واشنگٽن ڊي سي ۾ ٽريننگ ٿي نـ سگهي. ڇو جو IMF وارن مون کي انهي ڪري مالي فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو جو آئون تعليم جي هڪ امتحان ۾ ڌڪي پاس هوس. بس ائين آمريڪا ڏسڻ کان رهجي ويس. منهنجو هتي نوجوان دوستن کي عرض آهي تـ رڳو پاس ٿيڻو ناهي پر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيڻو آهي. ڇو جو هاڻي هتي فيڊرل گورنمينٽ ۾ مئٽرڪ کان ويندي آخري ڊگري تائين سيڪنڊ ڪلاس واري کي ڪا بـ نوڪري نـ ملندي. خبر نـ آهي جو ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتاسين. بس ماستري ۾ ائين وقت گذرندو ويو. تان جو PTC (پرائمري ٽيچرس ٽريننگ) جي ٽريننگ جا آرڊر اچي ويا. ڪن کي لاڙڪاڻي تـ ڪن کي مٺياڻي، جنهن جو ٿورو ذڪر آئون اڳي ڪري آيو آهيان.


    مٺياڻيءَ جا ڏينهن

    مٺياڻيءَ جا ڏينهن

    اهو مٿي ذڪر ڪري چڪو آهان تـ مون مٺياڻيءَ نقشي ۾ ڳولي لڌي هئي. تاريخ تـ ياد نـ آهي پر اهو 1976 ع جو زمانو هو, ٺهي جُڙي آئون ۽ مشڪور ڦلڪارو حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن واري علائقـي وٽان صبح جو سکر واري بس ۾ سوار ٿي وڃي نوشهروفيروز لٿا هئاسين. اُتان مٺياڻيءَ ويا هئاسين واٽ تي نوشهروفيروز ۽ مٺياڻيءَ جي وچ ۾ ڪهڙا وڏا وڏا ڳوٺ آيا هئا، اهو مون کي هاڻي ياد ڪونهي. ايترو ياد اٿم ڪاليج جي هاسٽل اسان کان اڳ ئي ڀرجي وڃڻ جي ڪري، اسان پهرين رات ڪاليج جي مسجد ۾ وڃي ستا هئاسين. ٻئي ڏينهن ڪاليج وارن اسان جو “ابجي” واري علائقـي جي ڪنهن اسڪول ۾ رهائش جو بندو بست ڪيو هو. بدين ضلعي ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج نـ هئڻ جي ڪري ان سال اسان مان ڪن کي مٺياڻي تـ ڪن کي لاڙڪاڻـي ٽريننگ لاءِ موڪليو ويو هو. جيتريقدر ياد پوي ٿو تـ اسان 80 کن استاد هئاسين، جن مٺياڻيءَ ۾ 1976-77 ع ۾ استادن واري ٽريننگ ورتي هئي. ان زماني ۾ جن استادن اسان کي پڙهايو، ان ۾ شامل هئا. مسٽر گل حسن تيوڻو، مسٽر تاج محمد شاهـ، مسٽر روشن علي پنهور، مسٽر غلام سرور ڳوراهو، مسٽر حاجي خان مشوري، مسٽر محمد عثمان سومرو, مسٽر مير محمد چانڊيو، ۽ مسٽر محمد انور مستوئي، جنهن اسان کي ڊرائنگ جي امتحان جي تياري ڪرائي. جڏهن تـ پرنسيپال جون ذميواريون مسٽر عبدالرحيم چنـا صاحب ادا ڪري رهيو هو. استاد تـ سڀئي سٺا هئا، ڪنهن جي ڪنهن سان ڀيٽ ڪرڻ سٺو نـ ٿو لڳي. پر داڻن ۾ هڪ موتي داڻو هو سائين گل حسن تيوڻو. جنهن ۾ هڪ باصلاحيت استاد جا سڀئي رنگ موجود هئا. خوش اخلاق، طبعيتن نرم،گفتگو جو هڪ مخصوص انداز، هن استاد کي سڀني استادن کان ممتاز ڪري ڇڏيو هو. مٺياڻي جي استادن مان صرف اهو ئي استاد آهي، جنهن جو مون سان اسلام آباد تائين رابطو رهيو. هئا تـ سڀئي لائق ۽ سهڪاري استاد پر تيوڻي صاحب جو هڪ الڳ مقام هو. ان زماني ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي طرفان سال ۾ هڪ دفعو مئگزين نڪرندو هو. غالبن سائين تيوڻي صاحب انهي متعلق ڪا ڳالهـ ڪئي آهي، انهي خط ۾ منهنجي طرفان ڪجهـ ڪاغذن موڪلڻ تي پڻ شڪريو ادا ڪيو آهي، مون کي ياد نـ آهي تـ اهي ڪاغذ ڇا بابت هئا. جيڪي مون سائين جن کي موڪليا هئا. سندس لکيل خط جيئن جو تيئن هيٺ ڏجي ٿو.
    Gul Hassan Tiwano
    M. A (Eco) , M. Ed, LLB H. S. T Grade-16, Govt. Teachers Training School, MITHANI.
    10/1/78
    پيارا ڀاءُ
    اسلام عليڪم
    1. اميد تـ جملي متعلقين سميت بلڪل خوشباش هوندا.
    2. توهان جو 31/12 وارو خط وصول ٿيو ۽ اجهو جوابن عرض.
    3. 31/1 تي مئگزين ملي رهيو آهي ۽ اسان متعلقين ڏانهن ايڊريسن پٽاندڙ موڪلينداسين. توهان جي راءِ کي آئون خيال ۾ رکان ٿو ۽ انشاالله حسب خواهش شامل ڪندس. بهرحال ڪوتاهيءَ جي صورت ۾ عفو و درگذر کان ڪم وٺندا. انفرادي طور، اميد تـ توهان کي 25/2 ڌارا وصول ٿي ويندا(انشاالله)
    4. ادا جيئن ۽ جنهن حال ۾ توهان اسان کي 1976ع ۾ ڏسي ۽ 1977ع ۾ ڇڏي ويا آهيو 1978ع دوران پڻ انهيءَ طور ۽ طريقن سان “تخريبي قوتن” سان طبع آزما آهيون. متوقع نتائج بـ محسوس پيا ٿين پر “ مايوسي” ڪفر جي مترادف سمجهي سلسلي کي منقطع نـ ڪيو آهي. شال، الله تعاليٰ توهان کي ڪامياب ڪري ۽ اسان کي پڻ.
    5. باقي سڀ خير جي قابل
    6. ٻي ڪا ڪار خدمت
    7. توهان جو پيپرن مهيا ڪرڻ وارو احسان ياد آهي
    8. منهنجون دعائون ۽ نيڪ خواحشون توهان جي جملي سڄڻن کي
    9.
    دعاگو
    گ-ح-ت
    (گل حسن تيوڻو)

    مٺياڻين ۾ جڏهن آئون ويو هوس تـ منهنجي رنگين ۽ مست جواني هوندي هئي. منهنجي ان وقت ڄمار مشڪل سان 20 سال کن هوندي. انهي شهر ۾ گذاريل هڪ سال منهنجن بهترين ۽ اڻ مٽنجندڙ يادن تي مشتمل آهي. انهي جي وسيلي مون کي راشد مورائي جهڙا عظيم انسان مليا، جن منهنجي زندگيءَ ۾ نئون موڙ آڻي ڇڏيو. جيئن مٿي اهڙو ذڪر اچي چڪو آهي تـ اسان 80 جي لڳ ڀڳ استاد هئاسين، جن ۾ سڀني کان ننڍي ڄمار منهنجي هوندي هئي. اڃان ڏاڙهي مڇ خير ڪو آئي هئي. هتان ڳوٺ ڇڏڻ کان اڳئي ماڻهن مون کي ڀري تيار ڪري ڇڏيو هو تـ “خيال ڪجانءِ اتر جا ماڻهو ڏاڍا ڏنگا اٿئي”. پر ان جي ابتڙ هتي جا ماڻهو جهڙوڪ مستوئي، سهتا، چانڊيا، ملڪ، مشوري، شيخ ۽ سولنگي مون کي ڏاڍا ڀلا لڳا. لک ٿورا الهـ ورائي سهتي جا جنهن دوستيءَ جو پورو پورو حق نڀايو، جنهن جي دوستيءَ جي ڪري مٺياڻيءَ ۾ پنهنجائپ جو احساس پيدا ٿيو. ائين لڳو تـ آئون پنهنجي ئي ڪنهن ڳوٺ ۾ پيو گهمان ڦران. الهورايو سهتو دلبر ماڻهو هو، الله کيس وڏي ڄمار ڏي هاڻي هو تبليغي ٿي ويو آهي. خير انهي نظريي سان تـ منهنجا هن سان لک اختلاف ٿي سگهن ٿا پر سندس اخلاق، سچائي، يارن جو يار، هن جهڙو مون نـ ڏٺو. هن جي محبت ۽ ساٿ جي ڪري، آئون مٺياڻي مان پنهنجي ٽريننگ پوري ڪري سگهيس. الهورايو سهتو ان زماني ۾ مٺياڻي هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ ۾ پڙهندو هو ۽ شام جو ڪئبن ٽائپ ڪتابن جي دڪان تي اچي ويهندو هو. جيڪو ڏينهن جو سندس والد صاحب هلائيندو هو. الهورايو جيئن اسڪول مان دڪان تي ايندو هو تـ آئون بـ ڪاليج ختم ڪري هن جي دڪان تي پهچي ويندو هوس. هفتـي ۾ هڪ دفعو هن جي گهران منهنجي لاءِ خاص ماني بـ ٺهي ايندي هئي. هن دوست جون مانيون ۽ مٺياڻي جي کنڊر ٿيل پراڻي بازار ياد ٿي پوي تـ دل چوي ٿي تـ اسلام آباد ڇڏي مٺياڻي هليو وڃجي. پر وقت جي وير هاڻي لهي چڪي آهي، انهي جو وري چڙهڻ ممڪن ڪونهي. مٺياڻي ڇڏڻ کان پوءِ ڪجهـ وقت لاءِ هن سان خطن جو سلسلو جاري رهيو پر اهو گهڻو وقت جٽاءُ نـ ڪري سگهيو. الهورايي سهتي جي دڪان جي سامهون هڪ ريزڪي دڪان هوندو هو، جنهن تي غلام مصطفيٰ چانڊيو نالي نوجوان ويهندو هو. انهي سان رڳو پري پري کان دعا سلام رهي. ڪنهن بـ قسم جي ويجهڙائپ ٿي نـ سگهي. شايد هو بـ ٻروچ ۽ آئون بـ ٻروچ تنهنڪري ٻئي نيگيٽو پوائنٽس، پاڻ ۾ ملڻ ممڪن ڪو نـ هو. سائنس جا اصول بـ ڪجهـ اهو ٿا ٻڌائين. پيارا ڀاءُ غلام مصطفيٰ معاف ڪجان آئون توهان جي باري ۾ ڪجهـ زياده ئي لکي ويو آهيان. استادن جن مون سان گڏ ٽريننگ ڪئي، انهي ۾ شامل هئا. مشڪور ڦلڪارو، عبدالرسول چانگ، محمود بوهڙ، محمد رفيق کوسو، محمد حنيف چانديو، محمد اسلم چانڊيو، غلام علي سومرو وغيره وغيره، انهي سڀني ۾ دلچسپ شخصيت جو مالڪ هوندو هو محمود بوهڙ. هي جيڪڏهن ڪنهن استاد جي صحيح ٿيل ڏسندو هو تـ انهيءَ جو نقل اهڙو ڪندو هو جو مالڪ پاڻ بـ نـ سڃاڻندو هو ۽ بئنڪ وارا بـ چيڪ کي چئليج ڪونـ ڪري سگهندا هئا. ان زماني ۾ هر هڪ استاد کي ڪجهـ پريڪٽيڪل ليسن هلائڻا پوندا هئا. هر ليسن جي پٺيان واسطيدار استاد جي صحيح سان گڏ نوٽ هوندو هو، جيڪي اسان اڌ هلايا ۽ اڌ محمود کان نوٽ ۽ صحيح هڻائي جمع ڪرائي ڇڏيا. اهو تـ اسان جي مٿين استادن جو ظرف هو يا هو پنهنجي صحيح نـ سڃاڻي سگهيا يا وري انهن انهي غلط ڪم تي ڪنهن بـ قسم جو ڪو ردعمل ظاهر نـ ڪيو. مٺياڻي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ جيڪا خاص مشهور ڳالهـ هوندي هئي. اهو هو ڪاليج جو Demonstrating Hall جنهن کي ننڍن لفظن ۾ ڊي هال چيو ويندو هو. ان هال ۾ ڪنهن زماني ۾ سکيا وٺندڙ استاد ليسن وغيره هلائيندا هئا يا ڪا راڳ رنگ جي محفل منعقد ٿيندي هوندي. پر اسان جي زماني ۾ ان جي حالت اهڙي ڪا نـ هئي، جو ان ۾ ڪا ڍنگ جي محفل مچائي سگهجي. مٺياڻي ڪاليج جا استاد ڳالهـ ڪندا هئا تـ هڪ دفعي لاڙڪاڻي پاسي جا شاگرد ٽريننگ لاءِ آيا. ان وقت ڊي هال ۾ فنڪشن ٿيندا هئا. جڏهن تـ ڊي هال جي پنهنجي هڪ دهشت بـ هوندي هئي. هڪ شاگرد پنهنجن مائٽن کي خط لکيو تـ “ مون کي فلاڻي تاريخ تي ڊي هال لڳو آهي. ” مائٽن کي ڪهڙي خبر تـ ڊي هال ڇا ٿيندو آهي. سو هو روئيندا پٽيندا ڳوٺان نڪتا تـ اسان جي ٻچي کي ڪٿي ڊي هال لڳو آهي. مطلب تـ همراهـ ڪو زخمي ٿي پيو آهي. مون کي مٺياڻي جو ڊي هال وري تـڏهن ياد آيو، جڏهن وري Senior Management Course جي لاءِ لاهور ويو هوس. جتي پهرين دفعي منهنجون بـ وڏي پيماني تي ٽنگون رڦيون هيون. باقي رڳو ڪرڻ کان بچي ويو هوس. انهي لاهور واري هال جو نالو بـ ڊي هال هو. دل ۾ آيو تـ جيڪڏهن مٺياڻي ۾ اها ٽريننگ ٿي وڃي ها تـ هتي لاهور ۾ اهڙا ڏينهن ڏسڻا نـ پون ها.
    شهر جي ماڻهن سان گهڻي عليڪ سليڪ ڪا نـ هوندي هئي. سواء چند ماڻهن سان دعا سلام ۽ هٿ جوڙ رهي، ٿي سگهي ٿو تـ گهڻو عرصو گذري وڃڻ جي ڪري آئون انهن کي ياد نـ هجان پر مون کي سندن چٽا عڪس اڄ بـ ذهن جي هارڊ ويئر ۾ محفوظ آهن. اڪثر ڪري ڪاليج جي دوستن سان گڏ اٿڻ ويهڻ پيو ٿيندو هو. ان کان سواءِ ڳوٺ “ابجي” جي غلام مصطفيٰ سولنگي سان قرب واريون ڪچهريون الڳ ٿلڳ نويڪلائي ۾ پيون ٿينديون هيون. هو انهي زماني ۾ جيتريقدر مون کي ياد پوي ٿو تـ مٺياڻي هاءِ اسڪول ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. انهي دوست سان گڏ بـ ڪنڊائتو ڪنهن هوٽل جي ڪنڊ ۾ ويهي ڪنهن کير پتي چانهـ جي ڪپ تي قرب ڪچهريون اڄ بـ ذهن جي ڪنهن ميموري جي خاني ۾ سندس ياد کي تازو ڪنديون رهن ٿيون. هن قرب ڏيڻ ۽ قرب وٺڻ واري انسان سان وري ملاقات نـ ٿي آهي ۽ شايد اهڙي ملاقات وري نـ ٿئي. پر سندس اترادي لهجي ۾ کلڻ ۽ ڳالهائڻ مون کي اڄ ڏينهن تائين نـ وسريو آهي. هاڻي تازو ڪاشف شيخ صاحب جي مهربانين سان الهورايو سهتي سان وري ناتا ۽ رشتا بحال ٿيا آهن، جنهن انتهائي درد ڀري خبر ٻڌائي تـ غلام مصطفيٰ سولنگي هاڻي هن دنيا ۾ نـ رهيو آهي. اهو ٻڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. مون تـ غلام مصطفيٰ جي جواني ڏٺي ئي ڪا نـ هئي. ڪڏهن ڪڏهن تـ هو اسڪول مان ڪتاب ڪڇ ۾ کنيو سڌو مون وٽ هاسٽل هليو ايندو هو. پوءِ اسان ڪچهري ۾ اهڙا محو ٿي ويندا هئاسين جو وقت جي اسان کي خبر ئي نـ پوندي هئي. حقيقت ۾ ان وقت اسان اڃان ٻار هئاسين عشق ۽ مشڪ جي اسان کي ڪا بـ خبر ڪا نـ هوندي هئي، تنهنڪري اهڙي موضوع تي اسان ڪڏهن بـ نـ ڳالهائيندا هئاسين. آئون ڪيئن مڃان تـ هن جي ساهـ جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو ۽ وري پنهنجن آکيرن تي نـ موٽندو. ڪاش هُن جي ڏوراهين ڏيهـ وڃڻ کان پهرين منهنجي هُن سان هڪ ملاقات ٿي وڃي ها تـ اسان ننڍي هوندي وارين ڳالهين کي وري ياد ڪيون ها. پر وقت ۽ حالتن اسان کي اها اجازت نـ ڏني. مٺياڻيءَ جي جن ٻين دوستن سان دعا سلام رهي، انهن ۾ مستوئن جا ڇوڪرا شامل هوندا هئا، جن جا نالا هاڻي ياد نـ آهن. مون هي ڪجــهـ لکڻ کان پهريان ڪوشش ڪئي تـ ڪن دوستن جو حال احوال ملي سگهي پر انهي ۾ مون کي ڪاميابي نصيب نـ ٿي. ها البت مشتاق مستوئي سان آسلام آباد ۾ هڪ ٻـ ملاقاتون ضرور ٿيون هيون. اسلام اباد ۾ مٺياڻين جو محمد صادق ملڪ، جيڪو اسلام آباد پوليس ۾ آهي، انهي سان مٺياڻيءَ بابت ڪافي ڪچهريون ٿيون آهن. تمام ڀلو ماڻهو آهي، مون سان وڏي اخلاق ۽ ادب سان پيش اچي ٿو.
    جنهن بلڊنگ ۾ اسان پڙهياسين اها مٺياڻي ڪاليج جي پراڻي بلڊنگ هئي. ڪاليج بلڊنگ جي اڳيان هڪ بهترين قسم جو باغيچو هوندو هو. انهي نون نڪور گُلن ۽ مکڙين جي سار سنڀار چاچي رسول بخش سهتي جي ذمي هوندي هئي، جيڪو ڪاليج جو مالهي هوندو هو. انهي باغيچي جي لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست هڪ نار جي ذريعي کوهـ مان ڏاند ٻڌي ڪيو ويندو هو. انهي باغ جي وچ ۾ هڪ وڏو بليڪ بورڊ لڳل هوندو هو، جنهن تي سائين حاجي خان مشوري هر روز صبح جو ڪنهن سنڌي اخبار جون خاص خاص سرخيون چاڪ سان اچي لکندو هو. هڪ اڌ خبر لاڙ پاسي جي بـ لکي ڇڏيندو هو، جيڪا اسان جي دلچسپي جو سبب بڻجندي هئي. خاص ڪري هر ماڻهو پيو موڪل واري خبر ڳوليندو هو. هاسٽل، ڪاليج جي پٺيان هوندي هئي پر اسان پي سي اسڪول ۾ رهندا هئاسين، جتي هينئر نئين بلڊنگ ٺهيل آهي اتي وڏو خالي ميدان پيل هوندو هو، جنهن تي اسان شام جو والي بال راند ڪندا هئاسين. ڪاليج جي اڳيان روڊ هوندو هو، جيڪو پي سي اسڪول ۽ پوليس ٿاڻي جي اڳيان ٿيندو، هيلٿ سينٽر جي ديوار سان پاسو ملائيندو، نوشهرو فيروز ڏانهن نڪري ويندو هو. ڪاليج جي ديوار جي پاسي ۾ چنـا صاحب (هاڻي نالو ياد ڪونهي) جي چانهـ جي هوٽل هوندي هئي. جنهن تي اڪثر اسان ٽريننگ اسڪول جا استاد اچي وهندا هئاسين. پر ائين بـ ڪونـ هو. هن سدا بهار ۽ هر وقت رونق سان ڀرپور سياحتي ماڳ تي مٺياڻيءَ شهر جا ماڻهو بـ شام جو انهي هوٽل تي اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا. ڇو جو ٻاهر روڊ تي اها هڪڙي ئي هوٽل هوندي هئي هر ڪو پنهنجي وت ۽ وس آهر پيو دل پشوري ڪندو هو. ڪن مقامي ماڻهن جون اسان جي استادن سان دوستيون ياريون ٿي ويون هيون، انهن جي ملاقات جي جڳهـ بـ اهائي هوندي هئي. مٿان اُتر سنڌ جي گرمي ماڻهن کي ڪنهن کليل پُر فضا مقام تي ويهڻ جي لاءِ مجبور ڪندي هئي. ان زماني ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو بـ ڪو خاص بندوبست ڪو نـ هوندو هو. هڪ اڌ بس مورو، وايـا نوان جتوئي، مٺياڻيءَ پهچندي هئي، باقي نوشهروفيروز کان مٺياڻي تائين سوزڪيون هلنديون هيون. مون کي جيترقدر ياد پوي ٿو تـ SRTC جي هڪ بس بـ رات جو مٺياڻيءَ ۾ نائٽ ڪري صبح جو سوير حيدر آباد لاءِ رواني ٿيندي هئي. سو هر آئي وئي تي نظر بـ انهي هوٽل تان رکبي هئي. ظاهر آهي تـ هر ماڻهو جو پنهنجو پنهنجو ذوق ۽ شوق هوندو آهي. خلقڻهار هن کوپڙي ۾ خبر نـ آهي تـ ڇا ڇا ڀري ڇڏيو آهي. ڪي خالي ڏسڻ جا شوقين تـ ڪي وري کائڻ ۽ پيئڻ جا شوقين، اسان تـ هوندا هئاسين صوفي ماڻهو بس چانهـ جي ڪوپ تي موج ٿي ويندي هئي. هوٽل جي اندر ڪنڊائتو ڪمرو پڻ هوندو هو. جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن سُلفي سُوٽو بـ پيو ٿيندو هو تـ ڪڏهن وري سنڌي ٿاڌل جا جام بـ پيا ڀربا هئا. هڪ شام مون کي بـ هنن چاڙها ڏيئي هڪ گلاس پياري ڇڏيو. آئون صوفي ماڻهو ڪڏهن سگريٽ چپن تي نـ رکيو هجي تنهن کي جيڪڏهن ڀنگ جو گلاس پيئارجي تـ ڳالهـ ڪٿي وڃي بيهندي. اهو شام جو وقت هو، چُڪو چاڙهي ۽ والي بال جي راند جي ميدان تي اچي بيٺس. هڪ بال مان مون کي ٻـ، ٽي بال پيا نظر اچن. حالت غير تي ڪن گَهڻگُهرن تاڙي ورتو تـ هن سان ڪو معاملو ٿيو آهي. مون کي ايترو هوش هو جو مون انهن دوستن کي چيو تـ مون کي ڀنگ پياري ويئي آهي. هاڻي مون کي ياد ڪونهي تـ اهو ڪير دوست هو، جنهن مون کي زور سان ڳلن تي هڪ ٻـ چماٽون وهائي ڪڍيون هيون تـ مون کي لڳو تـ 80 سيڪڙو نشو لهي ويو آهي. انهن لپاٽن جا نشان منهنجن ڳاڙهن ڳٽول ڳلن تي ڪافي ڏينهن نمايان رهيا، جن تي ڪنهن بـ قسم جي ڀورن وارن جي ريکا بـ اڃان ظاهر ڪا نـ ٿي هئي. اسان جنهن پي سي اسڪول ۾ رهندا هئاسين، انهي جي پاسي ۾ پوليس ٿاڻو هوندو هو، عين انهي جي سامهون باغ هوندو هو، انهي ۾ ليمن جا وڻ بـ هوندا هئا. اتان ليمان پٽي مون کي اچي کاريائون تـ منهنجا نشا لهي ويا. انهي ۾ جن دوستن منهنجي درد کي پنهنجو درد سمجهو اهي هئا، رفيق کوسو، مشڪور ڦلڪارو ۽ “ابجي” جو دوست غلام مصطفيٰ سولنگي. جيڪو اسان سان والي بال راند گڏ کيڏندو هو. مون کي لڳو تـ غلام مصطفيٰ سڄي رات ننڊ ڪا نـ ڪئي هئي. ڇو جو صبح جو سوير مون کان پڇڻ آيو تـ “توهان جي طبعيت ڪيئن آهي. ” هن جي نشيلن نيڻن ۾ مون کي پيار جي پالوٽ نظر آئي هئي. جڏهن تـ هو ڄمار ۾ مون کان ننڍو هو. اڃان نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. مطلب تـ رات جو دير تائين چني جي هوٽل تي ۽ جلال چانڊيـي جي ڪيسٽ تي لاڙ ۽ اتر جي ماڻهن جو ميلو متو پيو هوندو هو. ذات شوقين ڪنهن نـ ڪنهن حيلي بهاني چنـا صاحب جي هوٽل جي حاضري پئي ڀربي هئي. اسان جا ڪجهـ استاد پٽڪن جا بـ شوقين هئا. شام جو ڊبل گهوڙو بوسڪي مٿي تي ٻن تُرن سان پَٽڪو ٻڌي استاد جنهن مهل مٺياڻيءَ جي روڊ تي نڪرندا هئا. واهـ سائين واهـ، لئي لڳي ويندي هئي. اهو پٽڪن جو رواج تڏهن ختم ٿيو، جڏهن هاسٽل مان اسان جي هڪ استاد جو پٽڪو چوري ٿي ويو. انهي پٽڪي جو چرچو نـ رڳو هاسٽل تائين رهيو. پر انهي جون وڙولون شهر تائين وڃي پهتيون. دڙڪا دهمان ٿيا، منٿون ميڙون ٿيون، راڄن ڀاڳن تي بار وڌا ويا، پر اڄ 40 سال گذري وڃڻ کان پوءِ بـ پٽڪي جو ڪو پير ۽ کُر نـ لڳو آهي.
    مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بـ ڪچو ڪو نـ ڏٺو هو، مٺياڻيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ خبر پئي تـ ڪچي جو علائقو هتان بلڪل ويجهو آهي. شهر ۾ منهنجا ٻـ دوست هوندا هئا (اڃان بـ آهن) هڪ الهـ ورايو سهتو ٻيو غلام مصطفيٰ سولنگي.(مرحوم) باقي اسان سڀ ٽريني استاد هئاسين، جنهن ۾ مشڪور ۽ آئون ستين ڪلاس کان وٺي گڏ پڙهيا هئاسين ۽ رفيق کوسو سو بـ اسان جو ساٿي هو. مون اچي هنن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو تـ مون کي ڪچو گهمايو. ان زماني ۾ جمعي تي هفتيوار موڪل ٿيندي هئي. سو اهو ڏينهن ڪپڙا ڌوئڻ ۽ نماز پڙهڻ ۾ پورو. سو منهنجو شوق پورو ئي نـ ٿئي. نيٺ هڪ ڏينهن شهر ۾ پڙهو گهمايو ويو تـ فلاڻي ڏينهن بچاءَ بند تي ڏاندن (ڍڳن) جي ڊوڙ جو مقابلو (گوءِ) ٿيندو. منهنجو شوق ويتر وڌي ويو تـ ميل بـ ڏسبو ۽ ڪچو بـ گهمبو. خير سائين مقرر ڏينهن تي بچاءَ بند تي خلق ئي خلق، وڏي رش ماڻهن جي لڳي وئي. جيڏانهن ڪر نگاهـ ماڻهو ئي ماڻهو. مون کي تعجب تڏهن ٿيو جڏهن ڏاندن کي سينگاري سنواري مقابلي جي لاءِ بيل گاڏين ۾ ٻڌائون. جڏهن تـ اسان وٽ لاڙ سنڌ ۾ ڍڳن (ڏاندن) کي هرن ۾ ٻڌي پوءِ مقابلو ڪيو ويندو آهي. هڪ هنڌ انبوهـ ماڻهن جا نظر آيا، پتو لڳو تـ تر جي وڏيري جي ڏاندن جي جوڙي مقابلي لاءِ ميدان ۾ لهي ويئي آهي. وڏيري وانگر ڏاند بـ مون کي ٿلها ٿمنبرا ۽ متارا مواڙ نظر آيا. هر ماڻهو جو اهو رايو هو تـ وڏيري جا ڏاند ميدان ماري ويندا. مقابلو شروع ٿيو ڏاندن ڊوڙڻ شروع ڪيو. خلق سڄي ڏاندن جي پٺيان، ڪارون (مون کي جيتريقدر ياد پوي ٿو تـ ڪارون ڪي ايتريون گهڻيون ڪو نـ هيون) موٽر سائيڪل، سائيڪل، پيادل، مطلب تـ هر ماڻهو جو رخ اوڏانهن، رزلٽ آئي، پتو لڳو تـ وڏيري جا ڏاند هارائي ويا. هڪ غريب هاري جا ڏاند کٽي ويا. انعام اڪرام ٿيا، ناچ گانا، هر ماڻهو پيو غريب هاري کي مبارڪون ڏي. بر۾بازارون لڳي ويون. هاڻي چِميگويون شروع ٿي ويون تـ اهو معجزو ڪيئن ٿيو. وڏيري جا ڏاند ڪيئن هارائي ويا. پتو لڳو تـ ڪچي ۾ ڪو بزرگ آهي، جنهن جو نالو پير علي گوهر شاهـ آهي. ان انهن ڏاندن کي دعا ڪئي هئي، اهي ئي ڏاند مقابلو کٽي ويا آهن ۽ اهو بزرگ ان وقت اڃان حال حيات هو. مون کي هاڻي اها ڳالهـ سمجهـ ۾ آئي آهي تـ ان وقت جي پيرن جو ڪو اصول هوندو هو. هر اليڪشني وڏيري کي دعا ڪو نـ ڪندا هئا. هاڻي تـ نـ اهي پير رهيا آهن نـ وري اهي وڏيرا. ناڻو سڀني جي مٿان حاوي ٿي ويو آهي. ناڻي وڏيرن ۽ پيرن جا شوق ۽ شغل ئي ڦيري ڇڏيا آهن. هن موضوع تي جيڪڏهن ريسرچ ڪجي تـ گهڻو ڪجهـ لکي سگهجي ٿو. پر جيئن تـ اهو سڀ ڪجهـ منهنجي هن ڪتاب کي دائري ۾ نـ ٿو اچي. آئون وري اچان ٿو مٺياڻي جي ڪچي ۾ پير علي گوهر شاهـ تي. هاڻي شوق اچي جاڳيو تـ پير صاحب سان ملاقات ڪجي. تنهنڪري هڪ ڏينهن مشڪور ڦلڪارو، آئون ۽ ٽيون شخص هڪ اسان جو ساٿي استاد هو پر مُلو هو. اسان ٽيئي ڪچي ۾ لهي پياسين. هاڻي مون کي ياد ڪونهي تـ اسان ڪيترو پنڌ ڪيو هو. پر ايترو ياد آهي تـ اسان ٻيڙي ۾ بـ چڙهيا هئاسين. پير صاحب اسان سان وڏي حب ۽ اُڪير سان مليا، هي مون کي روائتي پير نظر ڪو نـ آيو. پير صاحب سان ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. انهي سڄي گفتگو جا مشڪور نوٽس پڻ ورتا پي. مون کي صرف ايترو ياد آهي تـ پير صاحب جي گفتگو جو محور روحانيت ۽ سياست هو. هُن ان متعلق ڇا ڳالهايو اهو مون کي بلڪل ياد ڪونهي. ها البت مشڪور چواڻي تـ پير صاحب اسان ٻنهي (مشڪور ڦلڪارو ۽ نظام لغاري) ڏانهن اشارو ڪري چيائين تـ توهان سنهڙي سائين سان وڃي ملو، باقي ٽئين اسان جي ساٿي ڏانهن ڪو خاص توجهـ نـ ڏنائين. پير صاحب جا چيل اهي لفظ مون کي بلڪل ياد ڪو نـ آهن. اهي مون مشڪور جي حوالي سان هتي لکيا آهن، ڇو جو هُن نوٽس ورتا پئي. بقول مشڪور جي، اهو اسان کي سائين جي ايم سيد سان ملاقات ڏانهن اشارو هو. پر آئون انهي ڳالهـ تي ڪا بـ پنهنجي راءِ نـ ڏيندس، ڇو جو مون کي اهو ياد ئي ڪونهي تـ ڪو پير صاحب اهي لفظ چيا بـ هئا. ها البت سائين جي ايم سيد سان اسان ٻنهي جي گڏ ملاقات ٿي هئي. انهي مُلاقات جا خمار اڃان تائين نيڻن مان لهي نـ سگهيا آهن.
    مٺياڻيءَ ۾ ٻيو جيڪو شخص هو، ظاهري طرح تـ مولوي هو پر روائتي مولوي ڪو نـ هوندو هو. هو هڪ سنڌ جو وڏو شاعر هو سندس نالو مولوي قادربخش ڀرٽ هو . جڏهن تـ سندس تخلص “محزون“ هوندو هوس. پاڻ تمام سٺو شاعر هوندو هو. آئون ۽ مشڪور وٽس اڪثر پيا ويندا هئاسين. سندس مدرسو مٺياڻي جي بازار، جتي ختم ٿيندي هئي اتي هوندو هو. جهڙو دماغ جو کليل هوندو هو. اهڙي دل بـ ڪشادي هوندي هئس. جڏهن بـ محزون صاحب وٽ ڪچهري تي ويندا هئاسين تـ شاعري ٻڌائڻ ۽ سنڌي ادب تي گفتگو اسان جو موضوع هوندو هو. هن شخص سان پڻ اسان جون کوڙ ساريون ڪچهريون رهيون. پاڻ ديوبندي طبعيت جا مالڪ هئا. مذهب ۾ هميشه اعتدال پسند نظر آيا، انتها پسندي کيس پسند نـ هوندي هئي. مٺياڻي ڇڏڻ کان پوءِ ساڻس ملاقات نصيب نـ ٿي آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن کنگهـ کڙڪو يا دُشمنن جي طبعيت خراب ٿيندي هئي تـ رخ ڪبو هو سرڪاري اسپتال ڏانهن. اسپتال تـ تيار ٿي وئي هئي. البت اڃان ڊاڪٽر وغيره مقرر ڪو نـ ٿيا هئا. مٺياڻي هيلٿ سينٽر ۾ هڪ ماڻهو هو قمر الدين سهتو، خبر نـ آهي تـ ڊاڪٽر هو يا ڪمپائونڊر، الله وڏي ڄمار ڏيس ڏاڍو ڀلو ماڻهو هوندو هو. با اخلاق باڪردار، مون جڏهن بـ ڏٺو تـ ڪپڙن لٽن ۾ تيار،ڳالهائڻ ۾ فهميدو، مون کي هميشه ٻڪ گورين جو ڀري ڏيندو هو. ساڻس ڪنهن قسم جي دوستي ياري قائم نـ ٿي سگهي. هو خبر نـ آهي تـ ڪهڙن چڪرن ۾ هوندو هو، سو اتي اسان کي لفٽ ڪا نـ ملي. باقي ايترو ضرور چوندس قمرالدين سهتو فضيلت ڀريو انسان هو. يقينن آئون هن کي ياد نـ هوندس، پر سندس خوبصورت اخلاق ۽ سهڻي سڀاءَ جا ڌنڌلا عڪس اڄ بـ ذهن جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ سندس ياد ڏياريندا رهن ٿا.
    هي قصو انهي وقت جو آهي جڏهن نـ آئون مٺياڻي ۾ هوس نـ وري ماستر،تقريبن سنڌ ڇڏي چڪو هوس. ها باقي اسلام آباد مان هر ٻئي ٽئي مهيني ڳوٺ اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو. هڪ ڏينهن ڪنهن ڪم سانگي حيدرآباد کان ڪراچي وڃڻ جو پروگرام ٿي ويو. ان زماني ۾ اڃان سپر هاءِ وي تي ايئر ڪنڊيشنڊ بس سروس شروع نـ ٿي هئي. ڪراچي جي لاءِ بدين بس اسٽينڊ تان بس ۾ سوار ٿبو هو، اها بس سڄو شهر گهمائي ڦيرائي ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ وڃي حيدرآباد شهرکي ڇڏيندي هئي. ائين بس ۾ ڪراچي وڃڻ لاءِ ويٺو هوس تـ ڪنهن پوئين سيٽ تان ٻارن وانگر اکين تي کڻي هٿ رکيو. حيران پريشان ٿي ويس تـ هي ڪير ماڻهو ٿي سگهي ٿو، جنهن اهڙي حجت ڪئي آهي. پاڻ ڳالهايائين پر آئون سندس آواز سڃاڻي نـ سگهيس. نيٺ تعارف ڪرائيندي چيائين تـ “آئون آصف مٺياڻوي آهيان، توهان نظام لغاري آهيو” مٺياڻي جو نالو ٻڌي منهنجا ڪن کڙا ٿي ويا هئا. آئون پنهنجي بس جي سيٽ ڇڏي اچي هن سان گڏ ويهي رهيو هوس. مون هن کان پڇو تـ “ توهان مون کي ڪيئن سڃاتو آهي” هن جواب ڏنو هو تـ “ مٺياڻي ۾ جنهن اسڪول ۾ توهان رهندا هئا، (پي سي اسڪول) آئون انهيءَ اسڪول ۾ پنجين درجي ۾ پڙهندو هوس. وري جڏهن توهان اسان جي اسڪول ۾ ليسن هلائڻ ايندا هئا تـ آئون توهان کي ڏسندو رهندو هوس. اڃان اڳتي جڏهن مون شاعري شروع ڪئي ۽ راشد مورائي سان ڏيـٺ ويٺ ٿي تـ سائين راشد هر ڪچهري ۾ اوهان جوئي ذڪر ڪندو هو. تـ آئون دل ئي دل ۾ چوندو هوس تـ نظام تـ منهنجو بـ دوست آهي. هينئر جڏهن توهان بس ۾ چڙهيا تـ مون توهان کي سڃاڻڻ ۾ ڪا بـ غلطي نـ ڪئي. ” هن اهو سڀ ڪجهـ وڏي پيار، پاٻوهـ ۽ محبت مان مون کي ٻڌايو هو. پوءِ اسان دلين جا دفتر کولي ڇڏيا ۽ ڪچهرين جا ڪوٽ اڏي ڇڏيا. اسان ڪچهري بـ ڪندا وياسين ۽ رکي رکي هي مون کي پنهنجي شاعري بـ ٻڌائيندو رهيو. بعد ۾ آئون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ هن جي شاعري پڙهندو رهيس. آصف مٺياڻوي شاعر هئڻ سان گڏ ڀلوڙ ماڻهو بـ هوندو هو. اسان انهي ٽن ڪلاڪن جي ڪچهري ۾ سنڌي ادب تي چڱو خاصو ڳالهايو هو. پر بدقسمتي سان ان کان پوءِ اسان جو ڪنهن بـ قسم جو پاڻ ۾ رابطو ٿي نـ سگهيو. بس ائين هڪ ڏينهن خبر آئي تـ آصف جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. اها خبر ٻڌي منهنجا ڇيهـ ڇڄي پيا هئا. مون کي اها ٽن ڪلاڪن جي بس واري ملاقات ياد آئي هئي، جنهن ۾ اسان يادن جا ڏيئا روشن ڪيا هئا. ڇو جو آصف جي اڃان وڃڻ جي ويل ڪا نـ هئي. ائين اسان جو هي دلبر دوست ۽ سنڌ جو بهترين شاعر اوڏانهن هليو، ويو جتان ڪو واپس نـ آيو آهي.
    دل چوي ٿي تـ مختصرن ٿورو ذڪر ريل جي سفر جو بـ ٿي وڃي، جيڪا پبلڪ سيڪٽر ۾ هوندي بـ پرائيويٽ سيڪٽر روڊ ٽرانسپورٽ جو مقابلو نـ ڪري سگهي آهي. هڪ رات سائين راشد مورائي وٽ ڪچهري ڪندي ۽ رات جي ماني کائيندي موري ۾ اسان کي دير ٿي وئي. ان زماني ۾ نماشام کان پوءِ مٺياڻي لاءِ سواري ملڻ ڪو سولو ڪم ڪو نـ هوندو هو. ايترا وري اسان وٽ ڏوڪڙ بـ ڪو نـ هئا جو ڪا ٽيڪسي وغيره کڻي ڪجي. ٻئي ڏينهن ڪلاس هئا ڪاليج پهچڻ بـ ضروري هو. سواءِ ريل گاڏي جي اسان وٽ ڪو ٻيو چارو ڪو نـ هو. منهنجي خيال ۾ اسان چار ماڻهو گڏ هئاسين. مشڪور ڦلڪارو جو هئڻ تـ مون کي ياد آهي باقي ٻيا ڪهڙا دوست گڏ هئا اهو ياد نـ اٿم. مون کي جيترو ياد پوي ٿو تـ رات جو 9 کان پوءِ ريل مورو مان نڪتي هئي، جيڪا تقريبن 11 بجي ڌاري اچي مٺياڻي پهتي هئي. واٽ تي هڪ ٻن اسٽيشنن تي بيٺي هئي پر انهن جا هاڻي نالا ياد ڪو نـ آهن. نـ ريل جي ڪنهن دٻي ۾ بلب ٻرندڙ هو نـ ئي وري مون کي ڪنهن اسٽيشن تي ڪو بجلي جو چمڪو نظر آيو. جنهن اسٽيشن تي ريل بيٺي ٿي، اسان رڙيون ڪري ٻاهر بيٺل ڪنهن ماڻهو کان پڇيو ٿي تـ هي ڪهڙي اسٽيشن آهي. ائين الله الله ڪري اسان اچي مٺياڻي پهتا هئاسين. شڪر آهي جو ٻاهر ٽانگو بيٺو هو، جنهن اسان کي کڻي اچي ڪاليج ڇڏيو هو.
    هي ريل ٽنڊو آدم جنگشن تان هلندي هئي. جيڪا ملان مکڻ، ڀٽ شاهـ، هالا، نيو سعيد آباد، سڪرنڊ، قاضي احمد، دولتپور صفن، مورو، نوان جتوئي، مٺياڻي، ٺارو شاهـ ۾ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندي هئي. هڪ ٺارو شاهـ مان نڪري، نوشهرو فيروز مان ٿيندي پڊعيدن تي وڃي مين لائين سان ملندي هئي. جڏهن تـ ٻئي پٽڙي ٺارو شاهـ مان سڌو محراب پور ۾ وڃي مين لائين ۾ پوندي هئي. انهي وچ ۾ ٻيون بـ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون اسٽيشنس هونديون پر طوالت جي ڪري هتي ڏئي نـ ٿيون سگهجن. ريلوي اختيارن جي مطابق اها ريل 1985ع تائين هلندي رهي، ان کان پوءِ بند ٿي ويئي. انگريز سرڪار ننڍي کنڊ ۾ ڪيئن ريلوي جو بهترين سسٽم جوڙيو هو. مين لائين سان گڏو گڏ سروس لائينون پڻ هلنديون هيون. پر اسان جي يارن اهڙي بهترين سسٽم کي تباهـ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. سبب وري اهو ٿو ڏنو وڃي تـ پرائيويٽ سيڪٽر جي ڪري ريل ۾ ماڻهو ڪو نـ ٿا چڙهن. فلم انڊسٽري کي VCR ۽ ڪيبل تباهـ ڪيو. سوال آهي تـ بجليءَ جو اڃان ڪو متبادل ڪونهي انهي کي تـ تباهي کان بچايو. آئون پنهنجي اخباري مضمونن ۾ انهي ڳالهـ تي زور ڏيندو رهيو آهيان تـ ريل، جهاز ۽ بجلي کي هلائڻ سرڪار جي وس جي ڳالهـ نـ آهي. تنهنڪري سرڪار جيستائين انهن شين مان هٿ ڍرو نـ ڪندي، تيستائين عام ماڻهو کي انهن جو لاڀ نـ ملي سگهندو. جيڪڏهن اڄ ٽيليڪام سيڪٽر سرڪار جي هٿ ۾ هجي ها تـ ائين هر ماڻهو موبائل فون کيسي ۾ کڻي ڪو نـ هلي ها ۽ نـ ئي وري نوجوان سوڙين ۽ رلين ۾ فون جون دٻليون لڪائي رات جي پيڪيج تحت ڪنهن اڻ ڏٺل محبوب سان ڊگهيون ۽ نـ کٽندڙ ڳالهيون ڪري سگهن ها.



    راشد مورائي سان ڏيٺ ويٺ

    راشد مورائي سان ڏيٺ ويٺ

    آئون پنهنجي پاڻ کي ڏاڍو خوش نصيب سمجهندو آهيان جو آئون ڪنهن ٿوري عرصي لاٰءِ کڻي مٺياڻي ويس. جنهن منهنجي دماغ جون سڀئي بند ٿيل ڳڙکيون کولي ڇڏيون. حالات ڪجهـ ائين ٿيا جو مشڪور کي شاعري جو شوق ۽ منهنجو ڪتابن سان هلڪو ڦلڪو لڳاءُ. هڪ رات اسان موري وڃي سائين راشد مورائي وٽ رات ٽڪياسين. ان زماني ۾ سائين درس روڊ واري جاءِ ۾ رهندو هو. انهي هڪ رات جي قرب ڪچهري ۽ قوم پرستي تي ڏنل ڊگهو ۽ دل لڀائيندڙ ليڪچر منهنجي زندگي جا طور طريقا بدلائي ڇڏيا. هڪ اهڙي ماڻهو جي صحبت نصيب ٿي جو آئون فرش تان عرش تي پهچي ويس. مون وٽ اهڙا لفظ ڪونهن جو انهي عظيم شخصيت جي شان ۾ هتي لکي سگهان. هڪ سال ۾ اسان جون ڪيتريون ملاقاتون ٿيون هونديون. ؟ يقينن ڏهن کان پنڌرهن تائين. پر هر ملاقات ۾ هڪ نئون اتساهـ، هڪ نئون سبق،جيڪو دل جي ڦرهي تي ائين ياد ٿي ويو جو اڄ ڏينهن تائين نـ وسري سگهيو آهي. بس ائين موري واريون ڪچهريون ۽ قومپرستي تي وڏا وڏا ليڪچر، جنهن ۾ اتساهـ هو ڌرتي لاءِ ڪجهـ ڪرڻ جو، جنهن ۾ اتساهـ هوندو هو پنهنجي پاڻ لاءِ ڪجهـ ڪرڻ جو. راشد مورائي دلبر ماڻهو، دوستن جو دوست، دل جو صاف، محبت ڏيڻ ۽ پيار وٺڻ وارو، خلوص ڀريو، بُردبار، برباد دليون آباد ڪرڻ وارو، مطلب تـ هو شاعر تـ وڏو هو ئي هو. پر ان تي هن ڪڏهن بـ فخر محسوس نـ ڪيو. هن شخص ۾ حد درجي جي نوڙت ۽ نهٺائي هوندي هئي. هڪ دفعي هن مون کي وڏي حب ۽ قرب مان چيو هو تـ “نظام تون سدائين پرائمري ٽيچر رهندين؟“ انهي ڪچهري ۾ ٻيا بـ ڪافي سارا دوست ويٺل هئا پر سائين راشد مورائي اهي لفظ مون کي مخاطب ٿي چيا هئا. گهڻا گهڻا سال اڳ اهي لفظ جڏهن منهنجن ڪنن ۾ ٻُريا هئا تـ مون کي ڪجهـ ڪرڻ جو جذبو جاڳيو هو. پوءِ سندس ئي همٿائڻ سان دنيا ڏٺو تـ آئون پرائمري ٽيچر مان ڊائريڪٽر جنرل ٿي ويس. آئون تازو جڏهن 5 مارچ 2017 ع تي سائينءَ جي ورسي ۾ مورو ويو هوس تـ ڪنهن دوست ڳولي مون کي اچي چيو هو تـ “سائين راشد جڏهن بـ ڪچهري ۾ ويهندو هو تـ گهڻي ۾ گهڻو ذڪر توهان جو ئي ڪندو هو. “اها هڪ قسم جي منهنجي خوش نصيبي هئي جو ايڏي وڏي قد ڪاٺ وارو ماڻهو مون ادنيٰ کي هر وقت ياد ڪندو رهي”
    آئون سمجهان ٿو تـ هن جو شاعرن ۽ اديبن کان سواءِ هڪ عام ماڻهو سان وڏو لڳ لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو هوندو هو. تنهنڪري ئي سندس دوستيءَ جي دائري ۾ مون جهڙا گهٽ پڙهيل ۽ جاهل ماڻهو بـ ايندا رهيا. هن وڏي ڪوشش ڪئي تـ آئون شاعر يا ڪهاڻيڪار ٿيان، پر بدقسمتي سبب آئون ڪجهـ بـ ٿي نـ سگهيس. مون انهي وچ ۾ ٻـ چار ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون پڻ لکيون هيون. پر اهي ڪنهن در قبول نـ پيون. ڇو جو انهن منهنجن ڪهاڻين ۾ نـ دم هو نـ خم هو. انهي جا ڪهڙا سبب هئا راشد مورائي جهڙا پڙهيل لکيل ۽ سچا دوست مون کي نصيب ٿيا، جيڪي هر ڪنهن کي نـ ملي سگهندا آهن. پڙهڻ جي لاءِ ڪتابن جي بـ ڪا کوٽ ڪونـ هئي، پر آئون ڪجهـ بـ ٿي نـ سگهيس. گهڻن سالن کان پوءِ جڏهن اسلام آباد مان، سنڌي رسالي ”افيئر” لاءِ ۽ انگريزي ۾ “ڊان” ۽ “دي نيوز” اخبارن لاءِ لکڻ لڳس تـ مونکان وڌيڪ انهي جي خوشي راشد مورائيءَ کي ٿي هئي. جڏهن تـ اهي نـ ڪهاڻيون هيون نــ وري ڪا شاعري، بس جيئرن جاڳندن ڪردارن تي ڪيڏارو هو، جيڪو آئون ڪڏهن سنڌي ۾ تـ ڪڏهن انگريزي ۾ پيو لکندو هوس. مون کي هر وقت اها هدايت پيو ڪندو هو تـ لکندو رهـ پوءِ جنهن ٻولي ۾ وڻئي پر لِک ضرور. انهيءَ مان مون کي اهڙو فائدو ٿيو جو آئون سنڌي ماستر مان ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي پهچي ويس. هي جيڪڏهن راشد مورائي مون کي پڙهڻ لکڻ ڏانهن نـ اُتساهي ها تـ آئون ڇهين گريڊ مان 20 گريڊ ۾ ڪڏهن بـ ڪونـ پهچي سگهان ها .
    راشد مورائي گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هوندو هو. ساڳئي وقت استاد، شاعر، سياستدان، مخلص دوست، ترتيب صحيح آهي يا غلط اهو تـ هن جي دوستن تي منحصر آهي تـ هو ان کي ڪهڙي حوالي سان سڃاڻن ۽ ڏسن ٿا. مون کيس مٿين مان سواءِ هڪ جي باقي سڀني پهلوئن کان ويجهو ڏٺو. سائين جي ايم سيد جي ويجهو هئڻ جي ڪري هو سٺو جيئي سنڌ جو مخلص ورڪر هو. پاتال ۾ پيهي ويندڙ شاعري هوندي هئس. دوستن جو بـ هڪ وڏو وسيع دائرو هوندو هوس. ڪڏهن بـ حالتن سان سوديبازي نـ ڪيائين، پنهنجي نظريي تي آخري دم تائين اڏول بيٺو رهيو. منهنجي ڪنن تي سائينءَ جي شاعريءَ جي جيڪا پهرين سٽ پئي هئي، اچو تـ ان نظم جو هڪ بند توهان کي بـ پڙهائيندو هلان.
    هي مفت جون مانيون ملان جون، جي اوڙو پاڙو آڻي ٿو،
    سا کائي کائي خوش ٿئي ٿو ۽ مفت ۾ موجون ماڻي ٿو،
    پوءِ ٽڻ مڻ، ٽڻ مڻ تسبيح تي، ٻي ڪار نـ ڪائي ڄاڻي ٿو،
    هي ڪافر آ، هو ڪافر آ، تند اهائي تاڻي ٿو،
    مان باغي هان، مان باغي هان
    آئون جيترو بـ وقت ڳوٺ رهيس (اسلا آباد کان پهريائين ۽ مٺـياڻيءَ کان پوءِ) اسان جو پاڻ ۾ خطن جي ذريعي رابطو رهيو. پر اتفاق سان آئون جڏهن ڳوٺ ڇڏي اسلام آباد هليو آيس تـ خطن واري سلسلي ۾ ڪجهـ خلل پئجي ويو،تنهن هوندي بـ اسان هڪ ٻئي کي هڪ پل لاءِ وساريو ڪو نـ . مون کي اسلام آباد ۾ جيڪو موري جو ماڻهو ملندو هو تـ پهريائين راشد مورائي جو پڇندو هوس. جڏهن تـ سائين جو آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان جڏهن بـ ڪن دوستن سان ڪچھري ۾ ويهندو هو تـ منهنجو ذڪر ضرور ڪندو هو. اهو سندس مون ناچيز سان پيار ۽ خلوص هو. منهنجي عادت رهي آهي تـ آئون دوستن جا خط سنڀالي رکندو آهيان. جڏهن ڳوٺ هوندو هوس تڏهن بـ ائين ڪندو هوس ۽ هاڻي اسلام آباد ۾ پڻ ائين ئي ڪندو آهيان. منهنجي خيال ۾ خط اهو مقدس دستاويز آهي جيڪو ٻن دلين کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو ۽ ان زماني جي تاريخ پڻ ٻڌائي ٿو. سائين راشد مورائيءَ جيڪي مون کي ڳوٺ خط لکيا هئا، ان سان تاج جويو جا خط گڏي مون هڪ الڳ فائيل ٺاهي رکي ڇڏيو هو. جڏهن تـ باقي دوستن جي خطن جو فائيل الڳ هو. جيڪي امان ويهن سالن تائين ڳوٺ سنڀالي رکيا هئا. امان جو هي جهان ڇڏڻ کان پوءِ اهي خطن جا فائيل آئون اسلام آباد کڻي آيو هوس. منهنجي اها بدقسمتي آهي جو سائين راشد مورائيءَ ۽ تاج جويي جي خطن وارو فائيل ڪٿي مون کان گم ٿي ويو آهي. باقي دوستن جا خط سڀ پيا آهن. انهي سلسلي ۾ تازو آئون جڏهن ڳوٺ ويو هوس تـ هڪ نجومي کان فال ڪڍرائي هئم. ڪنهن محبوب جي ملڻ لاءِ نـ پر گم ٿيل خطن جي فائيل لاءِ. هُن مون کي ٻڌايو هو تـ اهو فائيل فلاڻي جاءِ تي پيو آهي. انهي ساڳئي جڳهـ تي ڪيترا دفعا اڳ ڳولي چڪو هوس پر فائيل ڪو نـ مليو. نجومي جي چوڻ کان پوءِ ڪاغذ ڪاغذ ڪري وري ڳوليم پر ڪو نـ مليو. آئون انهي نتيجي تي پهتو آهيان تـ هن ڪتاب ۾ مون جيڪي محمد ايوب لغاري جي لڳ لاڳاپن متعلق جيڪي خيال پيش ڪيا آهن اهي بلڪل ٺيڪ آهن. اڄ ئي ڪنهن دوست(نالو ظاهر نـ ٿو ڪريان ۽ ان کان هن ڳالهـ لکڻ جي معافي بـ وٺان ٿو. ) فيس بڪ تي پنهنجي اسٽيٽس ۾ لکيو آهي تـ “ نجومي منهنجو هٿ ڏسي مون کي چيو آهي تـ تون ڪنهن جي ياد ۾ مري ويندين” مون انهي تي لکيو هو “متان ڀليو آهين، هي نجومي ڪوڙا آهن، انهي جي پٺيان جيڪو لڳو انهي جا اسان ترا نڪرندي ڏٺا”. ها بقول شيخ اياز جي ”پاڻ هيئن نـ مرنداسين ساٿي، ڪا آگ لڳائي وينداسين ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين“ سو ڳالهـ پئي ڪئي سين راشد مورائيءَ جي خطن جي وڃي نڪتايسن نجومين کان. سائين راشد 2005 ع جي آخري مهيني ۾ مون کي اسلام آباد هڪ خط لکيو هو، خط تـ مختصر ۽ سادو لکيل آهي پر ان ۾ سندس دلي جذبا چٽا نظر اچن ٿا، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
    Dated: 11-12-2005
    ڏٺي ڏينهن ٿيامِ، ڪهـ ڄاڻان ڪهڙا پرين،
    سهسين سج اُڀري، واجهائيندي ويام،
    تن ريءَ سال پيامِ، جن ريءَ ساعت نـ سري. (شاهـ)
    پيارا ڀاءُ نظام الدين. سدا سُکيا ستابا هجو.
    حق موجود! ادا سائين، جيئن تـ مون ڏانهن دوستن جا آيل خط ڇپائڻ پيو چاهيان ۽ هر دوست جو هڪ خط کڻي، اٽڪل پنج سئو کن خطن جو مجموعو ترتيب ڏنو اٿم. هن مجموعي ۾ توهان ۽ مشڪور ڦلڪاري جو بـ هڪ هڪ خط شامل آهي. اڄ خط لکڻ جو مقصد هي آهي تـ، خطن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ جڏهن ماضيءَ جا ڪاڳر اُٿلايم تـ ڪيئي يادون تصور ۾ تري آيون. دل چيو تـ اوهان جو سڌُ سماءُ لهجي تـ اڄ ڪلهـ ڪهڙي حال ۾ آهيو.
    مون 2004ع ۾ رٽائر ڪيو آهي. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ادبي پورهئي کي ڇپائڻ طرف توجهـ ڏنو اٿم. تنهن ڪري هر وقت ڪتابن کي ترتيب ڏيڻ ۾ گذاريان ٿو. اهو ئي سبب آهي جو خانگي اسڪولن جي نوڪري واري آڇ کي ٺُڪرائي ڇڏيم. منهنجا چار ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. پنجون ڪتاب پريس ۾ آهي. جيڪو نئين سال 2006ع جي پهرين مهيني ۾ اچي ويندو. هن وقت ٻن ڪتابن کي ترتيب ڏيئي رهيو آهيان. جيڪي بـ 2006ع ۾ ڇپجي ويندا. توهان پاڻ بابت مڪمل احوال ڏيندا ۽ مشڪور بابت بـ معلومات هجي تـ لکندا ۽ اگر ملي وڃيو تـ کيس سلام چوندا. هن گڏ ايڊريس ۽ فون نمبر جو ڪارڊ موڪليان پيو. پنهنجي ايڊريس کان واقف ڪندا.
    اوهان جو پنهنجو راشد مورائيءَ.
    انهي سائين جي خط جي جواب ۾ مون سائين راشد مورائي کي هيٺيون خط لکيو. جيڪو سائين پنهنجي ڪتاب “ خط خوشي مان کول ” ۾ ڇپيو آهي. آئون اهو ساڳيو خط سائين جي پٽن جي اجازت سان هتي وري پنهنجي ڪتاب ۾ ڇپي رهيو آهيان.



    اسلام آباد
    3 جنووري 2006ع
    سائين راشد صاحب. سدا خوش هجو.
    توهان جي 11 ڊسمبر 2005 ع واري خط جو جواب اڄ ڪافي دير کان پوءِ ڏيئي رهيو آهيان، ڇو جو ڪجهـ وقت جي لاءِ دشمنن جي طبعيت ٺيڪ نـ هئي. تنهن ڪري جواب ۾ دير ٿي ويئي.
    خبر نـ آهي اھا ڪهڙي گهڙي هئي جو توهان ۽ اسان جي وچ ۾ خطن جو نـ ٽٽندڙ سلسلو ٽُٽو هو. توهان جا مون وٽ کوڙ سارا خط محفوظ هئا، پر وقت جي اٿل پٿل جي ڪري چئي نـ ٿو سگهجي تـ اهو خزانو اڃان موجود آهي يا نـ، ڇو جو ڳوٺ کي ڇڏي 20 کن سال ٿيا آهن، خبر نـ آهي تـ خطن جا فائيل امان سانڍي رکيا آهن يا ضايع ٿي ويا آهن. هاڻي جيئن تـ هي خط اوهان جو منهنجي ڳوٺ پهتو تـ امڙ آرڊر ڪيو تـ خط نظام کي اسلام آباد پهچايو. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ شايد خطن جا فائيل ڳوٺ سانڍيل هجن.
    ادل وقت وڏو بي رحم بادشاهـ آهي. زندگي هڪ وهندڙ درياهـ وانگر آهي جنهن ۾ هر چيز وهي وڃي ٿي. توهان تـ هر وقت مون کي ياد آهيو. ڪڏهن شاعريءَ جي حوالي سان تـ ڪڏهن موري جي حوالي سان. منهنجي جڏهن اوهان سان پهرين ملاقات ٿي هئي ان وقت آئون ڪچڙو جوان هيس ۽ اڄ زندگي جا 5 ڏهاڪا گذري ويا آهن. هر شئي بدلجي وئي آهي نـ بدليو آهي تـ توهان جو نظام.
    توهان جا ڪتاب ڇپجي ويا آهن ۽ اڃان ڪجهـ پريس ۾ آهن. هاڻي اهي ڪتاب مون تائين ڪيئن پهچن؟ علم ادب سان اڃان بـ اها نِسبَت آهي جيڪا توهان جي معرفت نصيب ٿي. البت راهون ۽ رستا بدلجي چُڪا آهن. اڳي عشق پڙهبو ۽ لکبو هو ۽ ان جي عيوض هاڻي پيرن اگهاڙن ۽ بکايل انسانن جي نشاندهي ڪجي ٿي. مطلب تـ جيئرن جاڳندن ڪردارن جون ڪهاڻيون ٿيون لکجن. دولت جو وهڪرو هميشـ دولت ڏانهن هوندو آهي. دولت غريب وٽ ڇو نـ ٿي وڃي. اها هڪ اهڙي ٿيوري آهي جنهن کي ڪو بـ سمجهي نـ سگهيو آهي. اڄ جي دنيا جنهن جنگ ۽ جدال ۾ ڦاٿل آهي. اهو سڄو اقتصادي اڻ برابريءَ جو نتيجو آهي. اقتصادي بم گولي جي اڳيان بارود وارو ائٽم بم ڪا حيثيت نـ ٿو رکي.
    مشڪور سان ملاقات گهٽ ٿيندي آهي. هر انسان جي ڊوڙ دولت پويان آهي. مشڪور بـ انهي ڪم ۾ رڌل آهي. وڌيڪ ٻئي دفعي ملاقات ٿيندي. چڱو خدا حافظ.
    صرف اوهان جو پنهنجو
    نظام الدين لغاري
    فنانس ڊويزن، اسلام آباد
    مون مٿي بار بار امان جو ذڪر ڪيو آهي. جيستائين امان زندهـ هئي تـ منهجن دوستن جا خط محفوظ هئا. جيئن ئي امان هي جهان ڇڏيو آئون پنهنجن پيارن جا خط نـ سنڀالي سگهيس. اها آهي ماءُ جي مامتا، جنهن منهنجي هر شئي سنڀالي رکي هئي.


    سنڌ جي وڃائجي ويل نوجوان جي ڳولا (تاثر)

    سنڌ جي وڃائجي ويل نوجوان جي ڳولا (تاثر)

    انسان ترقي تـ وڏي ڪئي آهي، پر سهپ، رواداري ۽ درگذر دنيا مان موڪلائي ويا آهن. خاص ڪري سنڌ ۾ انهي ڳالهه جو ڏڪار آهي. اڄ ڪلهـ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ جي ڪري دنيا هڪ ڳوٺ مثل بڻجي وئي آهي هِتان جون خبرون، هُتي ۽ هُتي جون خبرون، هِتي سيڪنڊن ۾ پهچن ٿيون. هن دور ۾ ڪير سمجهي، تـ آئون اڳئين کي بيوقوف ٿو بڻايان، تـ اهو پاڻ عقل کان وانجهيل انسان آهي. آئون فيس بوڪ جي ذريعي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سنڌي ماڻهن سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهيان. پوءِ جهڙو ديس تهڙو ويس، ڪو شاعر آهي، تـ ان جي شاعري تي واهـ واهـ ڪجي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪو اديب آهي، تـ حال سارو ادب تي بحث مباحثو ٿيو وڃي. جڏهن تـ فيس بڪ هڪ وڏي عالمي اوطاق آهي، جنهن تي ڀانت ڀانت جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن هاڪاري ۽ ناڪاري روين سان خيال پيش ڪن ٿا. هن عالمي اوطاق تي ڪنهن کي ڪنهن تي ڪا خاص اهميت حاصل ڪونهي. مطلب تـ ننڍ وڏائي يا مالدار ۽ غريب غربا سڀئي هڪ ئي ماڻ ۾ ماپيا وڃن ٿا. ڇا جوان، ڇا اڌڙوٽ ۽ عمر رسيده سڀني سان هڪ جهڙي هٿ جوڙ پئي هلندي آهي. ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر تائين، ڪراچي کان ڪارونجهر تائين، هر عمر وارو منهنجو دوست آهي. ڪو هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ نوجوان نينگر بـ مون سان ايتري محبت ۽ حجت ڪندو آهي، جيتري 80 سالن وارو پيرسنيءَ جي باوجود دل جي جذبن جي ڀري مٿي تي کڻي، مون سان ساڳئي قسم جي محبت ۽ حجت ڪندو رهندو آهي. منهنجي فيس بڪ جي ڪنهن بـ دوست سان ڪنهن بـ قسم جي منهن مقابل ملاقات ڪونهي، نـ ئي ڪا اهڙي خواهش آهي. ڇو جو اهڙن دوستن جو وڏو تعداد آهي ۽ ٽيڪنالاجي جون حدون شعور ۽ لا شعور جي سوچ ۽ سمجهـ کان بـ پري پري تائين پکڙيل آهن. تنهنڪري هر ڪنهن سان مُکا ميلو ناممڪن نـ به کڻي، پر مشڪل ضرور آهي. پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بـ اخلاق جو دامن نـ ڇڏيو آهي. شابس هجي انهي سنڌ جي نوجوان کي، جنهن اڃان زندگيءَ جون تمام ٿوريون بهارون ڏٺيون آهن. يقينن هو جين سان گڏ جوگر بـ پائيندو هوندو، ايندي ويندي ڪنهن نئين ٽڙيل گل جي واس وٺڻ جي تمنا بـ سندس دل ۾ ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪر موڙيندي هوندي. ڪچڙي جواني ۾ رنگ برنگي تصويرون سندس اکڙين جي پنبڙين ۽ ڇپرن ۾ اٽڪيل هونديون. ڇو جو الهڙ جواني ئي الهڙ خواب ڏسندي آهي. انهي جي باوجود هو مون سان وڏي حب، اُڪير ۽ اخلاق سان پيش اچي ٿو، تـ يقينن سندس سٺي تربيت تي دل خوش ٿيندي آهي. منهنجي هن سان پهرين ملاقات فيس بوڪ تي ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي اهو ياد نـ اٿم. ان وقت سندس وال تي جيڪا تصوير آئي پئي اها ڏسي ڇرڪي ويو هوس. عين انهيءَ وقت منهنجي سامهون افلاطون جو ڪتاب”Republic” کليو پيو هو. ان جا مون اڃان چند ئي صفحا پڙهيا هئا. ان ۾ انسانيت تي بحث ٿيل هو، تـ انسان ڇا آهي؟ جيڪي پنا هُن گهڻو آڳاٽا 386 ق. م ڌاري لکيا هئا. منهنجي ذهن ۾ انسان جو افلاطون وارو خاڪو موجود هو،تـ هن نوجوان جي وال تي لڳل تصوير سامهون آئي، تـ افلاطون وارو انسان ڀڄي ڀري ريزا ريزا ٿي ويو. آئون قبل مسيح مان موٽ کائي 2017 ع ۾ اچي ويو هوس. اها تصوير ڪنهن ڌاڙيل جو ڏيک ڏيئي رهي هئي. منهنجي ذهن ۾ ميري ڌاڙيل جو خاڪو اچي ويو هو، جنهن جي تصوير مون کي گهڻو اڳ طارق اشرف جي ڪتاب ۾ نظر آئي هئي. پر نـ هي ميرو ڌاڙيل تـ ڪو نـ هو. تـ پوءِ هي سالو بُڙدي هو، جنهن اَپر سنڌ ۾ انگريزن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. مون کي خبر ڪا نـ هئي تـ هي سنڌ جو نوجوان ڪير آهي ۽ ڪٿي جو آهي. مون هن کي چيو هو، تـ پهرين اها تصوير هٽائي تـ پوءِ ڳالهـ ٿي سگهي ٿي. هن منهنجي چوڻ تي هڪ منٽ ۾ اها تصوير هٽائي ڇڏي هئي. (جنهن جي مون کي اميد گهٽ هئي. ) آئون وري 386 ق. م ۾ موٽي ويس. افلاطون جو انسان منهنجي سامهون اچي بيٺو هو ۽ مون کي چئي رهيو هو تـ آئون حميد سنڌي جي رسالي “روح رهاڻ ” جو هڪ ورق آهيان. آئون نارائڻ شيام جي سُرن جي صدا آهيان، آئون راشد مورائي جي گيتن جي گونج آهيان. مون کي ائين لڳو هو تـ مون سنڌ جي وارياسن ۽ سڌن پوٺن مان بولاٽيون کائي پوٺوهار جي پٿريلي ۽ ناهموار ڌرتي تي اچي ڦهڪو ڪيو هجي. انهي هڪڙي نقطي تي منهنجي قلم کي فُل اسٽاپ اچي ويو هو . سندس فيس بڪ جي وال تي آڏيون، ترڇيون، ابتيون، سبتون تصويرون ضرور اينديون رهن ٿيون،پر اخلاق کان ڪريل تصوير يا ڪو لفظ مون کي نظر نـ آيو آهي. تنهنڪري ئي آئون سندس اخلاق جو ايترو تـ قائل ٿي ويو آهيان جو بي اختيار هن جي لاءِ منهنجو قلم ڪجهـ لکي ويٺو آهي. جڏهن تـ هن کان پهريائين منهنجي هڪ ٻئي فيس بڪ جي سياڻي ۽ سلجهيل دوست پنهنجي وال تي ڪجهـ غير پارليامينٽري لفظ لکيا هئا. مون هُن کي عرض ڪيو هو تـ “اهڙن غير اخلاقي لفظن کان پاسو ڪيو وڃي”. هُن جو جواب آيو هو تـ “اهي لفظ منهنجي وال تي آهن توهان کي پسند نـ آهن، تـ اسان مان جان ڇڏايو”. نتيجي طور مون کي ان دوست کي Un friend ڪرڻو پيو هو. ان جي مقابلي ۾ هن سنڌ جي نوجوان منهنجي چوڻ تي هڪ ٿڙيل ٿاٻڙيل اڻپوري خيالي انسان جي تصوير يڪدم هٽائي ڇڏي هئي ۽ پنهنجو صحيح ۽ حقيقي تعارف ڪرايو هو. جڏهن هن پنهنجو نالو ٻڌايو، تـ مون کيس اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو هو. باقي هن جي اخلاق ۽ ڪردار، مهارت ۽ صداقت کي تـ آئون صدين کان ڄاڻندو ۽ سڃاڻندو هوس. ڇو جو مون کي خبر هئي تـ موهن جي دڙي جي انسان وٽ ڪڏهن بـ لٺ بانٺو يا ڪلاشنڪوف نـ هئي. هُن ڪڏهن بـ هٿيارن سان رت جي راند نـ ڪئي هئي. جڏهن تـ مون پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي روايتي انداز ۾ هن کي چيو هو تـ آئون قبل مسيح جي ڪا مخلوق آهيان. پوءِ هن هڪ منٽ ۾ منهنجو فيس بڪ تي پيل تفصيل کڻي اڇي چٺي وانگر ظاهر ڪري ڇڏيو هو. جنهن جي مون کي اڳ خبر نـ هئي، تـ ائين بـ ڪو ٿيندو آهي ۽ آئون دل ئي دل ۾ شرمندو ٿيو هوس تـ مون جنهن سان غلط بياني ڪئي، انهي تـ مون کي ضمير جي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ ڏوهارين جيان آڻي بيهاري ڇڏيو آهي. هن سنڌ جي نوجوان جي بهادري تـ اها آهي جو هن اڄ ڏينهن تائين مون کان اهو نـ پڇيو تـ آئون ڪير آهيان ۽ ڇا ڪندو آهيان، جڏهن تـ هو بخوبي اهو بـ ڄاڻي ٿو تـ فيس بڪ تي اڪثريت فنڪارن جي هوندي آهي. هن کي اها بـ خبر آهي تـ آئون هن جو هم عمر بـ نـ آهيان پر هو مون سان ڪڏهن ڪڏهن فيس بڪ تي آن لائن ٿي وڏي ادب ۽ احترام سان مون کي “توهان ” لفظ سان مخاطب ٿي دنيا جون اوڀاريون ۽ لهواريون ڳالهيون ٻڌي ۽ ٻڌائي وٺندو آهي. مون وٽ هن جي خلوص ۽ اخلاق جي عيوض ۾ ڏيڻ لاءِ ڪجهـ بـ باقي نـ رهيو آهي. ها البت منهنجي اها خواهش آهي تـ سنڌ جو هر نوجوان ملڪ جي ڪنهن وڏي عهدي تي پهچي ملڪ ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ سنڌ جي خدمت ڪندو رهي. اهو سڀ ڪجهـ محنت،اورچائي، ڪتابن سان اڻ ميي پيار ۽ سٺي صحبت جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. پر بد قسمتي سان هي اسان جي آئيندي جا اڏيندڙ تـ اڃان فيس بڪ جي “ف” ۾ ڦاٿا پيا آهن. ٻڌي ڇڏيو ! تـ “ اي سنڌ جا ارڏا ۽ البيلا نوجوانئو ذاتي خواهشن کي مقصد تي قربان ڪرڻو ئي پوندو، عشق جي حاصلات ڪا ايڏي سولي ناهي ”
    اڪثر فيس بڪ تي منهنجي سنڌ جي نوجوانن سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي. تـ آئون انهن کان سندس پڙهائي جي باري ۾ پڇندو رهندو آهيان ۽ کين صلاح ڏيندو آهيان تـ فيس بڪ گهٽ استعمال ڪن. مون هڪ دفعي ڪنهن هڪ نوجوان کي لکيو هو تـ “ هي توهان جا فيس بڪ وارا دوست کِلڻ مهل توهان سان گڏ هوندا ۽ روئڻ مهل توهان کي اڪيلو ئي روئڻو پوندو” يقينن اها ڳالهـ هن کي ڏُکي ضرور لڳي هوندي. آئون بـ جڏهن اهڙي الهڙ جواني ۾ هوندو هئس، تـ ڪو گهڻگهرو يا همدرد انسان پڙهائي لاءِ چوندو هو، تـ ان جي سامهون وڃڻ ئي ڇڏي ڏيندو هئس. امان مرحومـ چوندي هئي تـ ” ابا پڙهڻ آهي رُڪ جا چڻا چٻاڙڻ برابر آهي. ”
    پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو اوچتو سنڌ جو هي نوجوان الوپ ٿي ويو، مون فيس بڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هن کي ڳوليو، پر هو مون کي ڪو نـ مليو. مون هيڏي وڏي ماڻهن جي انبوهه ۾ کيس ڳوليو پر هو نـ مليو، سنڌ جي ٿر ۽ رڻ ڪڇ جي صحرا ۾ به هو ڪو نـ مليو، يورپ جي رنگين راتين ۾ هو ڪو نـ مليو، بنگال جي سندربن جي گجگاهه گهاٽن ٻيلن ۾ هو ڪو نـ مليو، آفريڪا جي گهاٽن جهنگلن ۾ هو ڪو نـ مليو ۽ ننڍي کنڊ جي هر وڏي ۾ وڏي انساني بستي ۾ مون کيس ڳوليو، پر هو مون کي ڪٿي بـ نـ مليو هو. پوءِ مون دنيا جي يونيورسٽين جي ڇانودار راهن تي هن کي تڪڻ شروع ڪيو، جتي مستي ۾ نوجوان ڪو قيمتي موبائل فون هٿ ۾ کڻي ڪنهن وينگس جو انتظار ڪندا آهن،هو مون کي اُتي بـ ڪو نـ مليو. ڌرتيءَ جي گولي تي هو مون کي ڪٿي بـ ڪو نـ مليو، مون چنڊ تي ان ٻڍڙيءَ کان پڇيو، جيڪا ماٽي مان مَهي ڪڍي رهي هئي، پر هو مون کي اتي بـ ڪو نـ مليو. اي سنڌ جا نوجوان اڄ جڏهن تون مون کان وڃائجي ويو آهين تـ مون توکي ڳوليو هو، منهنجي شهر جي وڏن ويڪرن ۽ نـ کٽندڙ روڊن تي، مون توکي ڳوليو هو، منهنجي ڳوٺ جي سوڙهين ۽ گُهٽيل گهٽين ۾، تون مون کي ڪارونجهر جي ڪور تي بـ نـ مليو هئين. ها برابر مون تنهنجي مُورتي ڏٺي هئي ڪاسبي جي مندر ۾، جنهن کي مون هڪ وار جُهڪي نمسڪار ڪيو هو ۽ تنهنجن چرنن کي ڇُهيو هو.
    مون کي خبر نـ آهي تـ تون ڪير آهين، تون چنڊ آهين، جيڪو اُڀرڻ کان اڳ ئي لهي وئين، تون چمڪندڙ تارو آهين، جيڪو اڄ تائين کڙيو نـ آهين، تون گل آهين، جيڪو ٽڙڻ جي انتظار ۾ آهين، تون اهو ناول آهين جيڪو اڌُورو رهجي ويو، تون اهو افسانو آهين، جيڪو اڄ تائين لکجي نـ سگهيو آهي، تون اهو خواب آهين جنهن جي اڄ ڏينهن تائين تعبير نـ ٿي سگهي آهي، تون اهو قلم آهين، جنهن جو نب ڀڄي پيو، تون اها محبت آهين، جنهن جي ڪا پڄاڻي ڪانهي، اي سنڌ جا نوجوان مون کي خبر نـ آهي تـ تون ڪير آهين. پر مون کي يقين آهي، تـ جڏهن هي ڌرتيءَ جو گولو مذهبي انتهاپسندن کان پنهنجو پلئـ آجو ڪرائيندو، جنهن ۾ تنهنجو به اهم ڪردار هوندو، يقينن تون انهن غدار ڪردارن لاءِ موت جي صبح جو پهريون ڪرڻو ثابت ٿيندين، ڇاڪاڻ جو ٻاهرين يلغارن کان سنڌ کي توکي ئي تـ بچائڻو آهي.

    جنونيت

    انهي جي مقابلي ۾ مذهبي سوچ رکندڙن نوجوانن جو هيٺيون قصو بـ پڙهي ۽ ٻڌي سندن اهڙي تربيت تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. اڄ صبح جو ڪنهن دوست فيس بڪ تي هيٺيون سٽون لکيون.
    “طالبان ۽ دائش اسلامي نظام اپنائڻ لاءِ اڄڪلهـ ڪتن جيان انساني قتلام ڪري رهيا آهن تـ ٿورو تصور ڪيو تـ عالمي اسلام جا جيڪي هيرو آهن مطلب تـ محمود غزنوي، محمد بن قاسم ۽ ٻيا ڪيترائي چور هيرو، انهن ڪيترو قتل عام ڪيو هوندو اقتدار ۽ طاقت جي نشي ۾. “
    انهي اسٽيٽس تي مون هيٺين سٽ لکي هئي.
    “بلڪل (نالو) ائين ٿيو آهي، تاريخ جا ورق انهي جا شاهد آهن”
    پوءِ ڇا ٿيو، نـ کٽندڙ گارين جو سلسلو، ڀلي گهوڙي وانگر، جيڪي جتان ٿي آيا اتان ٿي ويا. ڄڻ اخلاق لفظ انهن ڪڏهن ٻڌو ئي نـ هجي. هتي سنڌ جي هڪ مفڪر محترم نصير ميمڻ جون سٽون ان جي فيس بوڪ جي وال تان کڻي جيئن جو تيئن توهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو، جيڪي حقيقت جي ڪيڏو نـ ويجهو آهن. “ سنڌ ۾ سهپ ۽ رواداري وارن روين جو جنازو نڪري ويو آهي. پڙهيا لکيا ماڻهو اختلاف راءِ تـ ڇڏيو رڳو مختلف راءِ کي بـ سهڻ لاءِ تيار نـ آهن. سوشل ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي، لهجو ۽ رويا سنڌي سماج جي اندروني گهوٽالي تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جيترو مواد فراهم ڪن ٿا. خيالن جي انتها پسندي رڳو مدرسن جو مسئلو نـ آهي. فيس بوڪ تي لکندڙ ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن ۽ ليکڪن جو رويو انتها پسندي جا ڏکوئيندڙ ڏيک ڏئي ٿو. دليل بجاءِ دڙڪي جو استعمال سماجي شعور جي زوال جو وڏو اهڃاڻ آهي. جنهن سماج ۾ راءِ رکڻ ۽ ان جو اظهار ڪرڻ ڏکيو ٿي پئي، اتي سوچ ۽ سمجهـ روز آپگهات ڪندي آهي. اهو لاڙو خطرناڪ آهي. هر اهڙي رويي کي روڪڻ ۽ رد ڪرڻ گهرجي. اختلاف راءِ جا در بند نـ ڪيو ۽ تنقيد ۽ اختلاف راءِ وقت شخصي احترام جو حدون نـ اورانگهيو. سنڌ تي مهرباني ڪريو ۽ سوچ کي ساهـ کڻڻ ڏيو. ” اهي آهن سنڌ جي ڏاهي نصير ميمڻ جا خيال جيڪي اسان جي سنڌي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. منهنجو مطلب تـ ڪنهن وٽ بـ ڪو دليل ڪونـ هو سواِءِ گارين ڏيڻ ۽ گٿا لفظ چوڻ جي. هئڻ تـ ائين کپندو هو تـ هر لکت جو جواب دليل سان ڏجي ان لاٰءِ ضروري آهي تـ پنهنجي علم ۽ فهم کي ايترو وڌائجي جو اڳيون توهان جي دليلن ۽ علم مان متاثر ٿئي. پر هتي تـ قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي. ٽيڪنالاجي جو فائدو ضرور وٺڻ گهرجي پر ان جو غلط استعال ڪري ڪنهن جي دل آزاري نـ ڪرڻ گهرجي. منهنجي نظر مان فيس بڪ تي ڪيترائي بهترين قسم جا مُدبرانـ دليل ڏنل ۽ عقل ۽ فهم سان ڀرپور بحث مباحثا گذريا آهن، جو انهن کي پڙهي انهن جي علم ۽ فهم تي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نـ ٿو سگهجي. مذهب ضرور پڙهڻ گهرجي. اُن کي ائين پڙهجي جيئن مولانا ابوالڪلام آزاد پڙهيو هو، ان کي جيئن علامـ مشرقي ڏٺو هو. ان کي جيئن مولانا غلام محمد گراميءَ پڙهيو هو. ان کي جيئن مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي پڙهيو هو. هنن عالمن کي دين اسلام تي وڏو عبور حاصل هوندو هو. ان سان گڏ هنن عالمن ٻين مذهبن جو بـ وسيع ۽ گهرو مطالعو ڪيل هوندو هو. مون جڏهن مولانا غلام محمد گراميءَ جو لکيل مقالو“ مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات” وري هينئر ٻيهر پڙهيو آهي تـ سندس علم ۽ ڄاڻ تي دنگ رهجي ويو آهيان. جڏهن تـ اهو ساڳيو مقالو مون هن کان پهرين 70 واري ڏهاڪي ۾ پڙهيو هو، جو ان وقت مون کي سمجهـ ۾ ئي ڪو نـ آيو هو. اهڙن عالمن کي پڙهڻ جي لاءِ بـ گهڻو ڪجهـ پڙهڻ جي ضرورت هوندي آهي. هر سنڌي جا ٻـ درجا پڙهيل يا ڪنهن مدرسي مان فارغ ٿيل شاگرد ڀلي ان جي دستاربند ڇو نـ ٿيل هجي، انهن عالمن کي سمجڻ کان قاصر هوندو آهي.
    هي انهي وقت جي ڳالهـ آهي جڏهن اڃان مذهبي انتهاپسندي وارو دور ڪونـ آيو هو. هر ماڻهو مذهب جي باري ۾ صحيح رايو رکندڙ هوندو هو. اڄڪلهـ تـ اهڙي حالت آهي جو ٻار يا ڪو نوجوان مسجد ۾ قرآن شريف يا نماز پڙهڻ مس پهچي ٿو تـ مذڪوره مسجد ۾ اڳي ڪم ڪندڙ ديني جماعتون، جن جو ڪنهن نـ ڪنهن سياسي پارٽي سان ئي تعلق هوندو آهي. ان کي تاڙي ٿا وٺن. منهنجي خيال ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ تبليغي جماعت وارا آهن، جيڪي ذهني طور ان کي مڪمل مذهبي بنائي ٿا ڇڏين. انهي پوائنٽ تي والدين جو فرض ٿئي ٿو تـ پنهنجن ٻارن تي نظر رکن، ٻي حالت ۾ اهو ٻار يا تـ تبليغي جماعت يا ڪنهن جهادي تنظيم ۾ شامل ٿي ويندو. اهي اهڙن ٻار کي اهڙي ٽريننگ ٿا ڏين جو هو پنهنجي زندگيِءَ جي پرواهـ نـ ٿو ڪري. ائين بهشت ۽ دوزخ جي چڪر ۾ پاڻ سان بم ٻڌيو ڪيترن ئي بيگناهن جي حياتي کسي ٿو وٺي، ڀريا ڀُڪنا گهر دوزخ ۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي. ان زماني ۾ مولوي صاحب اهڙي تعليم ڪونـ ڏيندا هئا. مذهب کي سڀ ڪنهن جو ذاتي مسئلو سمجهو ويندو هو. واهـ ! اڄ بـ ٽنڊي الهيار جي ماڻهن کي مولانـا عبدالحق رباني جون نصرپور ۾ ڪيل تقريرون يقينن ياد هونديون، جيڪي هو هر جمعي جي خطبي ۾ ڪندو هو، جنهن ۾ ڪمال جي فصاحت ۽ بلاغت هوندي هئي. انسانيت، قومپرستي ۽ سيڪيولرازم جي صدا نصرپور جي مسجد جي منارن مان پري پري تائين گونجڻ لڳي. پري پري کان ماڻهو ڪهي اچي نصر پور ۾ سندس تقرير ٻڌندا هئا.


    مٺياڻي مان واپسي

    مٺياڻي مان واپسي

    مٺياڻي ۽ مورو کي خيرآباد چئي اسان پنهنجي ضلعي ۾ پنهنجن پنهنجن اسڪولن ۾ اچي نوڪري ڪرڻ لڳي وياسين. راشد سائين سان هڪ نـ کٽندڙ خطن جو سلسلو شروع ٿيو. پر بدقسمتيءَ سان وقت جي ڇولين هڻندڙ ساگر ۾ سڀ ڪجـهـ لڙهي ويو. ايتريقدر جو آئون خود ڪڏهن ڪڏهن اهڙين ڇولين ۾ ڇُلڪي پوندو هوس. باقي راشد جي ڏنل محبت ۽ خلوص هر وقت مون سان گڏ هوندا هئا. خير وري موٽون ٿا سنڌي ماستريءَ جي ڏينهن ڏانهن، جيڪي منهنجي زندگيءَ جا سونهري ڏينهن چئي سگهجن ٿا.
    جيئن اسين مٺياڻيءَ مان ٽيچرس ٽريننگ پوري ڪري واپس آياسين تـ هڪ نئون جذبو، هڪ نئون نظريو ۽ هڪ نئين سوچ کڻي آياسين. ڇو جو سائين راشد مورائيءَ پاڻ سان گڏ وٺي وڃي سن جي زيارت ڪرائي هئي. سائين جي ايم سيد هڪ اهڙي شخصيت هو، جنهن سان جيڪو هڪ دفعو ملندو هو تـ ان جو گرويده ٿي ويندو هو. ائين اسين جيئي سنڌ محاذ جي پليٽ فارم تي، سائين عبدالواحد آريسر جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڳوٺ جهرجهنگ قومي تحريڪ جي سرجڻهار جو پيغام عام ماڻهن تائين پهچائڻ لڳاسين. ان زماني ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ توهان جيڪي ڳاڙها ڪُهاڙي وارا جهنڊا ڦڙڪندي ڏسندا هئا ۽ سنڌ جي نوجوان ۾ جيڪو ان زماني ۾ جوش ۽ ولولو هو. اهو انهي جهرجهنگ ۾ رات جو لنڊيون لتاڙي هڪ متحد ۽ هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ٿيل بي لوث ۽ بغير ڪنهن لالچ ۾ ايندڙ قومي ڪارڪنن، جي سنڌ سان محبت جو نتيجو هو. ان پروگرام جي عام ماڻهن وڏي موٽ ڏني. اسان رات جو ٻن ٻن ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن سان ڪچهريون ڪندا هئاسين، ماڻهو اسان جو انتظار ڪندا هئا. بدين ضلعي ۾ خاص تقرير ۽ ڳالهائڻ وارن ۾ مشڪور ڦلڪارو ۽ محمد راهمون هوندا هئا. آئون ۽ عثمان بجير پهرين ڳالهائيندا هئاسين. بجير مون کان سٺو ڳالهائيندو هو. انهي پاسي راڳيندڙن ۾ اڪثر ٻيجل سنڌي هوندو هو. انهي تي هڪڙو واقعو ياد ٿو اچي. ان زماني ۾ عابده پروين بـ نئون نئون ڳائڻ شروع ڪيو هو ۽ هوءَ هر پروگرام ۾ اجرڪ اوڍيندي هئي. اسان بـ جتي قومي ڪم سانگي ويندا هئاسين تـ اجرڪ اوڍيل هوندا هئا. هڪ رات ٽنڊي محمد خان جي پاسي ڪو پروگرام هو. ان زماني ۾ نئون جوش ۽ جذبو هو سو مون تقرير پئي ڪئي تـ پٺيان ڳوٺاڻن مان ڪنهن ڀڻڪو ڪيو تـ “ هي تـ صفا عابده پروين ٿي لڳي.” ٻيو واقعو جيڪو ڪامريڊن مون سان ڪيو اهو بـ ٻڌندا هلو. بدين پاسي ڪا ڪچهري رکيل هئي. مهينو رمضان جو هو. مون کي روزو هو. روزو کولي پوءِ ان ڳوٺ ۾ ڪچهري لاءِ وڃڻو هو. پروگرام اهو بيٺو تـ شهر ۾ روزو کولي پوءِ هلبو. مشڪور ۽ عثمان بجيرمون کي هوٽل تي ويهاري، منهنجي لاءِ فروٽ ۽ ان سان گڏ ڪافي ڪجهـ ٻيون شيون بـ وٺي آيا. هر شئي تيار ٿي ٽيبل تي آئي، روزي کولڻ ۾ اڃان ڪجهـ وقت باقي هو. هنن مون تي زور رکيو تـ شروع ٿي، آئون بـ پڪو مسلمان ٻانگ جي انتظار ۾، جيستائين ٻانگ اچي تيستائين هي سڀ ڪجهـ کائي ويا. روزي کولڻ تي مون کي صرف چانهـ جو هڪ ڪوپ نصيب ٿيو. انهي روزي کولڻ کي اڄ 35 سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهن پر مون کي اڄ تائين نـ وسريو آهي.


    محمد ايوب لغاري

    محمد ايوب لغاري

    ان زماني ۾ اسان جو ٻيو ڪم اهو هوتـ اسان پنهنجن شاگردن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪندا هئاسين. آئون اسڪول ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان ٻارن جي لاءِ شايع ٿيندڙ “گل ڦل” رسالي جون 10 ڪاپيون گهرائيندو هوس. جيڪي ٻار خوشي سان مون کان وٺندا هئا ۽ ان کي پڙهندا بـ هئا. محمد ايوب لغاري جيڪو ان زماني ۾ 7 ڪلاس ۾ پڙهندو هو. هو اهو رسالو وڏي شوق سان پڙهندو هو. ان وقت سندن مالي حالت اهڙي ڪا نـ هوندي هئي، جيڪا هينئر نظر ٿي اچي ٿي تنهن هوندي بـ ڪتاب ضرور وٺي پڙهندو هو. اسڪول ۾ ڪنهن استاد رول اڇلي ڪنهن ٻئي شاگرد کي ٿي هنيو، تـ اتفاق سان اهو رول کسڪي وڃي ايوب جي مٿي ۾ لڳو. رت مغز مان لارون ڪري وهڻ لڳو هو. ڪير ويجهو اچڻ لاءِ تيار ڪو نـ هو، مون ڊوڙي وڃي هن جي رت بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهي ڏينهن اڄوڪا ڏينهن ايوب سان اهڙي دل لڳي جو هاڻي انهي کي موت ئي ٽوڙي سگهي ٿو. ماشاالله اڄ محمد ايوب لغاري اسان جي تر جو مثالي زميندار آهي. نـ آئون هاڻي ماستر رهيو آهيان نـ هو شاگرد پر اسان جي پريت ڪڏهن بـ پراڻي ٿيڻ واري ڪانهي. اسان جي گلاب لغاري ۽ ان جي پسگردائي ۾ هميشـ زرعي پاڻي جي کوٽ ئي رهندي آئي آهي. زميندار طبقو ايريگيشن وارن جو محتاج رهندو آيو آهي. آئون جڏهن ڊائريڪٽر جنرل ٿيس تـ ڪجهـ هنن دوستن جي ڪم اچڻ لڳس. هنن جا ننڍا وڏا ڪم حيدرآباد ۾ ڦاسندا هئا تـ مون کي فون ڪندا هئا. ائين ايوب صاحب جا بـ ڪڏهن ڪڏهن فون ايندا رهندا هئا تـ “ ايريگيشن جي فلاڻي آفيسر کي چوڻو آهي، اسان وٽ پاڻي جي کوٽ آهي” ۽ جڏهن اهو ايوب صاحب جو چيل آفيسر منهنجو واقف نـ هجي تـ ائين آئون ان سان ڪيئن ڳالهايان. پوءِ آئون پنهنجي هن ننڍي لاڪون جي دوست جي خوشيءَ خاطر فون ڪري ئي ڏيندو هوس. مون وارو فون ائين هوندو هو جيئن ٽنڊڻ پير وارو تعويذ ڪڏهن لڳندو هو تـ ڪڏهن ڪو نـ لڳندو هو. هڪ ٻـ فضيلت ڀريا آفيسر بـ آيا جن منهنجي فونن کي مان بـ ڏنو. جن جو آئون اڄ ڏينهن تائين ٿورائتو آهيان. جڏهن تـ اهو سچ آهي تـ “جتي داڻو پاڻي هلندو هجي اُتي بارداني جي هميشه کوٽ ئي رهندي آئي آهي”. آئون جڏهن بـ اسلام آباد مان ڳوٺ ايندو هوس منهنجون سڀئي ضرورتون جهڙوڪ پئسي ڏوڪڙ جي کوٽ ٽوٽ، ٽرانسپورٽ جو بندوبست، ڪڏهن ايوب جي ذمي تـ ڪڏهن K-2 جي حوالي. سچ پچ تـ هنن ٻن دوستن مون کي ڪنهن بـ معاملي ۾ اڪيلو نـ ڇڏيو. هينئر جڏهن رٽائرمينٽ کان پوءِ ڳچ وقت ڳوٺ رهڻ جو موقعو مليو آهي تـ ايوب صاحب جي زندگيءَ ۾ مون نئون موڙ ڏٺو آهي. سندس آسي پاسي ڪمدارن ڪڙن، جي حضوري ڪندڙن، پيرن فقيرن جو هڪ هجوم آهي. اهڙن ڪاني ڪرامتن جي ڪوڙ ۽ ٺڳي جي ٺاهـ متعلق، سنڌ جي مهان ڏاهي امر جليل انهن ماڻهن لاءِ ڪيڏو نـ ڪڙو سچ چيو آهي تـ “ سنڌ ۾ ڪاني ڪرامت جو ڌڻي ٿجي يا رهزن ڌاڙيل، ٻنهي جي ڪمائي هڪ جيتري آهي. ” لڳي ٿو تـ ايوب صاحب تي انهن فقيرن جا ٽوڻان ڦيڻان ڪافي اثر ڪري ويا آهن. هنن فقيرن جا بـ ڀاڳ کليا آهن جو، چڱي خاصي وڏي آسامي هٿ لڳي اٿن. ٻنهي پارٽين کي منهنجي دعا آهي تـ الله کين خوش رکي. تنهن هوندي بـ محمد ايوب لغاري جو مون ڏانهن اتساهـ ۽ پيار ۾ مون ڪا ڪمي محسوس نـ ڪئي آهي. منهنجو چانهـ جو ڪوپ ۽ ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ گاڏي ڪير بـ ڪو نـ روڪيندو.
    اسلام آباد جي نوڪريءَ دوران هن منهنجي دوست جا مون وٽ مسلسل خط ايندا ئي رهيا. هن مون کي هڪ اهڙو خط لکيو هو، جنهن مان پتو پوي تو تـ آئون ڳوٺان ڪنهن ڳالهـ ( امان ان وقت حياتي هئي) تان ڪاوڙجي بغير ڪنهن کان موڪلائڻ جي اسلام آباد هليو آيو هوس. انهي جي نتيجي ۾ هن منهنجي دوست محمد ايوب لغاري کي ڪيترو افسوس ٿيو هو جو هو بار بار اها ڳالهـ لکي ٿو. انهي کي آئون سندس طرفان اڻ توريو ۽ اڻ ميو پيار ئي چئي سگهان ٿو. اهو خط هيٺ پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ پيش ڪجي ٿو.
    3-8-1993
    پيارا ڀاءُ نظام، سدا خوش هجين.
    ڀاءُ سمجهـ ۾ نـ ٿو اچي تـ ڇا لکان، تنهنجو ائين بي رخي سان اچڻ ( دوڪان تي) مون کي سمجهـ ۾ ڪو نـ آيو. آخر اهڙي ڪهڙي اڻٽر مجبوري ٿي پئي هئي جو توهان مون سان آخر ۾ ملي بـ نـ ويا. نظام تنهنجو ائين وڃڻ ڏاڍو دل ۾ ڏک ٿي پيو اٿم. ها تنهنجي 26-7-1993 جي تحرير بـ پڙهي اٿم. انهي ۾ توهان معافي گُهري آهي. نظام دل ۾ ضرور ٿيو اٿم پر توهان کي معافي وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. آئون تـ توهان کان ننڍو آهيان ۽ ڀائرن کان معافي نـ وٺبي آهي. مون کي ٻيو ڪجهـ بـ دل ۾ ڪو نـ ٿيو هو، بس اهو سمجهيم تـ شايد نظام کي مون سان ڪا شڪايت آهي، جو مون سان ملي بـ نـ ويو. آئون توهان جو پنهنجو ڀائرن جهڙو آهيان. بس ٻيو ڪو بـ کٽڪو نـ ڪريو، جڪي ٿيو، اهو سٺو ٿيو، هاڻي ڪاوڙ نـ آهي.
    ها آئون، ڀاءُ (اسلام آباد) ايندس پر پهريان بصرن جا ٻج تيار ٿيڻ وارا آهن انهن کي وِهَرائي (پوکائي) پوءِ ايندس. انشاالله سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ اينداسين دعا ڪجان تـ سڀ خير هجي ۽ پوءِ انشاالله پنهنجي پياري ڀاءُ جي ضرور حاضري ڀريندس. ها توهان ٽرڪ جي ڪاغذن جو لکيو آهي تـ موڪلي ڇڏيا اٿم. اها توهان جي مهرباني. هاڻي جيئن ئي ڪاغذ اچن تـ انهن کي چاچي شمس الدين جي ايڊريس تي ٽنڊو غلام علي ڏياري موڪليندا. ٺيڪ ! چڱو خوش رهو. پر توهان جو ائين هليو وڃڻ سمجهـ ۾ نـ پيو اچي، ڳالهـ واضع لکي موڪليو، آخر توهان کي ڪهڙي مجبوري هئي جو توهان ائين هليا ويو. بس وري بـ توهان جي مرضي آهي. چڱو مُرڪندي موڪلاڻي. سلام سڄي سنگت کي.

    فقط توهان جو محمد ايوب لغاري.
    گلاب لغاري


    قومپرست تنظيم سان وابستگي

    قومپرست تنظيم سان وابستگي

    سو ڳالهـ پئي ٿي ڪتابن پڙهڻ واري. مقصد، اهو تـ قوم پرستي ۽ سنڌ سان محبت ڪيئن پيدا ڪجي. اسان اهو پرگرام لڪي ڇپي ڪندا هئاسين. ڇو جو اهو ضيا ءُ الحق جي مارشل لا جو زمانو هو. هر شئي مذهب جي ماڻ ۽ ماپي ۾ توربي ۽ تڪبي هئي. حڪمرانن جي خلاف معنيٰ اسلام جي خلاف. اها روايت اڄ ڏينهن تائين هلندي پئي اچي. جڏهن تـ اهو ساڳيو پروگرام مذهب جي نالي تي تبليغي جماعت وارا اڄ بـ ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ کي اڻ کٽندڙ خانـا جنگي طرف ڌڪي ڇڏيو اٿن. اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستاني مُنهن ڏيکارڻ جهڙا نـ رهيا آهن. تازي رپورٽ مطابق دنيا جي 199 ملڪن جي پاسپورٽن مان پاڪستان جي پاسپورٽ جو نمبر 196 تي اڻ وڻندڙ پاسپورٽن ۾ اچي بيٺو آهي. انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ دنيا ۾ اسان جي ڪٿي جڳهـ ٺهي ٿي.
    جتي اسان ٻين ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪندا هئاسين، اتي آئون پاڻ پڻ گهڻو ڪجهـ پڙهندو هوس. جيڪا عادت اڄ تائين موجود آهي. سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “جيئن ڏٺو آ مون”،“ سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ” ۽ ٻيا ڪتاب جيڪي ان وقت مارڪيٽ ۾ موجود هئا. اهي سڀ مون ان زماني ۾ پڙهي ڇڏيا هئا. ان کان سواءِ سراج الحق ميمڻ، قاضي فيض محمد، امر جليل، نسيم احمد کرل، امرتا پريتم، ڪشن چندر، اياز قادري، موهن ڪلپنا، شيخ اياز، استاد بخاري، راشد مورائي، احمد خان مدهوش، تاجل بيوس، امداد حسيني، شمشير الحيدري، حميد سنڌي، طارق اشرف، مولانـا غلام محمد گرامي، مولانـا غلام مصطفيٰ قاسمي، ان کان سواءِ اڻ ڳڻيل مصنفن جا ڪتاب جن جا نالا هاڻي ياد نـ آهن. ان کان سواءِ تاجل بيوس جو مشهور نظم“ وڄن وار ڇوڙيا تـ وسڪار ڪيئن هئا،” جيڪو هن ٽوڪيو جاپان مان لکيو هو ۽ ان جي ورندي وري هدايت بلوچ “ وڄن وار ڇوڙيا تـ برسات پئي هئي” ڏني هئي ۽ راشد مورائي جو نظم “ مان باغي هان، مان باغي ها” پڻ مون ان زماني ۾ پڙهيو هو. مون کي انهن ڪتابن پڙهڻ مان گهڻو ڪجهـ حاصل ٿيو. پنهنجي پرائي کي سڃاڻڻ جي تميز سکيس. سياسي ۽ سماجي مسئلن کي سمجهڻ جو ڏانءُ پيدا ٿيو. ننڍي سان ڪيئن ڳالهائجي ۽ وڏي سان ڪيئن پيش اچجي. مطلب تـ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ آئون سنئين ۽ سڌي واٽ تي هلي پيس.


    محمد اشرف لغاري

    محمد اشرف لغاري

    جيئن شيرل لغاري مون سان قوم پرستي سان گڏ ذاتي دوست طور بـ گهرو گهاٽو رهيو. اهڙي طرح ٻيا منهنجا مٽ مائٽ يا ڳوٺ جا دوست گهرا گهاٽا نـ رهيا. ها البت انهن جو ڪنهن نـ ڪنهن طرح لکڻ پڙهڻ ۽ ڪتابن سان واسطو ضرور رهندو آيو آهي. پنهنجي وِت ۽ وس آهر ڪتابن جي خريد ڪرڻ تي خرچ بـ ڪندا آهن تـ ننڍي وڏي قومي ڪاڄ ۾ پڻ شامل پيا ٿيندا آهن. هي ان زماني جي ڳالهـ آهي جڏهن عوامي آواز اخبار سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ ۾ ڪوشان هئي، تـ هي اسان جي ڳوٺ جو نوجوان ان اخبار ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڏاڍي ڀرپور انداز سان ڪالم لکندو رهيو. پاڻ آزاد نظم پڻ لکندو آهي. مثال طور سندس هڪ نظم هيٺ ڏجي ٿو.

    تو مون کي بـ هٽ جو وکر سمجهو آ،
    ۽ خريدڻ ٿو چاهين پنهنجي گٺل سڪن سان
    اها تنهنجي ڀل آ،
    تون مون کي جيلن ۾ واڙي سگهين ٿو،
    تيل ڪڙهاين ۾ ڪاڙهي سگهين ٿو،
    منهنجن سنڌن مان سرمو بـ ٺاهي سگهين ٿو،
    ۽ اهو سمورو ڏاڍ جو تنهنجي وس آ،
    مون تي آزمائي سگهين ٿو.
    پر پنهنجي سوچن جو گند، منهنجي ذهن ۾ سمائي نـ سگهندين
    منهنجو هي اوچو ڪنڌ جهڪاني نـ سگهندين

    محمد اشرف لغاري جو جنم هڪ غريب گهراڻي ۾ اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان ڳوٺ شير محمد لغاري ۾ ٿيو. مون کي خبر نـ آهي تـ سندس تعليم ڪيتري آهي. پر ڄاڻ ۽ سوچ جي لحاظ کان آئون کيس غريب مڃڻ جي لاءِ تيارنـ آهيان. هڪ سلجهليل سمجهيل، سٺي سوچ رکندڙ انسان محمد اشرف لغاري هميشـ ادب ۽ سياست تي وزن دار ۽ دليلن سان ڀرپور بحث مباحثا ڪندي نظر ايندو. مون ٽي ڏهاڪا اڳ جڏهن هن کي ڏٺو هو تـ جواني اڃان ڏارپئي ڪڍيا. پر ان زماني ۾ پڻ پاڻ سياسي طور مون کي بالغ نظر آيا. اڄ جڏهن گهڻو پاڻي پل هيٺان گذري چڪو آهي. سڄي سنڌ جمود جو شڪار آهي. تڏهن بـ اشرف لغاري جي نظريي توڙي سوچ ۾ ڪنهن بـ قسم جو ڦيرو نـ آيو آهي. پاڻ انتها پسندانـ سوچ جي سخت خلاف، صوفي منش ماڻهو آهي. سندس سوچ آهي تـ محبوب جي ماڻن ايترا گهر ڀڙڀانگ نـ ڪيا آهن، جيترا انتها پسندانـ سوچ گهر برباد ڪيا آهن.


    نوجوانن سان سڌو سنئون واسطو (مرحوحوم شيرل لغاري)

    نوجوانن سان سڌو سنئون واسطو (مرحوحوم شيرل لغاري)

    اهو ذوالفقار علي ڀٽي جو دور هو. آئون سمجهان ٿو تـ سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن جيڪي ان زماني ۾ تڪليفون ۽ ڏک ڏاکڙا ڏٺا انهي تي صرف اهي ئي لکي سگهن ٿا، جن جي مٿان اهي مصيبتون گذريون هوندو. سوين سنڌي رسالا بندش هيٺ آيا. قومي ڪارڪن جيلن ۾ واڙيا ويا. سائين عبدالواحد آريسر پنهنجو هڪ جيل جو واقعو ٻڌايو تـ “ ڀٽي صاحب جا آخري ڏينهن هجن، مُلن هُن جي خلاف وڏي پيماني تي هلچل شروع ڪري ڇڏي هئي. اسين سڀ قوم پرست جيلن ۾ بند هئاسين. جيل ۾ پيغام آيو تـ ڀٽو صاحب اسان سان ملڻ ٿو چاهي. سڀئي دوست خوش ٿيا تـ اڄ جيل مان آزادي ملي ويندي ۽ هو اسان کي ڇڏڻ ٿو اچي. ان جي برخلاف مون (آريسر) انهن کي چيو تـ هي اسان کي نـ ڇڏيندو. خير اهو وقت آيو، ڀٽي صاحب سان ملاقات ٿي. هو دراصل اسان کان مدد گهرڻ آيو هو مُلن جي خلاف. هُن پنهنجي حق ۾ گهڻو ڪجهـ ڳالهايو. مون (آريسر) هُن (ڀٽي ) کي آخر ۾ چيو تـ “ تون جنهن ڪرسي تي ويٺو آهين. ان جي هيٺان هڪ فوجي جي سنگين ٽنبي پئي آهي. هو ان سان ڪيڏي مهل بـ تنهنجو تختو اونڌو ڪري سگهي ٿو. ” جواب ۾ ڀٽي صاحب هن(آريسر) کي مرڪندي چيو هو “ تون اڃان ٻار آهين سياست کي نـ ٿو سمجهين” آخر ۾ ائين ئي ٿيو ضياءُ الحق، ڀُٽي جو تختو اونڌو ڪري کيس ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو. ٻڌائڻ جو مقصد هي هو تـ منهنجي ٿوري گهڻي تربيت انهن ماڻهن جي اثر هيٺ ٿي. انهي ڪري ئي ٿوري گهڻي سمجهـ رکون ٿا.
    سنڌي ماستريءَ جا شروع وارا 4 يا 5 سال، روڊ رستي نـ هئڻ جي ڪري، آئون پنهنجي ڳوٺ گلاب لغاري مان اسڪول ماڻڪ لغاري پنڌ ايندو ويندو هوس. منهنجي مامي جي پٽ نظير احمد وٽ هڪ سائيڪل هوندي هئي، جنهن کي هو پنهنجي ڳوٺان اچي اسان جي گهر ڇڏيندو هو ۽ پاڻ ٽنڊو غلام علي اسڪول هليو ويندو هو تـ انهي سائيڪل کي وري آئون کڻندو هوس ۽ ماڻڪ لغاري اسڪول هليو ويندو هوس. اسڪول کان واپسي تي وري هو سائيڪل کڻي ڳوٺ هليو ويندو هو. ائين اسان 3 يا 4 سال ڪم کي ڌڪيو. وري جڏهن حيدرآباد، شيخ ڀرڪيو، گلاب لغاري پڪو روڊ ٺهيو تـ پوءِ ڪڏهن بس تي ڪڏهن پيرين پنڌ اسڪول پيو اچبو وڃبو هو. ائين صبح جو مختلف اسڪولن وڃڻ وارا استاد توڙي شاگرد اچي ڳوٺ واري بس اسٽينڊ تي گڏ ٿيندا هئاسين. چڱو خاصو چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. مون کي وري قوم پرستي جو ڪن ۾ ڪيڙو، چوان تـ جيڪي ٻـ چار پڙهيل ڳڙهيل شاگرد ٽائيپ نوجوان ملن تـ انهن کي ڪتابن پڙهڻ ڏانهن راغب ڪجي. ان زماني ۾ اسان جا خيال اهي هوندا هئا تـ انقلاب اجهو اسان جي در تي بيٺو آهي. اها خبر ڪانـ هئي تـ انقلاب رت جون نديون وهائي پوءِ ايندا آهن، جنهن کي نيلسن منڊيلا، فيڊل ڪاسترو، هوچي منهـ، مائوزي تُنگ ۽ سائين جي ايم سيد جهڙن صبر آموز ۽ انقلابي نظريا ڏيندڙ ماڻهو کپن.
    ان زماني ۾ گلاب لغاري ۾ صرف پرائمري اسڪول هوندو هو، سو اوسي پاسي جي ڳوٺن جا شاگرد چمبڙ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئا. هڪ ڏينهن ڏسان تـ هڪڙو شاگرد هو، ڪڻڪ رنگو، اڻڀا ۽ وکريل وار، پيرن ۾ پشاوري چمپل، تن تي اڌوراڻا ڪپڙا، هٿ ۾ مهراڻ رسالو، ان تي انڊپين سان ڪجهـ لکي رهيو هو. بي اختيار نـ چاهندي بـ منهنجا قدم اوڏانهن کڄي ويا. مون هن سان هٿ ملايو تـ هي اٿي بيهي ادب ۽ احترام سان مون سان مليو هو. مون کيس سمجهايو تـ ڪتاب تي لکبو ڪونهي، هو مون کي ٻڌي چپ ٿي ويو هو. جيئن تـ اهو مهراڻ جو نمبر منهنجو اڳئي پڙهيل هو. مون هن کان سوال ڪيو هو تـ تو هان هن ۾ ڇا پڙهيو آهي. هن مون کي سڄي سربستي ڪهاڻي ٻڌائي هئي تـ هن ان ڪتاب ۾ ڇا ڇا پڙهيو آهي. اسان جي گفتگو مان مون محسوس ڪيو تـ هو مون کي اڳي ڪنهن نـ ڪنهن حوالي سان سڃاڻندو هو پر آئون هن کي نـ سڃاڻندو هوس. هن مون کي چيو تـ “توهان وٽ ڪتاب آهن مون کي پڙهايو”. مون هن کي چيو تـ “ تون شام جو منهنجي گهر اچ ۽ ڪتاب کڻي وڃ. ” هو ان زماني ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ آئون پرائمري ماستر هوس. مون سوچيو تـ هي شام جو مون وٽ ڪو نـ ايندو. ڇو جو اسان جي ڄمارن ۾ 10 سالن جو فرق هو. منهنجا انومان ڪنهن حد تائين صحيح بـ هئا. ان زماني ۾ آئون 23 سالن کن جو هوندو هوس ۽ هو 13 سالن جو. پر منهنجا وهم ۽ وسوسا سڀ غلط ثابت ٿيا. شام جو هو منهنجي گهر آيو. اسان جي اوطاق هوندي هئي. ان ۾ مون پنهنجي حال سارو لسي لپ سان هن کي ماني بـ کارائي. جنهن جو هو اڳتي هلي پنهنجن خطن ۾ پاڻ ذڪر بـ ڪري ٿو. مون هن کان سندس نالو پڇيوتـ هن پنهنجو نالو شير محمد لغاري ٻڌايو هو. تنهن تي مون هن کي چيو هو تـ “ تنهنجو نالو هاڻي شيرل لغاري ٿا رکون ” بس انهي ڏينهن کان پوءِ هي شير محمد لغاري مان ڦري شيرل لغاري ٿي پيو هو ۽ منهنجي ننڍڙي لائبرري ۾ جيڪي ٻـ ٽي سئو ڪتاب هئا اهي هن منهنجي ننڍڙي دوست تمام ٿورن ڏينهن ۾ پڙهي ڇڏيا هئا. هاڻي منجهند جي ماني اسان ڪڏهن چڻي واڻئي جي پٽ لونگ واڻئي جي پڪوڙن سان تـ ڪڏهن لسي لپ سان گڏ کائڻ لڳاسين. اڳئي آئون ۽ مشڪور ٻئي ادب تي ڪچهري ڪندا هئاسين، هاڻي هي ننڍڙو اسان جو دوست اسان سان جڙجي ويو. اڃا شيرل شاعري ڪرڻ شروع نـ ڪئي هئي. مشڪور ڦلڪاري جي شاعري حمد ۽ نعتن مان ڦري قومي ٿي پئي هئي، تنهنڪري مون ۽ مشڪور جهڙا دوست هن کي ملڻ جي ڪري شيرل ڪڏهن بـ مذهبي شاعري نـ ڪئي. ان زماني ۾ ماستري جو پگهار هوندو هو 120 رپيـا. آئون 20 روپيـا خرچي جي لاءِ رکندو هوس ۽ 100 روپيـا امان کي گهر جي خرچ لاءِ ڏيندو هوس. انهن 20 روپين مان آئون ۽ شيرل ڪتاب وٺندا هئاسين. حيدرآباد وڃبو هو تـ ماني ڪانـ کائبي هئي. انهن پئسن مان ڪتاب وٺبا هئا. هاڻي اسان ادبي دوست تـ اڳئي هئاسين پر اسان جي هڪ ٻئي سان محبت ۽ پيار وارو جذبو بـ پيدا ٿي ويو. اسڪول جي پڙهائي جي ڪم ۾ تـ هو اڳي هوشيار هوندو هو. جيئن ئي مئٽرڪ ڪيائين تـ هن کي بـ ماستري واري نوڪري ملي وئي. ٻـ، چار سال مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪري اسان وري ساڳئي اسڪول تي گڏجي وياسين.
    شيرل نـ انجنيئر، نـ ڊاڪٽر ۽ نـ وري وڪيل ٿي سگهيو، تنهنڪري هن جي شاعري کي اها مڃتا نـ ملي سگهي جيڪا ملڻ گهربي هئي. حقيقت ۾ شيرل لغاري پنهنجي وقت جو وڏو شاعر هو. هن شاعري جي سڀني صنفن تي طبعي آزمائي ڪئي. ، جهڙوڪ غزل، نظم، ٽيڙو، آزاد نظم وغيره. شيرل کي واقعاتي شاعري تي وڏو عبور حاصل هوندو هو. واقعو ڏسي يڪدم شاعري ڪري وٺندو هو. سندس ڪتاب “ توبن ڪهڙو جيون” جيڪو هن جي وڃڻ کان پوءِ ڇپيو، انهي مان نموني طور سندس شاعري پيش ڪجي ٿي.
    اها شام بن ۾ گذاري ڇڏيسون
    گهڙي توسان گهاري وساري ڇڏيسون
    ڪڏهن تو سان ملبو پرين تو سان کلبو
    اها آس دل ۾ سُمهاري ڇڏيسون
    اوهان ئي چيو خط نـ لکجو تڏهن کان
    پنهنجي قلم مان مس بـ هاري ڇڏيسون
    پڇو ڪنهن تـ ڪٿي آهي جاني
    اها ڳالهـ هر وار ٽاري ڇڏيسين
    “شيرل” جا سپنا بـ ساڙي هليو وئين
    بچي رک باقي اُڏاري ڇڏيسون

    تُر خانن جو تور نـ بچيو
    مغلن مان ڪو مور نـ بچيو
    گورن جو دستور نـ بچيو
    ظالم توتي ڊوڙ ڪنداسين
    ڌرتي توسان توڙ ڪنداسين
    موهن کي بـ جيارينداسين
    اگهم ڪوٽ اجارينداسين
    سنڌ جو سينو ٺارينداسين
    زندهـ نيٺ اروڙ ڪنداسين
    ڌرتي تو سان توڙ ڪنداسين.
    هاڻي اسان جا ڏينهن جا ڏينهن اسڪول ۾ گڏ گذرڻ لڳا. ادبي ڪچهريون زور ٿي ويون. سائين عبدالڪريم لغاري جيڪو اڳئي اديب، فاضل هو ۽ ادب سان اڻ سڌي طرح لاڳاپيل هو ۽ اسان ٻنهي جو هيڊ ماستر هوندو هو، انهي کي اها اسان واري ادبي ڪچهري پسند تـ هوندي هئي. پر اسان کي هدايت ڪندو هو تـ ٻارن جي پڙهائي تي وڌيڪ ڌيان ڏيو، ادب پوءِ بـ بحث هيٺ ايندو ئي رهندو. انهي معاملي ۾ هو ٺيڪ رستي تي هوندو هو. اسان کي ادبي بحث مباحثي ۾ سڄو سڄو ڏينهن لڳي ويندو هو. پويان اسڪول ڪافي متاثر ٿيندو هو. مون ڪٿي اڳي لکيو آهي تـ پراڻا استاد تعليم جي معاملي ۾ ڪنهن بـ قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نـ هوندا هئا، نـ رڳو سندن نائب ماسترن تي نظر هوندي هئي پر انهي سختي جو تئو شاگردن کان ٿيندو انهن جي مائٽن تائين پهچي ويندو هو. ان زماني ۾ ٻار اسڪول کان گسايو تـ سندس مائٽ ٻئي ڏينهن ڪيئن ان جو سبب ڏيندا هئا. هيٺ هڪ شاگرد جي مائٽ جو خط نموني خاطر پيش ڪجي ٿو.

    786
    22-4-82
    بخدمت ۾ جناب استاد نظام الدين خان سدا خوش هجو
    اسلام اعليڪم
    احوال عرض تـ غلام حسين اچي ٿو. هن کي ڪجهـ نـ چوندا، ڇاڪاڻ تـ هن جي طبيعت خوش نـ هئي. انهي ڪري غير حاضر رهيو، باقي ڪجهـ تيز ڪندا، ڇاڪاڻ تـ اڳتي نـ نٽائي.
    وڌيڪ خير آفيت اوهان جو
    قابل چانڊيو
    22-4-82

    اسان جو هيڊ ماستر اسان سڀني استادن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. ڇو جو قوم پرست هئڻ جي ناتي اسان اسڪول تي ڪافي توجـهـ ڏيندا هئاسين، تنهنڪري هو صاحب اسان جي ڪافي عزت ڪندو هو. بس ائين وقت گذرندو رهيو. آئون پرائيويٽ طور پڙهندو رهيس، تان جو 1982 ع ۾ مون ايم اي ايڪنامڪس ۾ ڪري ورتي. هاڻي مون کي شوق جاڳيو تـ آئون آفيسر ٿيان. هڪ ٻن وڏيرن جي پٺيان بـ لڳس پر ڪٿان بـ چاڙهو نظر ڪو نـ آيو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان انٽرويو ڏيڻ لڳس، پر هر وقت فيل. هاڻي ادبي ڪتابن کي ڇڏي آئون ايڪنامڪس کي پڙهڻ لڳي ويس. مئٽرڪ جي ايڪنامڪس جي عبدالرحمان پهوڙ جي ڪتاب کان شروع ٿي سراج الحق ميمڻ جي انٽر جي ڪتابن تائين. سنڌي توڙي انگريزي جا مون خوب ڪتاب پڙهيا. هاڻي مون کي ايڪنامڪس جو بيسڪ Concept ۽ ان جون Theories سمجهـ ۾ اچڻ لڳيو هيون. انهي وچ ۾ تعليم کاتي ۾ ڪيترائي نوان نوان پروگرام شروع ٿيا. جيئن تـ آئون پوسٽ گريجويئٽ هوس تنهنڪري مون کي پنهنجي کاتي ۾ ئي آفر آئي تـ 16 گريڊ ۾ نوڪري ڏيون ٿا، اچو جوائن ڪريو. پر منهنجو ضد هو تـ 17 گريڊ جي نوڪري ڏيو 16 جي آئون نـ ڪندس. هاڻي گهر ۾ اچي ٻڙڌڪ متو تـ “تون مٿي نوڪري نـ ٿو ڪرين”. مون کي ڪجهـ ائين سمجهـ ۾ اچي رهيو هو تـ جيڪڏهن مون 16 گريڊ ۾ نوڪري ڪئي تـ سڄي ڄمار انهي هڪڙي گريڊ ۾ گذري ويندي. تنهنڪري نوڪري ڪبي تـ 17 گريڊ جي باقي ماستري تـ اڳي ئي آهي. تنهنڪري 16 گريڊ جي نوڪري کان ٺپ نابري واري بيهي رهيس.


    شادي

    شادي

    هاڻي مون امان کي اچي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو تـ منهنجي شادي ڪراءِ . بابا تـ اڳي ئي جهان ڇڏي چڪو هو، سو تنگ ڪرڻ لاءِ باقي وڃي امان رهي هئي. سو ان جي پٺيان منهنجي روز جي ڀنڊڪي هوندي هئي تـ منهنجي شادي ڪراءِ. امان جو منهنجي جلدي شادي ڪرڻ جو ڪو بـ ارادو ڪونـ هو. امان انهي ۾ صحيح هئي مون کي نوڪري ضرور ملي وئي هئي پر آئون اڃان شادي جي اهل ڪونـ ٿيو هوس. هڪ ڏينهن مون امان کي ڌمڪي ڏني تـ جيڪڏهن منهنجي شادي نـ ٿي ڪرائين تـ آئون پنهنجي پاڻ کي ڦاسي ٿو ڏيان. منهنجي خيال ۾ هر نوجوان ائين پنهنجن امڙين کي ڪنهن نـ ڪنهن ڳالهـ تي ڌمڪيون ڏيندو آهي. خاص ڪري پنهنجي مرضي ۽ مائٽن جي مرضي جي خلاف شادي تي هر نوجوان ائين ڪندو آهي. خير منهنجي چوائس تـ ڪا بـ نـ هئي سڄو زور هو شادي تي. سو ڳالهـ پئي هلي شادي نـ ڪرائڻ تان خودڪشي جي، مون مرڻ جو هڪ عجيب نمونو ايجاد ڪيو. اسان جي گهر ۾ هڪ پينگهو هوندو هو (جنهن جا نصير مرزا اڃان تائين مزا وٺندو آهي) ڪي ماڻهو ان کي هندورو بـ چوندا آهن. مون ڇا ڪيو جو ان جي وچ واري ڪاٺي ۾ رسو ٻڌم، سڀني گهر جي ڀاتين کي سڏي آيس. ڏسو تـ آئون ڪيئن ٿو ڦاسي کاوان، رسو جيڪو ڪاٺي ۾ قابو ٻڌل هو، انهي ۾ پنهنجي ٽنگ قابو ٻڌي رسي کي ڇڪيم. هاڻي پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن تـ ٽنگ جي ڦاسي وارو ڪڏهن مرندو ! ماڻهو کائين ڳچي ۾ ڦاسي ۽ مون کاڌي ٽنگ ۾ ڦاسي. انهي ٽنگ ۾ ڦاسي واري رسي اهڙا تـ ڏاوڻ وجهي ڇڏيا آهن جو سڄي زندگي آزادي سان هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهيان. انهن نوجوان دوستن کي گذارش آهي جن جي اڃا شادي نـ ٿي آهي تـ شادي لاءِ ٽنگ ۾ ڦاسي وارو نسخو ڪڏهن بـ استعمال نـ ڪن، نـ تـ مون وارو حال ٿيندو. نيٺ ٽنگ جي ڦاسي وارو نسخو ڪامياب ٿيو ۽ آئون جيئن ئي مٺياڻي مان ٽريننگ ختم ڪري واپس آيس تـ 1977ع ۾ منهنجي شادي ٿي وئي. جڏهن تـ ڀائرن ۾ آئون ٻئي نمبر تي هوس پر منهنجي شادي سڀ کان پهرين ٿي. وڌيڪ شادي جي باري ۾ ڪونـ ٿو لکان “ڍڪي ڀلي شادي پلي” ڇو جو ان ۾ خوني رشتا شامل آهن. مون لکڻ کان پهرين اهو طئـ ڪيو هو تـ خوني رشتن تي گهٽ لکندس. باقي روحاني رشتن تي دل کولي لکبو. مون کي يقين آهي تـ ڪنهن بـ دوست جي باري ۾ آئون ڪجهـ بـ لکي ڇڏيندس اهو منهنجي لکئي کي پنهنجو ڪندو. باقي رت کي تـ باهـ لڳيو وڃي، تنهنڪري خوني رشتن لکڻ وقت احتياط کان ڪم وٺبو. هڪڙو هو ٻروچ سو جڏهن گهر ۾ داخل ٿيندو هو تـ گهرواري ڪنهن نـ ڪنهن شئي جي کُٽي وڃڻ جي خوشخبري ٻڌائيندي هئي. سو تنگ ٿي هڪ ڏينهن چيائين “ ماڻهيان ڪون ماڻهيان دي رنان ڪون داڻيان دي”


    شيرل لغاري جا خط

    شيرل لغاري جا خط

    سو ڳالهـ پئي هلي شيرل لغاري جي، مون ماسٽرس ڪري ورتي، تـ هي اڃان بي اي جي ڪلاسن ۾ هوندو هو. منهنجو خيال هو تـ هي اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪري،پر هن جو چوڻ هوندو هو تـ “ اهو تور ماپ وارو حساب پاڻ کان ڪونـ ٿيندو” ۽ هن سنڌي ۾ ماسٽرس ڪئي. ڇو جو سنڌي سندس محبوب سبجيڪٽ هوندو هو. مون کي چوندو هو تـ آئون ٻن شين سان پيار ڪيان ٿو، هڪ متحرڪ ۽ ٻئي غير متحرڪ، هڪ سنڌي ادب جنهن ۾ شاعري ۽ ٻيو ادب اچي وڃي ٿو ۽ ٻئي متحرڪ شئي، هو مون ڏانهن منسوب ڪندو هو. اسان ڪٿي رات جو گڏ هوندا هئاسين تـ هو سڄي رات مون کي شاعري پيو ٻڌائيندو هو ۽ خبر نـ پوندي هئي تـ ننڊ اسان کي ڪيڏي مهل پنهنجي آغوش ۾ وٺي ڇڏيندي هئي. اڄ بـ جڏهن ڪا سٺي شاعري نظر مان گذرندي آهي تـ شيرل ياد ايندو آهي تـ بي اختيار روئي ويهندو آهيان. هي اهو زمانو هو جڏهن موبائل نڀاڳي اڃان ايجاد ڪانـ ٿي هئي. اسان هڪ ٻئي کي ڊگها ڊگها خط لکندا هئاسين. سندس اهي خط منهنجي لاءِ ايتري حيثيت ٿا رکن، جيترو منهنجو وجود. شيرل لغاري جا جيڪي بـ مون وٽ خط آهن اهي آئون هن ڪتاب جو حصو بڻائيندس. ان زماني ۾ سٺن ۽ پڙهائڻ وارن استادن کي هوشيار ۽ بااخلاق شاگرد پسند ڪندا هئا. ڪافي عزت بـ ڪندا هئا. جڏهن تـ استادن جو اخلاق هماليـ جي چوٽي کان وڌيڪ بلند ۽ اعليٰ هوندو هو. مجال آهي جو ڪو استاد پنهنجي يا پرائي شاگرد ڏانهن ميري اک کڻي ڏسي. ڇو جو اسان جي زماني ۾ اڌو اڌ استاد سنڌي فائنل امتحان پاس هوندا هئا. جن انگريزن جو زمانو بـ ڏٺو هو. تنهنڪري هو صاحب اخلاق ۽ پڙهائي جي معاملي ۾ ڪنهن بـ قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نـ هوندا هئا. اسان کي اهڙن استادن جي تربيت نصيب ٿي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين هيڏانهن هوڏانهن ٿيڙ کائڻ نـ ٿي ڏئي. جيئن تـ اسان جي اسڪول ۾ برانچ مڊل اسڪول قائم هوندو هو، پر ان جي لاءِ بلڊنگ يا اسٽاف وغيره ڪجهـ بـ نـ هوندو هو. اسين پرائمري جا استاد انگريزي جا ڪلاس بـ وٺندا هئاسين. اسان مان هڪ استاد ڪل وقتي انگريزي ڪلاسن وٺڻ لاءِ هوندو هو. جڏهن تـ مون وٽ هميشـ پرائمري جا مٿيان ڪلاس رهيا آهن. مون کي هڪ ڏينهن آرڊر ٿيو تـ ڇهين ۽ ستين ڪلاس جي رياضي وٺان. مون کي صرف پنجين ڪلاس تائين رياضي پڙهائڻ ايندي هئي. منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو تـ مٿين ڪلاسن جي آئون رياضي ڪيئن پڙهايان. مون انهي آرڊر کي چئلينج سمجهي قبول ڪيو. مون ڇا ڪيو جو بازار مان ٻنهي ڪلاسن جا ميٿاميٽڪس جا ڪتاب وٺي آيس،جيڪو ٻئي ڏينهن ڪلاس ۾ پڙهائڻو هوندو هو، اهو پهرين آئون پاڻ پڙهي تيار ٿي ويندو هوس. ڇو جو مون کي اهو سٺو نـ ٿي لڳو تـ آئون شاگردن جي اڳيان ڪتاب کولي کين پڙهايان، انهي مان مون کي زبردست فائدو ٿيو. ان زماني ۾ اڃان مون ايم اي ايڪنامڪس ۾ ڪئي پئي. هڪ 100 مارڪن جو سڄو سارو پيپر مئٿ هوندو هو. ٿيوري تـ ڪتاب تان نقل ڪري لکي وڃبو هو پر ميٿ ۾ اڪثر ڇوڪرا فيل ٿي پوندا هئا. جڏهن تـ مون اهو پيپر 100 مان 92 مارڪون کڻي پاس ڪيو هو. اڃان ان جو وڌيڪ فائدو اهو ٿيو جو اسان جڏهن اسلام آباد آفيسر ٿي آياسين تـ ڪو بـ پنجابي آفيسر اسان کي وٺڻ لاءِ تيار ڪو نـ هو. جيئن تـ منهنجي فنانس ڊويزن ۾ پوسٽنگ ٿي. چون تـ هن ڊويزن ۾ هلي مئٿ ٿي، سنڌين کي مئٿ اچي ڪا نـ، تنهنڪري هن کي نـ وٺنداسين. خير مون مارڪ شيٽ ڏيکاري کين مطمئين ڪيو تـ مون کي مئٿ اچي ٿي. ان کان پوءِ تقريبن 22 سال آئون فنانس ڊويزن ۾ رهيس مون ڪڏهن بـ ميٿاميٽڪس ۾ مار نـ کاڌي. پويان اٺ سال آئون مٿين گريڊن ۾ هليو ويس اتي بـ هاءِ ليول جي مئٿاميٽڪس مون کان ڪرائيندا هئا. خاص ڪري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم ڪڍڻ جو هڪ خاص فارمولا آهي. اهو اڪثر ڪنهن کي ڪو نـ ايندو هو. مون انهي تي ڪافي محنت ڪري سکي ورتو هو. هونئن بـ بلوڄستان جي اسيمبلي جا ميمبر اسمبلي اندر توڙي ٻاهر پنهنجن نوڪرين جي ڳالهـ ڪندا آهن تـ هي پنجابي اسان جون فيڊرل گورنمينٽ واريون نوڪريون کائي ٿا وڃن. پر بدقسمتي سان اسان جي سنڌ جي ڪنهن بـ ميميبر اسيمبلي ۾ سنجيده ٿي نوڪرين جي باري ۾ نـ ڳالهايو. ائين هي اسان جا ڀائر غلط ڪوٽا ڪلڪيوليٽ ڪري سنڌين ۽ بلوچن جون نوڪريون کائيندا رهندا آهن. جيڪي مون پنهنجي آرگنائيزيشن ۾ اچڻ کان پوءِ روڪي ڇڏيون تـ منهنجي هيٺان ڪم ڪندڙ آفيسر جيڪي پنجابي ۽ پٺاڻ هئا اهي سڀ جا سڀ منهنجي خلاف ٿي ويا. خير اهو ذڪر آئون اسلام آباد واري باب ۾ ڪندس.
    منهنجي هميشـ اها خواهش رهي آهي تـ منهنجو هر دوست زندگيءَ جي هر مقابلي ۾ سُرخرو هجي. ڪنهن نامعلوم جو قول آهي تـ ” انقلابي عاشق مزاج ۽ سونهن تي فدا ٿيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن سونهن مٿن پاڻ موهت ٿي پوندي آهي. ” مون سان بـ ڪجهـ اهو ئي ٿي رهيو آهي. منهنجي ياري دوستي ۾ ذات پات، ننڍ وڏائي يا مذهب جي ڪا بـ دخل اندازي نـ رهي آهي. آئون فقير ۽ صوفي طبعيت جو ماڻهو آهيان. مون ڪنهن شخص سان پيار نـ ڪيو آهي، پر مون انسان ذات سان پيار ڪيو آهي. مون ڪڏهن بـ ڪنهن عورت ذات سان عشق نـ ڪيو آهي. عشق ۽ پيار جا لفظ مون رڳو ڪتابن ۾ پڙهيا آهن. ها باقي بااخلاق ۽ سچا دوست مون کي پيار ۽ عزت ڏيندا ئي رهيا آهن. جڏهن تـ آئون انهن جي خاص ڪري تعليمي ميدان ۾ رهنمائي ڪندو رهيو آهيان. ماشاالله اهي اڄ سڀ سٺن عهدن تي آهن. هن جاءِ تي ڪي نقاد مون تي تنقيد ڪرڻ ۾ حق بجانب آهن تـ مون مڌ جي مٽ مان هڪ چسڪي بـ نـ ڀري. ٻين لفظن ۾ آئون زندگي ۾ ناڪام شخص رهيو آهيان. انهن دوستن لاءِ عرض آهي تـ مون امانت ۾ خيانت ڪڏهن بـ نـ ڪئي آهي. مون موکي جا مٽ مٿي تي ضرور کنيا آهن پر انهن مان چسڪي نـ ڀري اٿم. ان سان گڏ مون شرابن طهورا جي ساگر ۾ غوطا کاڌا آهن، پر انهي پاڪ ۽ پوتر پاڻي جو ڍڪ ڪڏهن بـ نڙي کان هيٺ نـ لٿو آهي.
    هي 1984ع جو زمانو هو، ان کان اڳ مون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ست انٽرويو ڏنا هئا پر هر ڀيري فيل ٿيو هوس. انهن ۾ آخري ٻـ انٽرويو جيڪي مون ڏنا اهي سٺا ٿيا هئا. ڇو جو ٽن سالن کان مٿي عرصي لاءِ مون ايڪنامڪس ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي هئي. ٿي سگهي ٿو تـ ڪميشن کي مون کان وڌيڪ ٻيا سٺا اميدوار ملي ويا هجن، جنهنڪري سنڌ گورنمينٽ ۾ آئون آفيسر نـ ٿي سگهيس. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن اسلام آباد 1984 ع ۾ ريسرچ آفيسر 17 گريڊ ۾ ايڪنامڪس ۽ پلينر گروپ لاءِ ايڊورٽائيز مينٽ ڏني هئي. ان زماني ۾ هر آچر تي هلال پاڪستان اخبار ۾ FPSC جي ايڊ ايندي هئي. ڪميشن صرف ايم اي ايڪنامڪس سيڪنڊ ڪلاس ۾ گهري هئي. اها تعليمي قابليت مون وٽ هئي. جيئن تـ آئون اڳي ئي سرڪاري نوڪري ۾ هوس. تنهنڪري مون کي کاتي جي معرفت ئي درخواست موڪلڻي هئي، جيئن تـ اسان جو تعلقو ماتلي هو ۽ سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفيسر اُتي ويهندو هو. ان زماني ۾ ڪميشن جو فارم هر ڊي سي آفيس مان ملندو هو. اسان جو ضلعو تـ بدين هو پر آئون فارم حيدرآباد مان وٺي آيو هوس، ان سان گڏ 7.50 روپين جو چالان بـ نيشنل بئنڪ رسالا روڊ برانچ ۾ جمع ڪرائي آيو هوس. اها اخبار ۽ انهي چالان جي ڪاپي مون وٽ اڄ تائين محفوظ آهي. سو فارم ڀري ماتلي کڻي ويس پر اتفاق سان SDEO آفيس ۾ موجود ڪونـ هو. هڪڙو ڪلارڪ هوندو هو دودو خان ڪيريو، شهر کان ٿورو ٻاهر ڪنهن ڳوٺ جو ويٺل هوندو هو. اسان تقريبن گڏ ماستر ڀرتي ٿيا هئاسين. ڏاڍو سهڻو جوان هوندو هو. قد بت ۾قد آور، وڏيون ۽ گول گول اکيون، ڳٽا ڀريل، منهنجي وارن وانگر گهنڊيدار وار، دلبر دوست هوندو هو. هُن پار جي اهڙي ڇڪ ٿيس جو تڪڙ ۾ موڪلايائين بـ ڪو نـ،، نوڪري تـ اڃان ڪافي باقي رهندي هيس. اهڙي دنيا ۾ هليو ويو، جتان ڪو بـ اڄ ڏينهن تائين واپس نـ آيو آهي. آئون 11 سال کن سنڌي ماستر رهيس پر آفيس ۾ منهنجا ڪم ڪار سڀ دودو ڪيريو ڪري ڇڏيندو هو. سو اهو FPSC وارو درخواست فارم ڀري دودي ڪيريي کي ڏئي آيس تـ آفيسر کان صحيح ڪرائي اسلام آباد موڪلي ڇڏجان. مون کان وري اها فارم واري ڳالهـ ئي وسري وئي تـ ڪو مون ڪا درخواست موڪلي آهي. ساڳيون پوسٽون FPSC وري 1985 ع ۾ ٻيهر ايڊورٽائيز ڪيون. انهيءَ ۾ اهو لکيو ويو هو تـ جن ماڻهن ساڳين پوسٽن لاءِ اڳي ئي درخواست ڏني آهي، اهي ٻيهر نـ ڏين، پر منهنجي انهي نڪتي تي نظر ئي ڪا نـ پئي. سو فارم ڀري ٻيهر ڪميشن کي اسلام آباد ڏياري موڪليم. مون سمجهـيو تـ هي ائين دوکو ٿا ڪن، تنهنڪري آفيس جي معرفت ڪو نـ موڪليم ائين سڌو سنئون ڏياري موڪليم. آڪٽوبر يا نومبر 1985 ع ۾ ڪميشن جي طرفان لکت ۾ ٽيسٽ جي لاءِ ڪراچي سڏايو ويو. مون کي ٽيسٽ صفا سولي لڳي. ڇو جو آئون لاڳيتو 5 سال ايڪنامڪس پڙهندو رهيس. ان کان پوءِ ڊسمبر ڏهين تي ڪراچي ۾ انٽرويو لاءِ سڏايو ويو. جيئن تـ FPSC جو منهنجو پهريون تجربو هو. هتي سنڌ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارا اٺين بجي انٽرويو لاءِ گهرائيندا هئا تـ 12 بجـي انٽرويو شروع ڪندا هئا. مون سمجهيو تـ هي بـ ائين ئي ڪندا. جيئن تـ انٽرويو باٿ آئيلينڊ ۾ 9 بجي شروع ٿيڻا هئا. مون سمجهيو تـ اهي 11 بجي کان اڳ شروع ئي نـ ڪندا. سو ڪراچي جي صدر ۾ ناشتو وغيره ڪري ڊان اخبار پڙهي پوءِ آرام سان ڏهين بجي وڃي ڪميشن جي آفيس پهتس تـ ڪميشن جا ملازم مون کي ڳوليندا وتن. چون تـ تنهنجو هاڻي انٽرويو جو نمبر آهي تون لڀين ڪونـ ٿو. مون کي انتطار ڪرڻ واري ڪمري ۾ ڇڏيائون ئي ڪو نـ. ، منهنجي خيال ۾ پنجن منٽن جي اندر اندر مون کي هنن ڪميشن جي ميمبرن جي اڳيان پيش ڪري ڇڏيو. مون اڳي مٿي لکيو آهي تـ مون جيڪا آفيس جي معرفت درخواست موڪلي هئي. اها مون کان وسري وئي هئي، ٻئي جيڪا مون سڌي سنئين ڪميشن کي موڪلي هئي اها مون کي ياد هئي. سو مون دل ئي دل ۾ سوچيو تـ ڪنهن ميمبر جيڪڏهن مون کان پڇيو تـ تون ڇا ڪندو آهين تـ، آئون ڪميشن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ جواب ڏيندس تـ آئون بيروزگار آهيان، جيئن ڪميشن مون کي نوڪري ڏئي ڇڏي. اها ڳالهـ دل ئي دل ۾ آئون پڪي ڪري ويو هوس. FPSC ۾ 17 گريڊ کان19 گريڊ جي پوسٽ جي انٽرويو جي لاءِ ٽي ماڻهو ويهندا آهن ٻـ ڪميشن جا ميمبر ۽ ٽيون لاڳاپيل کاتي جو ماڻهو. فيل پاس ڪرڻ ڪميشن جي ميمبرن جو اختيار آهي. کاتي واري نمائندي کان رڳو سندس رايو وٺندا آهن. ڪميشن جي هر ميمبر اڳيان هر اميدوار جا مڪمل تفصيل اڳئي پيل هوندا آهن. جيڪا مون کي خبر ئي ڪا نـ هئي. ڪجهـ گهڙين کان پوءِ بورڊ جي انچارج جيڪو ٻنهي ميمبرن جي وچ ۾ ويٺو هو. ان منهنجو نالو ورتو ۽ مون کي چيائين تـ تون پرائمري ماستر آهين. اتي منهنجا ڪن وڄي ويا ۽ مون يڪدم ها ڪئي تـ آئون پرائمري ماستر آهيان. ان کان پوءِ پڇيائين تـ اخبار ڪهڙي پڙهندو آهين. ان زماني ۾ ڪاوش اخبار يا جاري ئي ڪا نـ ٿي هئي يا اڃا ايترو اوج ڪو نـ هوندو هوس. مون جواب ڏنو تـ جڏهن شهر وڃڻ ٿيندو آهي تـ انگريزي اخبار ڊان وٺي پڙهندو آهيان. باقي ٻهراڙي ۾ ڊان نـ ٿي اچي. وري مون کي چيائين تـ اڄ تـ تون ڪراچي ۾ آهين اڄ تـ پڙهي هوندءِ. مون جواب ڏنو تـ ها اڄ مون ڊان اخبار پڙهي آهي. مون کان پهريون سوال ڪيائين تـ “پنهنجو صدر صاحب اڄڪلهـ ڪيڏانهن ويل آهي”. اهو ضياءُ الحق جو زمانو هو. صدر صاحب سارڪ سربراهي ڪانفرنس ۾ بنگلاديش ڍاڪا ويل هو. مون اهو ٻڌايومانس. وري ٻيو سوال ڪيائين سارڪ جا گهڻا ۽ ڪهڙا ميمبر آهن. ڇهن ميمبر ملڪن جا نالا ٻڌائي ويومانس 7 جو نالو وسري ويو. پاڻ ئي اشارو ڏنائين تـ “هڪڙو ننڍڙو جزيرو” انهيءَ تي مون کي ياد اچي ويو ”مالديپ“ پوءِ کاتي واري همراهـ کي سوال پڇڻ لاءِ چيائين. هن مون کان جيڪا ايڪنامڪس پڇي،انهي جا سڀئيConsept منهنجا ڪليئر هئا. ڇو جو لاڳيتو پنج سال مون ايڪانامڪس کي چڱي طرح پڙهيو هو. انهيءَ کي مون ايڪنامڪس ۾ وٺ ئي ڪانـ ڏني . ضياءُالحق جي زماني ۾ مذهب تي وڏو زور هوندو هو. هڪڙو خاص ميمبر رڳو مذهب تي سوال ڪندو هو. انهي مون کان پڇيو تـ مذهب تي سٺو ڪتاب ڪهڙو آهي. مون جواب ڏنو قران شريف، چيائين اهو تـ آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ٻڌاءِ. مون چيو امير علي جو ڪتاب Spirts of Islam انهيءَ تي منهنجو انٽريو ختم ٿيو. اهو FPSC جو منهنجو پهريون انٽرويو هو. شام جو ڳوٺ اچي چاچي حاجي جيئند کان ڍارو وجهرايم هن مون کي چيو تـ مٺائي کارائي تون گورنمينٽ ۾ داخل آهين. مون کي اها خبر نـ هجي تـ منهنجي مقرري ڪٿي ٿيندي. چاچا مون کي چيو تـ جتان پاڻي اچي ٿو توکي اوڏانهن موڪليندا. تقريبن 20 ڏينهن جي اندر ڪميشن جو خط اچي ويو تـ تون پاس ٿيو آهين. بس منهنجي خوشي منجهان حالت ڏسڻ جهڙي هئي. پهرين مٺائي وٺي وڃي چاچي حاجي جيئند کي ڏنم. جنهن جو تفصيل سان ذڪر آئون اڳي ڪري چڪو آهيان. آئون اهڙو خوش هجان جو چوان تـ مون سان ڪير گڏ ئي نـ هلي. جيئن ڪُئي کي هريڙ ملندي آهي تـ حڪيم ٿي پوندو آهي تيئن آئون بـ سنڌي ماستر مان 17 گريڊ جو آفيسر ٿي پيس. مون سمجهيو تـ مون ڪو وڏو مارڪو ماري وڌو آهي. خير الله جا وڏا احسان هئا جو مون جهڙي جاهل ماڻهو کي 15 رپين ۾ آفيسري ڏني هئائين، نـ تـ “ڇا ٻلي ڇا جلاب”. هڪ تـ منهنجو غريب خاندان سان تعلق ٻيو پوئتي پيل علائقي سان تعلق، جتي صرف پرائمري اسڪول هوندو هو. بس ائين ڀوڳن ڀوڳن ۾ آئون فيڊرل گورنمينٽ ۾ آفيسر ٿي ويس. هي سڄو ڪريڊٽ راشد مورائي کي وڃي ٿو. اها ٻئي ڳالهـ هئي تـ هو صاحب موري ۾ ۽ آئون گلاب لغاري ۾، مٺياڻي ڇڏڻ کان پوءِ اسان جي ملاقات بـ ڪڏهن ڪڏهن ٿيڻ لڳي. هُن جا چيل لفظ تـ“نظام تون سدائين ماستر رهندين” منهنجي ذهن ۾ اهڙا ويهي ويا، جيڪي مون کي هر وقت سٽيندا رهندا هئا. ان کان بـ وڌيڪ سائين راشد جيڪو مون کي ڪتابن تي هيرايو ۽ پڙهڻ جي عادت وڌي، انهن ڪتابن مون کي فرش تان کڻي عرش تي پهچائي ڇڏيو. منهنجي جڏهن سائين سان پهرين ملاقات ٿي هئي تـ آئون ڪچڙو جوان هوس. مون کي ڏاڙهي مڇ اڃان ڪا نـ آئي هئي. انهي ڳالهـ جو مون سائين راشد مورائي سان ڪنهن خط ۾ ذڪر بـ ڪيو هو ۽ اهو خط سائين ڇاپيو هو ۽ سندس ڪتاب ۾ موجود آهي. خير انهي پاسي جا ماڻهو هونئن ئي ڀلا آهن، جنهن جو مون اڳي هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي وري وري لکڻ بوريت جو سبب بڻجندي. هاڻي مون کي ڪا خبر نـ هئي تـ اڳتي ڪرڻو ڇا آهي. الله جنت نصيب ڪري ادا وڏي کي، جيڪو مون کان اڳي 16 گريڊ ۾ بدين ۾ اسٽيٽسٽيڪل آفيسر ٿي چڪو هو. هن مون کي خط ٺاهي ڏنو تـ هي وڃي SDEO ماتلي وارن کي ڏي تـ “آئون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري چڪو آهيان. جيئن ئي اتان آفر ليٽر آيو تـ مون کي رليو ( ان زماني ۾ سنڌي ۾ لفظ بي دخل استعمال ٿيندو هو) ڪندا”. مون کي تـ انگريزي لکڻ ئي ڪا نـ ايندي هئي اهڙو خط بـ ادا وڏي ٺاهي ڏنو هو. تقريبن هڪ مهيني جي اندر پلاننگ ڊويزن مان آفر ليٽر اچي ويو. آئون منجهي پيس ڇو جو سنڌ گورنمينٽ ۾ پهرين ميڊيڪل وغيره ٿيندو آهي پوءِ رُلائي رُلائي چار ڏوڪڙ وٺي پوءِ آفر ليٽر ڪڍندا آهن. جڏهن تـ هنن بغير ڪنهن اسلام آباد جي چڪر ۽ بغير منٿن سماجتن کان سواءِ ائين مفت ۾ آفر ليٽر ڪڍي ڇڏيو، انهي مون کي پريشان ڪري وڌو. ان زماني ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ايتري ترقي نـ ڪئي هئي. حيدرآباد مان اسلام آباد لاءِ 60 روپيـا في منٽ ٽيليفون جو ريٽ هوندو هو. ائين 200 روپيـا خرچ ڪري مون اسلام آباد ڳالهايو هو. پلاننگ ڊويزن جي سيڪشن آفيسر مون کي چيو تـ تون رڳو رليو ٿي هتي پهچ باقي ڪم هتي ٿيندو. جنهن ڏينهن آئون ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ گورنمينٽ مان رليو ٿي رهيو هوس تـ اهو 20 مارچ 1986ع جمعي جو ڏينهن هو. ٽنڊي باگي جو SDEO قمرالدين قاضي (ميمڻ) هو. منهنجي رليونگ جا ڪاغذ تـ ڏهين بجي ٺهي ويا هئا پر هُن صاحب مون کي هڪ بجي تائين آفيس ۾ ويهاري ڇڏيو هو. چيائين تـ اسان توهان کي اڄ جي تاريخ ۾ رليو ڪيو آهي. تنهنڪري ڏينهن پورو ڪري پوءِ وڃ. ائين پوري ڏينهن جي ڊيوٽي ڪري پوءِ ڳوٺ آيو هوس. ائين ٻئي ڏينهن ڇنڇر تي عوام ايڪسپريس تي حيدر آباد مان سوار ٿي لاهور وڃي لٿو هوس. ان زماني ۾ لاهور حيدرآباد ريل جو ڀاڙو 160 روپيـا هوندو هو، جڏهن تـ لاهور کان راولپنڊي 55 روپيـا بس جو ڀاڙو هوندو هو. پهرين رات فاروق هوٽل ڪميٽي چوڪ راولپنڊي ۾ 40 روپيـا ڪمرو وٺي اچي رهيو هوس. اندازو لڳايو تـ ريل ۽ بس جي ڀاڙي ۽ هوٽل جي ڪمري جي مسواڙ کان ٽيليفون مهانگي هوندي هئي. جڏهن تـ اڄ ان جي بلڪل ابتڙ آهي. اهو سڄو سارو ڪمال ٽيلي ڪام سيڪٽر کي کولڻ ۽ خانگائڻ جو آهي. توهان پاور سيڪٽر کي اڄ پرائيويٽ ڪريو. بجليءَ جو بحران ختم، بجليءَ سستي. پاڪستان جو عوام پريشاني کان ٻاهر.
    اسلام آباد اچڻ کان پوءِ 24 مارچ 1986 تي مون ريسرچ آفيسر جي لاءِ پلاننگ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪئي. هنن مون کي ميڊيڪل جي لاءِ پولي ڪلينڪ موڪلي ڇڏيو، جيڪو غلط هو. ڇو جو آئون اڳي ئي سرڪاري ملازم هوس. ميڊيڪل منهنجو ٿيل هو. جڏهن تـ مون کي سروس جي قاعدن قانونن جي ڪا بـ خبر نـ هئي. پولي ڪلينڪ وارن اٺ ڏينهن ميڊيڪل ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيا. انهي کان اڳ آئون اڃان جڏهن ڳوٺ ئي هوس ۽ ڪميشن پاس ڪري چڪو هوس. مون کي ڪنهن صلاح ڏني تـ شگر ٽيسٽ ڪرائي ڇڏ، متان اتي ڪو مسئلو نـ ٿي پوي. منهنجو دوست ڊاڪٽر عبدالعزيز ٿيٻو، جيڪو رپ شريف جو هو، اسان هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهيا هئاسين. هو ان زماني ۾ اسان کان هيٺين ڪلاسن ۾ هوندو هو. اهو LMC ۾ ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ هوندو هو. مون هن کي چيو تـ مونکي شگر ٽيسٽ ڪرائڻي آهي. هن مون کي چيو تـ شگر ٿيندي نيراني هانَوَ تنهنڪري رات مون وٽ ترسي پئو، صبح جو شگر ٽيسٽ ڪرائينداسين. آئون اها رات هن جي ڪمري ۾ هاسٽل تي رهي پيس. اسان جو بـ رات جو سمهڻ جو ڪو ارادو ڪو نـ هو. تنهنڪري اها سڄي رات اسان ڪچهري ڪندي گذاري ڇڏي هئي. انهي رات اسان سياست، سماجيات، عشق، محبت، پيار، ساز ۽ آواز، امر جليل جي ڪهاڻين کان ويندي شيخ آياز جي شاعري تائين، مئڪده کان مئخاني تائين، محبوب جي گلابي ڳلن کان ڇاتي تي اڀريل ڪنڌاري ڏاڙهُن تائين. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي تـ ان وقت انڊيا جا جيڪي مشهور گانا هوندا هئا. اهي سڀئي مون کي هن سُر ۾ ڳائي ٻڌايائين. انهن ۾ جيڪو پيار ۽ محبت هو، ان کي اڄ ڏينهن تائين وسارڻ منهنجي لاءِ ڪافي ڏکيو آهي. ٻئي ڏينهن منهنجي شگر ٽيسٽ ڪرائي رپوٽ هٿ ۾ کڻي کلندو آيو ۽ مون کي اچي خوشخبري ڏنائين تـ توکي شگر آهي. منهنجون“ ٻـ بـ ويون تـ ڇهـ بـ ويون”. مون سمجهيو تـ مون واري ڪميشن هاڻي پوري ٿي وئي. هي فيڊرل گورنمينٽ وارا مون کي وٺندا ئي ڪو نـ. . جڏهن تـ شگر يا نظر جو گهٽ هجڻ يا ڪجهـ ٻيون بيماريون نوڪريءَ تان خارج نـ ٿيون ڪن. آئون هاڻي پرائمري ماستر، مون کي قاعدن قانونن جي خبر نـ هجي. مٿان پلاننگ ڊويزن جو آفيس ميمورينڊم (OM) اچي پهتو تـ 24 مارچ کان اڳ اڳ هتي اچي جوائن ڪر. خدا ڀلو ڪري قاضي قمرالدين جو، جيڪو ٽنڊي باگي جو ميمڻ هو. هونئن بـ سنڌ جي ميمڻن جا مون سان وڏا قرب رهيا آهن. انهي مون کي ماستري تان رليو ڪرڻ مهل 3 سالن جو واپسي جو حق ڏئي ڇڏيو هو (Right of Return) اهو قانون مطابق هو. سائين قاضي صاحب پراڻو ماڻهو هو انهي کي قاعدن جي خبر هوندي هئي. اها پڪ هئي تـ اسلام آباد وارن واپس ڪيو تـ وري اچي ماستري ڪبي. ٻئي جيڪا مون وڏي غلطي ڪئي، جنهن جي مون کي سزا ملڻ گهربي هئي پر امڙ جي دعائن ڪو، اثر ڏيکاريو، جو آئون بچي ويس. اسان ڊرامو اهو ڪيو جو جڏهن پولي ڪلينڪ وارن پيشاب ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ سيمپل گهريو تـ آئون ٻئي همراهـ جو پيشاب پنهنجي پرچي تي رکي آيس. شام جو خيال آيو تـ اگر انهيءَ همراهـ کي شگر هجي تـ پوءِ ڇا ٿيندو. انهي جاءِ تي آئون پنهنجو سيمپل ڏئي ڇڏيان ها تـ ڪوئي مسئلو نـ ٿئي ها. اهو صرف اڻ ڄاڻائي ۽ لاعلمي جي ڪري ٿيو. انهي غلط ڪم جو سڄي ڄمار آئون پنهنجي پاڻ تي ملامت ڪندو رهيو آهيان. منهنجو ضمير مون کي بخش ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. هيءَ ڪهاڻي صرف انهي لاءِ لکي رهيو آهيان تـ دوستن کي خبر پوي تـ لاعلمي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون غلطيون سر زد ٿيو وڃن. اڳتيِ هلي مون شگر جي بيماري تي ايترو پڙهيو ۽ ريسرچ ڪئي جو مون کي هر ننڍي وڏي ڳالهـ جي خبر پئجي وئي. هڪ وقت اهو بـ آيو جو ڊاڪٽر منهنجي شگر جي دوا بند ڪري ڇڏي. اڄ منهنجي شگر کي 35 سال ٿي ويا آهن، انهي جي ڪري مون کي ڪڏهن بخار بـ نـ آيو آهي. لاڳيتو 30 سالن کان وٺي هر روز هڪ ڪلاڪ پنڌ ڪندو آهيان. هينئر آئون ڪنهن کي ٻڌايان ٿو تـ آئون رٽائر ٿي ويو آهيان تـ ڪير مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي. آئون انهي نتيجي تي پهتو آهيان تـ شگر ڪا بيماري ڪانهي. صرف اندر جا عضوا ڊس آرڊر ٿي ٿا وڃن. تنهنڪري انسولين گهربل مقدار مطابق نـ ٿي ٺهي. مون ڪڏهن بـ شگر کي پنهنجي سِر تي سوار ناهي ڪيو.
    پلاننگ ڊويزن جي خط مطابق مون کي 24 مارچ تي اسلام آباد پهچڻو هو ۽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻي هئي. سو انهن جي ڏنل آخري تاريخ تي يعني 24 مارچ 1986 ع تي اچي هنن وٽ رپورٽ ڪيم. هنن بغير ڪنهن سوچڻ سمجهڻ ۽ ڪنهن ٻئي ڪاروائي ڪرڻ جي مون کي ليٽر ڏئي پولي ڪلينڪ موڪلي ڇڏيو تـ وڃي ميديڪل ڪرائي اچ. اسپتال وارن 8 ڏينهن کان پوءِ 2 لائنن جو خط اسان جي هٿ جي تري تي رکي چيو تـ اوهين نوڪري لاءِ فٽ آهيو. هي چوٿ پني جو کڻي وڃي جوائن ڪريو، تفصيلي رپورٽ اسان اوهان جي آفيس کي ڏياري موڪلينداسين. ائين پهرين اپريل 1986 ع تي آئون پرائمري ماستر مان فري فيڊرل گورنمينٽ جو آفيسر ٿي ويس. اسان ۾ ڪجهـ ماڻهو اهڙا هئا، جيڪي اڳي ئي هتي مرڪزي سرڪار ۾ نوڪرين ۾ هئا، انهن کي سسٽم جي اڳي ئي خبر هئي. آئون تازو پرائمري ماستر مان پروموٽ ٿي گلاب لغاري مان سڌو اسلام آباد آيو هوس، ائين ٿي لڳو تـ “جهنگ جي ٻڪري شهر ۾” شروع وارن ڏهاڙن ۾ آفيس هڪڙي پاسي تـ آئون ٻئي بس ۾ چڙهي ڪيڏانهن ٽئين پاسي وڃي نڪرندو هوس. چوندا آهن تـ تجربو ۽ زماني جون ٺوڪرون هر شئي سيکاري ٿيون ڇڏين. سو آئون بـ وقت سان گڏ هر شئي سکي ويس. هيڏانهن پلاننگ ڊويزن وارن منهنجي جوائننگ جو جيڪو نوٽيفيڪيشن ڪڍيو ان ۾ لکي ڇڏيائون تـ تون وڃي فنانس ڊويزن جوائن ڪر. ياد رهي تـ هتي فيڊرل گورنمينٽ ۾ ڊپارٽمينٽ نـ ٿيندا آهن. انهي جي جاءِ تي هتي ڊويزون هونديون آهن. هڪ ڊويزن تقريبن ٻن ٽن ڊپارٽمينٽن جيتري ٿيندي آهي. ناڻي واري ڊويزن وارن اڃان منهنجي اڳتي پوسٽنگ ڪري ڇڏي (Industrial Incintive Reforms cell) ۾ جنهن کي اسان شارٽ لفظن IIRC ڪري چوندا هئاسين. انهيءَ مرحلي تي IIRC وارا مون کي وٺڻ لاءِ تيار نـ هجن. چون تـ هتي فنانس ڊويزن ۾ هاءِ ليول جي مئٿاميٽڪس ٿي هلي، سنڌين کي مئٿاميٽڪس اچي ڪا نـ، تنهنڪري توکي نـ وٺندا سين. مون کي هتي ڪير نـ ڄاڻي نـ سڃاڻي. هاڻي آئون ڪنهن کي دانهـن ڏيان چوان تـ ڪنهن کي چوان، سفارش ڪرايان تـ ڪنهن کان ڪرايان. مون هنن کي چيو تـ مون کي مئٿاميٽڪس اچي ٿي. منهنجون ماسٽرس جي Quantitative Ecomomics جي پيپر ۾ 100 مان 92 مارڪون آهن. نيٺ هنن مون کي چيو تـ سڀاڻي مارڪ شيٽ کڻي اچجان. ٻئي ڏينهن مون مارڪ شيٽ کڻي وڃي ڏيکاري جنهن ۾ مون جيڪي چيو اهو بلڪل صحيح هو. انهي کان پوءِ هنن کي پڪ ٿي تـ همراهـ ڪم وارو آهي ۽ هنن مون کي فنانس ڊويزن ۾ جوائن ڪرڻ ڏنو. انهي زماني ۾ نون توڙي پراڻن ڪارخانن جا سڀ پروجيڪٽ ڪنهن نـ ڪنهن حيلي بهاني فنانس ڊويزن ۾ ايندا هئا. انهي ۾ ميٿميٽڪس بـ ڪا خاص ڪا نـ هوندي هئي. انهي ۾ ٻـ شيون ڪڍڻيون پونديون هيون. انهن کي ترتيبوار Effctive Rate of Protection (EPR) ۽ Domestic Resource Cost (DRC) چئبو هو. انهي ۾ ڪجهـ شيون ڏسڻيون پونديون هيون جيڪي اسان اڳئي M. A, Economics ۾ پڙهي آيا هئاسين. ائين هڪ مهينو ميڊيڪل ۽ جوائننگ ۾ لڳي ويو. مهيني کن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ کان پوءِ مون کي اسلام آباد سان گڏ آفيس جو ڪم ڪجهـ ڪجهـ سمجهـ ۾ اچڻ لڳو. پويان امان کي هر ايندڙ ويندڙ مٽ مائٽ اهو اچي چوندا هئا تـ ماستري سٺي نوڪري هئس گهر جي ماني هئي، هي اُتي رهي ڪو نـ سگهندو، ڀڄي ايندو وغيره وغيره امان اهڙيو خبرون ٻڌي پريشان بـ ٿيندي هئي. مواصلات جو نظام صرف خط ئي هوندو هو. ڳوٺ ڇڏڻ وقت امان مون کي تاڪيد ڪئي هئي تـ خط جلدي لکجان. هتي اسلام آباد ۾ خبر نـ هئي تـ ڪٿي پوسٽ آفيس آهي لفافا ڪٿان ملندا. هڪ مهيني جي اندر اندر ڳوٺ ڏانهن، گهر توڙي دوستن سان خاص ڪري شيرل لغاري سان خطن جو سلسلو بحال ٿي ويو ۽ خط اچڻ وڃڻ شروع ٿي ويا، هر روز ٻـ ٽي خط اچڻ ۽ وڃڻ لڳا. مون وٽ گهڻا خط ايندي ويندي ڏسندا هئا تـ آفيس وارا مون کي چوندا هئا تـ پوسٽ آفيس هلي ئي تو تي ٿي،تنهنجا خط نـ اچن وڃن تـ پوسٽ آفيس ئي بند ٿي ويندي. ان وقت مون کي احساس ڪونـ هو بعد ۾ مون کي احساس ٿيو تـ مون کي دلي طرح پيار ڪرڻ وارا بلڪل ٿورا ماڻهو آهن. ڇو جو مٽن مائٽن دوست يارن جي خبر وڇڙڻ کان پوءِ پوندي آهي. خير جيڪي گهران خط ايندا هئا انهن ۾ تـ صرف حال احوال هوندو هو. پر جيڪي شيرل لغاري دل جي گهراين مان مون کي خط لکندو هو انهن ۾ هڪ قسم جو اڻ ميو پيار سمايل هوندو هو،گلا هوندي هئي، شڪايتون هونديون هيون، اندر جا اورڻا هوندا هئا، هو هميشه نـ سلڻ جهڙا سور مون سان سليندو هو. شيرل جو هڪ هڪ خط آئون 8 ڏينهن پيو پڙهندو هوس. ان کان سواءِ انهن خطن جي هڪڙي قسم جي ادبي اهميت بـ هوندي هئي. جڏهن ائين اوچتو وطن کان جلا وطن ٿي اسلام آباد پهتو هوس تـ پهريون خط مون کي جيڪو شيرل لغاري جو مليو اهو ٺيڪ هڪ مهينو منهنجي سنڌ ڇڏڻ کان پوِءِ لکيو ويو هو. جيئن تـ مون 20 مارچ 1986 ع تي سنڌ ڇڏي هئي ۽ هن منهنجي دوست مون کي 20 اپريل 1986 تي پهريون خط لکيو هو جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
    ماڻڪ لغاري
    20-4-86
    ڏٺي ڏياري سامونڊين سڙهـ سنڀاهيا
    وجهو ور ونجهـ کي، روئي وڻجاري
    ماريندءِ ماري، پرهـ سور پرين جا. (شاهـ)
    هوائن جي شهر جا واسي شال سٺي سوسائٽي ماڻين. بغير ڪنهن رسمي جملي جي عرض آهي تـ توهان جو خط مليو پڙهي وري پڙهيم ۽ پوءِ رکي ڇڏيم ۽ جواب اڄ لکڻ ويٺو آهيان. توهان جي ئي ڪلاس ۾ هينئر چوٿون ڪلاس ٿو پڙهايان، مامي جي اچڻ کان پوءِ، هتي تـ “ نـ محبتون آهن نـ نفرتون، نـ دوستيون نـ دشمنيون. بس طويل بيزار ڪندڙ سانت آهي جا ساهـ کي اڏوهي جيان ڌيري ڌيري کائيندي وڃي. “اسان جيڪي صبح جي ڳولا ڪندي ڪنهن اونداهي رات ۾ مارجي وينداسين” اوهان اقتصادي ماهر معاشي طور مستحڪم ماڻهو کي خوش سمجهو ٿا، مگر معاشي پاڻ ڀرائي ذهني پيڙائن ۽ ازلي رولاڪن جي روح کي ڪا بـ راحت ڪا نـ ٿي ڏي. ڇو تـ ذهن جون ڪي اونهيون ڳڙکيون جن ۾ صرف انسان جا داخلي جذبا هوندا آهن اهي صرف ۽ صرف فطري خوشين سان کُلن ٿا. جيڪي شايد اسان جي مقدر ۾ ناهن. ” اڄ اوهين سنڌ جي سرحدن کان پري آهيو، سنڌ لاءِ الائي اوهين ڇا سوچيندا هوندا.
    اڄ دل چوي ٿي تـ اوهان کي اهو ڪجهـ لکان جو ڪڏهن بـ نـ لکيو اٿم پر آئون انهي ۾ ڪامياب نـ ويندس. ڇو تـ اڻ لکيا لفظ ۽ ڪنوارا جملا منهنجي وس ۾ ناهن. مان اڪيلو آهيان تنها، بنا ڪنهن حال محرم جي زندگي جو فاصلو تيزي سان طئـ ڪري رهيو آهيان ۽ هڪ ڏينهن گم ٿي ويندس گهراين ۾ ۽ ياد ڪرڻ وارو ڪو ڪو نـ هوندو.
    هئـ هارياس جو ٻج ڪلر ۾ ڇٽيو
    کر پڻ کارياس، ور پڻ وسارياس
    جنين لئـ مياس،سي ڪانڌي ڪو نـ ٿيا. (شاهـ(
    ڪنهن ڪنهن مهل ساهـ گهٽجڻ لڳندو آهي ۽ دل اڏامڻ تي ٿيندي آهي، پر اسان جا پر گهڻو اڳ ڪٽجي ويا آهن، بنا پرن ڪيئن اڏامون. مهرباني ڪري مون کي نصيحتون نـ ڪجو. الائي ڇو نصيحتن کان مون کي چڙ آهي. ( هينئر سائين عبدالڪريم ڪلاس ۾ آيو آهي ۽ خط پڙهيو اٿس)
    منظور احمد ملاڻي جي سيزن آف ٿي وئي آهي، غلام رسول منشي گهٽ ٿو گڏجي. بس خط جو سائين تسلسل ٽوڙي ڇڏيو، هاڻي مڙئي اوندهـ ۾ هٿوراڙيون ٿو هڻان. اسلام آباد ۾ امر جليل کي سلام چوندا. سائين کي خط لکي ڏنو هوم انهي ۾ بـ لکيو اٿم وري بـ لکان ٿو. مون کي پٽ ڄائو آهي نالو مقصود رکيو اٿم. ضياءُ الدين جو آرڊر حسين بخش کرڙائي جي ڳوٺ ٿيو، انهي لاءِ بـ جس لهڻو ۽ مٺائي پارسل ڪري موڪليندا. لکڻ تـ گهڻو ڪجهـ پئي چاهيم پر موڊ بدلجي ويو آهي، وري ٻئي دفعي تفصيل سان گفتگو ڪنداسين. خط رمضان جي ايڊريس تي لکندا. ڀلا اسان وئڪيشن ۾ ست - اٺ سئو روپيـ کڻي اسلام آباد گهمڻ جي لاءِ اچي سگهون ٿا يا نـ. . مهرباني ڪري اسان جي سهوليت لاءِ لکي موڪليندا. اوهان ڪڏهن ايندا. سلام غلام قادر ۽ الهـ بخش جا قبول ڪندا.
    ڦُٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا نمن جهليو آ ٻور
    ڪيسين رهندين ڏور (آياز)
    Those were the days my friend we were thought they will never end.
    From the unknown we came to the unknown we go.
    The mountains of Islambad can fly, oceans of world can dry, you can forget me but never can I.
    جڏهانڪر جاني سڄڻ سانگ سڌاريا
    راتيان راحت ناهـ ڪا ڏينهان حيراني
    آءُ پنهنجي پرين تان ڪوڙين قرباني
    رضا رباني نـ تـ ڪريان وس وصال کي. (شاهـ)
    سڄڻ ۽ ساڻيهـ، ڪنهن اڻاسي وسري
    حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو
    مون اڀي وٽ سڄڻ سفر هليا
    ڪانڌ مون هي گهٽ، نـ تـ سڄڻ سٻاجها گهڻا
    هلڻ هارا سپرين روئان تان نـ رهن،
    آئون جهليندي ڪيترو آيل سامونڊين
    پڳهـ ڇوڙي جن وڌا ٻيڙا ٻار ۾
    اوهان اسلام آباد ۾ شاهـ جو مطالعو ڪريو، سنڌ کان پري اهو شاهـ جو مطالعو اوهان کي مزو ڏيندو. وڌيڪ خير
    توهان جو شيرل لغاري. گلاب لغاري
    ائين مون پاڪستان جي وڏين منسٽرين مان هڪ فنانس منسٽري ۾ اچي باقاعدگي سان نوڪري جوائن ڪئي. اسان هن فنانس ڊويزن جي اداري ۾ 3 نوان آفيسر آياهئاسين، هڪ جو تعلق AJK سان هو، هڪ KPK ۽ آئون سنڌ ٻهراڙي مان هوس. جڏهن تـ پير جو ڳوٺ سان تعلق رکندڙ علي شير ڪانهر صاحب اسان کان اڳ اتي موجود هو. ڪم اهڙو ڪو خاص ڏکيو ڪو نـ هو، آئون هڪ مهيني ۾ ڪم سکي ويو هوس . اسان ٻئي سنڌي آفيسر هڪ اردو ڳالهائيندڙ آفيسر کي رپورٽ ڪندا هئاسين. هاڻي نوڪري تـ مون کي ملي وئي هئي. آئون ڪافي ينگ ۽ هينڊسم هوندو هوس ان ڪري ڇوڪري ءَ جي آڇ ٿيڻ لڳي. ڇو جو اسلام آباد ۾ ٻئي مسئلا آهن نوڪري ۽ ڇوڪري. جيئن تـ آئون اڳئي ڦاهي جو رسو پنهنجي ٽنگ ۾ ٻڌي چڪو هوس. تنهنڪري ٻي ڦاهي کائڻ جو مون ارادو ئي ترڪ ڪري ڇڏيو. انهي وچ ۾ شيرل لغاري جو ٻيو خط پهتو جيڪو پاڻ ٻئي ڪنهن کي لکي ڏنو هئائين پر آخر ۾ لکي ڇڏيائين تـ هن خط جو ڪاتب شيرل لغاري آهي.
    Manik Laghari
    21-4-1986
    لڏي ويا ڇڏي ويا منهنجا ڪاهي ڌڻ ڌنار
    نڪا ڪوڪ ڪنڌين نڪا تاڙي جي تنوار
    ويچارا پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
    پيارا نظام الدين ڏکيو ڪري اسان کي وڃي سکيو ٿئين پاڻ.
    اسلام عليڪم جي عرض تـ هتي خير آهي اميد توهان آفيسرن ڏانهن بـ رب تعاليٰ خير ڪيو هوندو. آمين. احوال عرض تـ توهان جو خط پهتو پڙهي روح کي راحت آئي. اميد تـ اهڙي يادگيري کان محروم نـ ڪندا.
    بس ڏٺو سين اوهان اسلام آباد ۾ آهيو. پر يار اسلام آباد کان اسان جو گلاب لغاري ويهه دفعا وڌيڪ آهي. ڇو تـ هتي اهڙا ماڻهو آهن جهڙا روءِ زمين تي ڪو نـ آهن. پيارا اسان جا ڪهڙا ٿو حال پڇين، اتي ئي آهن جتي اوهان ڇڏيو. اسين هتي رولاڪن وانگر رئيسن جي شهر ۾ ڪنهن مهل روئون ٿا تـ ڪنهن مهل کلون ٿا، مڙئي وقت آهي جو ڪنهن بهاني سان گذاريون پيا. اهڙو خاص احوال ڪونهي. اوهان ڪڏهن ايندا اهو لکي موڪليندا، جيئن اسين اوهان کي وٺڻ لاءِ هوائي اڏي، مطلب تـ بس اسٽينڊ گلاب لغاري تي حاضر ۽ ناظر هجون. پيارا توهان جي وڃڻ کان پوءِ شهر گلاب لغاري ويران ٿي ويو آهي. ڇو تـ اسان کي ماني کارائڻ واري پهر ڪانهي.
    هينئر هي خط اسين اوهان واري ڪلاس ۾ لکي رهيا آهيون. غلام رسول ۽ شيرل ٻئي ڄڻا وٺ وٺان ۾ آهن. دنيا وارا هاڻي يار بي وفا نڪري پيا آهن. پيارا ! ماڻڪ لغاري تمام سهڻو شهر آهي، هتي رئيسن جا بنگلا آهن، ڪالونيون آهن، واٽر سپلاءِ آهي، ديوين ۾ اسڪول آهي. مطلب تـ هي شهر ڏسڻ وٽان آهي ۽ هن شهر جي مين روڊ تي ٽنڊڻ جي هوٽل آهي، جيڪا خاص طور تي سياحن جو مرڪز آهي. عظيم شهر ماڻڪ لغاري ڏسي وڃجو جتي اسان جو مان ڪُتي جيترو آهي. خير کل ڀوڳ پنهنجي جاءِ تي مهرباني ڪري اسان لاءِ چند مضبوط قسم جا ريڙها ٺهرائي رکجو، اسين فروٽ جو Import, Export ڪرڻ چاهيون ٿا.
    پيارا هتي جا ماڻهو اسان سان ڪنهن بـ قسم جو تعاون نٿا ڪن، اسان کي سور ڏيئي ماريا اٿن، اسين هاڻي بَر منهن ڪرڻ جي موڊ ۾ آهيون. توهان مهرباني ڪري ڪو مفت مشورو ارسال ڪندا تـ عين نوازش ٿيندي.
    يار اهي ڏينهن ياد هنئي جڏهن ماستر هوندا اوهين
    ڇوڪري تيڪون ڌڪي ڏي ڇوڙيندي آهن تون ول ول پيرين پوندا اوهين
    انهان ڏينهان تيڪون ويچ ڇوڙون ها تون ساڍي ٽاءِ سئو لهندا اوهين.
    سلام سائين عبدالڪريم، شمشاد، منظور حاضري واري، شيرل ۽ ٻين جا قبول ڪندا. يار هتي هاڻي عشق ڪرڻ جي ڪا بـ ويليو نـ آهي باقي ڪو نئون نمونو لکندا. پيارا وڌيڪ عشق جي نئين ترڪيب جيڪا اوهان اسلام آباد مان هٿ ڪئي هجي سا اسان ڏي لکي موڪليندا. وڌيڪ گهڻي ۾ گهڻا سلام قبول ڪندا. پيارا ٿورو خط لکڻ ۾ دير ٿي وئي آهي. اها غلطي معاف ڪندا . توهان جي بورچي خاني جا ڪهڙا حال آهن، سيري ۽ ٻوڙ رڌڻ جي ترڪيب لکي موڪليندا، هاڻي تـ ماهر ٿي ويا هوندا. توهان جي پٽيوالي کي اسان جا خاص سلام، اوهان جي 17 گريڊ واري ڪرسي کي ادب جا هٿ. پيارا اسان هن ننڍڙي ليٽر ۾ جيڪي ڪجهـ لکيو آهي سو سڀ سچ آهي، انهي ۾ ٽڪي جو بـ فرق نـ آهي. انهي لکئي تي خاص غور ڪندا، مهرباني.
    لکندڙ توهان جو ڀاءُ غلام رسول دستي. ڪاتب شيرل لغاري.


    لاهور ۾ عالمي بينڪ طرفان ٽريننگ

    لاهور ۾ عالمي بينڪ طرفان ٽريننگ

    ان زماني ۾ اسان جو ماستري جو پگهار 350 روپيـ هوندو هو جنهن جو شيرل مٿي حوالو ڏنو آهي. هتي اسلام آباد ۾ جڏهن بـ ڪو نئون ماڻهو ايندو آهي تـ جلدي ڪوهـ مري گهمڻ ويندو آهي. اسان جو حال هي هوندو هو جو موڪل واري ڏينهن تي ڪپڙا ڌوئيندا هئاسين. ڳوٺان جيڪو خط اچي انهي ۾ ڪوهـ مري گهمڻ بابت پڇيو ويندو هو. آئون وري احوال لکي ڇڏيندو هوس تـ اسين هر آچر تي مري ۾ هوندا آهيون. جڏهن تـ مون مري اسلام آباد اچڻ جي ڪيترن سال کان پوءِ ڏٺي هئي، اها بـ تڏهن جڏهن ڳوٺان ڪي مهمان آيا هئا تـ انهن کي مري گهمائڻ لاءِ وٺي وڃڻو پيو. جيڪڏهن هتي نوڪري خاطر اچڻو پوي ٿو تـ ايترو ٽائيم ئي ڪو نـ ٿو ملي جو ماڻهو ڪيڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري وڃي. انهي وچ ۾ 1987ع ۾ گورنمينٽ آف پاڪستان جو انڊسٽريل افيشنسي کي وڌائڻ جي لاءِ عالمي بئنڪ سان ڪو پراجيڪٽ جو معاهدو ٿيو، انهي ايگريمينٽ ۾ اهو هو تـ IIRC جا جونيئر آفيسر انهن سان گڏ ڪم ڪندا. انهن پروجيڪٽ وارن جي آفيس لاهور ۾ هوندي هئي. جيئن پروجيڪٽ شروع ٿيو فنانس ڊويزن اسان کي چيو تـ توهان لاهور وڃي پروجيڪٽ وارن کي رپورٽ ڪيو. ائين اسان لاهور روانا ٿي وياسين. انهي پورجيڪٽ ۾ ورلڊ بئنڪ جيڪي ڪنسلٽنٽ رکيا هئا انهن جو تعلق آسٽريليا سان هو، هو نـ ڪم ۾ ڪو خاص دلچسپي وٺندا هئا نـ ئي وري اسان ئي ڪم ڪندا هئاسين. وڏو پروجيڪٽ هو انهي ۾ اسان کان سواِ ءِ لاهور ۽ ڪراچي جا ماڻهو بـ ڪم ڪندا هئا. انهي وچ ۾ مون وٽ ڳوٺ جا ماڻهو جيڪي پنهنجن ڪمن ڪارين ڪاڻ لاهور ايندا هئا، اهي بـ ايندا رهندا هئا. محمد سليم آرائين (سائين محمد نعيم جو ننڍو ڀاءُ ) جيئن لاهور آيو تـ هر روز شام جو مون وٽ هوٽل تي اچي ويندو هو. آئون جيئن آفيس مان هوٽل تي ايندو هوس تـ هي بـ اچي ويندو هو. اسان رات جو دير تائين لاهور جي مختلف علائقن ۾ پيا گهمندا هئاسين،تقريبن مون سڄو لاهور سليم مرحوم سان گڏ گهميو. هو اڄ هن دنيا ۾ ڪونهي پر ساڻس لاهور ۾ گذاريل يادگار گهڙيون. اڄ بـ مون کي نـ ٿيون وسرن. لاهور ۾ اسان سان ڪجهـ واقعا بـ پيش آيا، پر جواني ديواني ٿيندي آهي. اسان ڪنهن کي ليکيندا ئي ڪو هئاسين. هو مرحوم ايتري تـ صاف سنڌي ڳالهائيندو هو جو پنجابي تـ لڳندو ئي ڪو نـ هو. انهي ۾ ماحول جو وڏو هٿ آهي. هو ڄائو اسان جي پاڙي ۾ جتي رڳو ٻروچن، شيدين ۽ واڻين جا گهر هئا. پڙهيو اسان سان گڏ سنڌي اسڪول ۾، ڀائر پاڻ ۾ ڳالهائيندا ئي سنڌي ۾ هئا. منهنجي خيال ۾ صرف ماءُ سان ئي پنجابي يا اردو ڳالهائيند هوندا. هنن ماڻهن جو سڄو واسطو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان آهي. سائين جي ايم سيد اهڙن ماڻهن لاءِ تـ چيو هو تـ اهي اڳتي هلي سنڌي ٿي ويندا. عبدالواحد آريسر مرڻ گهڙي تائين 90 سان ناتا ڳنڍيو آيو. انهي جي ڪري پاڻ هميشه تنقيد جو نشانو بڻجندو رهيو. مون کي سليم پاڻ ٻڌايو هئائين تـ هڪ هنڌان سندس شادي صرف انهي ڪري نـ ٿي جو اڳئين پارٽي کي اعتبار ڪو نـ پي آيو تـ هي ڪو پنجابي آهي. تنهنڪري ماحول ۽ روين جو وڏو اثر ٿئي ٿو. منهنجو مثال ئي کڻي وٺو، اسان کي 35 سال ٿي ويا آهن اسلام آباد ۾ رهندي ٻار گهر ۾ ڳالهائين سرائيڪي ٻاهر اسڪولن ۾ ڳالهائين اردو ۽ وري سنڌي ٻولي سان هي جيڪو سلوڪ ڪن ٿا اهو ساراهـ جوڳو آهي. جڏهن تـ هي سڀ منهنجا پٽ، ڀائيٽيا پنج يا ست ڪلاس ڳوٺان پڙهي آيا آهن. آئون پنهنجي پاڻ کي قوم پرست سمجهندو آهيان، جيئي سنڌ محاذ جي اوائلي ميمبرن مان آهيان، اسان پاڻ سان ئي ساڳي اها حالت آهي تـ سليم تي ڪهڙي ميار. هڪڙي ڏينهن هوٽل تي آيو تـ کلندو آيو. چيائين تـ اڄ منهنجي گهر ۾ چڱي خاصي بيعزتي ٿي آهي. پڇيو مانس ڇا ٿيو؟ “چيائين تـ گهر ۾ مون کي ڪنهن چيو تـ “بوئا کهول دو” اهي لفظ آئون سمجهي ڪو نـ سگهيس سو سڀ گهر وارا مون تي کلڻ لڳا. سو قصا ۽ ڪهاڻيون اچي مون کي ٻڌائيندو هو. منهنجي خيال ۾ جنهن زماني ۾ آئون لاهور ۾ هوس ۽ هو جيترو وقت لاهور ۾ رهيو گهڻو وقت هن جو مون سان ئي گذريو. اسان بـ لاهور کي خوب ڀيليو. افسوس جو زندگي ساڻس وفا نـ ڪئي، اسان جو يار ائين هليو ويو جهڙو آيو ئي ڪو نـ هو، سندس وڃڻ جو اڃان وقت ۽ ويلو ڪو نـ هو.
    بس ائين اسان 6 يا 7 مهينا لاهور ۾ سرڪار جي خرچ تي گهمي ڦري، رُلي پني واپس اسلام آباد موٽي آياسين. جيتريقدر مون کي ياد پوي ٿو تـ ورلڊ بئنڪ جو اهو بـ هڪڙو شرط هو تـ Industrial Incentive Reforms cell کي بند ڪري هڪ خود مختيار National Tariff Commission ٺاهيو ۽ انهي کي ڪامرس ڊويزن جي ماتحت ڪريو. ڇو جو IIRC خود مختيار ادارو ڪو نـ هوندو هو،منسٽري آف فنانس جي ماتحت ڪم ڪندو هو. آئون ان وقت جونيئر آفيسر هوندو هوس. اها خبر نـ آهي تـ اڳتي هلي هن جي منطوري ڪئبينيٽ کان ورتي وئي هئي يا اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو ويو هو. بهرحال اسان IIRC ۾ هوندي ئي NTC کي ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو هو. انهن جي موجودهـ آفيس بـ اسان ڳولي مسواڙ تي ورتي هئي، پوسٽن جو اشتهار بـ اسان ڏنو هو. محترم دين محمد اُڍيجو ان وقت نوڪري جي تلاش ۾ هوندو هو، مون کي اوچتو ملي ويو، مون هن کي انهن نوڪرين جي بابت ٻڌايو، هن همراهـ وڃي ڪوشش ڪئي تـ هن کي نوڪري ملي وئي. جيئن ئي منسٽري آف ڪامرس جا ماڻهو ڀرتي ٿي آيا تـ هنن اسان کان پڇيو تـ NTC ۾ رهڻ ٿا چاهيو يا واپس فنانس ڊويزن ۾ وڃڻ ٿا چاهيو؟. مون واپس وڃڻ ٿي گهريو، ائين مون واپس وڃي فنانس ڊويزن رپورٽ ڪئي.


    محمد رمضان آرائين

    محمد رمضان آرائين

    اسلام آباد ۾ نوڪري آئون ضرور ڪندو هوس پر منهنجي دل ڳوٺ ۽ شيرل سان لڳل هئي. اهو سچ آهي تـ خط اڌ ملاقات آهي، جيڪڏهن ڳوٺ وارن جا ۽ شيرل جا خط مون وٽ نـ اچن ها تـ آئون شايد ئي اسلام آباد ۾ رهي سگهان ها. هاڻي شيرل جي خطن سان گڏ مون وٽ سائين نعيم جي ننڍي ڀاءُ محمد رمضان جا خط بـ اچڻ لڳا. رمضان سان بـ ننڍي لاڪئون دوستي ياري رهي آهي، اها دوستي ڪيئن ٿي اهو سوال اجايو آهي. اسان جو ڳوٺ ساڳيو، ساڳئي پاڙي ۽ گهٽي ۾ اسان جا گهر اڃا تائين آهن. رمضان کي اسان پيار مان “جانو” سڏيندا هئاسين، جڏهن تـ هي جنهن اسڪول ۾ پڙهيو هو آئون ان ۾ ماستر هوندو هوس. تازو ٿورا ڏينهن ٿيا آهن ڪنهن دوست فيس بڪ تي ڏاڍو سٺو جملو لکيو هو. لکيو هئائين تـ“ يار ڇوڪرين وغيرهـ جي ڳالهـ ڇڏي ڏيو، مون کي تـ ٽيچر بـ چوندا آهن تـ هلي آ اڳئين سيٽ تي اچي ويهـ”! اهو هڪڙو ئي جملو هو جو اُن وقت رمضان تي لاڳو ٿي سگهيو پئي. ڇو جو جنهن زماني ۾ هو اسان جي اسڪول ۾ پڙهندو هو. اُن وقت تـ ڪا پراڻي سُراڻي سائيڪل بـ نصيبن سان ملندي هئي جنهن تي چڙهي آئون اسڪول ويندو هو هوس، جيڪڏهن ڪا چار ڦيٿي هجي ها تـ سچ پچ رمضان اڳئين سيٽ تي ويهارڻ جهڙو هوندو هو. ان کان سواءِ اسان ۾ ڪافي ڳالهيون مشترڪ بـ هونديون هيون. اسان جي پاڙي ۾ اسان جا ٽي گهر هوندا هئا جن جو غريب خاندان سان تعلق هو. انهن ۾ هڪ اسان جو گهر، ٻيو رمضان وارن جو گهر ۽ ٽيون شيدين جو گهر، اسان جي ٽئين پاڙيسري جو نالو بـ رمضان هوندو هو. باقي سڀ، ڊاڪٽرن جا گهر، سيٺين جا گهر هوندا هئا. اهي پنهنجي ماني مڇي وارا هوندا هئا. هي آئون اڄ جي ڳالهـ نـ ٿو ڪريان پر 40 سال اڳ جي ڳالهـ ٿو ڪريان. اسان ٻنهي جا پيئر بـ ڪهجـ سالن جي فرق سان هي جهان ڇڏي ويا، ائين کڻي سمجهو تـ اسان ڇٺي کان ئي ڇورا ٻار هئاسين. چوڻ آکڻ وارو ڪير ڪو نـ هوندو هو پوءِ“انڌي گهوڙي ڪل ۾” جتان ايندا هئاسين پيا ويندا هئاسين. خير ڳالهـ پي هلي رمضان جي، هن جي وڏن ڀائرن پان ٻيڙي جي ڪئبن کولي، انهن جو گذر سفر سٺو ٿيڻ لڳو. اڳتي هلي مون کي بـ رمضان ساڳئي نموني جي ڪئبن کولي ڏني، پر آئون نـ هلائي سگهيس. اهي ڪم صرف واڻيا، ميمڻ، مهاجر ۽ کوجا ئي ڪري سگهن ٿا. ٻروچ واپار مان ڇا ڄاڻن. (هي صرف آئون پنهنجي ڳالهـ ٿو ڪريان). ان زماني ۾ منهنجي جيڪڏهن کاٽڙين يا ڪنهن چور چڪار سان دوستي ٿي وڃي ها تـ اهي ڪم آئون شايد سکي وڃان ها. پر انهن کان اڳئي آئون جيئي سنڌ وارن جي هٿ چڙهي ويس، جن منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي. ائين وقت گذرندو رهيو،تان جو آئون وطن جا وڻ ڇڏي جلاوطن ٿي، ڳوٺ مان اسلام آباد پهچي ويس. هاڻي اسان جو روبرو گهٽي ۾ بيهي جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندا هئاسين اهي اسان واريون ڪچهريون ختم ٿي ويون. قومي ڪم بـ مون جيڪو ڳوٺ ڪيو سو ڪيو. حالات بدلجي ويا، رويا بدلجي ويا، ماڻهن جي دلين ۾ محبت ۽ پيار جي بجاءِ، ساڙ ۽ ڪينو اچي ويو. سائين جي ايم سيد جي وڃڻ کان پوءِ جيئي سنڌ محاذ پنهنجي پاڻ کي بچائي نـ سگهيو. قومي دوستي مان ڦري ذاتي دوستيون ٿي پيون، انهن دوستين ۾ بـ لالچ ۽ لوڀ جو عنصر وڌي ويو، ماڻهو ماڻهو کان ڊپ کائڻ لڳو، هاڻ تـ سڄو مانڊاڻ ئي اچي پٽ تي پيو آهي. ڇا تـ اهي ڏينهن هئا !سچائي پري کان پئي بکندي هئي، ڪنهن بـ يار دوست ۾ ڪنهن قسم جي ڪا لالچ ۽ لوڀ نـ هوندي هئي، ڪنهن وٽ لنگهي وڃبو هو تـ سئو عزتون ماڻي پوءِ موٽبو هو. مون هن ڪتاب ۾ مٿي سنڌ جي هڪ بهادر ڌاڙيل جو ذڪر بـ ڪيو آهي، جيڪو صرف سندس شاگردي واري زماني ۾ هڪ رات مون وٽ اچي رهيو هو. ان کان پوءِ هو هڪ اهڙي دنيا ۾ هليو ويو جتي اسان جي ملاقات ناممڪن هئي. هن کي ايترو تـ حيا ۽ شرم هوندو هو جو هن ڪڏهن بـ اسان جي ڳوٺ تي هلان نـ ڪئي. جيئن مون اڳ لکيو آهي تـ شيرل جي خطن سان گڏ رمضان جا خط پڻ مون وٽ اچڻ شروع ٿي ويا هئا، رمضان جا خط ڪو نـ هوندا پر جيئي سنڌ جو پمفليٽ هوندو هو. لفافي جي مٿان اڳيان پٺيان رڳو جيئي سنڌ لفظ ئي لکيل هوندو هو. هاڻي هو ڪنهن سنڌي ماستر سان نـ بلڪ ڪنهن فيڊرل گورنمينٽ جي آفيسر سان خطن جي ذريعي ڳنڍيل هو. ضياءُالحق جو زمانو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو رمضان جو رڳو لفافو اچي ملندو هو خط گم ٿي ويندو هو يا خط کليل ملندو هو. اهو ڏسي مون کي اچي ڊپ ٿيو تـ ڪٿي ياجوج ۽ ماجوج منهنجي خطن جي پٺيان تـ نـ آهن. حقيقت ۾ آئون بـ آفيسر ٿيڻ کان پوءِ، ڀاڙيو، گيدي، ڊڄڻو ٿي پيو هوس ۽ تعجب جي ڳالهـ آهي جو رمضان جو مون وٽ هينئر ڪو بـ خط موجود ڪونهي، جيئن هتي نموني خاطر ڏئي سگهان. سمجهـ ۾ نـ ٿو اچي تـ اهي خط ويا ڪيڏانهن، ڪٿي خدائي خدمتگارن جي ور تـ نـ چڙهي ويا. انهي تي مون رمضان کي ڪافي سخت خط لکيو تـ تون منهنجي نوڪري جي پٺيان آهين. بس ان کان پوءِ جيئن رمضان جا خط بند ٿيا وري نـ آيا، ها البت رمضان ٻـ چار دوست وٺي گهمڻ آيو هو. هاڻي انهن مان هڪ ملان ٿي ويو آهي تـ هڪ اڌ مجذوب ٿي ويو آهي. ملان، مجذوب ۽ مذهب هن ڪتاب جي دائري ۾ نـ ٿا اچن، تنهنڪري انهن تي نـ لکندس. ان وچ ۾ شيرل جا خط دير سوير ايندا رهيا،سندس 26 ڊسمبر 1986 ع وارو خط هيٺ ڏجي ٿو.
    26-12-1986
    ڀال جا ڀيرا ڀڃي ويٺين ڀلا ڪهڙي سبب
    تنهنجو شيرل، تو نـ شيرل جو الا! ڪهڙي سبب
    جابلو ملڪ جا رهاڪو پٿر جهڙا پيارا ڀاءُ نظام شال ترقيون ڪندو رهين، ايستائين جو اسان جهڙا جيتامڙا توکي بلڪل وسري وڃن.
    ڀاءُ توهان جو خط مليو جواب طلب ڳالهين جا جواب حاضر آهن. ايوب ورياهـ ماتلي ۾ مليو هو مگر کانئس گرم جوشي بلڪل موڪلائي وئي آهي، مون سان رسمي نموني مليو ۽ هليو ويو بنا موڪلائڻ جي، اهڙي حالت ۾ شايد هو توکي خط نـ لکي. منهنجو دڪان صحيح هلي رهيو آهي، 300 يا 400 روپين جو روز جو ڌنڌو آهي. پر شايد آئون دڪان نـ هلائي سگهندس، اهو ڪم مون کي بلڪل پسند نـ آهي. انهي کان ڀينگ ڀلي آهي. ڇو تـ منهنجي اندر جي انسان کي يڪسانيت پسند نـ آهي. آئون ٻوڪيل انبن جي ڇانو ۾ گهارڻ ٿو چاهيان. آئون شامون ڪڻڪن جي کيتن ۾ گهمندي گذارڻ چاهيان ٿو، اهي شامون ڳڙ ۽ کنڊ توريندي گذرن تـ هنينءَ ۾ گهاءُ ٿيو پون.
    ڪا گهڙي گل سان ڪئي مون گفتگو گلزار وٽ
    باغ جون باتيون اڃان بلبل بيمار وٽ.
    ڀاءُ منهنجو يار منهنجو نـ آهي، “يار اسان ڪون يار نـ ڪريندي، اسان زوري يار بڻيندي. ” منهنجي نصيب ۾ لکجي ويو آهي، کامڻ، پچڻ، پڄرڻ، ٻرڻ، ٻڙڪڻ، جهڄڻ، جهرڻ، لُڇڻ ۽ لوچڻ. توهان لکيوآهي تـ تو آدم کي سجدو نـ ڪيو آهي، پر ائين نـ هو مون ٻين ملائڪن سان گڏ آدم کي سجدو ڪيو هو ۽ اڃان تائين سجدي ۾ آهيان، مون رب پاڪ کي سجدي ڪرڻ لاءِ ڪنڌ مٿي نـ کنيو آهي. منهنجي سزا شيطان جي سزا کان ويهوڻي آهي. منهنجي تڙجڻ جو سلسلو ڊگهو ۽ طويل آهي. اسان جي اسڪول جا امتحان ٿي ويا آهن. منهنجا امتحان پنجين مارچ کان آهن. مون کي صرف عشق جي امتحان جي اون آهي، ڇو تـ عشق جي امتحان ۾ ڪاپي ڪرڻ جو تصورئي نـ آهي. رمضان اوهان کان منهنجي باري ۾ ڪي ذاتي سوال پڇندو اميد تـ هن کي نـ ٻڌائيندا. پيارا ڀاءُ توهان خوش آهيو ؟ خدا ڪري آباد هجو. مون کي منهنجا غم مبارڪ هجن. هتي تـ ڪو دلاسي ڏيڻ لاءِ بـ ڪونهي سڀ ماڻهو مطلبي مڪار ۽ فريبي آهن. بس ڀاءُ،
    جيڪي ڏنائين سو سر ڏيئي سهـ جندڙي
    م چئو ڇنائون اي پڻ ڳنڍيو سڄين.
    زندگي جي ويڙهـ ۾ مون کي مسلسل شڪستون پلئـ پيون آهن. مون سوچيو آهي. منهنجو سر اوهان وڃايو آهي، ڪاش منهنجي تربيت ڪنهن ٻئي نموني ٿئي ها. بس هاڻي ڪجهـ لکجي نـ ٿو،خط لکڻ ۾ دير ٿي وئي آهي، اميد تـ معاف ڪري ڇڏيندا.

    گل در کنار لينگي مت بول مار دينگي
    مر مر ڪي يار لينگي مرنا هي ڪام ميرا

    مون کان سر سنگيت کسي وڃ هاڻي ڪوئي گيت نـ چوندس
    هڪڙو ڀيرو کلي وڃ وري نـ کلندس وري نـ روئندس

    دل وس نـ دلبر وس ٻئي زورآور ذات
    اُڻ تُڻ اور عجيب جي وائي گهڻيري وات
    رئندي رئندي رات، مون گذاري دوست کان.

    سڄڻ ۽ ساڻيهـ ڪنهن اڻاسي وسري
    حيف تني کي هوءِ وطن جن وساريو

    ڏٺي ڏينهن ٿيام ڪوه ڄاڻان ڪهڙا پرين
    سهسين سج نـ لهي، واجهائيندي ويام
    تن ري سال ٿيام جن ري ساعت نـ سهان.

    ڏٺا ڏٺا ڪنهن ڏٺا ڏٺا ڪنهن، مٺا مٺا چپ
    ڪڇي هڻي ويا ڪپ اسان کي ڪڇي هڻي ويا ڪپ

    ٺهن درد مندن سان دم ڪهڙا ڪهڙا
    ڪجن غير محرم سان غم ڪهڙا ڪهڙا
    نـ جن جي ڪڏهن درد دلڙي دکائي
    انهن ساڻ اوريون الم ڪهڙا ڪهڙا

    ٻرڪي لوڻ کي زخم تي مرڪي مٺي چيو
    غمگين نـ ٿي توکي اسين شاد ٿا ڪريون


    مون ڪئي ڪوشش گهڻي ٻاهر نـ نڪري ٻاڦ ڪا
    عشق منهنجو ويو مگر رسوا سر بازار ٿي
    اسلام آباد کي سلام چوندا،توهان پاڻ بـ سلام قبول ڪندا
    لکندڙ توهان جو ڀاءُ شيرل لغاري.
    انهي وچ ۾ شيرل سان خطن جو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو. اها حقيقت آهي تـ اسان هڪ ٻئي جي جدائي گهڻي دير کان پوءِ وڃي برداشت ڪئي هئي. انهي وچ ۾ جيڪڏهن منهنجو ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو تـ ملاقات ۽ قرب ڪچهريون بـ ٿي وينديون هيون. اهي اسان جون ڪچهريون بـ تاريخي هونديون هنيون. انهن جي معيار ۽ مواد کي هتي بيان نـ ٿو ڪري سگهجي. تاريخ، ادب، عالمي ادب، شاعري، سنڌ جا نوان ۽ پراڻا شاعر، افسانا ۽ ڪهاڻيون، سنڌ جا سياسي توڙي سماجي مسئلا، مطلب تـ هڪ سلجهيل ماڻهن جي گفتگو لڳندي هئي. جڏهن تـ ٻئي پاسي خطن جو نـ کٽندڙ سلسلو بـ جاري رهيو. انهي ساڳئي سال هن جو مون کي جيڪو خط مليو اهو هيٺ ڏجي ٿو.
    27-7-1986
    لڏي ويا ڇڏي ويا، ڪاهي ڌڻ ڌنار،
    نڪا ڪوڪ ڪنڌين، نڪا تاڙي جي تنوار،
    ويچارا پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا. (شاھ)
    اسلام آباد جي پٿريلي ڌرتيءَ جا رهواسي شال توکي پالڻهار پناھ ۾ رکي. توهان جو لکيل خط ڪجهـ عرصو اڳ ڀاءُ رمضان کان مليو. پهرين ڳالهـ تـ توهان جيڪي شعر لکيا آهن اهي عبدالحڪيم ارشد جا آهن مگر اوهان انهن جي هيٺان لفظ شاھ لکيو آهي. اوهان ائين نـ ڪريو، اسلام آباد وڃي اوهان ننڍن شاعرن جا شعر وڏي شاعر جي کاتي ۾ جمع ڪرڻ شروع ڪيا تـ پوءِ اسان جو الله واهي آهي. پيارا توهان جڏهن کان هتان ويا آهيو اسان وٽ واري وسڻ لڳي آهي. توهان خط ڏاڍو جذباتي لکيو آهي. مون کي خوشي آهي توهان کي توهان جو دل گهريو دوست ملي ويو آهي. خدا توهان جي دوستي جي حفاظت ڪري، باقي ٻيلي جتي بـ جنهن دور ۾ ڪنهن مجني ڪنهن ليلا سان عشق ڪيو آهي تـ وقت جو ولين قمر قاضي نروار ٿيندو آهي ۽ مجنون صاحب کي ڪتن کان بڇ ڪرائي مارائيندو آهي. يسوع مسيح اوهان جي حفاظت ڪندو.
    هتي هينئر سنڌ ۾ بلڪ گلاب لغاري ۾ هن وقت ڏاڍا مزا لڳا پيا آهن. جڏهن کان اوهان جلاوطن ٿيا آهيو، هتي وطن ۾ موج مچي وئي آهي. اوهان يقينن حج واري عيد تي ايندا ڪجهـ جانورن جو گوشت اوهان جي نالي لکجي چڪو آهي اميد تـ پنهنجو رزق اچي کائيندا. باقي منهنجو حال اڳي کان بـ بيحال آهي. منهنجي عشق جو ڀوت هينئر پوري جوڀن تي آهي. مون پيار ڪرڻ گهريو تـ مون کي غمن جا پهاڙ پلئـ پيا آهن. منهنجي نصيب مون کي در در ڀٽڪايو آهي، مون عذابن جا ڊگها سفر طئـ ڪيا آهن. مان ڄاڻان ٿو تـ منهنجي مذهب ۾ خوشيون حرام آهن. منهنجن مُرڪن تي پابندي وڌي وئي آهي تـ منهنجي چپن جي علائقي ڏانهن نـ وڃن، مان گُلن ڏانهن ڏسان ٿو تـ اهي ڪومائجي وڃن ٿا. منهنجي دل مان خوشين کي کَرڙي ڪڍيو ويو آهي. منهنجي شاعري اڪيلائي۾ مون کي لپاٽون هڻندي آهي. لکندي لکندي ڪاغذ بـ ڦاٽي ويو آهي، ڪا ڳالهـ ڪانهي، پيارا ! اوهان منهنجن عيبن ڏانهن نـ ڏسو ۽ پنهنجي 17 گريڊ جي پگهار مان 80 پئسا ڪڍي خط و ڪتابت جاري رکو. چڱو جو ياد آيو ڏي خبر ڀاءُ خان محمد خان جا ڪهڙا حال آهن؟ ۽ منهنجي پاران کيس 5 ڪلو سلامن جا چوندا. اڄ لکڻ جو موڊ بـ نـ اٿم پر زوري خط پيو لکان، الائي پوءِ ٽائِيم ملي يا نـ ملي.
    يار هڪڙي ڳالهـ تـ ٻڌ مون کي لڳي ٿو تـ (ٿي سگهي ٿو منهنجو وهم هجي) اسلام آباد جهڙي شهر ۾ تون سڪون جي سُرڪي لاءِ تڙپي رهيو آهين. سڪون سڀ ڪنهن جي اندر ۾ هوندو آهي، پنهنجو پاڻ کي ڪجهـ سڌارڻ جي ڪوشش ڪر، اجايا ۽ فضول قسم جا خيال ڪرڻ تنهنجي صحت لاءِ ناساز گار ٿيندا. هڪڙي هندستاني شاعر تلسيداس انهي تي لکيو آهي.
    تلسي ايسي پريت نـ کر، جيسي لمبي کهجور
    دهوپ لگي تو چهائون نهين بهوک لگي تو پهل دور.
    وڌيڪ توهين پاڻ سمجهو آهيو. مون کي لڳي ٿو تـ هينئر توهان تي مايوسين جا مينهن وسي رهيا آهن. اُداسين جو گهيرو اوهان تي رفتـ رفتـ تنگ ٿيندو وڃي ۽ اوهان کي ڪا وڏي پريشاني آهي، جيڪا توهان جي لفظن مان عيان آهي. مون اوهان لاءِ اوهان جي دوست لاءِ هتي شاھ باجي(شاھ عبدالمجيد) جي قبر تي وڃي دعا گهري اٿم اميد تـ دعا قبول ٿيندي ۽ توهان جا دشمن دفع ٿيندا. (هينئر خط پئي لکيم تـ ڪجهـ بهشت ۾ خچر اچي ويا تنهنڪري ٿورو رخنو پيو)
    ادا توهان مهرباني ڪري مون کي پنهنجو حال احوال مڪمل طور موڪليو تـ جيئن اوهان کي آئون ڪجهـ مفيد مشورن سان نوازي سگهان. مون کي توهان جي ڏکن جو شديد احساس آهي ڇو تـ عشق آهي نانگ خبر کاڌن کي پوي. مهرباني ڪري پنهنجي دل جو مڪمل حال احوال تحرير ڪريو. خاص ۾ خاص ۽ خصوصي ۽ اسپيشل سلام خان محمد ۽ ٻين دوستن کي چوندا. سلام سائين وڏي، الهـ بخش، غلام قادر ۽ رمضان جا قبول پون.
    لکندڙ توهان جو دوست شيرل لغاري.
    مٿي جيڪو بهترين خط شيرل مون کي لکيو آهي. انهي ۾ ڪنهن بـ قسم جو وڌاءُ ڪونهي. ان زماني ۾ منهنجي مٿان اهڙي ڪيفيت طاري هئي. اها خبر صرف اسان ٻن ماڻهن کي هئي،تنهنڪري آئون اها ڏنگي کولڻ نـ ٿو چاهيان، اها هڪ ٻئي جي اسان وٽ امانت هئي ۽ آهي. شيرل دنيا ڇڏي ويو آهي،آئون بـ زندگي جي آخري ڏاڪن تي اچي پهتو آهيان،تنهنڪري امانت ۾ خيانت نـ ڪبي. اوهان صرف انهي مان اندازو لڳايو تـ اسان جو پاڻ ۾ ڪيترو پيار ۽ قرب هو. هڪ هزار ڪلو ميٽر پري ويهي بـ اسان هڪ ٻئي جو دلين جو راز سمجهي ويندا هئاسين. ان کان پوءِ ساڳئي سال شيرل جو مون کي هي خط مليو، جيڪو پڙهندڙن لاءِ حاضر آهي.
    18-11-86
    ڏور ڪٿي پرڏيهـ ۾ تون بـ تڙپيو هوندين يار ضرور
    هاءِ مون ڪيڏي درد منجهان اڄ شاھ جي وائي ڳائي آ.
    پيارن کان پيارا ۽ ڏور بـ اوڏا نظام، شال سدائين ترقي جا ڏاڪا چڙهندو رهين. تنهنجو خط جيڪو مليو سو خط گهٽ ۽ الزام نامو وڌيڪ هو، ڇو تـ ڏاڏي آدم کان وٺي راجا ڏاهر تائين ۽ موهن جي دڙي کان وٺي ميرپور بٺوري تائين ۽ حضرت ابراهيم عليـ سلام کان وٺي قابل (چانڊيو) هوٽل واري تائين جيڪي ڏوھ ٿيا آهن، اُن سڀني جا الزام اوهان سڌو سنئون منهنجي سر مڙهيا آهن. خير توهان جي اطلاع لاءِ عرض آهي تـ اهي الزام بلڪل سچا آهن. پر مون تـ اڃا گهڻو ڪجهـ ڪيو آهي. تاريخ جا ورق انهي جا شاهد آهن. پيارا انسان الائجي ڇو هاڻي هڪ ٻئي کان پري ٿيندا وڃن، ڌيري ڌيري هر ڪو ڌڪجي رهيو آهي. توهان ۽ سائين عبدالڪريم کي خدا وند قدوس فرزند عطا ڪيا آهن. جيئن تـ توهان پاڪستان جي آبادي ۾ اضافو ڪيو آهي. انهي لاءِ آئون ۽ سرڪار توهان ٻنهي ڌرين جا ٿورائتا آهيون. آئون پاڻ آبادي ۾ اضافي واري عمل تي سختي سان ڪار بند آهيان، اميد تـ ايندڙ ٽيهن سالن ۾ ويهـ کن ٻار پيدا ڪري سگهندس. آئون ٻنين لاءِ هاري، ڪارخانن لاءِ مزدور ۽ مال لاءِ ڌراڙ پيدا ڪندس.
    مون کي خط لکڻ ۾ دير لڳي وئي آهي انهي جو ڪارڻ توهان کي ڪنهن ٻئي خط ۾ ٻڌائندس. توهان جي بقول آئون SDEO کي ٽپڙ ٻڌائي چڪو آهيان ۽ ٻيو ڪل خير آهي. رئيسن جي بورچيخاني جو ڦڪو ڀت کائي کائي منهنجي صحت هاڻي بحال ٿي رهي آهي. ماستر اشرف پنهنجي غير حاضري ۾ رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي، سگهو ئي سنڌ سرڪار کيس گولڊ ميڊل عطا ڪندي. سنڌ ۾ سيءَ جي رفتار رفتـ رفتـ وڌي رهي آهي.
    اتر ڏني اوت، نـ مون سوڙ نـ گبرو
    چُني چارئي پوت، ريڙهيندي رات گئي.
    وڌيڪ هينئر ذهن جائيتو ڪو نـ اٿم، تنهنڪري رهڙا هڻي پنو پورو ڪرڻ جا جتن ٿو ڪريان. غلام قادر ولد حاجي محمد آف گريڊ سترهن جي شادي خانـ آبادي ٿي چڪي آهي، انهي لاءِ اوهان کي مبارڪون هجن. مامو الهـ بخش هينئر حيدرآباد جي ميٺارام هاسٽل جو ان کٽائڻ ۾ مصروف آهي. ٻيو احوال اميد تـ ٻئي ڪنهن خط ۾ لکندس. يار نظام واقع تون جديد آهين بلڪ جديد ترين آهين. آمريڪي خلائي شٽل کي بـ تو تباهـ ڪيو هو ۽ روسي ايٽمي ڪارخانا بـ تو برباد ڪيا آهن، بلڪ مون کي شڪ آهي تـ تازو حيدر آباد ۽ ڪراچي ۾ ڪرفيو بـ تو هڻايو هو.
    خط جو جواب جلدي ۽ سنجيدگي سان عطا ڪندا تـ شڪر گذار رهندس. خير. سلام سائين عبدالڪريم، مسٽر محمد نعيم، مسٽر محمد اشرف، منشي غلام رسول، منظور احمد ملاڻـي جا قبول ڪندا.
    فقط توهان جو شيرل لغاري.


    اسلام آباد ۾ دربدري وارا ڏينهن

    اسلام آباد ۾ دربدري وارا ڏينهن

    هاڻي سال 1988ع چڙهي چڪو هو، اسلام آباد سان بـ واقفيت گهڻي قدر ٿي چڪي هئي، پر اڃا هتي ڪو گهر گهاٽ ڪو نـ هوندو هو، ٻـ چار ڇڙا ڇانڊا گڏجي هڪ گهر ۾ رهندا هئاسين. نيرن ۽ رات جي ماني هٿ سان ٺاهبي هئي، منجهند جي ماني سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي آفيس ۾ کائيندو هو. نتيجي ۾ اسان بورچي بـ ڀلا ٿي پيا هئاسين. جنهن جو مٿي ڪنهن خط ۾ شيرل لغاري ذڪربـ ڪيو آهي. اهڙو رهڻ ڪو گهڻو ڪري جٽادار نـ هوندو هو، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي مسواڙ واري 50 روپيـ وڌيڪ آڇ ڪئي تـ پراڻي کي چئبو تـ اسان جا ٻار ٿا اچن اوهان پنهنجو بندو بست ڪريو. اڄ ڪلهـ پئسي جي اڳيان دوستي ياري جي ڪا بـ حيثيت ڪا نـ ٿي رهي. انهي دربدري واري زماني ۾ جن دوستن سان گڏ رهڻ ٿيو انهن ۾ غلام سرور مڱريو شڪارپور، وزير علي تنيو، لاڙڪاڻو، ٻيو ڇوڪرو هوندو هو پلاننگ ڊويزن ۾ ڪم ڪندو هو اهو بـ تنيو هو پر ان جو تعلق بلوچستان سان هوندو هو، ان جو نالو هوندو هو گل حسن تنيو. کائڻ پيئڻ ۾ اسان ڪڏهن بـ هڪ ٻئي سان حساب ڪتاب ڪو نـ ڪندا هئاسين. انهن سڀني ۾ دلچسپ شخصيت وزير علي تنيو جي هوندي هئي. وزارت داخلا ۾ ڪلارڪ هوندو هو، سندس ڊيوٽي اڪثر ڪري پاڪستان سيڪريٽريٽ جي ڪنهن بلاڪ جي رسيپشن تي هوندي هئي. اها بـ وضاحت ڪندو هلان تـ سيڪريٽريٽ جي بلاڪ ۾ کڻي ڪهڙي بـ منسٽري هجي پر رسيپشن ۽ سيڪيورٽي جو سسٽم وزارت داخلا وٽ هوندو، انهي تي انهن جو هڪ ڪلارڪ ۽ ٻـ چار پوليس وارا موجود هوندا هئا. ڪلارڪ جو ڪم هوندو هو شناختي ڪارڊ وٺي پرچي ڪٽڻ، ان کان پوءِ وزيٽر کي اندر بلاڪ ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ويندو هو. اڪثر جيڪي صوبن مان وڏا آفيسر ايندا هئا، اهي پرچي وٺڻ ۾ پنهنجي بيعزتي سمجهندا هئا. جنهن بلاڪ تي وزير تنيو هوندو هو، هن کي لڳندو هو شغل پرچي کان سواِءِ ماڻهو اندر نـ ڇڏيندو هو. ماڻهن جي رش لڳي ويندي هئي ڪي سوٽن بوٽن وارا تـ ڪي واسڪوٽين ۽ صدرين وارا هن وٽ هر روز جو ميلو لڳو پيو هوندو هو. مون کي چوندو هو تـ ميلو ڏسڻو هجئي تـ مون واري بلاڪ هليو اچ. ڪڏهن ڪڏهن ائين بـ ٿيندو هو تـ منسٽر آفيس وارا منع ڪندا هئا تـ منسٽر صاحب واندو ڪونهي تنهنڪري وزيٽر مٿي نـ موڪليو. هي ماڻهن جو ميلو مچايو ويٺو هوندو هو، هن وٽ رسيپشن تي صرف بلاڪ جي اندر ڪم ڪرڻ واري فون هوندي هئي. ڪڏهن ڪو وڏو آفيسر اچي ويندو ۽ پرچي نـ وٺڻ چاهيندو هو تـ هُن کي فون کڻي ڏيندو هو تـ توهان جنهن سان ملڻ چاهيو ٿا انهي کي فون ڪريو ۽ هو مون کي چوندو تـ پوءِ آئون اوهان کي ڇڏي ڏيندس. مٿان ان صاحب کي جواب ملندو هو تـ جيئن رسيپشن وارا چون ٿا ائين ڪريو، نيٺ همراهـ کي پرچي وٺڻي پوندي هئي. انهي وٺ وٺان ۾ هن کي بـ سندس آفيس وارا مهيني ماس ڪو پڇاڻي جو خط ڏئي وجهندا هئا. آئون هن کي چوندو هوس تـ هي توهان جو فائيل پيو ڀرجي اهو توهان لاءِ نقصان ڪار آهي. هي مون کي چوندو هو تـ نوڪري جو مزو تڏهن آهي جو مهيني ۾ هڪڙو پڇاڻي جو خط ملي، خبر تـ پوي تـ نوڪري پيا ڪريون. شام جو اسين سڀ گهر اچي گڏ ٿيندا هئاسين تـ کوڙ ساريون خبرون اچي ٻڌائيندو هو.


    منظور احمد ملاڻو

    منظور احمد ملاڻو

    مٿي ڪنهن خط ۾ شيرل لغاري منظور احمد ملاڻي جو ذڪر ڪيو آهي، چيو اٿس تـ “ان جي سيزن ختم ٿي ويئي آهي”. هي دوست بـ ننڍي لاڪون کان وٺي اسان جي دوستي جي تسبيح جو هڪ داڻو رهيو آهي. جيئن تسبيح جي داڻن ۾ ڪو بـ فرق نـ هوندو آهي تيئن هن دوست کي مون ڪڏهن بـ گهٽ وڌ محسوس نـ ڪيو. هن دوست بـ مون وانگر غربت جي زندگي گذاري، پر ٻـ چار ايڪڙ زرعي زمين تي انبن جي باغ هئڻ جي ڪري هن جو وقت سٺو پيو گذرندو هو. بيروزگاري واري زماني ۾ هن ڪنهن شگر مل ۾ فيلڊ جي نوڪري بـ ڪئي پر اها اسان ٻنهي کي پسند ڪو نـ هوندي هئي. ائين پنهنجي ذاتي ڪوشش سان ڪجهـ دوستن يارن جي مدد سان منظور احمد ملاڻو سنڌ سرڪار جي نوڪري ۾ لڳي ويو. سندس نوڪري هتي منهنجو موضوع ڪونهي. هي جڏهن بيروزگار هوندو هو تـ هن جو گهڻو وقت مون سان ئي گذرندو هو. جڏهن تـ اسان جا ڳوٺ ڪجهـ فاصلي تي هوندا هئا پر ساڳئي روڊ تي هئڻ جي ڪري ساڳئي بس ۾ چڙهڻو پوندو هو، تنهنڪري اسان جي ملاقات جلدي جلدي پيئي ٿيندي هئي. بقول ڀٽائي جي “ سنهي سئي سبيو منهنجو ماروئڙن سان ماه” اهو ماروئڙن سان سبيل ماهـ شايد ساهـ جي آخري هڏڪي سان ئي ٽٽندو. منظور کي سنڌ سرڪار ۾ نوڪري منهنجي اسلام آباد اُسهڻ کان پوءِ ملي. جتي منظور ملاڻي جو ذڪر اچي ان سان گڏ انبن جو ذڪر نـ اچي تـ اتي انهن ٻنهي محبوب ۽ مٺين شين جي رس ۽ چس ۾ مزو ڪجهـ گهٽ ايندو. آئون جڏهن ڳوٺ هوندو هوس، ڪنهن اسڪول ۾ ماستر هوندو هوس تڏهن شيرل بـ مون سان گڏ هوندو هو. منظور جڏهن واندو هوندو تـ اسان وٽ اڪثر اسڪول پيو ايندو هو. وري جڏهن انبن جي سيزن ايندي هئي تـ منظور جي باغ جا انب پيا ايندا هئا. انهن انبن ۾ سنڌڙي، گلاب خاسا، سرولي، الماس، انور رتول، بيگم پاليي، رتام، لنگهڙو ۽ دسهڙي وغيرهـ. شامل هوندا ها. انهن انبن ۾ رس ۽ چس تـ هوندو ئي هو، پر جيڪڏهن ڪنهن پياري ماڻهو جي هٿان اهو دل جي گهراين مان اهو تحفو ملي جنهن جي ظاهري شڪل ۽ شبيهـ ئي انب جي ڏنل نئين شاخ وانگر ڳاڙهي رت رتول هجي تـ ان جو مزو اڃا ئي وڌيڪ هوندو آهي.
    اها انهن ڏينهن جي ڳالهـ آهي جڏهن منهنجو ۽ شيرل جو گهڻو وقت گڏ گذرندو هو ۽ منظور ملاڻو اڃا بيروزگار هوندو هو، تنهنڪري وقت پاس ڪرڻ لاءِ تقريبن هي هر روز اسان وٽ ايندو هو. اوچتو ايندي ويندي هن ڦُل نگر ۾ هڪ گل ڳولي لڌو هو. هن اسان کي اچي ٻڌايو تـ جنهن جنس جي هن کي تلاش آهي اهو گل ڦُل نگر ۾ موجود آهي، جنهن جي خوشبو ٻين گلن کان مڙئي سرس آهي. جنهن کي سُنگهڻ سان انسان تـ ڇا پر روءِ زمين تي چرندڙ پُرندڙ مخلوق بـ مدهوش ٿي سگهي ٿي. مون ڪٿي پڙهيو آهي تـ “ ڇا مان تو سان محبت ئي محبت ڪندو رهان، ڪڏهن تون وصل جي معاملي ۾ بخل کان ڪم ٿو وٺين؟ ماڻهو سچ ٿا چون تـ ڪو بـ بخيل شل معشوق نـ بنجي. ” هي ڪنهن عالم مفڪر جا چيل لفظ مون هتي هو بهو نقل ڪيا آهن، اسان جو دوست منظور بـ اهڙي ڪنهن ڪيفيت مان گذري رهيو هو ۽ ڦُل نگر جي گل جي ڪنهن نئين جنس جي واس وٺڻ لاءِ آتو هو، پر افسوس جو اهڙيون سڀاڳيون گهڙيون گهٽ ئي نصيب ٿين ٿيون. بس اهي ئي ڏينهن هئا جو مون کي اسلام آباد پهچڻ جو حڪم صادُر ٿي چڪو هو. مون جڏهن اسلام آباد اُسهڻ کان پهريائين هن کان موڪلايو پئي تـ هن جي گول گول ۽ وڏين اکين مان ٻٽا ٻٽا لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا. سندس ڀريل ڳٽا جنهن تي اڃان ڪي چند وار مبارڪ مس آيا هئا جن تان وهندڙ لڙڪ ائين وهي رهيا هئا جيئن پهاڙي علائقي مان پاڪ ۽ پوتر پاڻي جو آبشار وهندو آهي. اها تـ کيس ئي خبر هوندي تـ منهنجي عارضي وڇوڙي تي هي لڙڪ لاڙي رهيو هو يا ڦل نگر جي پاليل گل کي نـ حاصل ڪرڻ جو کيس افسوس ٿي رهيو هو. ڪاش اڄ شيرل لغاري زندهـ هجي ها تـ هن موضوع تي هو جيڪو ڪجهـ لکي هئا، اهو سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار نثري ٽڪرو هجي ها. جڏهن انهي ڦُل نگر ۾ بيداد نگري (پاڻي جي شديد کوٽ) شروع ٿي ۽ اهو گل سُڪي سڙي ڪنڊا ٿي ويو تـ شيرل بي اختيار لکي ڏنو تـ “منظور ملاڻي جي سيزن آف ٿي ويئي آهي. ” مون کي هاڻي اسلام آباد ۾ 35 سال کن ٿي ويا آهن. پر منظور کي جڏهن بـ ڪو ماڻهو ملي ٿو وڃي تـ ٻـ چار انبن جون پيتيون اسلام آباد اچو ٺڪاءُ ڪن. انهن انبن ۾ جيڪو خلوص ۽ پيار هوندو آهي، انهي جو بيان ڪرڻ منهنجي قلم جي وس ۾ نـ آهي. اڳئي سدائين بغير چوڻ جي منظور وٽان انب ايندا رهندا هئا. پر هن سال چوڻ جي باوجود سندس انبن جي ميٺاس کان محروم رهيس. کيس ضرور ڪا مجبوري ٿي وئي هوندي نـ تـ منظور محبت جو اهو تحفو هر سال ياد رکندو آهي. اهو سندس مون سان قرب آهي جو هُن مون کي اڃا تائين نـ وساريو آهي. ڀلي منظور ملاڻي جي سيزن ختم ٿي ويئي هجي پر نظام لغاري وٽ سندس سيزن اڃان ختم نـ ٿي آهي.


    اوجهڙي ڪئمپ وارو واقعو

    اوجهڙي ڪئمپ وارو واقعو

    اهو 10 اپريل 1988 ع جو ڏينهن هو جڏهن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ تمام وڏو سانحو پيش آيو جنهن هنن جاڙن شهرن جا بنياد لوڏي ڇڏيا. اوجهڙي ڪئمپ اهڙي ڦاٽي جنهن ڪئين سئو ماڻهن کي برباد ڪري ڇڏيو. ماڻهو مئا، ٻار وڃائجي ويا، گهر تباهـ ٿيا، مطلب تـ هڪ ڪلاڪ جي اندر اندر اسلام آباد جي مٿان هڪ ننڍڙي قيامت هئي جيڪا گذري وئي. مون کي ياد آهي تـ اسان ڊوڙي وڃي روڊ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ بيهون تـ ميزائل اچي اسان جي اڳيان ڪري. هن ناگهاني آفت جو هر ماڻهو شڪار ٿيو، خاقان عباسي جيڪو محمد خان جوڻيجو حڪومت ۾ وزير هوندو هو، اهو بـ انهي حادثي ۾ پنهنجي جان وڃائي ويٺو. پوءِ جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ڪن جو خيال هو تـ عسڪري قيادت جي ڪڌن ڪمن کي لڪائڻ لاءِ اهو ڊرامو ڪيو ويو هو، ڪن جو چوڻ هو تـ جوڻيجو صاحب جي حڪومت کي هٽائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهـ ڪيو ويو هو. پوءِ جيترا وات اوتريو ڳالهيو، ڪيترن ئي قسمن جا افواهـ ملڪ ۾ گردش ڪرڻ لڳا. ڪن جو خيال هو تـ انڊيا حملو ڪري ڏنو آهي، ڪي پيا چون تـ ڪهوٽا ائٽمي پلانٽ ۾ ڪو ڌماڪو ٿيو آهي. پر ڪو بـ سرڪار جو نمائدو موجود ڪو نـ هو جو پريشان حال ماڻهن کي ڪجهـ ٻڌائي تـ ڇا ٿيو آهي. جنرل ضياءُ الحق جيڪو ان وقت ملڪ جوصدر هو، اهو اسلامي ملڪن جي ڪنهن ڪانفرنس ۾ ڪويت ويل هو، وزير اعظم محمد خان جوڻيجو سنڌ جي مختصر دوري تي هو. انهي سلسلي ۾ ايترا افواه گردش ڪرڻ لڳا جو ڪو بـ ماڻهو سرڪاري وضاحت تي اعتبار ڪرڻ کي لاءِ تيار ڪو نـ هو. اوجهڙي ۾ ڇا پيل هو، اها پراڻي طرز جي هڪ بارودي ڪئمپ هئي، جهڙي طرح ٻي مهاڀاري لڙائي جي وقت انگريز فوجون بارود زخيرو ڪنديون هيون. اهڙي طرح اوجهڙي ڪئپ ۾ هڪ آرمي جو يونٽ رهندو هو. جڏهن روس افغانستان تي حملو ڪري ڏنو تـ انهي يونٽ کي عارضي طرح بارود رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. سرڪاري پڌرائي مطابق 100 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. پر ان وقت ڪو بـ ماڻهو اهو انگ مڃڻ لاءِ تيار ڪو نـ هو. اپريل 12 تي وزير اعظم ٻـ جانچ ڪميٽيون ٺاهيون. هڪ فوج تي مشتمل هئي، جنهن جو سربراهـ ڪور ڪمانڊر راولپنڊي هو، جڏهن تـ ٻئي ڪميٽي ۾ فيڊرل منسٽر شامل هئا، جن ۾ قاضي عبدالمجيد عابد، ملڪ نعيم احمد خان ۽ مير ابراهيم بلوچ، جڏهن تـ ان ڪميٽي جو سربراهـ اسلم خٽڪ هو. وزير اعظم جيڪي بـ قدم کنيا صدر جنرل ضياءُالحق کي اهڙي قسم جي ڪا بـ آگاهي نـ ڏني ويئي. انهي ڪري انهن جي وچ ۾ بدگماني پيدا ٿي پيئي ۽ اهوئي سبب هو جو صدر وزير اعظم کي گهر روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن تـ جنرل ضياءُ چاهيو ٿي تـ اها سڄي انڪوائري صدر جي پسنديدهـ ماڻهن کان ڪرائي وڃي، ڇو جو هُن ڪجهـ ماڻهن کي بچائڻ پئي چاهيو. ان وقت جي وزير دفاع رانا نعيم انهي جو ذميوار ISI کي قرار ڏنو. هُن جو چوڻ هو تـ “ڪئمپ ISI جي ڪنٽرول ۾ هئي، تنهنڪري انهي اداري جي اڳوڻي ڊاريڪٽر جنرل اختر عبدالرحمان ۽ موجوده (جيڪو ان وقت هو) ڊاريڪٽر جنرل حميد گُل، انهن ٻنهي جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ضياءُ الحق ائين ڪرڻ نـ پئي چاهيو. تنهنڪري اوجهڙي ڪئمپ جي اصل ۽ صحيح حقيقت تان پردو کڄي نـ سگهيو. اسان جو واحد ملڪ آهي جتي اهڙن واقعن جي اصل حقيقت معلوم نـ ٿيندي آهي. انهي اوجهڙي ڪئمپ جو خوف اسلام آباد جا ماڻهو سالن تائين وساري نـ سگهيا آهن.


    ٿر جو سفر

    ٿر جو سفر

    جيئن تـ مون 1986ع ۾ اچي اسلام آباد ۾ نوڪري Join ڪئي هئي. انهي وچ ۾ 1987 ع جا ڇهـ مهينا کن لاهو ر رهيس. پر مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن جي ياد اڃا بـ پئي ستائيندي هئي. جيئن ٻـ يا ٽي مهينا گذرندا هئا تـ موڪل لاءِ ڪوشش ڪبي هئي. پوءِ ڪڏهن ملندي هئي تـ ڪڏهن ڪا نـ ملندي هئي. فنانس ڊويزن ۾ هئڻ جي ڪري بجيٽ جي ڪري هر سال جون مهيني تائين موڪل نـ ملندي هئي. سو آگسٽ 1988 ع ۾ ڳوٺ جو پوروگرام ٺهي ويو. تاريخ تـ ياد ڪانهي پر لڳي ٿو تـ هونديون پهريون تاريخون، ڇو جو مهيني جو پگهار کڻي پوءِ ئي ڳوٺ وڃبو هو. جيئن ئي ڳوٺ پهتس تـ هتي منهنجا ٻـ نظرياتي دوست نواز لغاري ۽ اشرف لغاري اڳي ئي ٿر گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو ويٺا هئا. ائين هڪ ٻـ ڏينهن ڳوٺ رهي اسان ٿر لاءِ روانـا ٿياسين. ان زماني ۾ اسان مان ڪنهن وٽ بـ ڪا گاڏي وغيرهـ ڪا نـ هوندي هئي. ان زماني ۾ هونئن بـ قوم پرستن وٽ گاڏي جو ڪو تصور ڪو نـ هوندو هو. تنهنڪري اسان ٽئي سڃا، ڀڙڀانگ هوندا هئاسين. مون کي آفيسري تـ ملي چڪي هُئي، پر آئون ڪو مختيارڪار يا تپيدار تـ ڪو نـ هوس جو مٿين ڪمائي هجي. تنهڪري ائين ئي عام بسن ۾ چڙهي وڃي نئين ڪوٽ لٿاسين. نئين ڪوٽ جو قلعو گهمياسين جيڪو مير ڪرم علي خان ٽالپر 1814 ع ۾ ٺهرايو هو. هي ننڍو پر تمام سهڻو قلعو آهي.
    اسان ڪارونجهر کي ڏسڻ لاءِ ننگر پارڪر لاءِ نڪتاسين، جيڪو صديون پراڻيون يادون ٿر ۽ پارڪر جي شڪل ۾ سانڍي اڄ بـ روپلي جون نـ وسرندڙ يادون پنهنجي سيني ۾ سانڍيو اچي ٿو. مٺي شهر ۾ اسان جو نظرياتي دوست ڪرشن شرما اڳي ئي اسان جي انتظار ۾ هو، جنهن کليل دل ۽ وسيع دسترخوان سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ان وقت مٺي شهر ۾ هڪ ئي ڏسڻ ۽ گهمڻ جهڙي جڳهـ هئي اها هئي “گڍي ڀِٽ” جنهن تان مٺي شهر جو نظارو ائين ٿي نظر آيو جيئن “مونال ريسٽورانٽ ” تان اسلام آباد جو نظارو.
    ائين اسان مٺي شهر جو سير ڪري،( جيڪو ان وقت مون کي هڪ وڏو ڳوٺ لڳو هو). ڪرشن شرما سان گڏجي رات جي ماني کائي، رات جو 10 بجي ڌاري GMC ۾ سوار ٿيا هئاسين، جنهن کي ٿر جا ماڻهو “کيکڙو” سڏيندا آهن. ان ۾ اسان ننگر پارڪر جي لاءِ سفر شروع ڪيو هو. اسان جي مٺي جي ميزبان محترم ڪرشن شرما ٻڌايو تـ ننگر پارڪر ۾ سياحن جي رهڻ جي لاءِ ڪو بـ بندوبست ڪو نـ آهي. هُن اسان کي جيئي سنڌ جي دوستن جو ڏس پتو ڏيئي ڇڏيو هو، مطلب تـ وري بـ اسان کي پنهنجي ئي قومي سٿ جا ساٿي ئي ڪم آيا.
    اهو منهنجو کيکڙي جو پهريون ۽ آخري سفر هو. اها چنڊ جي 14 جي رات هئي،آسمان تي چنڊ ۽ ڪڪرن جي پاڻ ۾ لڪ لڪوٽي لڳي پئي هئي. رکي رکي هلڪي هلڪي بوندا باندي بـ ٿي رهي هئي، ٿڌڙي ۽ مٺڙي هير اکين ۾ خمار ٿي آڻي ڇڏيا. آسمان تي سنهڙين ۽ ٽڙيل پکڙيل ڪڪرين ۾ چنڊ جو نظارو ڪنهن نئين نويلي ساماڻل نوجوان نينگري جي منهن تي موهيڙن جي نشان جيان نظر اچي رهيو هو. چانڊوڪي رات ۾ ٿر ٻهڪي رهيو هو. ٿر جي ان زماني جي لاري جنهن کي کيکڙو چئبو هو، هيٺ سامان ۽ ان جي مٿان ماڻهن لاءِ ڪم ايندي هئي، لاري جي مٿان مرد توڙي عورتن کي ٻڪرين وانگر سٿيو پي ويو. مون کي ائين لڳي رهيو هو تـ ڪنهن ماڊرن يونيورسٽي جو ڪلاس آهي جنهن ۾ ٻئي انساني جنسون گڏ پڙهي رهيون آهن. انهي رات جيڪو مون قدرتي ۽ انساني رومانس جوگڏيل ميلاپ ڏٺو، تنهن اڻ پيتي جا نشا چاڙهي ڇڏيا هئا. مون اڃان تازو زبير لغاري ۽ ساجد ڀُٽي سان اهو ساڳيو سفر ڪيو آهي. پر هِن سفر ۾ اهو مزو ڪٿي جيڪو 3 ڏهاڪا اڳ اسان کيکڙي ۾ ڪيو هو. جيڪو اڄ ڏينهن تائين دل جي ڪنهن ڪنڊ مان رومانس جون نـ وسرندڙ يادون تازيون ڪندو رهي ٿو. ان وقت جي کيکڙي ۾ زالين مڙسين گڏ سوڙ سنگوڙ ۾ گوڏو گوڏي تي ڏيئي ويهڻ، کيکڙي جو واري جي روڊن تي لڏڻ، انهي لوڏي تي انسانن جو انسانن سان ٽڪرائجڻ، خماريل اکين ۽ پُسيل گَهگَهن ۽ قميصن ۾ کيکڙي جو جهومڻ ۽ لڏڻ ان جي نتيجي ۾ جسمن جو پاڻ ۾ گسڻ واري لذت صدين تائين ياد رهندي. (هتي جيڪي ڪجهـ مون لکيو آهي انهي مان ڪجهـ لفظ جنسيات سان تعلق رکن ٿا، جنسيات ادب جي صنف آهي. عمر قاضي،خوشونت سنگهـ جي ڪتاب “منهنجو نينهن نارين سان“ جي سنڌي ترجمي ۾ لکي ٿو تـ “هن جو ادب عورت جي وجود جي چوڌاري گردش ڪري ٿو. عورت سان پيار جو اقرارخوشونت ايتري تـ ڀرپور انداز سان ڪري ٿو جو هن مٿان فوري طور تي فحاشيءَ جي تهمت لڳي ٿي. )( بهر حال مون مشرقي روايتن کي سامهون رکندي اهڙن لفظن کان پرهيز ڪيو آهي. پر ٿي سگهي ٿو تـ منهنجا اهي لفظ ڪنهن کي نا گوارهـ لڳن، انهن پڙهندرن کان اڳ واٽ معافي. ) مٿان وري اسان جي مست جواني انهي اڃا بـ سون تي سهاڳي جو ڪم پي ڪيو. انهي سفر جون نـ وسرندڙ يادون جڏهن نواز لغاري کي اوچين ۽ اُڀين ديوارن پٺيان ياد آيون هونديون تـ هو رُنو ضرور هوندو. جڏهن تـ هاڻي انهي جو مزو صرف منهنجا نوجوان دوست تصوراتي دنيا ۾ ئي وٺي سگهن ٿا. جيڪي هن ڪتاب کي پڙهندا. اسان وٽ تـ صرف هاڻي يادون وڃي رهيون آهن. ائين اسان جو هي رومانس سان ڀرپور سفر صبح جو پنجين لڳين ننگر پارڪر ۾ اچي ختم ٿيو.
    اسان جي ننگر پارڪر ۾ ٻي ڪا بـ واقفيت ڪا نـ هئي صرف هڪ ٻـ قومي سٿ جا دوست هئا جن جو ڏس پتو مليو هو. انهن کي بـ اسُر ويل ڪٿان ڳوليون. ائين کيکڙي مان خماريل اکين سان ٿڙندا ٿاٻڙندا هڪڙي ڇپر نما هوٽل تي خالي کٽون ڏسي اچي انهن تي ليٽي پياسين. پر لاري ۾ جيڪي نينهن جا نشا لڳا انهن ننڊ حرام ڪري ڇڏي هئي. ائين پاسا وارائيندي هوٽل جي مالڪ اچي اسان کي اٿاري چانهـ پياري. اهو ٿر جو نوجوان ڇوڪرو شيرل کوسو هو، جيڪو اسان جي قومي سٿ جو ساٿي پڻ هو. جنهن جي ان وقت 18 يا 19 سال ڄمار هوندي . جنهن اسان کي وڏي قرب ۽ چاهت سان ناشتو بـ ڪرايو. هن دوست کي اها جڳهـ نـ لڀي جتي اسان کي کڻي ويهاري، شيرل کوسي سڄو خلوص ۽ پيار اسان تي اوتي ڇڏيو. ايتري ۾ اسان جا ٻـ ٻيا ساٿي محترم غلام حسين چاڪي ۽ سندس ڀاءَ محترم محمد حسين چاڪي بـ اچي ويا. هاڻي اسان سنڌ جي ڪنهن ڏوراهين علائقي ۾ ننڌڻڪا نـ هئاسين. انهن اسان کي “جين مندر” ۽ ڪارونجهر گهمايو. اسان اها جاءِ بـ ڏٺي جتي سنڌ جو بهادر پٽ روپلو ڪولهي سنڌ جي دشمنن سان وڙهندي شهيد ٿيو هو. اهو سڄو ڏينهن اسان ڪارونجهر ۾ هلڪي ڦلڪي بوندار ۾ گذاريو هو. ڪٿان پري کان ڪنهن چونئري مان سرمد سنڌي جو مڌر آواز ڪنن تي پيو هو تـ “ هي جهوپا جهوپا ڪينجهر تي شل مينهن وسن ڪارونجهر تي” انهي آواز سڄي ڪارونجهر جي ماحول کي خوشگوار ڪري ڇڏيو هو. منهنجي ذهن ۾ وري گذريل رات جي لاري وارا منظر لهندڙ سج جي ڇڻيل ۽ گلابي ڪرڻن وانگر ڦرڻ لڳا تـ آئون وري خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويس. اها رات اسان کوسن ۽ چاڪين سان هڪ ڊگهي قومي ڪچهري ڪئي هئي. ٻئي ڏينهن اسان وري کيکڙي تي سوار ٿي مٺي ڏانهن واپسي جو سفر شروع ڪيو هو.
    کيکڙو جڏهن رينجرس جي چوڪي تي ڪافي دير لاءِ ننگر پارڪر ۾ بيهي رهيو تـ اسان جا دوست منهنجو فيڊرل گورنمينٽ جو سرڪاري ڪارڊ کڻي رينجرس جي ڪنهن آفيسر سان ملڻ لاءِ ويا. اهو ڪو شريف ماڻهو هو ۽ اٿي اچي مون سان مليو. جيستائين کيکڙو هلي تيستائين مون کي ڪرسي تي آڻي وهاريائين. انهي ۾ منهنجو ڪو بـ ڪمال ڪو نـ هو. هڪ طاقت هئي منهنجي ڪارڊ جي ۽ ٻيو ڪمال هو اسان جي ساٿي نواز لغاري جو جنهن منهنجي اهڙي تعريف ڪئي، جيئن ڪو ڪاسائي ٻڪر جي تعريف ڪندو آهي. چئي “ اسلام آباد ۾ جيڪو لهندو اڀرندو آهي سو هن اسان جي دوست جي اشاري تي. ” واهـ سائين واهـ رينجرس وارا اهڙا متاثر ٿيا جو پنهنجي اڳئين چوڪي جيڪا “ويرا واهـ” تي هئي انهن کي چيائون تـ “هي مهمان اچن ٿا انهن جي چڱي طرح خدمت چاڪري ڪجو. ” لفظ “خدمت چاڪري” ٻڌي مون کي اچي ڊپ ٿيو تـ هي ڇورو ڪٿي مارائيندو. خبر نـ آهي تـ ڪهڙي قسم جي “خدمت چاڪري” ڪندا. خير جيڏي مهل اسان ويرا واهـ رينجرس چوڪي تي پهتاسين تـ انهن جا ٻـ چار سپاهي اسان کي وٺي انهن جي ميس تي آيا ۽ اسان جي خوب خاطر تواضع ڪيائون. ائين اسان رينجرس وارن جو کائي پي شام جو دير سان اچي مٺي پهتاسين. هاڻي اسان اهو مناسب نـ سمجهيو تـ ڪرشن شرما کي ڪا تڪليف ڏيون، تنهنڪري هوٽل تي ڪمرو وٺي سمهي رهياسين. رات جو 10 بجي هوٽل واري اچي در کڙڪايو، ساڻس هڪ غير ملڪي بـ گڏ هو، اچي اسان کي چيائين تـ “هي ڪنهن ٻاهرين ملڪ جو مهمان آهي هوٽل ۾ ڪٿي ڪا جڳهـ خالي ڪونهي، هن کي اوهان پاڻ سان رهايو”. اسان چوٿين کٽ لڳرائي، هن کي پاڻ سان رهائي ڇڏيو. ائين هڪ فرينچ سياح اسان کي نئون رانديڪو ملي ويو. هن همراهـ کي انگريزي پوري سوري ٿي آئي، پر هڪ ٻئي جي ڳالهائڻ مان مطلب سمجهـ ۾ پي آيو. مون هن کان پڇيو تـ “تون هتي ڪيئن آئين؟” هن ڪتاب ڪڍي ڏيکاريو، جنهن ۾ ٿر متعلق ڪافي ڪجهـ لکيو پيو هو. ٻئي ڏينهن نواز لغاري ريڀڙيون وٺي آيو ۽ اچي هن کي کارايائين. اسان چيو تـ هي ٿر جو فروٽ آهي. کٽيون مٺيون ريڀڙيون هن کي ڪافي پسند آيون. آخر ۾ اسان هن کان موڪلائي شام جو اچي ڳوٺ گلاب لغاري پهتاسين. ائين اسان جو هي ٿر جو پهريون سفر پورو ٿيو.


    ٿر جو ٻيو سفر

    ٿر جو ٻيو سفر

    مناسب اهو ٿيندو تـ ٿر جي ٻئي سفر متعلق بـ اختصار سان ڪجهـ يادون قلمبند ڪجن تـ جيئن حال جا ڪي يادگار لمحا ماضي جي ڪا وکريل تاريخ ٿي پون. هي منهنجو ٿر جو ٻيو سفر هو جيڪو 29 سالن جي وڏي عرصي کان پوءِ ڪري رهيو هوس. پهرين سفر بابت چند يادگيريون مٿي لکي آيو آهيان. جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي تـ ٿر جو پهريون سفر اسان ڪيئن بسن ۽ کيکڙي جي ڇتين تي ويهي پورو ڪيو هو. انهي پهرين سفر ۾ مون جيئن ٿر کي ڏٺو سو هن دفعي ڏسڻ ۾ نـ آيو. ٿر جي روڊن رستن ترقي تـ ڪئي آهي. پر ٿر جا در ديوارون مذهب جا نوان ويس وڳا پائي ڪنهن اڻ ڏٺل ڀيانڪ خواب جي نشاندهي ڪري رهيون هيون. بدين کان ننگرپارڪر تائين مون کي لڳو تـ ڪار اسلام آباد جي ڪنهن اڻ وساريل سيڪٽر جي روڊ تي هلي رهي آهي. واٽ تي رينجرس جون ٻـ چار چوڪيون آيون. جيئن تـ هاڻي آئون نوڪري تان رٽائر ٿي چڪو هوس پر آفيسرن واري واسڪوٽ جيڪا مون کي پيل هئي ۽ آئون گاڏي جي پوئين سيٽ تي براجمان هوس ائين ٿي لڳو تـ پوئين سيٽ تي ويٺل صاحب اڃا ڪنهن وڏي عهدي تي آهي. مٿان وري زبير صاحب ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تان لهي پنهنجو 17 گريڊ جو ڪارڊ ٿي ڏيکاريو تـ رينجرس وارا اڃا وڌيڪ متاثر ٿي ٿيا. شام جو اسان نگرپارڪر پهچي ٿر ميلو گهميو هو. جيڪو سنڌ سرڪار جي مذهبي انتها پسندي کي روڪڻ واري مهم جو حصو هو. جڏهن تـ هن سفر۾ مون دل ئي دل ۾ سوچيو هو تـ هر شيءَ بدلجي ويئي آهي پر ٿر ۾ رهندڙ انسانن جي حالت نـ بدلي آهي. موت جو راڪاس جڏهن گهمي ٿو تـ مورن ۽ انسانن ۾ ڪا تميز نـ ٿو ڪري، سرڪار جي ڪرتن ڌرتن کي سونا تاج پائڻ جو تـ وڏو شوق آهي، پر ٿر جي ٻارن ۽ مورن جي سار سنڀال هڪ انتها پسند تنظيم جي حوالي ڪري ٿر جي امن ۽ آشتي جي ڌرتي کي ڪنهن اڻ ڏٺل باهـ ۾ اڇلائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن تـ پوءِ اهڙن ميلن ملاکڙن مچائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي
    ڪجهـ وقت اڳ “هڪ چوري ٻيو سينا زوري،” جهڙيون چوڻيون ٻڌبيون هيون. هاڻي ٿر ۾ مال متاع جي چوري کان معاملو مٿي چڙهي ويو آهي. هاڻي تـ ٿر جا هٿ ٺوڪيا پير هندو صغير نياڻين کي زوري زبردستي اغوا ڪرائي انهن جا مسلماني جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪري پنهنجن ڪمدارن ڪڙن سان پرڻائي ٿا ڇڏين. سوال اهو آهي تـ انهن جعلي پيرن کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي جو مسلماني جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪندا وتن. اتي هڪ ٻيو سوال بـ بحث طلب آهي تـ اسان کي جيڪڏهن مسلمانن جو انگ ئي وڌائڻو ئي آهي تـ هندو ڇوڪرا انتهائي خوبصورت ٿين ٿا اسان انهن کي اغوا ڪري مسلمان ڪري پنهنجن نياڻين جون شاديون ڇو نـ ٿا ڪرايون. ؟ اهڙا پير جيڪي بيروني خيرات تي پنهنجي مرشدي چمڪائن ٿا محترم محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجو ڪتاب ”شيخ المشائخ” اهڙن ئي پيرن ۽ ڪاني ڪرامتن جي ڌڻين جي مان ۽ شان وٽان لکيو آهي. اهو آهي اڄ اسان جي ٿر جوحال، جتي نـ صحت سلامت آهي نـ عزت سلامت آهي.
    ننگرپارڪر ۾ اسان جو ٻيو ڏينهن، اسان پنهنجي ميزبان دوست ڊاڪٽر اورنگزيب ساند سان گڏجي ٿر جو لٽل ماسڪو گهمڻ وياسين. انهي ڳوٺ کي ننڍو ماسڪو انهي ڪري چيو ويندو هو، جو آڳاٽي زماني کان وٺي هتي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو ريشو وڌيڪ رهيو آهي. اها تـ سڀ ڪنهن کي بـ خبر آهي تـ ٿر ۾ ڏڪار ايندا ئي رهن ٿا. پر ڪنهن بـ دور ۾ ڪاسبي جي ماڻهن قدرتي آفتن يعني ڏڪار وغيره نـ ڏٺو. ٽيون هتي ڪنهن بـ قسم جومذهبي مَت ڀيد اڃا تائين نظر ڪو نـ ٿو اچي. ها البت هاڻي مذهبي هم آهنگي ۾ سيرون پوڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، ڇو جو 95 سيڪڙو هندو پاپوليشن جي وچ ۾ هڪ مدرسي جي کلڻ کان پوءِ اهو سڀ ڪجهـ ممڪن نـ رهندو. ڪاسبو جنهن جي پنهنجي هڪڙي تاريخ ۽ سونهن آهي. ڪاسبي جي سونهن تـ تڏهن کان مشهور هئي جڏهن ننڍيون نيٽيون نينگريون مٿي تي سينهون رکي ٽي ٽي دلا کڻي ٻنهي ٻانهن ۾ هاٿي جي ڏندن مان ٺهيل چوڙا پائي، جنهن کي “آج” جا چوڙا چيو ويندو هو،کوهـن تي پاڻي ڀرڻ لاءِ گڏ ٿينديو هيون تـ حُسن جا جلوا ڏسڻ وٽان هوندا هئا. عمر بادشاه بـ تـ مارئي کي کوهـ تان کنيو هو. انهي حُسن تي سنڌ جي شاعرن پنهنجي شاعري جا گنج ڀري ڇڏيا آهن. سنڌ جي قومي شاعر سريچ سجاولي شايد اهڙين حسينن لاءِ ڪجهـ هن طرح شاعري ڪئي آهي.
    سُرما وجهي،ڏيئي ڦڻيون، پاڻي ڀرڻ لاءِ پدمڻيون،
    گڏجو هلن پنج ست ڄڻيون،هيڏن ڪنڌن سان ڪامڻيون،
    ڪِن کي نٿون، ڪِن کي وينڍڙا، سِر تي سمورين سينهڙا،
    گُجرن ڀريا پاڻيءَ گهڙا، ڪن ڪڇ تي ڪن ٻيلهڙا،
    هو لاڏ مان لڏنديون اچن، ڏس لاڏيون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
    هاڻي جڏهن ٿر ۾ مذهبي انتهاپسندي وڌي آهي. هندو نياڻين جو اغوا عام جام ٿي ويو آهي. يعني جڏهن کان بندوقچي ٿر ۾ انسانن جي شڪار لاءِ لٿا آهن تـ انهن نوجوان نينگرين مٿي تي دلا رکي نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. شابس هجي عمر بادشاهـ کي جنهن مارئي سان زوري زبردستي نـ ڪئي، پر اڄ جا منصف ڪنهن غيبي پريشر ۾ اچي هڪ منٽ ۾ فيصلو ٻڌائي ٿا ڇڏين. قانون جي رکوالن جي سامهون هندو نياڻي نـ پر ڪا ٻڪري نظر ايندي آهي. اخباري اطلاعن مطابق جيڪڏهن ڪو قانون جو رکوالو فيصلي ۾ دير ٿو ڪري تـ ان جي خلاف ڪافر جي فتوا صادُر ٿيو وڃي.
    اسان جڏهن ڪاسبي جي مندر ۾ پهتاسين تـ اتي يوسف فقير نابينا راڳ رنگ جا سُر ڇيڙيا. اسان مان ڪنهن دوست فرمائش ڪئي تـ فقير راڻو ٿي وڃي، پر ٿر جي ماڻهو کي سارنگ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهـ پسند ڪيئن ايندو. ڇو جو ان ۾ برسات جو ذڪر آهي. فقير ٻڌايو تـ آئون جيڏي مهل سُر سارنگ ڇيڙيندس تـ مور پاڻهي اچي ويندا. واهـ فقير واهـ، هن اڃا شاهـ جي سُر سارنگ مان پهريون ڏوهيڙو مڪمل ئي نـ ڪيو هوندو تـ مورن جا ٽهوڪا پڪواز ۽ باجي تي هڪ عجيب قسم جو روح کي راحت ڏيندڙ سُر ملائڻ لڳا. ان کان پوءِ ڊاڪٽر تُلسي جي اوطاق تي ٿڌي لسي جو دور هليو، جنهن نينهن وارن کي اڻ پيتي جا نشا ڏيئي ڇڏيا. اُتي ڪاسبي ۾ مون کي ٻـ عورتو ڏيکاريون ويون جن کي ڪارا لباس پيل هئا. ٻڌايو ويو تـ انهن کي ريٻاري چئبو آهي. اهي ماڻهو دودو سومرو جي خاص خدمتگارن ۾ شامل هئا. جڏهن دودو سومرو شهيد ٿي ويو تـ انهن ماڻهن اصل ويس وڳا لاهي ڦٽا ڪيا ۽ ڪارا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائون، جيڪي اڄ ڏينهن تائين نـ لاٿا اٿن. وري جڏهن موجودهـ دور ۾ محمد ميان سومرو صدر ٿيو، ۽ انهن ماڻهن وٽ آيو ۽ چيائين تـ “ هاڻي سومرن کي بادشاهي ملي ويئي آهي. اوهان هاڻي ڪارا ڪپڙا لاهيو. ” پر ڪاسبي جي ريٻارين چيو تـ “ سومرن کي بادشاهي تـ ملي ويئي آهي، پر سنڌ اڃا آزاد نـ ٿي آهي، اسان ڪارا ڪپڙا انهي ڏينهن لاهينداسين جڏهن سنڌ آزاد ٿيندي. ”
    ان کان پهرين “جين” مندر بـ ڏٺو سين، جنهن جا عبادتگذار هاڻي سنڌ جي علائقي ننگر پارڪر ۾ موجود ڪونـ آهن. اسان جي ميزبان ڊاڪٽر اورنگزيب ساند چواڻي تـ اهي 16 ۽ 17 عيسوي صدي ۾ هتان هجرت ڪري ويا هئا. ان باري ۾ ڊاڪٽر امان ميمڻ جو چوڻ آهي تـ “جين” مذهب جا پوئلڳ احمد آباد انڊيا ۾ موجود آهن. ڪجهـ سال اڳ اسلام جي مجاهدن افغانستان ۾ وڏي پيماني تي جين مندر ڊاهي پٽ ڪيا هئا. جڏهن افغانستان ۾ طالبانن انهن جا مندر مسمار پي ڪيا تـ دنيا جي ڪنهن بـ ڪنڊ مان انهن جي پوئلڳن جو احتجاجي آواز ٻڌڻ ۾ ڪو نـ آيو. بقول مشڪور ڦلڪاري جي تـ هن مذهب جا پوئلڳ رت وهائڻ کي حرام سمجهندا آهن.
    اسان جي ميزبان ڊاڪٽر اورنگزيب ساند ۽ ڊاڪٽر تُلسي اسان جي خدمت ۾ ڪنهن بـ قسم جي ڪسر نـ ڇڏي،آئون انهن جو شڪر گذار آهيان. جيڪڏهن منهنجو نوجوان دوست زبير لغاري 700 ڪلو ميٽر گاڏي نـ هلائي ها تـ اهو سفر ڪيئن پورو ٿئي ها، ان سان گڏ ساجد ڀٽي جي ڪمپني پڻ سفر ۾ منهنجي لاءِ ڪيئي سهولتون پيدا ڪيون. ان کان سواءِ ٻـ نوجوان دوست شڪارپور مان، آزاد انور مهر ۽ حيدر آباد مان فراز علي شيخ فيس بڪ ۽ نيٽ جي ذريعي مون سان گڏ رهيا. سندن تند بنا تنوار گڏ نـ هجي ها تـ سفر ذرا ٻسو ٻسو پيو لڳي ها. منهنجو پٽ افراز نظام لغاري پڻ سڄي سفر ۾ دلداريون ڏيندو رهيو. واپسي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر بدين ڊاڪٽر علي نواز ڀوت جو ڪلوئي ۾ ماجهاندو، ڊاڪٽر عبدالله سومري جي بدين ۾ دل جي گهراين مان چانهـ، نوجوان دوست ابراهيم اوٺو وٽ ماتلي ۾ ماهي کير جا گلاس سڄي سفر جا ٿڪ لاهي ڇڏيا. ائين هي اسان جو تاريخي سفر واپسي ۾ حيدرآباد ۾ اچي ختم ٿيو


    شيرل لغاري جا خط ۽ ملڪي معيشت

    شيرل لغاري جا خط ۽ ملڪي معيشت

    هن سال دوران بـ شيرل لغاري ۽ منهنجي وچ ۾ خطن جو سلسلو جاري رهيو. ظاهر آهي انهي وچ ۾ آئون ڳوٺ بـ ويو هوندس ۽ روبرو ملاقاتون بـ ٿيون هونديون. اندر جا حال احوال بـ اوريا هوندا. هڪڙي ڳالهـ جيڪا مون کي ياد پوي ٿي تـ اسان جڏهن بـ روبرو ملندا هئاسين,تـ اسان پاڻ ۾ ڪڏهن بـ هڪ ٻئي جي عشق وغيرهـ کي بحث هيٺ نـ آڻيندا هئاسين. منهنجو ادب سان تعلق ۽ هو شاعر، سو هڪ ٻئي کي اهڙا خط لکندا هئاسين. اسان هميشه سنڌي ادب ۽ ان جي هيٺاهين، مٿاهين ۽ لاهين چاڙهين تي ڳالهائندا هئاسين. جيڪڏهن امر جليل جي ڪا سٺي ڪهاڻي اچي ويندي هئي تـ اسان جو سڄو ڏينهن ان تي لڳي ويندو هو. مون کي جيتري قدر ياد پوي ٿو تـ امر جليل انهي زماني ۾ ٻـ ڪهاڻيون “سنڌي گدڙ اِن اسلام آباد” ۽ “ ڪپيل ٻانهن جو وارث” لکيون هيون. آئون جڏهن ڳوٺ ويو هوس تـ اسان انهن ئي ڪهاڻين بابت ڳالهايو هو. ها البت اها ڳالهـ صحيح آهي ان زماني ۾ خط لکڻ جو وڏو رواج هوندو هو، جڏهن تـ ادب سان تعلق رکندڙ ماڻهو هڪ ٻئي کي ڊگها ڊگها ۽ سٺا خط لکندا هئا. جڏهن تـ شيرل جي اها ڦوهـ جواني هئي، دوستن ۾ شايد ئي مون کان وڌيڪ ڪو هُن کي پيارو هجي. جڏهن تـ آئون ڳوٺ ڇڏي چڪو هوس تـ پوءِ هُن مون کي ڪڏهن ڪهڙا تـ ڪڏهن ڪهڙا خط لکيا. هن ئي سال هن جو جيڪو مون کي خط مليو اهوحاضر آهي. هن خط ۾ شيرل پيار جي پالوٽ ڪري ڇڏي آهي، ساڳئي وقت هڪ شاعر ڪهڙي ڪيفيت مان گذرندو آهي، هو مخلوق ۽ مولا سان ڪيئن شڪايتون ٿو ڪري، اهو سڀ ڪجهـ هن خط ۾ پڙهو.
    Manilk Laghari
    14-9-1988
    مون کان سُر سنگيت کسي وڃ هاڻي ڪو ئي گيت نـ لکندس،
    هڪڙو ڀيرو روئي کلي وڃ وري نـ کلندس وري نـ رئندس.
    پيارا نظام شال مارگلا جي ٽڪرين ۾ موج ڪرين. توهان جو خط مليو پڙهيم ۽ ماضي جي ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويس. توهان سڀ ڪجهـ سچ لکيو آهي. مون ڪالهـ بـ عذاب ڀوڳيا هئا اڄ بـ سور سهان پيو، سڀاڻي جي زندھ رهيس تـ سور سهندُس. دوڪان منهنجي کي کاٽ لڳي ويو آهي. باھ مان دڪان بند ڪري ڇڏيم، هاڻي اڌ روزگار(ماستري) آهي ۽ بس. هن دفعي بـ ڀاءُ مون کي محبت جي بدلي سور پلئـ پيا آهن. منهنجو پيار نفرتن جي ڀنڀٽ ۾ سڙي ويو آهي، سماج کَٽي ويو. آئون زندگي جي هڪ ٻي بازي بـ هاري چڪو آهيان. جيئن مون چاهيو ٿي ائين محبوبن نـ ڪيو ۽ جيئن هنن چاهيو ٿي ائين آئون ڪري نـ سگهيس. اسين هڪ ٻئي جو ضد ٿي پيا آهيون. اسان جو فيصلو تاريخ جي صفحن ۾ بـ نـ ٿي سگهيو. مون انيڪ دفعا مرڻ جي تمنا ڪئي آهي پر مري نـ سگهيو آهيان، الائي ڇو؟ مون پريت ڪري منهن ۾ ڌوڙ پاتي آهي، منهنجي هن نڀاڳي طبعيت مون کي رڻن ۾ رلائي ڇڏيو آهي. نصيبن جي ٿالهـ مان مون اڀاڳ جا گرھ کاڌا آهن. مون کي ڪٿي بـ هاڻي سک نـ ٿو اچي، منهنجي اندر واري انسان مون سان ظلم ڪيا آهن. مون دعائون گهريون پر قبول نـ ٿيون. تون اعتبار ڪر آئون اڄڪلهـ روئيندو آهيان ۽ سنڌ ڌرتي کي لڙڪن جو نظرانو ڏيندو آهيان.
    پيڙائون سڀئي تڪليف ڏيندڙ آهن، پرڪجهـ اهڙيون پيڙائون بـ آهن جيڪي مون کي واڄي وانگر وڄائين ٿيون. ٽن ٻارن جو پيءَ ٿي ويو آهيان پر سمجهـ نـ اٿم. آئون اڄ بـ واري جا گهر ٺاهيندو آهيان، ٻٻرن جي ڇانو ۾ ڌرتي تي آڏا آبتا ليڪا ڪڍندو آهيان. حال کان بي حال آهيان، ائين الاءِ ڇو آهي؟ اسين جن کي گل ارپيندا آهيون اهي موٽ ۾ اسان جي پنبڻين ۾ عذاب جا ڪنڊا ٽنبيندا آهن، اسان جن کي خوبصورت گيتن جو نذرانو ڏنو، انهن موٽ ۾ اسان کي نفرتن سان نوازيو، اسان جو مذاق اُڏايو. انساني جذبن ۽ احساسن جي هتي ڪا بـ قيمت نـ اٿئي. ڀاءُ مان ڏاڍو ڏکارو ٿي ويو آهيان. زندگي ڪڏهن سانوڻ جي مينهن جيان وسندي هئي ۽ وقت جي پيرن ۾ زنجير وجهندا هئاسين، اهو وقت گذري ويو. اسان جن لاٰءِ هي دنيا ۽ آخرت قربان ڪئي، انهن اسان کي نطرانداز ڪري ڇڏيو. وقت جي ويڙهـ ۾ شڪستون منهنجو مقدر بنجي ويون، جن جي اکين ۾ مون کي ڪينجهر جي گهرائي لڳندي هئي، انهن اکين ۾ شعلا ڏٺم. دل بـ جوالامکي جيان ٻري رهي آهي، آئون ڀڄي ڀري پيو آهيان ڌيري ڌيري خاڪ ٿيندو وڃان، منهنجو قدر نـ ٿيو.
    سڙياسون پر چانڊوڪي رات جي ڏيئن وانگر اجايا پئي سڙياسون. مون سڙيل نوڙي مان وٽ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر رک جي ڍير ڌاران ڪجهـ بـ پلئـ نـ پيو. اربين آدمشماري جي هن دنيا ۾ منهنجي لاءِ ڪوئي نـ آهي. ڪنهن سان روح نٿو ريجهي. بس تون آهين اڪيلو سو بـ ايڏو پري آهين جو سڏ بـ نٿو ٻڌين. مون کي خدا سان زبردست شڪايت آهي، مون “رسول” وارن ۽ “امام” وارن کي ستايو پر ڪنهن بـ منهنجي هڪ بـ نـ ٻڌي. اهي بـ مطلب جا يار آهن. مُلن جون دعائون ٻڌندا آهن. پاڳل ۽ روڳي شاعر جي عزت ڪنهن بـ مذهب ۾ نـ آهي. چڱو کَٽي قسمت. سلام قبول ڪندا. مامون الهـ بخش HST ٿي ويو آهي. سائين وڏي جا سلام قبول ڪندا. ايڊريس توهان نـ لکي هئي، تڪ تي لکان پيو. توهان جو شيرل سنڌ جي رڻ پٽن مان مخاطب آهي.
    توهان جو شيرل.

    يقينن سال 1988 ع ۾ کوڙ سارا سماجي توڙي اقتصادي لاها چاڙها آيا هوندا، اوجهڙي ڪئمپ وارو واقعو تـ مٿي لکي چڪو آهيان. انهي سلسلي جون مون وٽ تـ نـ ڪي اخباري تراشا آهن ۽ نـ ئي ڪا وري مون ڊائري لکي آهي. جيئن تـ آئون اقتصاديات جو طالب العلم آهيان تنهنڪري انهي سال اقتصادي طور پاڪستان سان ڇا وهيو واپريو، جيڪڏهن اسان انهي داستان کي لکڻ ۾ لڳي وياسين تـ هي ڪتاب سڄو انهي مان ڀرجي ويندو. صرف هڪڙو جملو لکان ٿو جنهن مان پڙهندڙ کي معلوم ٿي ويندو تـ اسان جي ملڪ جي اقتصادي صحت ڪهڙي حال ۾ آهي. جيئن تـ 1947 ع کان وٺي 2016 تائين ڪو بـ هڪ سال اسان کي اهڙو نظر نـ ٿو اچي جنهن ۾ پاڪستان جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي وئي هجي، لاڳيتو 70 سالن تائين هميشه کوٽ واري بجيٽ پيش ٿيندي رهي آهي. مطلب تـ قرض کڻو ۽ ملڪ هلايو، پوءِ ترقياتي ڪم بـ اهڙي حساب سان ٿيندا ۽ غربت ۾ ڪمي بـ ڪيئن ايندي. سنڌ ۾ 1947ع ۾ غربت ايتري نـ هئي. پر هينئر سنڌ ۾ غربت سڄي پاڪستان کان وڌيڪ آهي. اڄوڪي اخباري رپوٽ مطابق سنڌ کي هلندڙ سال 2015-16 دوران 500 بلين روپيـ وفاق کان نيشنل فنانس ڪميشن جي وعدي مطابق مليا آهن. اهي پئسـا ڪٿي خرچ ٿيا ۽ انهي جو عام ماڻهو تي ڪيترو اثر پيو. انهي کي اقتصادي ٻولي ۾ Trickle Down Affect چئبو. انهن پئسن جو هيٺين سطح تائين اثر نظر نـ ٿو اچي. اڄ جي اخبار جي ٻي خبر هي آهي تـ Central Development Working Party (CDWO) سڄي ملڪ جي لاءِ 140, بلين روپيـ جا 14 ترقياتي پروجيڪٽ منظور ڪيا آهن، انهي ۾ سنڌ جو هڪ بـ پروجيڪٽ ڪونهي. اهي ڳالهيون منهنجي هن ڪتاب جي دائري ۾ نـ ٿيون اچن پر جيئن تـ منهنجو ماضي ۾ سڌو يا اڻسڌو ملڪ جي اقتصادي معاملن سان واسطو رهيو آهي تنهنڪري اهو ضروري آهي تـ ڪيڏي مهل ڪتاب ۾ تلخ ۽ حقيقي ڳالهيون لکي پڙهندڙن جي ذهن کي ڌُونڌاڙجي. انهي وچ ۾ منهنجون ۽ شيرل لغاري جون ملاقاتون بـ ٿينديون رهيون ۽ خطن جو سلسلو بـ جاري رهيو. منهنجي رڪارڊ مطابق 1989 ۾ شيرل جو مون کي هڪ ئي خط مليو هو.
    19-4-1989
    ماڻڪ لغاري اسڪول
    سکي هواءُ ۾ هڳآءُ آهي گلي گلي گيت ٿي وئي آ
    پيا، بنا ڪيئن ايندي، بسنتي رُت بي چئي آ.

    اسان کان پري ڪٿي دور وسندڙ نظام شال سک شانت ۾ هجين. ادل پهرين اوهان کي هڪ خط لکيو اٿم جنهن ۾ ٽڪيٽن جي کوٽ هئي. هاڻي وري ٽڪلين جي واڌ وارو خط حاضر آهي. پيارا هتي منهنجا حال هيڻان آهن. هتي جا ماڻهو منهنجي امنگن ۽ آرزوئن جي بلڪل ابتڙ ثابت ٿيا آهن. ماڻهو چون ٿا رات کي ڏينهن چئو آئون نـ ٿو چوان، تنهنڪري انهن کي اکين ۾ ڪنڊو بنجي چڀندو رهندو آهيان. محبتن کي مون لاءِ حرام ڪيو ويو آهي، خوشين تي پابندي آهي تـ اهي منهنجي ويجهو بـ نـ ڀٽڪن. نفرتون وڌي وڻ ٿيون آهن، چاهتن کي چوري جي الزام ۾ قيد ڪيو ويو آهي، پر پوءِ آئون جيئان پيو هڪ آس جي سهاري .
    دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
    تون اڃان ٿو جيئن هاءِ ڙي جيئڙا.

    چوويهـ سال گذري ويا آهن مون کي زندهـ (زندھ رهڻ جي آس) مگر اڄ تائين ڪا بـ شئي مون لاءِ مشعل راھ ثابت نـ ٿي آهي، يا تـ مان پاڳل آهيان يا هي سارو مانڊاڻ ڪوڙ آهي ۽ وقت بنيو ڌوڙ آهي. مون محبت جي انتخاب ۾ هر دور ۾ غلطيون ڪيون آهن ۽ ڀوڳيو بـ گهڻو ئي اٿم مگر پوءِ بـ دل چري آهي نٿي مڃي بغاوت ڪئي اٿس دماغ سان.
    ڪنهن چيو محفل ۾ ڪيئن آهين؟
    چيم دوست مڙئي، وتون ڀٽڪندا ۽ لٽڪندا.

    هڪ دوست مون سان بنا سبب جي ڪري قطع تعلق ڪري ويو آهي. سوچيان ٿو اسان کي آخر ڇا ڪرڻ گهرجي جيڪي ڪجهـ اسين سوچيون ٿا، ڪريون ٿا اهو آخر اسان لاءِ هاڃيڪار ڇو ثابت ٿئي ٿو. جذبن جي سچائي ۽ خلوص جو بـ قدر نـ آهي، درد جو صحرا آهي جنهن ۾ رڳو رڃ آهي.
    سامهون رڳي سُڃ آهي ۽ رُڃ آهي
    شيرل اڪيلو ناهي ساڻس اُڃ آهي.

    پيارا ڀاءُ دل چوي ٿي تـ جيڪر روڊن تي رڙيون ڪجن، پنهنجا مٿا ڀتين سان ڀڃجن يا الائي ڇا ڪجي؟ هتي حاجي الهڏني سريوال جي پاسي ويٺل هارين(ڪولهين) جي هڪ جوان جماڻ ڇوڪريءَ پاڻ کي ڦاهي تي چاڙهيو آهي. ڪيتري دلير هئي اها ڇوڪري جنهن بغاوت جو علم بلند ڪيو آهي. جڏهن ڏٺائين تـ درد جو صحرا عبور نـ ڪري سگهندي، ٻين جي مرضي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي جيءَ نـ سگهي، تڏهن پنهنجو پاڻ ٽياس تي ٽنگيائين. منهنجو انهي ڪولهڻ کي سرخ سلام آهي.
    يار نظام! آزادي هر انسان جو پيدائشي حق آهي جڏهن انهي حق تي ڌاڙو لڳندو آهي تـ قومن جو قومون تڙپي اٿنديون آهن. هڪ فرد ڇا ٿو ڪري سگهي. سڀني مذهبن آپ گهات کي ننديو آهي. مگر آئون چوان ٿو تـ دنيا جو سڀ کان بهادر انسان اهو آهي جو پنهنجو پاڻ ماري ڇڏي. ڇو تـ خدا خود چيو آهي تـ زندگي امانت آهي پوءِ امانت ڌڻي کي وقت کان پهرين واپس ڪرڻ ڪهڙو ڏوھ آهي.
    ادا ٻيا ڪهڙا حال آهن، دوستي ۽ عشق مان هٿ ناهن ڪڍبا، چاهي سڄي زندگي ئي ناڪام ڇو نـ رهڻو پوي. پاڻ کي اهوئي ڪجهـ ڪرڻو آهي. سلام هتان جي ماڻهن جا قبول ڪندا ۽ ايڏانهن جي ماڻهن کي منهنجا سلام چوندا. نوٽ خط جو جواب جلد ڏيندا.
    تنهنجو شيرل لغاري


    فنانس ڊويزن ۾ واپسي

    فنانس ڊويزن ۾ واپسي

    جيئن آئون اڳئي اهو لکي آيو آهيان تـ تقريبن 1990ع ڌاري مون وري واپس فنانس ڊويزن اچي جوائن ڪئي. انهي سال ۾ اسان اڃا 17 گريڊ ۾ هوندا هئاسين . فنانس ڊويزن ۾ مون کي ايڪنامڪ ايڊوائزر ونگ ۾ پوسٽنگ ملي. هي اها ونگ آهي جيڪا وقت جي حڪومت کي ضرورت پٽاندڙ اقتصادي معاملن بابت صلاح مشورا ڏيندي رهي ٿي. انهي ونگ جو مکي ڪم سال جي آخر ۾ بجيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ، ملڪ جو اقتصادي سروي جاري ڪرڻ آهي. انهي ۾ گڏيل طور سماجي توڙي اقتصادي معاملن متعلق انگ اکر ۽ اقتصادي حال احوال ڏنل هوندو آهي. آئون اڃان ان زماني ۾ ريسرچ آفيسر هوندو هوس. ايڪنامڪ ايڊوائزر ونگ ۾ مون کي Prices يعني قيمتن واري سيڪشن ۾ رکيو ويو. منهنجو جيڪو باس هو انهي جي عادت هوندي هئي تـ صبح جو آفيس اچي ڪلاڪ کن ويهي پوءِ هليو ويندو هو ۽ واپس وري موڪل جي ٽائم کان ٿورو اڳ ايندو هو. جڏهن تـ مون تي سختي ڪندو هو تـ آئون ڪمرو نـ ڇڏيان. آئون رڳو ڪنهن ٻئي ڪمري ۾ پنهنجي دوست محمد ابراهيم نظاماڻي وٽ چانهـ چڪو پيئڻ ويندو هوس تـ منهنجي شام جو شامت اچي ويندي هئي. جڏهن تـ قيمتن وارو سيڪشن اهڙو حساس هوندو هو جو هر وقت ڪو نـ ڪو مسئلو موجود هوندو هو. دنيا ۾ OPEC وارا تيل جون قيمتون هيٺ مٿي ڪندا هئا تـ باهـ منهنجي سيڪشن ۾ لڳي ويندي هئي. مطلب تـ اهو ڏسڻو پوندو هو تـ OPEC جي قيمتن جي ردوبدل جي ڪري پاڪستان ۾ تيل جي قيمتن تي ڪيترو اثر پوندو ۽ ان سان مهانگائي ڪيتري وڌندي. ان زماني ۾ تيل جي قيمتن ۾ ڦير گهير صرف بجيٽ ۾ ٿيندي هئي. اهو سڀ ڪجهـ فنانس ڊويزن ۾ ٿيندو هو. مون کي هر هفتي فيڊرل بيورو آف اسٽيٽسٽڪس مان ملڪ جي قيمتن جي تازه ترين رپورٽ ملندي رهندي هئي. ان کان سواءِ هندستان وارو پاڪستان جو سفارتخانو هر هفتي دهلي جي خاص رڌ پچاءُ جي شين (kitchen items) جو قيمتون موڪليندو رهندو هو. ائين پرائس سيڪشن ۾ مون چڱو خاصو رڳڙو کاڌو ۽ ڪافي سکيا بـ ٿي. هوڏانهن منهنجا دوست، جنهن ۾ ابراهيم نظاماڻي مرحوم مون کي هر وقت چيڙائيندو رهندو هو، تـ تون باس کان ٻئي نمبر تي آفيسر آهين، هو توکي اسان سان ملڻ کان ڇو ٿو روڪي. ان وقت آئون چڙندو هوس تـ انهن کي مزو ايندو هو. اڳتي هلي ڪجهـ وقت کان پوءِ اسان جي ايڪانامسٽ ۽ پلينر گروپ ۾ وڏي پيماني تي ترقيون ٿيون. اسين سڀ 17 گريڊ وارا 18 گريڊ ۾ پروموٽ ٿي وياسين. مون وارو باس بـ 19 گريڊ ۾ پروموٽ ٿي ويو. فنانس ڊويزن ۾ ايتريون جڳهيون ڪو نـ هيون، سواءِ منهنجي باقي سڀني جي پوسٽنگ ٻاهر ٿي. آئون انهن جي مجبوري ٿي پيس جو price سيڪشن ڪو هلائڻ لاءِ تيار ئي ڪو نـ هوندو هو. هي سڀ هليا ويا ٻين منسٽرين ۾، آئون پرائس سيڪشن جو انچارج يا ائين کڻي چئجي تـ چڱو مڙس ٿي ويهي رهيس. انهي تي هڪڙو واقعو ٻڌندا هلو تـ ايڪنامڪ سروي ۾ ڪجهـ اهڙا انگ اکر هوندا آهن جنهن تي پريس جي خاص نظر هوندي آهي. جهڙوڪ انفليشن، جي ڊي پي گروٿ، پاپوليشن، انويسٽمينٽ وغيرهـ. جيئن تـ قيمتن جو سيڪشن مون وٽ هوندو هو سو انفليشن آئون ڪڍندو هوس. نوي جي ڏهاڪي جا پهريان سال هئا. ان سال مهانگائي گهڻي هئڻ جي ڪري اهو انگ ڊبل ڊجٽ ۾ پئي ويو. جيڏي مهل قيمتن جو چيپٽر ايڪنامڪ ايڊوائزر وٽ پهتو تـ هن مون کي سڏائي چيو تـ “انفليشن جو انگ مٿي پيو وڃي، انهي تي گورنمينٽ جا لاهـ نڪري ويندا، انهي کي ڪجهـ گهٽ ڪر.” مون عرض ڪيو تـ ڊيٽا سڄي ساري FBS موڪلي آهي، آئون ڇا ٿو ڪري سگهان، هُن مون کي چيو تـ ڊيٽا برابر انهن موڪلي آهي پر فارمولو تـ تون لڳائيندو آهين. پوءِ مون اهڙي هٿ جي صفائي ڏيکاري هئي جو ان سال انفليشن اڌو اڌ گهٽجي يعني ڊبل ڊجٽ مان ڦري سنگل ڊجٽ ۾ اچي ويو هو. (10 کان جيڪي بـ مٿي انگ آهن، اهي ڊبل ڊجٽ چئبو آهن. مثال 12،14،26،77 وغيره، پر جيڪي 10 کان گهٽ انگ آهن اهي سنگل ڊجٽ آهن مثال1،4،6،7،9 وغيره) سرڪار جي واهـ واهـ ٿي وئي. ائين وقت گذرندو رهيو اسان بـ نيون نيون شيون سکندا رهياسين. اهو ياد رکڻ گهرجي تـ سڄي دنيا ۾ انگن اکرن جي هيرا ڦيري ٿيندي رهندي آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Fudging of Figures چئبو آهي يا پنهنجي پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ Revised Figures بـ جاري ڪيا ويندا آهن .


    سنڌ گريجوئيٽس ائسو سيئيشن ۾ شموليت (سِگا)

    سنڌ گريجوئيٽس ائسو سيئيشن ۾ شموليت (سِگا)

    جيئن سائين فضل الله قريشي صاحب پنهنجي ڪتاب ”ڪجهـ ڳالهيون ڪجهـ يادون” ۾ لکيو آهي تـ پي پي پي حڪومت سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۾ سرڪاري ملازمن تي ميمبرشپ واري پابندي هٽائي ڇڏي هئي. جيئن ئي سگا تان اها پابندي هٽي تـ اسان سگا اسلام آباد شاخ جا نوان ميمبر ٿي وياسون. اهو سال 1989 هو. هاڻي اسان کي سماجي ڪمن ڪارين ۽ سنڌ جي معاملن تي ڳالهـ ٻولهـ ڪرڻ جي لاءِ هڪ الڳ پليٽفارم ملي ويو. اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي تـ سياسي طور سڄاڻ ماڻهو وقت بـ وقت ڪجهـ ڪندو ئي رهندو آهي. ڪتابن سان عشق جي حد تائين پيار اڳئي سڄاڻ دوستن پيدا ڪري ڇڏيو هو. ڇو جو سائين جي ايم سيد سان ٽن ڏينهن جي هڪ ئي ملاقات ذهن جا طاق کولي ڇڏيا، من ۾ سنڌ جي لاءِ چڻنگ تـ اڳئي سائين جي ملاقات کان پوءِ دُکي چڪي ڪئي. انهي تي تيل جو ڪم وري راشد مورائي جي دوستي ۽ ملاقاتن ۽ عبدالواحد آريسر سان بدين ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ سياسي ڪچهرين ويترئي ڀنڀٽ ٻاري ڇڏيو. ان زماني ۾ ڪنهن دوست جي شادي وغيره ٿيندي هئي تـ ان جا دعوت نامـا بـ جيئي سنڌ جي پمفليٽ جو ڏيک ڏيندا هئا. جڏهن تـ اها شادي اڌوري سمجهي ويندي هئي جنهن ۾ ڪو قومي راڳيندڙ نـ هجي. ٻيجل سنڌي ۽ سڄڻ سنڌي اڪثر ڪري اهڙين شادين ۽ قومي ڪچهرين ۾ شامل هوندا هئا. سنڌ جو مُهان راڳي سرمد سنڌي پڻ اهڙين ئي ڪچهرين ۽ شادين جي پيداوار هو.
    ائين جو اوچتو هنن قومي دوستن کان ڇڄي ڌار ٿيس تـ شروع وارا ٻـ چار سال اسلام آباد ۾ ڪافي پنهنجي پاڻ کي اٻاڻڪو محسوس ڪيم، تان جو سِگا جو هڪڙو سهارو ملي ويو. چوندا آهن تـ ٻڏندڙ کي ڪک جو سهارو، سو سِگا سان اڳ ڪڏهن بـ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو نـ مليو هو. سماجي تنظيم جي حيثيت سان نالو تـ تمام گهڻو ٻڌل هو، تنهنڪري الهـ توهار ڪري سِگا اسلام آباد شاخ جا ميمبر ٿي وياسين. آئون جڏهن ميمبر ٿيو هوس تـ مون دل ئي دل ۾ پڪو پهـ ڪيو تـ هاڻي سِگا کي ڪهڙي بـ حالت ۾ ڇڏڻو نـ آهي. مجموعي طور ڏٺو وڃي تـ سِگا جو سنڌ ۾ هڪ شاندار رول رهيو آهي. ڪجهـ سال اڳ آئون جڏهن ڪوئيٽا ويو هوس تـ بلوچستان سان تعلق رکندڙ دوستن کي سِگا جي تعريف ڪندي ٻڌو هوم. اُتي مون محسوس ڪيو هو تـ منهنجو جنهن تنظيم سان تعلق آهي اها سنڌ کان ٻاهر پڻ سٺن لفظن ۾ ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. سِگا اسلام آباد جو پڻ شاندار ماضي رهيو آهي.
    اها انهي زماني جي ڳالهـ آهي جڏهن محمد هاشم لغاري سِگا اسلام آباد جو صدر ۽ غلام علي شيخ صاحب ان جا جنرل سيڪريٽري هوندا هئا ۽ اسين لغاري صاحب جي گهر هر آچر تي ويهي مفت جي چانهـ جي ڪوپ تي ڪچهري بـ پيا ڪندا هئاسين ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل سِگا اسلام آباد بـ پئي اسان جي گفتگو جو موضوع بڻجندي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ سِگا اسلام آباد طرفان شاهـ عبدالطيف ڀٽائي جو ڏينهن ملهايو ويو هو. جنهن ۾ سِگا اهو پروگرام ڏنو هو تـ اسلام آباد جي سنڌي ڪميونيٽي جي لاءِ هڪ اهڙو سينٽر هئڻ گهرجي جنهن ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿي پنهنجا ڏک سور ونڊي سگهجن. زور انهي ڳالهـ تي هوندو هو تـ سِگا اسلام آباد کي پنهنجو ڪو ٺڪاڻو هئڻ گهرجي، پر اسلام آباد جهڙي مهانگي شهر ۾ اهو ڪيئن ٿي ممڪن ٿي سگهيو. اسان سڀ پئسن ڏوڪڙن ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ ڪمزور هوندا هئاسين. تنهنڪري انهي وقت اهو معاملو اسان جي سمجهـ کان ٻاهر هو. ان وقت سنڌ ۾ حڪومت ڄام صادق علي صاحب جي هئي، جيڪو سخت ۽ سخي وزير اعلي سمجهو ويندو هو. جنهن جا قصا ڪهاڻيون هرڪو پيو پنهنجي تجربي آهر ٻڌائيندو هو. هڪ ڏينهن سائين لغاري صاحب کي خبر پئي تـ ڄام صاحب سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ آيل آهي. دستور جي مطابق آچر تي اچي سائين لغاري جي گهر گڏ ٿياسين. تنهن تي سائين محمد هاشم لغاري صاحب چيو تـ “ ڄام صادق علي صاحب اڄ سنڌ هائوس ۾ آهي هلو تـ سِگا اسلام آباد جي لاءِ ڪجهـ عرض ڪيونس. ” بس ائين ئي سائين جي FX سوزڪي گاڏي ۾ ان وقت جو سِگا اسلام آباد جو صدر محمد هاشم لغاري صاحب ۽ جنرل سيڪريٽري غلام علي شيخ صاحب سنڌ هائوس روانـا ٿي ويا. اسان ڪچهري ختم ڪري واپس گهرن ڏانهن موٽي آياسين. شام جو اسان کي ٻڌايو ويو تـ ڄام صادق علي صاحب سِگا اسلام آباد جي لاءِ هڪ ڪروڙ روپيـ منظور ڪيا آهن. پوءِ اها درخواست بـ ڏٺي جنهن تي ڄام صاحب هي لفظ لکيا هئا. One Cror sanctioned subject to availablty of plot انهي لفظن کان پوءِ سڄو ڪم شروع ٿيو هو. اهو سڄو ڪريڊٽ ان وقت جي باڊي کي وڃي ٿو جنهن انهي ڪم جي شروعات ڪئي. هاڻي ڪاغذ تـ اسان جي هٿ ۾ اچي ويو پلاٽ ڪٿان اچي. مون کي عين انوقت جون اهي تقريرون ياد آيون جيڪي اسين جيئي سنڌ محاذ جي پليٽفارم تان سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي ڪندا هئاسين ۽ ماڻهن کي ٻڌائيندا هئاسين تـ “ سنڌ توهان جي پيرن هيٺان نڪرندي پئي وڃي تنهنڪري زمين بنا توهان ڪجهـ بـ ڪري نـ سگهندا. ” هينئر اسلام آباد ۾ اسان سان اها ساڳي حالت هئي. اسان وٽ ڄام صاحب جو ڏنل هڪ ڪروڙ تـ هو پر پلاٽ ڪو نـ هو جنهن تي ڪا شئي جوڙائي سگهجي. هي اهو زمانو هو جنهن وقت هائوسنگ ۽ ورڪس جو فيڊرل منسٽر مسٽر هزار خان بجاراڻي صاحب هوندو هو. ظاهر آهي تـ مُلي جي ڊوڙ مسيت تائين، اسان جي ڊوڙ سنڌي وزيرن ۽ ڪامورن تائين. سِگا اسلام آباد طرفان انهي کي عرض ڪيو ويو تـ ڄام صاحب هڪ ڪروڙ روپيـا ڏنا آهن، پلاٽ لاءِ Capital Development Authority وٽ اسان جي مدد ڪريو. اهو پلاٽ بجاراڻي صاحب وڏي ڪوشش ڪري CDA کان منظور ڪرائي ڏنو، اتي وري ٻيو تڪرار شروع ٿي ويو، CDA اسان جو پلاٽ مارڪيٽ ريٽ تي منظور ڪري 22 لک روپين جو ليٽر ڏياري موڪليو. حقيقت هي هئي تـ اسان سڀني وٽ ان وقت 22 روپيـا بـ ڪو نـ هئا، 22 لک روپيـا تـ وڏي رقم هئي. اهڙو اطلاع سِگا مرڪز ڪراچي کي پڻ ڪيو ويو. جن وعدو ڪيو تـ اسان توهان کي پئسا ڏيون ٿا. انهي وچ ۾ اسان کي خبر پئي تـ اسان جي پاسي ۾ CDA ايڌي فائونڊيشن کي گهٽ ريٽ تي پلاٽ ڏنو آهي، ڇو جو ايڌي سوشل ويلفئر ادارو آهي. تنهنڪري ان جو ريٽ گهٽ ڪيو ويو هو. اسان اهو موقف وٺي CDA ۾ درخواست داخل ڪئي تـ اسان جو بـ ويلفيئر ادارو آهي اسان جو بـ ريٽ گهٽ ڪريو. جڏهن تـ سِگا مرڪز انهي تي بضد هو تـ توهان پلاٽ وڃائيندوءُ پئسا اسان توهان کي ڏيون ٿا. جڏهن تـ لغاري صاحب جو موقف هو تـ اسان پئسا نـ ڏيندا سين. انهي تي ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ محمد هاشم لغاري جي وچ ۾ ٽيليفون تي سردي گرمي ٿي پئي. نيٺ لغاري صاحب ٻروچ ماڻهو پنهنجي ضد تي قائم رهيو. ائين معاملو ڪجهـ وقت تڪراري رهيو، تان جو CDA اسان جو موقف تسليم ڪندي پلاٽ جو ريٽ 22 لکن مان گهٽائي 9 لک روپيـا ڪري ڇڏيو. اها سِگا جي پليٽ فارم تي ان وقت جي باڊي جي ٻي ڪاميابي هئي.
    جيئن ئي CDA طرفان اسان کي پلاٽ جي قبضي جو ليٽر مليو تـ اسان سنڌ سرڪار ڏانهن پئسن جي لاءِ رجوع ڪيو. اسان کي ڪنهن ٻڌايو تـ سنڌ گورنمينٽ مان اوهان کي پئسا ائين سولا نـ ملندا، پر سِگا جو مخلص ۽ محنتي ورڪر جيڪو ان وقت سِگا سينٽرل باڊي جو ميمبر پڻ هو. ساڳئي وقت هو سنڌ گورنمينٽ ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڊولپمينٽ پڻ هو. سائين فضل الله قريشي صاحب وڏي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ پئسن جي پهرين قست يعني 60 لک روپيـ جاري ڪرائي ڏنا. هينئر جيڪو توهان مانڊاڻ متل ڏسو ٿا انهي جي شروعات ائين ٿي.
    انهي ۾ ڪو بـ شڪ ڪونهي تـ ملڪي حالتن جو اثر اوس هر شئي تي پوڻو آهي. ايتريقدر جو انسان جي نجي زندگي پڻ انهن اثرن کان خارجي توڙي داخلي طرح متاثر ٿئي ٿي. وري جڏهن ساڳئي اداري ۾ اهي ماڻهو ڪم ڪندڙ هجن جيڪي سرڪار ۾ بـ ڪنهن نـ ڪنهن طرح واڳيل هجن تـ ان جو اثر نجي ادارن تي ضرور پوندو آهي، ماضي جو هي شاندار ادارو هينئر مصلحتن جو شڪار ٿي ويو آهي. موجوده وقت ۾ جيڪي 20 سالن کان سِگا اسلام آباد برانچ جا واڳ ڌڻي رهندا پيا اچن، جن جو خيال آهي تـ انهن کان سواءِ سِگا اسلام آباد نـ هلي سگهندي ۽ انهن جو ڪڏهن بـ ڪنهن مخلص ۽ ڪم واري ميمبر تي اعتبار نـ رهيو آهي. جڏهن سمجهندا آهن تـ اهي انهن جي لابي جا نـ آهن تڏهن ڀڳڙو ڀڄي ٻـ ڦارون ٿي پوندو آهي. حيلي بهاني انهن جي ڪوشش هوندي آهي تـ مخلص ۽ ڪم وارا ماڻهو سِگا اسلام آباد کان دور رهن. مون ڪٿي پڙهيو هو تـ “جيڪڏهن توهان کان ڪو نفرت ڪري ٿو تـ ان ۾ ڏوهـ اوهان جو آهي” مطلب تـ هو سِگا کان نفرت ڇو ٿو ڪري. سِگا اسلام آباد ۾ سٺا سٺا ڪم ڪرڻ وارا دوست هئا، جيڪي هن وقت سِگا اسلام آباد کان ٿورو پرڀرو ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهي جو مُکي سبب اهو آهي تـ سِگا اسلام آباد ۾ پڻ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي ڪنهن نـ ڪنهن طرح گورنمينٽ جو حصو رهيا آهن يا رهندا آيا آهن. سرڪار ۾ مٿين عهدن تي هڪ ٻئي جو ٽنگون ڇڪڻ عام ڳالهـ آهي. ان کان پوءِ پنهنجي لابي ٺاهڻ انهي ۾ صرف ڪمزور ماڻهو رکڻا آهن، جيئن ڪو سامهون ڳالهائي نـ سگهي. جي حضورين جي جتي ڪٿي چاندي هوندي آهي. اهي اختلاف راءِ تـ ڇڏيو پر مختلف راءِ بـ پسند نـ ٿا ڪن. انهي ۾ ڇا ٿيندو آهي تـ جيڪي ڪم وارا ماڻهو هوندا آهن اهي خود بخود ڪنڊ پاسو وٺي ويهي رهندا آهن، جڏهن تـ ٺِڪر بـ انهن ماڻهن جي مٿي تي ڀڄندو آهي. اسان جي سِگا اسلام آباد جو پڻ ساڳيو حال آهي. گذريل 20 سالن جو رڪارڊ جو منصفانـ جائزو وٺبو تـ 95 سيڪڙو ساڳيا ماڻهو ڪڏهن باڊي ۾ تـ ڪڏهن ٻين عهدن تي، جيڪڏهن ڪنهن اڻوڻندڙ ماڻهو ڪنهن عهدي لاءِ فارم ڀريو تـ اليڪشن کي ابتا سبتا ونجهـ وجهي ڌڪي سڪي ووٽرن تائين کڻي وڃبو. ٻئي حالت ۾ هٿ مٿي، تون هي تون جي تنوار لڳي پئي هوندي آهي، جيڪا اتي جي وڏيرا ٽائپ سماجي ورڪرن کي ڏاڍي پسند آهي. افسوس تـ ماضي جي ساک وارن پروفيشنل بيورو ڪريٽن تي ٿئي ٿو، جيڪي سڄو حال ڏسي مصلحتن جي ماٺ ۾ پنهنجي پاڻ کي گم ڪريو ڇڏين. ائين سِگا اسلام آباد فيس بڪ تي صرف پراڻين تصويرن ۽ ڪهاڻين سان زندهـ آهي.
    اچو تـ سِگا جي خول (out of box) مان ٻاهر نڪري ڏسون تـ سنڌ جا اديب ۽ محقق سِگا بابت ڪهڙو رايو رکن ٿا. محترم سائين عبدالواحد آريسر پنهنجي ڪتاب “ويراڳي جي وڃڻا ها” ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي زندگي بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي لکي ٿو تـ “ جيترو عرصو مسڪين ايل ايم سي ۾ زندهـ رهيو، سنڌ جي ڪنهن بـ سماجي اداري مسڪين جي ڪا بـ خبر چار نـ لڌي . انهن ادارن ۾ سِگا بـ شامل آهي. پر جيئن تـ مسڪين گريجوئيٽ نـ هو ۽ سِگا صرف گريجوئيٽن ۽ انهن جي بيگمن کي اسلام آباد ۽ لنڊي ڪوتل گهمائڻ جو سماجي ڪم ڪندي آهي. ” ساڳئي مضون ۾ آريسر صاحب لکي ٿو تـ “ هڪ شام آئون ڊرپ هڻايو ستو پيو هوس. سِگا جو اڳواڻ محترم خان محمد پنهور آيو بيٺي بيٺي پڇيائين تـ “ڇا حال اٿئي. ” “ٺيڪ آهيان ”. “ڪيئن آيا آهيو”؟. مون پڇيو. چيائين “هتي طارق جي سسٽر ايڊمٽ آهي، ان کي ڏسڻ آيو آهيان. ” مون ڀر واري ڪمري ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو تـ “ڀر واري ڪمري ۾ مسڪين جهان خان آهي، کيس اوهان جي پر گهور جي سخت ضرورت آهي. ” جواب مليو تـ “ اُن جو علاج گورنمينٽ جي خرچ تي ٿي رهيو آهي” انهي جواب تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ چيم “ ها ! مسڪين هتي موت ۽ زندگي جي ٻـ واٽي تي ٽِڪيو پيو آهي ۽ سِگا بيگم سعيد الدين قاضيءَ کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪري رهي آهي”.
    سائين عبدالواحد آريسر صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ پير حسام الدين راشدي تي لکندي چوي ٿو تـ “هڪ ڀيري کانئس انٽرويو وٺندي پڇيو ويو تـ “ جيڪڏهن توهان ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ پڙهو ها تـ ؟ جواب ڏنائين تـ سِگا جو ميمبر ٿيان ها. اهو جواب سِگا تي طنز ۽ ٽوڪ سان ڀريل هو. اُن ڪري جو پير صاحب جا خيال سِگا جي باري ۾ ڪڏهن بـ چـڱائي يا تعريف وارا نـ رهيا. سِگا جيئن تـ گهڻو ڪري سنڌي ڪامورن جي جماعت هئي (آهي) ۽ پير صاحب جو خيال هو تـ سنڌي سماج کي پٺتي پيل رکڻ ۽ سنڌ کي تباهـ ڪرڻ وارا عنصر وڏيري، پير ۽ سنڌي ڪاموري تي مشتمل آهن. جنهن ۾ سنڌي ڪاموري، سنڌي عوام کي ڏيڍ سئو سال تائين ڌارين جو دلال بڻجي چٿيو، چيڀاٽيو، ماريو ۽ ڦريو آهي، سو اڄ وقتي ڦيٿي ڦرڻ سان گڏ سانڊي وانگر رنگ مٽائي، قوم جي خادم جي روپ ۾ ڦُرڻ، لٽڻ ۾ مصروف آهي. سنڌي ڪاموري جنهن ماحول ۾، جنهن پسمنظر ۾ تربيت ورتي آهي. سو ماحول ۽ پس منظر ئي قوم دشمني ۽ عوام بيزاري وارو هو. ان ۾ ڪنهن بـ اهڙي تبديليءَ جي گنجائش ئي نـ آهي، جيڪا تبديليءَ قومي مفاد وٽان هجي. ”
    اهي هئا ٻن وڏن مفڪرن جا سِگا بابت رايا جيڪي مون هتي هو بهو نقل ڪيا آهن. اهو سڀ ڪجهـ مون کي هتي نـ لکڻ کپندو هو، ڇو جو 30سالن کان آئون سِگا اسلام آباد شاخ جو نـ رڳو سرگرم ميمبر رهيو آهيان پر ٻن سالن لاءِ عهديدار بـ رهيو آهيان، انهي سان گڏ سنڌي ڪامورن واري لسٽ ۾ پڻ مون کي شامل ڪري سگجي ٿو. پر ڇا سج کي رلين ۾ لڪائي سگهجي ٿو. ؟ جيڪڏهن ڏينهن جو 12 وڳي ڪو کليل ميدان ۾ ٽارچ کڻي ڪا شئي ڳوليندو تـ انهي کي اکين جو علاج ڪرائڻ گهرجي. راند کٽڻ ۽ هارائڻ جي جيتري خبر رانديگر کي هوندي اوتري ڏسندڙن کي نـ هوندي آهي. هينئر بـ سِگا اسلام آباد جي هي حالت آهي جو نئين ميمبر شپ ڇنڊي ڇاڻي، پڪ ڪري تـ آيا “اهو اُٺ ڪهڙي پاسي ليٽندو”، پوءِ ڪئي ويندي آهي.


    فضل الله قُريشي

    فضل الله قُريشي

    سائين فضل الله قُريشي سان منهنجي پهرين ملاقات غالبن سِگا جي ڪنهن ميٽينگ ۾ ٿي هوندي، جيڪا مون کي ياد ڪونهي. مون جڏهن بدين کان واپس اچي پلاننگ ڊويزن جوائن ڪئي هئي تـ پاڻ ان وقت انهي ڊويزن جا سيڪريٽري هئا. ظاهر آهي تـ قريشي صاحب ان وقت 22 گريڊ ۾ هئا ۽ آئون ان وقت 18 گريڊ ۾ هوندو هوس. تنهنڪري منهنجو ساڻس ڊائريڪٽ ملڻ آفيشل ڊيڪورم جي خلاف هو. پاڻ هميشـ پروفيشنل سيڪريٽري طور شين کي ڏسندا هئا. جيئن تـ آئون ان وقت سوشل ايڪشين پروگرام ۾ ڪم ڪندو هوس. فائيلون قريشي صاحب وٽ اينديون وينديون هيون. مون ڪڏهن بـ کيس هيٺين آفيسرن تي دٻاءُ وجهندي نـ ڏٺو. هڪ دفعي ڇا ٿيو جو پلاننگ ڊويزن وٽ پيٽرول جا پئسـا ختم ٿي ويا،گاڏيون بيهي رهيون، سيڪريٽري پلاننگ ميٽينگ گهرائي، جنهن ۾ فيصلو ٿيو تـ 125000 روپيـا SAP کان وٺو. SAP وٽ پروجيڪٽ ۾ کوڙ سارا پئسـا پيا هئا. ٻئي ڏينهن پلاننگ ڊويزن جو همراهـ منٽس آف دي ميٽينگ کڻي پئسن جي چيڪ لاءِ SAP آفيس ۾ پهچي ويو ۽ اچي چيائين تـ سيڪريٽري فيصلو ڪيو آهي SAP کان گاڏين کي هلائڻ جي لاءِ پئسـا ورتا وڃن. جڏهن تـ مالياتي قاعدا قانون اهو ٿا ٻڌائين تـ ڊولپمينٽ بجيٽ جا پئسـا نان ڊولپمينٽ بجيٽ ۾ ٽرانسفر ڪرڻ کان پهريائين فنانس ڊويزن کان منظوري ورتي وڃي. ان وقت SAP جو چيف هوندو هو مسعود حسين قزلباش، جنهن جو هر ٿوري ٿوري ڳالهـ تي بلڊ پريشر چڙهي ويندو هو. پوءِ اردو ڇڏي انگريزي ۾ شروع ٿي ويندو هو پر ڪڏهن بـ بي اصولي ڳالهـ نـ ڪيائين. حقيقت ۾ گورنمينٽ ۾ ايماندار ڪيئن ٿجي، اهي گُر اسان انهي کان سکياسين. جيئن ئي فائيل اهڙن رمارڪسن سان قزلباش صاحب وٽان ٿيندي سيڪريٽري ڏانهن وئي تـ مون کي تعجب تڏهن ٿيو جڏهن فائيل جيئن جو تيئن واپس موٽي آئي. مطلب تـ قريشي صاحب ڪنهن بـ پنهنجي هيٺين آفيسر تي دٻاءُ نـ وجهندو هو.
    سنڌ جي حقن لاءِ قريشي صاحب هر فورم تي جهيڙيندو ئي رهيو. ڪالا باغ ڊيم هجي يا سپر هاءِ وي جو فيڊرل گورنمينٽ جي حوالي ٿيڻ . NFC ايوارڊ هجي يا آدم شماري جو معاملو، قريشي صاحب توهان کي سنڌ لاءِ جاکوڙيندي ئي نطر ايندو. سنڌ جي مسئلن تي فضل الله قريشي صاحب کي قدرت واري وڏو عبور ڏنو آهي. جڏهن بـ ڪنهن سنڌ جي مسئلي تي ڳالهائيندا آهن تـ باقائدي انگن اکرن جي مدد سان پنهنجي ڳالهـ دليلن سان ڪندا آهن. جيئن تـ منهنجا هو سينئر رهيا آهن، تنهنڪري مان ڪوشش ڪندو آهيان تـ اهو ادب ۽ احترام واري حد برقرار رهي. منهنجي 19 گريڊ مان 20 گريڊ جي ترقي جي لاءِ قريشي صاحب ئي سڀ ڪجهـ ڪيو. پروموشن بورڊ ۾ جڏهن منهنجو ڪيس ويو تـ ان وقت بورڊ جو چئرمين راڻا ڀڳوان داس جن هئا. بورڊ جو طريقڪار اهو هوندو آهي تـ جنهن جي پروموشن ڪرڻي هوندي آهي ان جو پورو تفصيل فوٽو سميت ملٽي ميڊيا تي اچي ويندو آهي. پوءِ انهن ميمبرن مان ڪو هڪ چوي تـ “آئون انهي آفيسر کي سڃاڻان ٿو” يا ڪو ميمبر ان جي مخالفت ڪري وجهي يا ڪنهن ACR ۾ غلط رمارڪس هجن، اهڙي حالت ۾ چيئرمين کي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي. مون جائزو ورتو تـ ان وقت جيڪي ميمبر هئا انهن مان مون کي ڪو بـ نـ سڃاڻندو هو. اهڙي حالت ۾ پروموشن ۾ مسئلو ٿي پئي سگهيو . قريشي صاحب اڳئي راڻا صاحب کي مون بابت بريف ڪري ڇڏيو هو. جيئن منهنجو وارو آيو تـ منهنجي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن منهنجي حق ۾ ڳالهايو تـ سامهون راڻا صاحب بغير ڪنهن وڌيڪ بحث مباحثي جي OK جو اشارو ڏنو، ائين منهنجو ٻن منٽن ۾ پروموشن ٿي ويو. انهي سڄي صورتحال جو قريشي صاحب گهر ويهي جائزو وٺندو رهيو هو. يڪدم فضل الله قريشي صاحب جو مون کي فون اچي ويو، چيائين تـ “توهان جو ڪيس هلي ويو آهي ان جو ڇا ٿيو؟” مون کي خبر نـ هجي تـ ڇا ٿيو، ڏهن منٽن کان پوءِ ڪنهن سيڪشين آفيسر مون کي اندران ميٽينگ مان SMS ڪري ٻڌايو تـ توهان جو پروموشن ٿي ويو آهي. اها خبر مون جڏهن کين فون ڪري ٻڌائي تـ خوش بـ ٿيو ۽ مطمئن بـ ٿيو. قريشي صاحب هر وقت اها معلومات رکندو رهي ٿو تـ فيڊرل سيڪريٽرين ۾ ڪيترا سنڌي آهن ۽ ڪيترا سنڌي پروموشن لائن ۾ آهن. مون ڪٿي لکيو هو تـ فضل الله قريشي جڏهن مختلف عهدن تي گورنمينٽ ۾ هوندو هو تـ فائيلن ۾ سنڌ کي ئي ڳوليندو رهندو هو.


    زندگي جو ڪچو ڦڪو حال احوال

    زندگي جو ڪچو ڦڪو حال احوال

    سو ائين وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، هڪڙيون حڪومتون اينديون رهيون تـ ٻيون وينديو رهيون. حڪومتن جي ڦيرين گهيرين جي ڪري بيوروڪريسي ۾ بـ ردوبدل ٿيندي رهي. انهي وچ ۾ منهنجو نالو ٽن مهينن جي لاءِ IMF جي ڪنهن ٽريننگ ڪورس لاءِ جيڪو واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ٿيڻو هو، منظوري لاءِ ويو، پر بدقسمتي سان اهو منظور نـ ٿي سگهيو. ڇو جو آئون پڙهائي جي معاملي ۾ نالائق رهيو آهيان، ڪافي هنڌن تي لکي آيو آهيان تـ. منهنجا مئٽرڪ توڙي انٽر ميڊيئٽ ٻئي ٿرڊ ڪلاس ۾ رهيا آهن. ان زماني ۾ اهو خيال هوندو هو تـ امتحان مڙئي پاس ڪرڻو آهي، انهي جي نفعي ۽ نقصان جي خبر وڃي تڏهن پئي جڏهن وقت گذري ويو. اهو سچ آهي تـ ” ڏڌل کير ٿڻين نـ پوندو آهي“. ماضي نـ تبديل ڪري سگهجي ٿو نـ وري واپس موٽائي سگهجي ٿو. جڏهن تـ ماضي جو دارو مدار حال تي هوندو آهي، حال کي سنواري سڌاري ٺاهبو تـ اهو ئي ماضي ٿيندو. جيئن ئي مٺياڻي مان ٽريننگ ڪري واپس وريس تـ سٺن دوستن جي هڪڙي سٺي ڪمپني ملي وئي. جيتوڻيڪ آئون انهن سڀني ۾ ننڍو هوندو هوس۽ پڙهيل لکيل قوم پرستن جي دوستي منهنجي زندگي ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. آئون پرائمري ماستر مان ڊائريڪٽر جنرل ٿي ويس، اها ٻي ڳالهـ تـ مون پاڻ کي ڪتابن سان جوڙي رکيو. سچائي ۽ ايمانداري جو سبق تـ راشد مورائي ياد ڪرايو هو، هڪ دفعو دوستي رکي وري ان کي نـ ٽوڙڻ جو وعدو تـ شيرل لغاري ورتو هو، اونداهي ۾ هٿوراڙيون هڻي، ماڻڪ موتي ڳولڻ جو فن مشڪور ڦلڪاري کان سکيس. اها ٻي ڳالهـ آهي تـ مٿي ذڪر ٿيل سڀني دوستن کان آئون اڳڀرو نڪري ويس، پر ڪنهن نـ ڪنهن طرح انهن دوستن جو مون کي ٺاهڻ ۾ ڪردار ضرور رهيو آهي.
    سو ڳالهـ پي هلي بيوروڪريسي ۾ تبديلي جي، اسان جو بـ هڪڙو ايڪنامڪ ايڊوائزر هليو ويو تـ ٻيو آيو. جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان تـ فنانس ڊويزن جو قيمتن وارو سيڪشن ڏاڍو حساس قسم جو سيڪشن رهندو آيو آهي، سو هن نئين باس باقاعدي مون کي نپوڙڻ شروع ڪيو، نـ هو منهنجي ڳالهـ سمجهي نـ آئون هن جي ڳالهـ سمجهي سگهان. هاڻ منهنجون راتيون ۽ ڏينهن آفيس ۾ گذرڻ لڳا، آچر يا ڪنهن ٻئي عام موڪل جو تصور ئي ختم ٿي ويو. آئون سڙي سُڪي ڪنڊا ٿي ويس. ان زماني ۾ اسان هتي اسلام آباد ۾ ڇڙا ڇانڊا رهندا هئاسين، سو هر ٻئي ٽئين مهيني ڳوٺ بـ وڃڻو پوندو هو. مون فنانس ڊويزن کي لکي موڪليو تـ مون کي هتان بدلي ڪريو، پر منهنجو باس مون کي ٻئي پاسي ڇڏڻ لاءِ تيار ڪو نـ هو. وڏين منٿن ميڙن ڪرڻ کان پوءِ ڇهن مهينن کان پوءِ هڪ هفتو، ڳوٺ وڃڻ لاءِ موڪل ملي. ڌام ڌوم سان ڳوٺ وڃڻ جي تياري ٿي. ريلوي اسٽيشن تي ڪاغذ اچي مليو تـ موڪل ڪينسل آهي، واپس اچ. اهڙي حالت ۾ پنهنجي پاڻ کي ريل جي اڳيان اڇلائي خودڪشي ڪجي يا ڪجهـ ٻيو ڪجي. اهو بـ دوستن کي ٻڌائيندو هلان تـ سرڪار ۾ لفظ ”نـ“ ٿيندو ڪونهي. اوهان جو باس اوهان جي واتان لفظ ” نـ“ ٻڌڻ لاءِ تيار نـ هوندو. تنهنڪري ٽڪيٽ جا پئسـا ضايع ڪري واپس نوڪري تي اچڻو پئجي ويو. ڪم تـ ڪو ايڏو وڏو ڪو نـ هو ۽ نـ وري منهنجي لاءِ ڪو ڏکيو، پر ناسمجهي ماري وڌو. اهڙي ٽينشن جي ماحول ۾ منهنجي صحت بـ آهستي آهستي ڪرڻ لڳي. اها 1994 جي ڳالهـ آهي. پي پي پي جي حڪومت اچي چڪي هئي. اسان جو رئيس عبدالستار خان سريوال MNA ٿي چڪو هو، سو هڪ ڏينهن وٽس لنگهي ويس ۽ وڃي عرض ڪيو مانس تـ “هتان منهنجي جان ڇڏائي”. هن مون کي چيو تـ “اسان جي حڪومت هر ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ سوشل ايڪشن بورڊ ٺاهيا آهن، آئون بدين ضلعي جو چيئرمين آهيان مون کي ان لاءِ آفيسر کپي تون بدين هل”. “انڌو گهري هڪ اک مون کي ٻئي اکيون ملي ويون”. هڪ فنانس ڊويزن مان جان ڇٽڻ جي خوشي ٻيو پنهنجي ئي ضلعي ۾ آفيسر ٿيڻ جي خوشي. مون اهو ڏٺو آهي تـ جيڪڏهن گهر ۾ روز جو رسامو ۽ پرچاڻو آهي تـ رڳو گهر دوزخ پر جيڪڏهن آفيس ۾ باس جي چال چلت ٺيڪ نـ آهي تـ سڄي زندگي برباد. هتي فيڊرل گورنمينٽ ۾ پروموشن وقت اينيوئل ڪانفيڊينشل رپورٽ (ACR) کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي، ڪنهن بـ هڪ رپورٽ ۾ ٿورا رڳو گهٽ وڌ ريمارڪس اچي ويا تـ پروموشن نـ ٿيندي. ٻئي حالت ۾ زندگي بردباد ٿي وئي. تنهنڪري باس سان هر حالت ۾ ٺاهي رکڻو پوندو آهي ۽ وري جيڪڏهن آفيسر ٽيڙي قسم جو ملي وڃي تـ “گهر ئي طاهري”سو نوڪري مهل هر ڳالهـ جو خيال رکڻو پوي ٿو.
    رئيس عبدالستار خان سريوال جي چوڻ تي منهنجا پروجيڪٽ ڊائريڪٽر بدين جي لاءِ آرڊر ٿي ويا. پر هي منهنجو باس مون کي پبلڪ انٽريسٽ ۾ ڇڏڻ لاءِ تيار ڪو نـ هو. ائين پيا محسوس ڪرائين تـ فنانس ڊويزن هلي ئي منهنجي ڪري ٿي. هنن مون کي تنگ ڪرڻ جي لاءِ ڏهن کان پندرنهن ڏينهن تائين روڪي ڇڏيو، جيستائين وزير اعظم سيڪريٽريٽ مان هنن کي فون نـ آئي. ائين فنانس ڊويزن مان منهنجي جان ڇٽي. انهي وچ ۾ اسان جي اسلام آباد ۾ گهرو زندگي ڪيئن گذري اها بـ ٻڌندا هلو.


    علي مراد چاچڙ

    علي مراد چاچڙ

    سنڌ ۾ انيڪ اهڙا ڪردار پيا آهن جن جو جيڪڏهن مختصر ذڪر ڪجي تـ ڪئين ڪتاب لکي سگهجن ٿا. جن سنڌ ۽ سنڌين جي هڙان وڙان ڏيئي خدمت ڪئي آهي. پر بدقسمتي سان انهن املهـ ماڻڪ ڪردارن جي جڳ پذيرائي ٿي نـ سگهي آهي. آئون هتي صرف پنهنجن دوستن جو ذڪر ڪندس ڇو جو مون تي اهو اخلاقي فرض ٿئي ٿو تـ آئون پنهنجن دوستن جي خوبين ۽ انهن جي خدمتن جو ذڪر ڪريان تـ منهنجن دوستن جون سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪهڙيون قربانيو رهيون آهن. مون انهن دوستن کي ڪيئن ڏٺو آهي. انسان اشرف المخلوقات آهي ان کان هر وقت هر جڳهـ ڪيئي غلطيون سرزد ٿين ٿيون. اهڙن دوستن ۾ منهنجو هڪ دوست علي مراد چاچڙ صاحب آهي. جنهن مون کان اڳ ئي اسلام آباد ۾ پلاننگ ڪميشن ۾ 18 گريڊ ۾ ڪم ڪيو پئي. منهنجي هن سان ڏيٺ ويٺ محمد ابراهيم نظاماڻي جي پٺيان ٿي، جيڪا اڳتي هلي دوستي ۾ بدلجي وئي. سنڌي آفيسرن ۾ علي مراد چاچڙ صاحب برجستو آفيسر هو. هو صاحب ڪجهـ وقت لاءِ Islamabad Capital Territory (ICT) ۾ ڊيپوٽيشن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. ائين کڻي سمجهو تـ DC آفيس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هئا. اهو ضياءُ الحق جو زمانو هو. مارشل لا حڪومت وڏن وڏن واپارين ۽ سيٺين کي ورسائڻ پي چاهيو تـ جيئن پيپلز پارٽي جي پاپولرٽي جو گراف گهٽ ڪري سگهجي. تقريبن ڊي نيشنلائزيشن شروع ٿي چڪي هئي. ڀٽي صاحب جيڪي ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ ورتا هئا، اهي واپس مالڪن کي ملڻ شروع ٿي ويا هئا. فيڊرل گورنمينٽ جو خيال هو تـ اسلام آباد ۾ هڪ انڊسٽريل اسٽيٽ قائم ڪجي، جيئن اسلام آباد جي صنعت ڪارن کي وڏا وڏا پلاٽ بـ ڏنا وڃن تـ انهن جون همدرديون وقت جي گورنمينٽ ڏانهن ٿين. انهي مقصد لاءِ I-9 وارو علائقو تجويز ڪيو ويو. جيڪو تقريبن شهر جي وچ ۾ هو. جڏهن ڊي سي اسلام آباد جي آفيس ۾ اهڙو پروپوزل انهن جي راين ۽ تجويزن لاءِ آيو تـ چاچڙ صاحب انهي جي مخالفت ۾ لکيو. ڇو تـ چاچڙ صاحب جو موقف درست هو تـ انهن ئي ڪارخانن جي ڪري هن وقت I-8 ۽ I-9 جا رهواسي مختلف بيمارين ۾ وٺجي چڪا آهن. اها ڳالهـ مٿي حُڪمرانن تائين وڃي پهتي تـ هڪ سنڌي آفيسر آهي جو ان رٿا جي مخالفت ٿو ڪري . مٿان آرڊر آيو تـ انهي آفيسر کي هٽايو وڃي. هاڻي چاچڙ صاحب کي ڪيڏانهن ڪن، اٽي جي ٻوري تـ هو ڪو نـ، جو کڻي پري اڇلينس ها. چاچڙ صاحب کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ اسپيشل فارين ٽريننگ جو بندوبست ڪيو ويو. هن کي 6 مهينن لاءِ جاپان موڪلي، پويان پراجيڪٽ پاس ڪري ڇڏيائون. واپسيءَ تي ڊي سي آفيس وارن چاچڙ صاحب کي چيو تـ توهان پلاننگ ڊويزن وڃي رپورٽ ڪيو. ائين چاچڙ صاحب پنهنجي اصل ڊپارٽمينٽ اچي پهتو، پر اصولن تي سودي بازي نـ ڪيائين.
    مون کي ساڻس ڪجهـ وقت جي لاءِ سندس گهر ۾ گڏ رهڻ جو موقعو مليو. چاچڙ صاحب دلبر ماڻهو آهي. ڪڻڪ رنگو، قد بت ۾ پورو پنو، نـ اجايو ڊگهو نـ وري ڇوٽو، اکيون سنهيون ۽ ڪاريون، پيٽ جو دارو مدار کاڌي تي ڪڏهن لذيذ کاڌو مليو وڃي تـ ٻـ انچ اڳتي نـ تـ پوئتي، سگريٽ مٺ تي، سڄو ڏينهن پيو کلندو، ڪاوڙ ڪوهين ڏور، هر خرچ پکي ۾ آمريڪن سسٽم جو قائل. جيڪڏهن ٻيو ڪو دوست گڏ هوندو تـ خرچ ڪرڻ ۾ انجو هٿ نـ روڪبو. گهر ۾ ڪجهـ اصول جنهن تي پابندي سان عمل ڪبو.
    علي مراد چاچڙ صاحب جي گهر ۾ اسان ڏهـ کان ٻارنهن ماڻهو گڏ رهندا هئاسين. شرط اهو هوندو هو تـ گهر ۾ رهائبا سڀ سنڌي، ڌاريو ماڻهو مسواڙ تي ناهي رکڻو، پوءِ کڻي ڪيتري گهڻي مسواڙ ڇو نـ ملي. ان کان سواِءِ مهمان واڌو ۾ هوندا هئا. مسواڙين جون بـ ٽي ڪيٽيگريز هونديون هيون، هڪڙا اهڙا ڇوڪرا هوندا هئا جيڪي مختلف منسٽرين ۾ نوڪري ڪندا هئا، مسواڙ تي چاچڙ صاحب جي گهر ۾ رهندا هئا. هڪڙو ڇوڪرن جو گروپ اهڙو هوندو هو، جن کي چاچڙ صاحب ڳوٺان وٺي آيو ۽ هتي اسلام اباد ۾ کين نوڪريون وٺي ڏنيون هئائين، انهن تي مسواڙ معاف هوندي هئي. اهي چاچڙ صاحب جي خدمت چاڪري ڪندا هئا، باقي کاڌي پيتي جو خرچو هڪ جيترو ڏيندا هئا. آخر ۾ رهيس آئون، مون کان ڪرايو نـ وٺندو هو، پر گهر ۾ کاڌي پيتي جو خرچو ڏيڻو پوندو هو. جڏهن تـ اهو اصول جي عين مطابق بـ هو.
    علي مراد چاچڙ صاحب دلبر ماڻهو آهي ۽ اڃا تائين پنهنجي خاندان سان گڏ پنو عاقل ۾ رٽائر زندگي ڏاڍي خوشي سان گذاري رهيو آهي. هي ان وقت جي ڳالهـ آهي جڏهن اسين پرائي گهر ۾ سڀ ڇڙا رهندا هئاسين، پر مجال آهي ڪنهن پاڙي واري تي جو اسان تي اعتراض ڪري. اسان سان گڏ سکر جو هڪڙو نينگر رهندو هو، جنهن جو نالو هوندو هو شاهد ذات جو مهر هو. انهي کي منسٽري آف پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلا ۾ ميرٽ تي نوڪري ملي. چاچڙ صاحب جو رکرايل تـ ڪو نـ هو جو هن جون خدمتون ڪندو وتي، اڃا ڪو تازو ئي مئٽرڪ ڪري آيو هو. جيڪو ڇوڪرو هر روز ڪلين شيو ٿئي، جينز ۽ جوگر بـ پائي سو اسان کي ڪيئن لفٽ ڪرائي. هي ڇوڪرو چڱو خاصو اسان جي لاءِ مٿي جو سور ٿي پيو. هن ۾ ڪجهـ خوبيون بـ هونديون هيون، هڪ تـ چڱي خاصي مسواڙ ڏيندو هو، جيڪا چاچڙ صاحب وڃائڻ نـ ٿي چاهي ۽ ٻيو تـ هو سکر شهر جو هو. ڪمال درجي جو اخلاق هوندو هوس، پر شرارت هن جي رڳ رڳ ۾ شامل هوندي هئي. چاچڙ صاحب جڏهن ڪاوڙ ۾ اچي شاهد مهر کي گهر مان ڪڍڻ جو پڪو ارادو ڪندو هو تـ آئون شاهد جي وڪالت ڪندو هوس، وري جڏهن آئون هن تي ڪاوڙبو هوس ۽ چاچڙ صاحب کان مطالبو ڪندو هوس تـ هن کي گهر مان ڪڍ تـ چاچڙ صاحب کي مسواڙ جا پئسا ياد اچي ويندا هئا. ائين هو اسان جي عتاب کان بچندو رهيو. حقيقت ۾ چاچڙ صاحب جي اها وڏي خدمت هئي، هن ڏهن سنڌين کي مسواڙ تي ڪو نـ رهايو هو پر ڏهن سنڌي خاندانن کي روزگار سان لڳائي رکيو هو. انهي وقت اهي ڇوڪرا ننڍين نوڪرين ۾ هئا پر هينئر اهي سڀ سٺين نوڪرين ۾ آهن. اڪثر ڪري چاچڙ صاحب ڇوڪرن کي سبق پيو پڙهائيندو هو پر شاهد مهر جي شرارت جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڇوڪري جو سبق ڪچو ٿي پوندو هو. هڪ ڏينهن پاڙي مان ڪنهن هڪ همراهـ جي شڪايت اچي وئي. پاڙي وارن جو نياپو آيو تـ اڄ شام جو اسان توهان جي گهر اينداسين. واهـ واهـ انهي ڏينهن مون چاچڙ جا جلوا ڏٺا، صفا هو بهو اترادي وڏيرو ٿي پيو. بوسڪي جي قميص، هيٺ ٽوال جي اترادي گوڏ، مٿي تي سنڌي ٽوپي، گهر ۾ پراڻي بندوق پيل هئي، جنهن سان ڪڏهن اسان فائر ئي نـ ڪيو هو، انهي کي صاف ڪرڻ ۾ لڳي ويو. پاڙي وارا جيئن اسان جي گهر ۾ گهڙيا تـ هن جون اکيون ڳاڙهيون لال ٿي ويون ۽ هن جي هٿ ۾ بندوق ڏسي هنن جون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي. اسين هنن کي ويهارڻ ۾ پورا ۽ هو پوئتي هٽڻ ۾ پورا. ائين اسان مان جان ڇڏايائون جو وري اسان جي گهر جي پاسي مان ڪو نـ گذرندا هئا. مون کي حڪم ٿيو تـ اهو ڇوڪرو سڀاڻي گهر ۾ نـ هجي. ٻئي ڏينهن مون وڃي صاحب کي چيو تـ هي همراهـ هيتري مسواڙ ڏئي ٿو، تڏهن چيائين تـ “نـ نـ پوءِ نـ ڪڍينس” ائين چاچڙ صاحب جو فيصلو هڪ منٽ ۾ بدلجي ويو.
    گهر ۾ هڪڙو سخت اصول اهو هوندو هو تـ خرچ گهٽ ڪرڻو آهي، جنهن مهيني ۾ خرچ گهڻو ٿي ويندو هو تـ منهنجي شامت اچي ويندي هئي. مون کي جيڪو ليڪچر ٻڌڻو پوندو هو انهي جو لب لباب هي هوندو هو تـ هي ڇورا سڀ ڇڙي جا ڇڙا آهن، تنهنجي (نظام لغاري) هڪڙي شادي، منهنجون(چاچڙ) آهن ٻـ گهرواريون، خرچا ڪيئن پورا ٿيندا. آئون سڀ سور پي ڇوڪرن کي منٿ ميڙ ڪندو هوس تـ خرچ گهٽ ڪريو. منهنجي پئي بيعزتي ٿيندي هئي، ڇوڪرا ويٺا کلندا هئا. چاچڙ صاحب جيئن آفيس مان ايندو هو تـ گهر جو دروازو زور سان بند ڪندو هو، جيئن آڙي پاڙي وارن کي خبر پوي تـ چاچڙ صاحب گهر اچي ويو آهي. مٿان ٿي ڦهڪو ڪري اچي بيڊ تي ڪري پوندو هو. ڇوڪرا ڊوڙي اچي ڪي زور ڏيندا هئا تـ ڪي پاڻي پياريندا هئا، جيئن ماريل ڪڪڙ کي ڦوهارو ڏبو آهي تيئن پندرهن منٽن ۾ چاچڙ صاحب تيار ٿي ويندو هو. سگريٽ جي طلب ٿيندي تـ شير محمد عرف شيرو چاچڙ اڳئي اڌڙ سگريٽ جو تيار ڪريو بيٺو هوندو هو.
    منهنجي خيال ۾ تـ چاچڙ صاحب پوري نوڪري دوران سگريٽ ڪڏهن ڪڏهن عيد برات يا جمع چنڊاڻي ورتا هوندا، مڙئي پن پرڙي اڌڙ سڌڙ تي پيو ڪم هلندو هو. جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪنجوس پائي جي ترتيبوار ڪا تاريخ لکي وڃي تـ ميمڻن جو نمبر ڪافي هيٺ ايندو. ان زماني ۾ اسان جي گهر ۾ هفتـي ۾ ٻـ دفعا دال لاءِ ديڳڙي کڙڪندي هئي. باقي سڄو هفتو CDA جو پاڻي مفت ڀري ڀري پيا وجهندا هئاسين. شاهد مهر اسان تي هڪڙي چوڻي ٺاهي هئي “ تون بـ ڪنجوس مان بـ ڪنجوس اچ تـ پيئون وانڱڻن جو جوس. “ حقيقت ۾ ڏسجي تـ علي مراد چاچڙ صاحب پنهنجي جاءِ تي بلڪل صحيح هو. ان زماني ۾ منهنجي 17 گريڊ جي پگهار ٽوٽل 2100 روپيـا ٿي هئي. آئون جڏهن هر ٻئي مهيني ڳوٺ ويندو هوس تـ واپسي جو ڀاڙو ڪرايو منهنجو دوست پريم عرف K-2 ڏيندو هو تـڏهن آئون واپس آسلام آباد پهچندو هوس. اهڙي حالت ۾ چاچڙ صاحب جي حڪمت عملي ڪارگر ثابت ٿي. اسان ڪڏهن ڪڏهن حد جي MNA جي دعوت بـ ڪندا هئاسين، پر تاريخ اها مقرر ٿيندي هئي جنهن ڏينهن پاڙي مان مفت جو مال ملڻ جو آسرو هجي.
    علي مراد چاچڙ صاحب سوشل بـ ڪافي هوندو هو . سندس گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪا ادبي گڏجاڻي يا سِگا جي ميٽينگ بـ ٿي ويندي هئي. هڪ دفعي سنڌي ادبي سنگت جي ميٽينگ ۾ ڪنهن سنڌي پوليس آفيسر ڪهاڻي پڙهي. انهي ڪهاڻي جو مرڪزي خيال هو تـ سنڌي ڌاڙيل آهن. انهي نڪتي تي مون ۽ ڊاڪٽر علي رند جيڪو ان وقت اسلام آباد جي ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهندو هو، انهي تي سخت تنقيد ڪئي. جيئن تـ ڪهاڻيڪار پوليس آفيسر هو، انهي کي اسان واري تنقيد نا گوارهـ لڳي ۽ همراهـ ڪاوڙجي پيو، چئي “هي ڪلهوڪا وات ڳاڙها ڇورا ٿا اسان تي تنقيدون ڪن ” ائين اها سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگ بد مزگي جو شڪار ٿي وئي. آخر ۾ هڪڙي مهمان نوازي جو ذڪر ڪري ڳالهـ کي ختم ٿا ڪريون. لاهور مان ٽن دوستن مون کي فون ڪيو تـ اسان جو اسلام آباد ۾ ڪم آهي، اسان رات تو وٽ رهنداسين. انهن ۾ جمال مصطفيٰ سيد جيڪو هن وقت سنڌ ۾ سيڪريٽري آهي، غلام نبي ميمڻ، جنهن جي هينئر لنڊن ۾ پوسٽنگ آهي ۽ جاويد عمراڻي فارين افيئر گروپ وارو شامل هئا، جاويد هينئر ڪٿي سفير هوندو. هي دوست اڃا ان زماني ۾ والٽن اڪيڊمي ۾ پڙهندا هئا. مون وٽ پنهنجو گهر ڪو نـ هوندو هو،آئون چاچڙ صاحب جي گهر ۾ ان سان گڏ رهندو هوس. گهر جو اصول سخت تـ خرچو وڌائڻو ڪونهي. رات جو اسان هنن لاءِ ماني تيار ڪرائي مهمان ڪافي دير سان آيا ۽ ماني ڪٿان ٻاهران کائي آيا. صبح جو ناشتي تي اها ئي ماني گرم ڪري اسان هنن کي کارائي ڇڏي. منجهند جو چاچڙ صاحب آرڊر ڪيو تـ مهمانن لاءِ چانور ٺاهيو. شيرو چاچڙ چانور ڏاڍا سٺا ٺاهيندو هو. چانور تـ ٺهي ويا هاڻي چانورن سان گڏ ٻيو ڇا هئڻ گهرجي، مون چيو تـ ڏهي ٿا گهرايون پئسا آئون ٿو ڏيان ڇو جو مهمان منهنجا هئا. چاچڙ صاحب چئي ڪجهـ بـ گهرائڻو نـ آهي، اها ڳالهـ مهمانن بـ محسوس ڪئي پر ڪُڇي ڪو نـ سگهيا. اسان مهمانن کي رکو ڀت کارائي ڇڏيو. ماشاالله چاچڙ صاحب مون کان گهڻو وقت اڳ رٽائر ڪيو آهي ۽ باقي زندگي جا ڏينهن پني عاقل ۾ گذاري پيو. هي رڳو هجت ۾ گستاخي ڪري آئون سندس شان ۾ ڪجهـ اکر لکي ويٺو آهيان. بهر حال چاچڙ صاحب جهڙا عظيم ماڻهو مون ڪٿي بـ ڪو نـ ڏٺا. آخر ۾ جڏهن ڪراچي بدلي پئي ٿيو تـ اهو ساڳيو گهر مون کي ڏيئي ويو. هر ماڻهو ڪجهـ نـ ڪجهـ ڏوڪڙ وٺي پوءِ سرڪاري گهر ڇڏيندو آهي، پر چاچڙ صاحب مون کان ٽڪو بـ ڪو نـ ورتو. آئون سندس احسان لاهي تـ نـ ٿو سگهان پر ڳائيندس ضرور پيو.


    بدين جا ڏينهن ۽ راتيون

    بدين جا ڏينهن ۽ راتيون

    اهي 1994ع جي مينهوڳي جا ڏينهن هئا، بهر حال بوندن وسڻ شروع ڪيو هو تـ بس ئي نـ ڪن. اڻ پورو نڪاس آب مڇرن کي وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ مدد ڪندو رهيو. انهن برساتن لاڙ سنڌ کي، خاص ڪري ساحلي علائقن واري پٽي کي وڏي پيماني تي تباهـ ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو. جيڏانهن ڪر نگاهـ تيڏانهن پاڻي ئي پاڻي. سنڌ جا ٻـ ضلعا ٺٽو ۽ بدين وڌي پيماني تي متاثر ٿيا هئا. مون ڊسٽرڪٽ سوشل ايڪشن بورڊ جي سيڪريٽري ۽ پيپلز پروگرام جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور آگسٽ 1994 جي پهرين هفتي ۾ اچي بدين ۾ چارج ورتي هئي. اسان وٽ فيڊرل گورنمينٽ ۾ چارج وٺڻ يا چارج ڇڏڻ ۾ ڪا وڏي ڪاروائي نـ ٿيندي آهي. اڳيئي گورنمينٽ جي هڪ نموني جو پنو ٺهيو پيو آهي، ان تي نالو لکبو، تاريخ لڳائبي ۽ صحيح ڪبي آهي، اها ٿي چارج ڏيڻ ۽ وٺڻ جي ڪاروائي. انهي ڪم ۾ مشڪل سان هڪ يا ٻـ منٽ مس ٿا لڳن. ائين مون بـ بدين ۾ چارج وٺي ڇڏي. DSAB جو خيال (Concept) ڏاڍو سٺو هو، يعني هيٺين ليول کان پلاننگ دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ائين ئي پلاننگ ڪئي ويندي آهي. هن کان اڳ پلاننگ وارا اسلام آباد ۽ ڪراچي جي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ وِيهي ملڪ جي بنيادي ڍانچي جي پلاننگ ڪندا هئا. پاڪستان سيڪريٽريٽ جي “P ” بلاڪ ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي“ تغلق هائوس” ۾ ويهڻ وارن کي ڪهڙي خبر تـ بدين، لاڙڪاڻي، سبي، ڪوهاٽ يا رحيم يار خان جا ڪهڙا مسئلا آهن. ؟ پوءِ ائين ٿيو جو جتي ڳوٺ آهي اتي اسڪول ڪونهي، جتي اسڪول آهي اتي ڳوٺ ڪونهي. ان لاءِ منهنجي پنهنجي ڳوٺ جو مثال ئي ڪافي آهي. گلاب لغاري تعلقـي ماتلي جو ٽيون نمبر وڏو ڳوٺ ٿيندو. ڳوٺ ۾ بجلي ۽ ڪمرشل بينڪ برانچ ستر واري ڏهاڪي ۾ ئي قائم ٿي ويا پر اسڪول جي لاءِ ڪا بـ بلڊنگ ڪا نـ هئي. ٻـ ڪچا ڪمرا هئا جن ۾ منهنجو بابا بـ پڙهيو، آئون بـ پڙهيس. منهنجو اولاد بـ انهن ئي ڪچن ڪمرن ۾ پڙهيو. هاڻي وري ٿورو توهان کي پوئتي وٺي ٿو هلان، اها 80 واري ڏهاڪي جي ڳالهـ آهي اسان جي قومپرستي زورن تي هئي، ادب سان ڳانڍاپو ٿي چڪو هو. اديبن ۽ ڪامريڊن جا اچڻ وڃڻ پيا ٿيندا هئا. آخري ڏينهن ۾ آئون ماڻڪ لغاري اسڪول مان بدلي ٿي گلاب لغاري اچي چڪو هوس. اسڪول ۽ منهنجي گهر ۾ فاصلو ٻن منٽن جو هوندو هو، سو اسڪول کان پوءِ منهنجي اوطاق ۾ ڪچهري لڳي پئي هوندي هئي. اسٽيڊي سرڪل لاءِ نون دوستن کي ڪتاب پڙهائبا هئا ۽ جيڪڏهن ڪو ڳوٺ جو ٻار يا مٿين ڪلاسن جو ڪو شاگرد ڪو سبق وٺڻ يا ڪو تعليمي مسئلو پڇڻ ايندو هو تـ انهن جي بـ مدد ڪبي هئي. پر پئسن تي ٽيوشن نـ پڙهائبي هئي. تعليم مفت ۾ ڏبي هئي. ها البت مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪتابن پڙهڻ لاءِ نوجوانن کي همٿائبو هو. ان زماني ۾ چاچو محمد خان مجيدي مون وٽ ڳوٺ آيو. اسڪول ڏسي چيائين تـ “هي اسڪول آهي يا مال جو وٿاڻ. ؟” اسڪول ڏسي تعجب ۾ اچي ويو تـ هيڏو وڏو ڳوٺ، تمام پراڻو اسڪول پر اسڪول جي حالت هي آهي جو ٻـ ڪچا ڪمرا جنهن ۾ اضافي بينچ رکڻ جي گنجائش ڪا نـ هوندي هئي. سو ڳالهـ پئي ٿي پلاننگ جي، انهي ساڳي پلاننگ کي PPP سرڪار مٿان کان هيٺ کڻي آئي، جيڪو دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ طريقو رائج آهي. DSAB جا ٻـ پاسا هوندا هئا، هڪ انجنيئرنگ سائيڊ ۽ ٻيو ايڊمنسٽريشن. تعميراتي ڪم Pak P W D کي مليل هوندو هو، اهي بـ PD جي صلاح مشوري سان ئي ڪم ڪندا هئا. بورڊ جا ميمبر MPAs ۽ MNAs هوندا هئا. انهن مان ڪو هڪ چيئرمين هوندو هو. رئيس عبدالستار خان سريوال چيئرمين هوندو هو، جيڪو مون کي بدين وٺي آيو هو. بورڊ جا ميمبر اسڪيمون ڏيندا هئا ۽ اسان اهو ڏسندا هئاسين تـ اسڪيم قابل عمل آهي يا نـ ! ائين کڻي سمجهـجي تـ اسان هڪڙو ننڍڙو PC-1 ٺاهيندا هئاسين. مون تجويز ڪيل ڪافي اسڪيمن ۾ ردو بدل جون سفارشون بـ ڪيون . صرف انهي ڪري جو اتي انهن جي ضرورت نـ هئي. سواءِ ذوالفقار مرزا جي ڪنهن بـ ميمبر مون تي ڪنهن بـ قسم جو اعتراض يا بي اعتمادي ظاهر نـ ڪئي ۽ نـ ئي وري ڪو غلط قسم جو دٻاءُ وڌو، آئون اڍائي سال بدين ۾ رهيس پر مون آزادي سان ڪم ڪيو. منهنجي چيئرمين ڪڏهن بـ مون کان ڪو قانون کان مٿانهون ڪم نـ ڪرايو. حالانڪ مون P P P جي ڪن سرگرم ڪارڪنن جا ڪم روڪرايا يا اسڪول سان گڏ اٽيچ باٿ روم نـ ٺاهڻ ڏنم. انهن ماڻهن منهنجون شڪايتون بـ ڪيون پر هن صاحب منهنجي خلاف ڪنهن جي بـ شڪايت تي مون تي ڪنهن بـ قسم جي بي اعتمادي يا دٻاءُ نـ وڌو ۽ مون آزادي سان ڪم ڪيو.
    هاڻي مون کي بدين آفيس ۾ نئين سوزڪي جيپ بـ ملي، منهنجي واه واه ٿي وئي. آفيس جا ڊرائيور اچي مون مان ڦاٿا، ڇو جو مون کي ڊرائيونگ اچي ڪانـ. ، نيٺ هنن انهي جو حل اهو ڳوليو تـ مون کي ڊرائيونگ سيکاريائون. ائين ٻن مهينن ۾ آئون ڊرائيونگ بـ سکي ويس، هاڻي مون کي ڪنهن ڊرائيور جي ضرورت ڪا نـ هئي. بدين ۾ منهنجي زندگي جا ٻـ پاسا هئا. هڪڙو آفيشل ۽ ٻيو سوشل. مون آفيشل ذميوارين سان گڏ سوشل لائيف کي وڌيڪ انجواءِ ڪيو. هئڻ تـ ائين کپندو هو تـ آئون سگا اسلام آباد جو ميمبر هئس تـ بدين سگا سان سلهاڙجي وڃان ها يا منهنجو تعلق ادبي دنيا سان هو تـ منهنجي دوستي وري اديبن سان هئڻ گهربي هئي. جيڪڏهن ٿورو پوئتي وڃبو تـ اسان جڏهن مٺياڻي ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين تـ ان ۾ وڏو تعداد بدين ۽ ان جي پسگردائي ۾ رهندڙ استادن جو هو، منهنجو ملڻ جلڻ تـ انهن ماڻهن سان هئڻ گهربو، هو پر بدين ۾ ائين ڪو نـ ٿيو. منهنجو ڳوٺ تـ برابر ضلعي بدين ۾ آهي پر ڊسرڪٽ هيڊڪواٽر کان 100 ڪلو ميٽر پري آهي،تنهنڪري هر روز اچڻ وڃڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪو نـ هو. هاڻي منهنجي دوستي پڙهيل ڳڙهيلن سان ضرور هئي، پر انهن جو اهڙي طبقي سان تعلق هو، جن جو اٿڻ ويهڻ عجيب هو. يعني سڀ نوجوان ڊاڪٽر سڀ جا سڀ تازو MBBS ڪري آيا هئا، انهي جي مقابلي ۾ منهنجي ماسٽرس ايڪنامڪس ۾ جنهن جو تعلق سڌو سنئون دولت سان پر مون صرف اهو ڪتابن ۾ پڙهيو هو، ظاهري طرح دولت سان واسطو نـ پيو. آخر ۾ فيڊرل گورنمينٽ ۾ چڱي خاصي مٿئين پوزيشن تي پهچي ويس پر رهيس ڪنگلي جو ڪنگلو. مون اهو علم پڙهيو هو جنهن ۾ ڏسيل هو تـ شين کي ڪيئن تورجي ۽ تڪجي ۽ انهن جو ملهـ ڪيئن مقرر ڪجي. ؟ ان کان پهرين منهنجي دوستي سنڌ جي ميمڻن ۽ واڻين سان، هنن جو تعلق وڻج ۽ واپار سان. هتي مون واري ريل اصلي پٽڙي تان لهي ڪنهن ٻئي راهـ ڏانهن رواني ٿي وئي. هي سڀ جا سڀ ماڻهو کي چيرڻ ڦاڙڻ وارا مسيحا، ائين پئي لڳو تـ اسين هڪ ٻئي جو ضد هئاسين. پر جيڪا اسان ۾ هڪجهڙائي هئي، اها هئي هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ. هنن جون ڪلينڪون رات جو ميخانن جو ڏيک ڏيڻ لڳيون. اهي ميخانا جتي رات جو ڪنهن انگوري شربت جو ڪو تصور نـ هجي. بوتل نچي پر ڪنهن طرح مد مست ٿي نـ، خالي بوتل ائين مست ٿئي جيئن قلندر جي ڌمال تي مستانا نچندا آهن.
    لاڙ سنڌ ۽ اتر سنڌ ۾ هڪ اهڙو واضح فرق آهي تـ لاڙ جا ماڻهو هر ڪنهن ۾ پرين پسڻ وارا ۽ سٻاجهڙا، تعليم ۾ پڻ پوئتي، منجهن غربت بـ ڪجهـ سرس. طبيعتن نرم، در گذر ڪرڻ تـ ڪو هنن کان سکي. ان جي مقابلي ۾ اتر سنڌ جا ماڻهو وڌيڪ پڙهيل، نوڪرين ۾ پڻ انهن جي سرسي، طبيعتن ۾ پڻ سختي ۽ پنهنجي ناڙڻ وارا.
    منهنجي آفيس ۾ ٽيڪنيڪل سائيڊ کان Pak PWD طرفان هڪ SDO بـ هوندو هو. سندس نالو هو محمد اشرف، اسان جي ئي پاسي جو پنجابي هو. پر هي همراهـ انهن پنجابين مان هو جيڪي 1901 ۾ سنڌ ۾ هجرت ڪري آيا. تنهنڪري وقت سان گڏ سنڌي ٿي چڪو هو. ورهاڱي کان اڳ پنجاب جو هڪ شاعر هو ان جو نالو هو امام الدين، هن جي سڄي شاعري گارين تي مشتمل هوندي هئي، اشرف صاحب کي ان جي اڌ جيتري شاعري ياد هوندي هئي. سو اسان واندڪائي جي وقت ويهي اها شاعري ٻڌندا ۽ کلندا هئاسين. جيئن علامـ اقبال “بانگ درا” لکيو هو تـ امام الدين وري ان جي مقابلي ۾ “بانگ دهل” لکيو هو. اهو ڪتاب پوءِ مون اچي راولپنڊي مان ورتو پر اهو پاڪستاني ڇاپو هو . پاڪستان ٿيڻ کان پهرين اهو ڪتاب مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ عام جام وڪري لاءِ موجود موجود هو، پر ورهاڱي کان پوءِ مذهب اسان تي غالب ٿي ويو ۽ ڪتاب بداخلاقي جي دائري ۾ آڻي ضبط ڪيو ويو. اڳتي هلي انهي ڪتاب کي ٻيهر لکي شاعري مان اصليت ختم ڪري ڇڏيائون. اڄ بـ جيڪڏهن توهان کي ڪو پراڻو پنجابي ملي وڃي تـ انهي کي شايد اها شاعري ياد هجي. ٿي سگهي ٿو تـ پنجاب جي ڪنهن لئبريري ۾ اهو ڪتاب موجود هجي.
    سو ڳالهـ پئي ٿي بدين جي ڊاڪٽرن جي، انهن جي مون سان واقفيت ڪيئن ٿي. اهو هڪ الڳ ۽ ڊگهو داستان آهي. اهو سڄو سهرو ڊاڪٽر عبدالله سومري جي مٿي تي سونهي. اسان اٺن ڏينهن ۾ اهڙا گهرا گهاٽا ٿي وياسين جهڙا اسان ڄايا نپنا ئي گڏ هئاسين. ڊاڪٽر فضيلت وارو سلڇڻو ماڻهو آهي، عزت ۽ مان ڏيڻ تـ ڪير هن کان سکي. جڏهن تـ ڊاڪٽر جو وڏو ڀاءُ غلام علي سومرو مون سان گڏ مٺياڻي ۾ پڙهندو بـ رهيو آهي. مون زندگي ۾ ڪڏهن بـ پيار جي چسڪي کان سواء ڪو زهر نـ چکيو آهي، پر اهڙا ماڻهو مون کي وڻندا ڏاڍا آهن. انهن ماڻهن ۾ اها خوبي هوندي آهي تـ دل جا صاف، ڪدورت ۽ ڪيني کان پري، خلوص سان ٽمٽار، لک لٽائڻ وارا، ذاتيات کان ڪوهين ڏور، سو ڊاڪٽر عبدالله ۾ بـ اهي ئي خوبيون هيون. جنهن منهنجي من کي موهي وڌو. دل تـ ڪشادي پر دسترخوان دل کان بـ وڌيڪ ڪشادو، آئون تـ هر روز جو مهمان هيس ئي هيس پر اها رات خالي نـ هوندي هئي جو ڊاڪٽر وٽ مون کان سواءُ ٻـ چار ٻيا مهمان نـ هجن. ڊاڪٽر جي گهر ۾ مڇي ٺاهڻ جو ڪو خاص فن موجود آهي، مڇي هميشه اعليٰ قسم جي ٺهي ايندي هئي. مون زندگي ۾ ڪڏهن بـ اهڙي مڇي نـ کاڌي جهڙي ڊاڪٽر جي گهران ٺهي ايندي هئي. اڄ بـ جڏهن آئون اسلام آباد مان سنڌ ويندو آهيان تـ منهنجي لاءِ ڊاڪٽر وٽ مڇي جو خاص انتظام ٿيندو آهي.
    هي اهو زمانو هو جڏهن ضياءُ الحق، الله کي پيارو ٿي چڪو هو. جنهن هن اسان جي پاڪستاني معاشري کي تهس ۽ نحس ڪري ڇڏيو هو. اسلام جي نالي ۾ هن افغانستان ۾ جنگ جوٽي، مذهب ۽ پاڪستان کي هڪ اهڙي ٻـ واٽي تي آڻي بيهاريو جو هڪ پاسي باهـ تـ ٻئي پاسي پاڻي. ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهو، ڪافي پريشاني جو شڪار ٿيا. اسان جي ملڪ ۾ گهڻو وقت آمرانا حڪومتون رهيون آهن. جن هميشـ پنهنجن جڳاڙي نظرين ۽ ٿيورين سان حڪومتون پئي هلايون آهن. ڪڏهن بنيادي جهموريت تـ ڪڏهن اسلام تـ ڪڏهن وري Devolution. هن ملڪ ۾ جيڪي بـ ريفرينڊم ٿيا آهن سي سڀ جا سڀ فوجي حڪمرانن پنهنجي حڪومتن کي بچائڻ خاطر پئي ڪرايا آهن. مطلب تـ هر ڪنهن فوجيءَ پنهنجو پنهنجو نئـون فلسفو پئي ڏنو آهي. انهن سڀني کان وڌيڪ دقيانوسي ۽ پراڻا خيال رکندڙ عوامي سياستدان ذولفقار علي ڀٽو هو، جنهن شراب ۽ حسن جون بازارون بند ڪري پاڪستان کي هڪ اهڙي اونداهي کڏ ۾ ڌڪي ڇڏيو، جنهن مان نڪرڻ هاڻي مشڪل آهي. توهان 1977ع جون اخبارون کڻي ڏسو، ڀُٽي صاحب مولوين جي دٻاءُ ۾ اچي، آچر جي بجاءِ جمعي جي موڪل ڪئي. شراب ۽ ڪواب تي بندش وڌي تـ جماعت اسلامي جي ڪنهن سرڪردهـ ليڊر چيو هو تـ “ڀٽو هاڻي اسان جي ايجنڊا تي آيو آهي. ”اسان جا پي پي پي جا دوست چوندا آهن تـ ذولفقار علي ڀُٽي سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو. اها دعويٰ بـ ڪنهن حد تائين غلط ثابت ٿي چڪي آهي. بهرحال هي هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن تـ سياست منهنجي هن ڪتاب جي دائري ۾ نـ ٿي اچي، انهي ڪري آئون صرف هڪ ئي جملو لکي انهي بحث کي اتي ئي بند ٿو ڪريان تـ منهنجي خيال ۾ سنڌي ماڻهو کي اڳئي سنڌي پرائمري ٽيچر، جنهن کي اسان سنڌي ماستر چئون ٿا، سجاڳ ڪري چڪو هو. جن سڄو سارو ون يونٽ جو مانڊاڻ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو. ان وقت تـ ڀٽو صاحب ون يونٽ جي حڪومت ۾ پرڏيهي وزير هو. تڏهن بـ سنڌي ماڻهن ان وقت جي حڪومت کي مجبور ڪيو تـ ون يونٽ ٽٽي پيو. حقيقت ۾ وقت ۽ واقعن جون جيڪڏهن ڪڙيون ملائجن تـ پاڪستان کي بيماري ان وقت کان لڳي چڪي هئي، جيڪا هاڻي لا علاج ٿي چڪي آهي. جنهن جي ڪري ڀڳڙو ڀڄي بـ ڦارون ٿي پيو هو. نتيجي طور پاڪستان ٻـ اڌ ٿي پيو هو. انهن غلط پاليسين جي ڪري پاڪستان جي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، درآمدي ۽ برآمدي ٽيڪس گهٽجي ويا، ٻاهرين ملڪن جي سياحن جو اچڻ وڃڻ بلڪل ختم ٿي ويو، سئينيما انڊسٽري ذري گهٽ بند ٿي وئي، لاهور جو لالي ووڊ ۽ ڪراچي جا فلم ٺاهيندڙ ادارا بيمار صنعتن ۾ شامل ٿي ويا. سئنيمائون تي جيڪو تفريحي ٽيڪس هو اهو زيرو ٿي ويو. سڌي يا اڻ سڌي طرح هڪ سئينيما تي 100 ماڻهن جو روزگار هوندو هو، اهي بيروزگار ٿي ويا. ماڻهن جا تفريح جا ذريعا تقريبن بند ڪيا ويا. ماڻهن جا سڀ دروازا بند ڪري صرف مسجدن ۽ مدرسن جا دروازا کليل رکيا ويا. ٻئي طرف تعليم کي مهانگو ڪري مدرسن کي مفت ڪيو ويو. انهن سڀني ڳالهين گڏجي انساني ترقياتي وسيلن تي ناڪاري اثر ڇڏيا.
    پاڪستان جي مقابلي ۾ دبئي 1960 ع ۾ ڪجهـ بـ ڪو نـ هو. اسان وٽ ان زماني ۾ هڪ وڏو بنيادي ڍانچو موجود هو. توهان رام بخشاڻي جو ڪتاب پڙهي ڏسو، معلوم ٿي ويندو تـ دبئي ڪيئن نـ کليل ايڪنامڪ پاليسي ( Open Economic Policy) جي ڪري ترقي ڪندو ويو ۽ اسان پاليسين جو بنياد مذهب تي رکيو تـ وياسين پوئتي پوندا، تان جو دنيا جي پٺتي پيل ملڪن جي رفتار ۾ اسان جو نمبر اچي آخر ۾ بيٺو. آئين (Constitution) ۾ اهڙيون تـ شقون متعارف ڪرايون ويون جو ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو. خاص ڪري اقليتن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو. منهنجي نظر ۾ ڪنهن بـ ملڪ يا اسٽيٽ جو مذهب نـ هئڻ گهرجي، ها البت اسٽيٽ ۾ رهندڙ ماڻهن جو مذهب ٿيندو آهي. جيئن 1947 ع کان پهرين ڪراچي کي هندن جو شهر چوندا هئا، ان وقت ڪراچي ۾ انساني رت ائين ڪو نـ وهندو هو، جيئن 1947 ع ۾ ڪراچي کي مسلمان ڪرڻ کان پوءِ انساني رت ريلا ڪري وهڻ لڳو آهي جيڪو اڃا تائين بند نـ ٿيو آهي. ڪراچي مسلمانن جي اڪثريت جو شهر آهي، انهي هوندي بـ اهو ڏينهن خالي ڪونهي جنهن ڏينهن ڪنهن بيگناهـ ماڻهو جو رت نـ وهيو هجي. هڪ اندازي مطابق پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ ايترو انساني رت ضايع نـ ٿيو هو جيترو ڪراچي ۾ 1947 ع کان پوءِ انساني رت وڙهو آهي. جڏهن تـ اسلام امن جو مذهب آهي، مون ڪڏهن بـ اهو نـ پڙهيو آهي تـ ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ ناموس رسالت جي ڪري ڪنهن کي قتل ڪيو ويو هجي. هتي اقليت وارا هميشـ انهي ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار ٿيندا رهيا آهن،پر حڪومت جا مٿئين ليول جا ماڻهو بـ محفوظ نـ آهن. اڃان بـ اسان جا عا لم سڳورا هر جمع تي مسجد جي ممبر تي ويهي وڏي درد مان نڙي مان آوازڪڍي چون ٿا تـ اسلام خطري ۾ آهي. تازو فيس بڪ تي انهي متعلق اردو ۾ ڪنهن ڏاڍو سٺو لکيو هو تـ “ ڪولر تي پيل گلاس خطري ۾، مسجد ۾ جوتا خطري ۾، وضو جي نلڪي خطري ۾، گاڏي سان گڏ گاڏي جو آئينو خطري ۾، روڊ تي مسلمان خطري ۾، سڀ کان وڌيڪ اسلام خطري ۾. جيڪڏهن 70 سالن ۾ هن ملڪ خداداد پاڪستان ڪنهن کي خطري مان ڪڍيو آهي تـ اهو آهي مولوي، جنهن جي نـ نوڪري خطري ۾، نـ جان خطري ۾ ۽ نـ احترام خطري ۾. ”
    منهنجي خيال ۾ ورهاڱي کان پوءِ اڄ تائين پاڪستان کي ڪو همدرد، هڏ ڏوکي ۽ ايماندار ليڊر مليو ڪونهي سڀ نااهل، عياش جڳاڙي ٿيورين تي ڪم هلائندا رهيا آهن. ملڪ جو تقريبن 60 سيڪڙو عوام غربت جي لڪير جي هيٺان قسمپرسي واري زندگي گذاري رهيو آهي. اسان وٽ جيڪي غريبن جي لاءِ پروگرام ٺهن ٿا، انهن ۾ پهريون آئٽم ئي Capacity Building جو هوندو آهي. انهي مان هنن جي پنهنجي غربت تـ ختم ٿيو وڃي، باقي غريبن جو الله واهي آهي. موجوده سال ۾ بينطير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 115 بلين روپيـا رکيا ويا آهن پر غربت جي لڪير ۾ هلڪڙو گهٻ بـ نـ پيو آهي. آئون جڏهن فنانس ڊويزن ۾ هوندو هوس تـ اڪثر دوستن کان اهو سوال ڪندو هوس تـ “ اسان جي هٿن مان هر سال اربين روپيـ نڪرن ٿا، ڇا انهن جي ڪري اٽي جي ڪلو جو اگهـ گهٽيو آهي؟يا گيهه جو پاءُ ڪو سستو ٿيو آهي”؟. يقينن اهڙن سوالن جو جواب اسان وٽ ڪو نـ هوندو هو. توهان ڪڏهن فنانس ڊويزن جي بجيٽ جا ڪتاب ڏٺا آهن. جيڪڏهن سڀئي هڪ ئي وقت ڪنهن هڪ ماڻهو کان کڻائجن تـ اهو نـ کڻي سگهندو. انهن ڪتابن ۾ ٻي ڪا ڪهاڻي لکيل نـ هوندي آهي صرف پئسا ئي لکيل هوندا آهن، جڏهن تـ فنانس ڊويزن اهي پئسـا هر سال ڏيندي بـ آهي. سوال آهي تـ اهي پئسا ڪنهن تي خرچ ٿين ٿا، ڇو ۽ ڇا لاءِ خرچ ٿين ٿا؟ . جڏهن اسان پاءُ اٽي جو سستو نـ ٿا ڪري سگهون تـ انهن پئسن جو ڪهڙو ڪارج هوندو. افسوس اسان مسڪين جهان خان کوسي يا منهنجي ڳوٺ جي همدرد انسان ڪامريڊ محمد عثمان لغاري جهڙن ماڻهن جو قدر نـ ڪيو. هتي تـ رڳو موقعي پرست حڪمران، چاپلوسي ڪندڙ بيوروڪريسي هر وقت حاضر رهندي آئي آهي. هي بيورو ڪريٽ وزير اعظم جي اڳيان ڪجهه بـ نـ ڳالهائي سگهندا آهن، ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو ايڪنامڪ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ فيصلو ڪرڻو هڪڙو هوندو آهي تـ ٿي ڪجهـ ٻيو ويندو هو. اهو صرف انهي جي ڪري جو وزير اعظم جي اڳيان ڪو بيورو ڪريٽ ڳالهائي نـ سگهندوآهي. ياد رهي تـ پيپلز پارٽي جي زماني ۾ محترمـ بينظير ڀٽو صاحبـ ECC جي ميٽنگ پاڻ وٺندي هئي. جيڪڏهن اسان وٽ فضل الله قريشي جهڙا ٻـ چار آفيسر هجن تـ ائين سرڪار جا اونڌا فيصلا ڪو نـ ٿين. آئون ذاتي طور ڪن آفيسرن کي سڃاڻان جيڪي هن وقت سنڌ ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن. اهي آفيسر سٺن آفيسرن ۾ شامل ٿين ٿا، جيڪي هينئر پاسي وارين پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن. آئون هڪ ڀيرو ڪنهن پنجاب جي آفيسر سان گڏ مال روڊ لاهور تان گذري رهيو هوس تـ هن صاحب وڏين وڏين پلازن ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو تـ “ هي پلازا سڀ انهن آفيسرن جا آهن جيڪي سنڌ ۾ نوڪري ڪري آيا آهن”. انهي مان ظاهر ٿيو تـ پنجاب مان آفيسر سنڌ ۾ نوڪريون ڇو ٿا ڪرڻ اچن. فيڊرل گورنمينٽ جي اها پاليسي آهي تـ هر CSS پاس آفيسر پهريان ٽي سال پنهنجي صوبي کان ٻاهر نوڪري ڪندو.
    اچو تـ FPSC جي تازي CSS جي ورتل امتحان جو سرسري جائزو وٺون تـ انهي ۾ سنڌ ڪٿي بيٺي آهي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي مطابق سال 2015 جي CSS ۾ ٽوٽل پاس اميدوارن جو انگ 202 آهي، جنهن ۾ پنجاب جا 56، سنڌ ٻهراڙي 13، سنڌ شهري 16، ڪي پي ڪي 18، بلوچستان 4، ڪشمير 4، گلگت 1، ميرٽ 32 نوجوان پاس ٿيا آهن.
    انهي حساب سان في سيڪڙو ڪجهـ هن طرح اچي ٿو. پنجاب 56 سيڪڙو، سنڌ ٻهراڙي 6 سيڪڙو، سنڌ شهري 8 سيڪڙو، ڪي پي ڪي 9 سيڪڙو، بلوچستان 2 سيڪڙو، ڪشمير 2 سيڪڙو، گلگت 0.5 سيڪڙو ۽ ميرٽ 16 سيڪڙو. ڪميشن جي پڌرائي مطابق 90 سيڪڙو اميدوار انگريزي ۾ فيل ٿيا آهن. ڪميشن اهو بـ نوٽ ڪيو آهي تـ وڏي تعداد ۾ اميدوارن کي هڪ سادو سودو انگريزي ۾ 1500 لفظن جو مضمون بـ لکڻ نـ ٿو اچي. اها آهي اسان جي تعليم جي حالت ۽ معيار. مٿيان انگ اکر ٻڌائين ٿا تـ تمام ٿورا نوجوان سنڌ مان پاس ٿيا آهن جڏهن تـ پنجاب جي نوجوانن جو وڏو تعدداد پاس ٿيو آهي. ٽريننگ کان پوءِ انهن سڀني جون مقرريون سنڌ ۾ ٿينديون. PPP سرڪار سنڌ ۾ تعليم جي اهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي جو اسان جو نوجوان 500 لفظن جو انگريزي ۾ ڪو مضمون نـ ٿو لکي سگهي. ٻئي طرف اسان جو نصاب اسان جي نئين نسل کي بنياد پرست، جهادي، خودڪش بمبار ٺاهي رهيو آهي. دنيا جي ڪنهن بـ ڪنڊ ۾ ڪو دهشتگردي جو واقعو پيش اچي ٿو تـ ان جا پير ۽ کُرا اچو اسان جي ملڪ ۾ پون. آئون وري بـ دبئي جو مثال ڏيندس تـ اتي سڀ شيءَ حلال آهي ڪا بـ شيءَ حرام نـ آهي، شراب تي ڪا بـ بندش ڪونهي (سواءِ شارجيا جي) . دبئي جي وڏين وڏين مارڪيٽن تي سنڌي هندن جو قبضو آهي، جن کي اتي جي حڪومت جي پوري پوري حفاظت مليل آهي. مسجد سان گڏ مندر بـ آهي پر اسلام کي ڪو بـ خطرو ڪونهي. 2008 ۾ دنيا ۾ وڏي اقتصادي لاٿ آئي، يورپ جون مارڪيٽون متاثر ٿيون پر دبئي جي ايڪانامي تي ڪو بـ اثر نـ پيو. جنهن ملڪ جي سياحت جي انڊسٽري مضبوط آهي، انهي تي اقتصادي لاهن چاڙهن جو اثر گهٽ ئي ٿيندو آهي. ويجهي ماضي جي ميڊيائي خبرن مان پتو پوي ٿو تـ پاڪستان جون پرڏيهي توڙي اقتصادي پاليسيون شاهراه دستور تي نـ پر ڪنهن ٻئي جاءِ تي ٺهنديون آهن. ڪنهن بـ پاڙيسري ملڪ سان اسان پاڙيسري هئڻ وارو ناتوئي نـ رکيو آهي. اهڙين غير يقيني حالتن ۾ ترقي جو هئڻ ممڪن نـ تـ بـ ڏکيو ضرور آهي.
    معاف ڪجو ڳالهـ پئي هلي بدين جي وڃي نڪتاسين سياست کان، ڇو جو قلم تي ڪنهن جو وس ڪو نـ ٿو هلي. جيڪڏهن قلم ڪنهن جو زير دست هجي ها تـ هيڏا هاڃا هن ڀنڀور ۾ نـ ٿين ها. ائين کڻي سمجهو تـ قلم جو نب ڪنهن ڀلي گهوڙي وانگر آهي، هو جڏهن رَلي ۽ مُن ۾ هوندو آهي تـ سوار کي بـ طاقت ڪونهي جو ان کي قابو ڪري سگهي. بدين شهر سان منهنجو تعلق تمام پراڻو رهيو آهي. آئون جڏهن رپ شريف ۾ پڙهندو هوس تـ 10th & 9th جو امتحاني سينٽر بدين هو. مئٽرڪ جي امتحان دوران ٻين ڇوڪرن تي رعب ۽ دٻدٻو ويهارڻ جي لاءِ فلٽر جي سگريٽن وارو پئڪٽ وٺي هڪ هٿ ۾ ٽي ٽي سگريٽ وجهي پيئندا هئاسين. پر مون کي نڪ مان دونهون ڪڍڻ ڪو نـ ايندو هو، اها ڳالهـ الٽو منهنجي ڳلي ۾ پئجي وئي، اسان جو روم ميٽ هوندو هو نور محمد چانگ، گڙنگ موالي، هميشه پن جي ٻيڙي پئندو هو. هُن همراهـ کي وجهـ مليو ۽ مون کي چڱو خاصو خوار ڪيائين. چئي “لغاري ڇوري کي سگريٽ پيئڻ اچي ڪو نـ هروڀرو لئي ڪندو وتي. ” پاڻ بـ بس ڪئي سڄي زندگي ۾ اهو هڪڙو ئي سگريٽن جو پاڪيٽ ورتوسين، اهي ڏينهن اهي شينهن وري نـ سگريٽن کي هٿ لاتوسين. اهو 1972 جو زمانو هو مئٽرڪ جو امتحان ڏئي سڌو ڳوٺ آيو هوس، انهي کان وڌيڪ مون کي بدين جي ڪا بـ خبر چار ڪا نـ هئي. ان زماني ۾ بدين شهر جي جاگرافي ايتري وڌيل ڪو نـ هئي. ڇو جو اڃا ضلعي واري حيثيت ڪو نـ ملي هئس، حيدر آباد ضلعي جو هڪڙو تعلقو هوندو هو. بدين کي ضلعي جي حيثيت 1974 ۾ ملي. ان کان پهريائين منهنجو وڏو ڀاءُ روشن الدين لغاري ٻـ اڍائي سال پهرين 16 گريڊ ۾ ۽ پوءِ 17 گريڊ ۾ بدين رهيو. ادا مرحوم بدين کي هميشه “ڪوفو” سڏيندو هو. مطلب تـ هُن جي بدين سان دل نـ لڳي. مون آگسٽ 1994 ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پيپلز پروگرام جي چارج ورتي. يعني مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ٺيڪ 22 سالن کان پوءِ آئون سڌو سنئون اسلام آباد مان بدلي ٿي بدين ۾ 18 گريڊ ۾ آفيسر ٿي آيس. شروع وارن ڏينهن ۾ ڪافي بيزار ٿيس، ڇو جو اسلام آباد جتي ان زماني ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ جو تصور ئي ڪو نـ هو، صاف سٿرا رستا، صفائي جو بهترين انتظام، ان جي مقابلي ۾ بدين 1994 ع ۾ برساتون گهڻيون پيون هيون سو ٽي ٽي ڏينهن بجلي غائب، پاڻي جو بـ ڪو سٺو انتظام ڪو نـ هوندو هو. بس ٻـ شيون جن جي ڪري بدين سان دل لڳڻ شروع ٿي، هڪ امام الدين واري پنجابي گارين واري شاعري جيڪا اشرف پيو ٻڌائيندو هو. ٻيو سوزڪي جيپ جنهن تي آئون سڄو ڏينهن فيلڊ ۾ پيو گهمندو هوس، چوڻ آکڻ وارو ڪير بـ ڪو نـ هوندو هو. ان زماني ۾ عبدالسبحان ميمڻ ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ اي ڊي خواجـ ضلعي جي پوليس جو سربراه هوندو هو. اصولن مون کي ڊپٽي ڪمشنر سان اچڻ شرط ملاقات ڪرڻ کپندي هئي. ڇو جو هو صاحب ضلعي جو سربراه هو، پر مون ائين نـ ڪيو. مون سمجهو ٿي تـ آئون فيڊرل گورنمينٽ جو ملازم آهيان ۽ هي باقي سڀ سنڌ گورنمينٽ جا ماڻهو آهن، تنهنڪري منهنجو ملڻ انهن سان ضروري ڪونهي. جيڪو بعد ۾ مون محسوس ڪيو تـ اها منهنجي غلطي هئي. ڇو جو ڊپٽي ڪمشنر جي ضلعي ۾ وزير اعليٰ واري حيثيت هوندي آهي. خير نوڪري دوران اسان اهڙيون غلطيون کوڙ دفعا ڪيون هونديون.
    جيئن مون مٿي لکيو آهي تـ شروع ۾ آئون بدين ۾ ويڳاڻو رهڻ لڳس. منهنجي خيال ۾ اهو انهي ڪري ٿيو جو اسلام آباد جهڙي شهر مان سڌو بدين جهڙي گهٽ ترقي ڪيل شهر ۾ آيس تـ اهو منهنجو پنهنجي پاڻ کي اتي سمائڻ وارو عرصو هو. ٻي حالت ۾ بدين جي ميمڻ برادري سان منهنجو پراڻو لڳ لڳاپو هو، اهو ڏيٺ ويٺ جي حد تائين نـ هو، بلڪ دوستي واري حد تائين هوندو هو. بدين جي غلام قاسم ميمڻ سان منهنجي پراڻي دوستي هوندي هئي. هي انهن ڏينهن جي ڳالهـ آهي جڏهن اسين ٻئي بيروزگار، سڃا ۽ ڀڙڀانگ هوندا هئاسين. ڇو جو اسان ٻئي ڇٽي کان ڇورا هئاسين، اسان ٻنهي جا والدين هن دنيا مان اسان جي جوان ٿيڻ کان اڳئي ڪوچ ڪري چڪا هئا. بدين اچڻ کان پهريائين قاسم سان منهنجي واقفيت ماتلي ۾ ٿي جيڪا اڳتي وڌي دوستي جي حد تائين پهتي. اهو بـ لکندو هلان تـ اها دوستي سندس ننڍي ڀاءُ غلام قادر ميمڻ جي پويان ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو تـ ماتلي ۾ ڪنهن هوٽل تي چانهـ پيئڻ لاءِ ويهندا هئاسين تـ اسان ٻنهي وٽ پئسـا ڪو نـ هوندا هئا، پوءِ ڪو ٽيون دوست اچي اسان جي جان ڇڏائيندو هو. اڳتي هلي قاسم ميمڻ ماتلي ۾ هڪڙي پٺاڻ ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر طور نوڪري شروع ڪيائين. هاڻي اسان جي چانهـ پاڻي جو بندو بست ٿي ويو. جيئن هن کي نوڪري ملي تـ مون هن سان ملڻ گهٽ ڪري ڇڏيو، صرف دوست جي نوڪري جي ڪري تـ جيئن واندا اتي گهٽ گڏ ٿيون. متان هن جي نوڪري تي ڪو اثر نـ پوي. پڙهيل لکيل ميمڻن جو تيز ٻار هو سو هي ٿورن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ٿي ويو. پوءِ جڏهن بـ ڊاڪٽر شهر کان ٻاهر هوندو هو تـ هي ڊاڪٽر واري ڪرسي تي ويهي مريض ڏسندو هو. آئون اڃا واندو هوندو هوس، بس ائين آواره گردي پيو ڪندو هوس. قاسم ميمڻ کي ڊاڪٽر هڪ جڏي موٽر سائيڪل وٺي ڏني هئي، اسپتال جي ڪم ڪار جي لاءِ، جتي چار ماڻهو ڏسندي هئي اتي بند ٿي ويندي هئي. هڪ ڏينهن ماتلي جي اڌ شهر ۾ موٽر سائيڪل بند ٿي ويئي. جڏهن تـ اها موٽر سائيڪل اسٽارٽ ٿيندي هئي سڪي سان. قاسم ميمڻ هميشه موٽر سائڪل جي لاءِ سڪا کيسي ۾ رکندو هو پر اتفاق سان انهي ڏينهن هن کي سڪو کڻڻ وسري ويو. مون کي چيائين تـ “سڪو ڏي تـ موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪريان” جيئن تـ مون وٽ سڪو ڪو نـ هو سو پاسي مان هڪڙو چڱو خاصو اڌڙوٽ عمر وارو همراهـ گذري رهيو هو مون ان کي چيو “ چا چا چار آنا تـ ڏجان” خبر نـ آهي تـ هو همراهـ ڪهڙي خيالن هو، سو هن سمجهيو تـ هي ڇورا پنن ٿا. پوءِ جيڪا هن اسان سان ڪئي جهڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان. واهـ جون اسان کي ست سريون ٻڌايائين. جيڪي هتي لکڻ جي قابل نـ آهن. مون پڪ سمجهيو تـ آهي تـ ڪو ٻروچ جو اسان سان ايترو بد فضيلتو ڳالهايو اٿس. پوءِ پتو لڳو تـ سندس وڏا چانڊڪا پرڳڻي مان سوين سال اڳ هجرت ڪري اتي ڪٿي آسي پاسي ۾ اچي ويٺا هئا.
    سو ڳالهـ پئي هلي بدين ۾ بوريت جي، قاسم ميمڻ بـ شادي ڪري پنهنجي ٻارن سانگي اچي بدين ۾ ميڊيڪل اسٽور کوليو هو. سو شام جو منهنجو وقت اتي پيو گذرندو هو. هوڏانهن اشرف صاحب جي ڪري ڊاڪٽر عبدلله سومري سان بـ چڱي خاصي ڏيٺ ويٺ ٿي چڪي هئي. ڊاڪٽر عبدلله سومري وٽ جڏهن بـ وڃبو هو تـ هو ماني کان سواءِ ڪو نـ ڇڏيندو هو. هن مون کي هڪ ڏينهن سڻڀي صلاح ڪيائين تـ “ توهان آفيسر ماڻهو آهيو ڪٿي پيا هوٽلن تي ڌڪا جهليندا، تنهنڪري توهان جي رات جي ماني منهنجي گهر تيار هوندي. ” مون کي لڳو تـ اهي لفظ ڊاڪٽر جي دل مان اڌما ڏيئي نڪتا آهن، انهن لفطن ۾ جيڪو خلوص ۽ پيار هو جنهن جو ذڪر ڪرڻ منهنجي قلم جي وس ۾ نـ آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر جي چيل ٻن لفظن جي خارجي ۽ اندروني احساسن ۽ جذباتن تي لکجي تـ ڪئين ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا. هاڻي منهنجي Routine بدلجي وئي. شام جو قاسم ميمڻ جو چانهـ جو چڪو پي رات جي ماني وڃي ڊاڪٽر سومري وٽ کائيندو هوس. اڳتي هلي اسان جو قرب ۽ پيار عاشق ۽ معشوق وارو ٿي پيو. آئون 18 گريڊ جو آفيسر ۽ هو ڊاڪٽر، هاڻي ڪير عاشق ٿئي ۽ ڪير معشوق، اهو فيصلو اسان اڄ ڏينهن تائين نـ ڪري سگهيا آهيون. انهي جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو تـ جڏهن ڊاڪٽر جي ڪار جو حادثو ٿيو هو ۽ مون کي اسلام آباد ۾ ان جو اطلاع ڏنو پئي ويو تـ منهنجي هٿ مان ٽيليفون جو رسيور ڪري پيو هو، اهو ڇا هو اهو صرف خلوص ۽ پيار هو، جيڪو هن ماڻهو مون کي بدين ۾ ڏنو هو.
    هاڻي بدين ۾ ڊاڪٽر عبدلله سومري جي ڪري سندس ٻين ڊاڪٽر دوستن سان پڻ ميل ميلاپ وڌي ويو. مون مٿي ڪٿي اڳئي لکيو آهي تـ منهنجي لاءِ بدين جا ڏينهن بور ۽ بدين جون راتيون رنگين هيون. انهي مان ڪو اهڙو غلط مطلب نـ وٺڻ گهرجي تـ ڪو رات جو شباب ۽ ڪواب جون محفلون رچنديون هيون. نـ نـ ائين نـ هو جنهن محفل ۾ خالي بوتل رقص ڪندي هجي ۽ دوستن جا وڏا وڏا ٽهڪ هجن تـ اها محفل مدهوش ٿيل انسان کان هزار ڀيرا وڌيڪ آهي. آئون تـ اهڙو صوفي لاڪوفي ماڻهو رهيو آهيان. جنهن وٽ پوري زندگي غير مُحرم جو ڪو تصور ئي نـ هجي. سڀني منهنجن دوستن يارن کي خبر آهي تـ آئون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان. تڏهن تـ ڊاڪٽر علي محمد کٽي (جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو) سچ چوندو آهي تـ “ جيڪڏهن آئون حج تي ويس تـ پنهنجو سڀ ڪجهـ نظام لغاري جي حوالي ڪري ويندس. ” ۽ هو انهي ڳالهـ کي دليلن سان ثابت بـ ڪندو آهي تـ نظام لغاري صوفي ماڻهو آهي. آئون هتي واضح ڪندو هلان تـ وڏو عرصو اسلام آباد جهڙي شهر ۾ رهڻ جي باوجود مون ڪنهن بـ اهڙي شيءَ کي هٿ نـ لاتو آهي، جنهن جي منهنجي ضمير مون کي اجازت نـ ڏني هجي. باقي انساني آزادي جو وڏو حامي رهيو آهيان. منهنجي نظر ۾ شباب ۽ ڪباب ڪو غلط ڪونهي. هي اسان جا ديني عالم سڳورا چون ٿا تـ شراب حرام آهي، زنا حرام آهي ۽ اهي ٻئي طرف ڳالهـ ڪن ٿا تـ بهشت ۾ ٻئي شيون توهان لاءِ حلال آهن ۽ توهان وٽ هونديون، ڪيڏو نـ ٻٽو معيار آهي. اڃا اڳتي اخلاق جا سڀ ليڪا لتاڙي غلمان پڻ بهشت ۾ ڏيئي ڇڏيا اٿن. مولانا غلام محمد گرامي پنهنجي مقالي “ مشرقي شاعري جا فني قد ۽ رجحانات“ ۾ لکي ٿو،“ قرآن جو انداز بيان بـ اجمال تي مشتمل آهي. قرآن جي پيش ڪيل بهشت ۽ ان جي نعمتن کي رمز ۽ ڪنايي جو حسين ترين انداز بيان سڏي سگهجي ٿو. اتي نـ حورن ۽ غلمانن جو ڪو شهوت انگيز تصور آهي ۽ نـ ڪو جنسياتي رد عمل ”. منهنجي اسٽڊي ٻڌائي ٿي تـ هنن جي خودڪش حملي آور تيار ڪرڻ ۾ انهن ئي چئن شين جهڙوڪ بهشت، شراب، حورن ۽ غلمانن جو واضح ۽ انهن جي پُر اثر پيش ڪش ئي نوجوان ڇوڪرن کي آمادهـ ڪري ٿي، جيڪي پنهنجي پاڻ کي مارڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. اڪثر خودڪش حملي آور سڀ نابالغ ڇوڪرا هوندا آهن ۽ انهن هڪ ڪتاب کان سواءِ ٻيو ڪجهـ پڙهيو بـ نـ هوندو آهي.
    مون مٿي لکيو آهي تـ بدين جي راتين ۽ ڏينهن جا ايترا احوال آهن جو انهي تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. هتي آئون پنهنجي اڍائي سال جي دور کي چند صفحن ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪندس. جيڪڏهن آئون رڳو هڪڙي ڪچهري جو سربستو احوال لکان تـ هن ڪتاب تي، فحاشي، لادينيت، اخلاق کان ڪريل ۽ خبر نـ آهي تـ ٻيا ڪيترا الزام لڳندا. ڊاڪٽر عبدالله سومري جي ڪري جن ٻين دوستن سان ملاقات کان پوءِ دوستي وارو رستو قائم ٿيو انهن ۾ هئا، ڊاڪٽر علي محمد کٽي، جنهن جو تعلق ڪڍڻ شهر سان آهي، ڊاڪٽر علي نواز ڀوت جيڪو ڪلوئي ٿر جو رهندڙ آهي. سڀئي ڊاڪٽر سڀئي پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل سمجهيل. آئون خوني رشتن جو ايترو قائل نـ آهيان جيترو روحاني رشتن جو. ڇو جو منهنجي نظر ۾ روحاني رشتن ۾ برداشت جو مادو وڌيڪ هوندو آهي، بمقابل خوني رشتن جي. آئون جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ ڪنهن دوست جي خلاف ڪا ڳالهـ لکي ڇڏيان تـ يقينن هو مون کي ڪجهـ بـ نـ چوندو. پر جيڪڏهن ڪنهن مائٽ جي طبيعت جي برعڪس ڪجهـ لکجي ويو تـ منهنجي باقي زندگي حرام ٿي ويندي. اسان جو هڪڙو مائٽ هوندو هو هاڻي اهو الله کي پيارو ٿي ويو آهي، اهو هميشه مائٽن جي شادي ۾ ڪاوڙيو ويٺو هوندو هو، پوءِ پلاند پٽڪا ٿيندا، آخر ۾ نياڻيون ميڙ ٿينديون ان کان پوءِ وڃي همراهـ ڀت کائڻ تي راضي ٿيندو. ڳالهـ ۾ وري ڪجهـ بـ ڪو نـ هوندو هو، فلاڻي مائٽ مون کي چانهـ جي صلاح ڪا نـ ڪئي، تنهنڪري ان کي ڀت مان ڪڍو. هاڻي اسان ٻروچ ڪجهـ پڙهي لکي پيا آهيون، پر اڄ کان 50 سال اڳ ڪو حال ڪو نـ هوندو هو. سکر بيراج جي وهڻ کان پوءِ سنڌي سماج جي نئين سر جوڙ جڪ ٿي تـ اسين لاڙ وارا ٻروچ سڌري ويا سين. اسان جي پاسي شيخ ڀرڪيي جي ميلي تي ڪي اسان جا مائٽ ميلو گهمڻ ويا. سو عطر وارو وڏا هوڪا ڏئي عطر جي وڏي تعريف ڪري رهيو هو، سو همراهـ عطر وٺي ڪنهن ڪنڊ ۾ ان کي کائڻ ويهي رهيو. مٿان وري ٻيو اسان جو مائٽ عقل جو اڪابر جنهن هن کي ڏٺو تـ عطر ائين رکو ويٺو کائي، سو هن کي چيائين تـ“ چريا عطر رکو ٿورئي کائبو آهي، هي ماني سان کائبو آهي”. ياد رهي تـ هي مون پنهنجي مائٽن جو قصو لکيو آهي، سنڌ ۾ ٻروچ گهڻا آهن متان ڪو پنهنجي پاڻ ڏانهن سمجهي.
    سنڌ ۾ ڀوڳ چرچي ۽ مسخري جو بـ هڪ الڳ ڪلچر موجود آهي. ڪجهـ وقت اڳ شادين مرادين تي چرچاين کي خاص گهرايو ويندو هو. اسان جي لاڙ پٽ ۾ ويجهي ماضي ۾ قادر بخش عرف قادو شيدي، ميرو گشڪوري، ملڻ اوٺو ۽ نٿو ڪهيري خاص وڏين وڏين شادين تي گهرايا ويندا هئا. هونئن بـ پاڻ ڏکارو رهي ٻئي کي کلائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. افسوس جو انهي فن جو قدر نـ هئڻ سبب اڄ اسان جي اڪثر سنڌي ماڻهن کي خبر ڪونهي تـ اهي بـ ڪردار هئا، جيڪي ڪجهـ گهڙين لاءِ صحيح پر درد وندن جا درد ختم ڪري انهن جي منهن تي خوشيون ئي خوشيون پکيڙي ڇڏيندا هئا. انهن چرچن سان گڏ ڪيڏي ڪيڏي مهل هلڪي ڦلڪي گار گند بـ ٿي ويندي هئي. ڀوڳ چرچو ۽ گار گند سنڌي ادب جي هڪ الڳ صنف هئڻ گهرجي، پر اسان جو پڙهيل لکيل طبقو جنهن جو ادب سان تعلق آهي. اهو هن صنف ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. تنهنڪري ادب جي اها شاخ ايتري ترقي نـ ڪري سگهي آهي جيترو ادب جي ٻين شين ۾ واڌارو ٿيو آهي. تعجب جي ڳالهـ اها آهي جو مون سنڌ ۾ هڪ ٻن پبلشرن کان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تـ “سنڌي ۾ ڪو گارين تي ڪتاب ڇپيل آهي؟” افسوس جو ڪٿان بـ مون کي هاڪاري جواب ڪو نـ مليو. سوال اهو آهي تـ مواد بـ ملي ويندو ۽ ڪتاب بـ لکي سگهجي ٿو پر ان کي پڙهندو ڪير. منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جي ڪتاب جي وڏي ريڊرشپ ٿيندي . پر وقت جي سرڪار جيڪا مذهب جي رنگ ۾ رنڱيل آهي اها انهي کي برداشت نـ ڪري سگهندي؟. مون جيڪي ٻـ چار ڪتاب انهي موضوع تي پڙهيا آهن انهن ۾ پير علي محمد راشدي جو ڪتاب “ اهي ڏينهن اهي شينهن “ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشدي جو ڪتاب “ اهي ڏوٿي اهي ڏينهن” جن ۾ انهي عنوان تي ٿورو گهڻو مواد ملي ٿو.
    سنڌ جو مهان ڏاهو علي احمد بروهي پنهنجي ڪتاب “ ڄام، ڄاموٽ،ڄامڙا“ ۾ لکي ٿو تـ “ دراصل گار ڏيڻ هڪ وڏو فن آهي ۽ ان فن جا ماهر مون گهڻا ڏٺا، مري ويندا پر ڪچي ڦڪي، ٻاڙي يا اگهاڙي گار مور نـ ڏيندا. گار ڏيندا تـ سُرائتي ۽ سُريلي، جنهن ۾ ٻڌندڙ کي سرور پيو ايندو. ” هو صاحب سنڌ جي ٻن وڏن ليڊرن جنهن ۾ مرحوم غلام محمد ۽ مرحوم دين محمد ٻئي سنڌ جا گورنر هئا. پهرين کي عظيم ۽ ٻئي کي غليظ گاريل سڏي ٿو. فضل الله قريشي جو ڪتاب“ ڪجهـ ڳالهيون ڪجهـ يادون” پڙهڻ مان معلوم ٿيندو تـ سنڌ جو هڪ وزير اعليٰ پڻ ان فن جو ماهر هو.
    مون ڪٿي اڳ ۾ اهو لکيو بـ آهي تـ اسان جي لاڙ پٽ ۾ گار ڏيڻ، گار ٻڌڻ ۽ ان کي برداشت ڪرڻ جو وڏو ڪلچر رهيو آهي. ڪجهـ وقت اڳ جڏهن شادي هال جو ڪلچر اڃا ڪو نـ پيو هو شاديون ڳوٺن ۾ شاميانا هڻي پوءِ ڪيون ويندو هيون. تڏهن اسان جي لاڙ پٽ ۾ تقريبن هر شادي ۾ راڳ رنگ جي محفل ضرور هوندي هئي. راڳ ختم ٿيڻ کان پوءِ لائوڊ اسپيڪر وغيرهـ بند ٿي ويندا هئا. پوءِ موجود ماڻهن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويندو هو ۽ گارين جو مقابلو شروع ٿي ويندو هو. انهي ۾ خاص گاريال گهرايا ويندا هئا، هو گاريون ڏيندا هئا ۽ تماشبين کلڻ ۾ پورا. پوءِ جنهن جي گار سنڌائتي،سُريلي ۽ سٺي هوندي هئي ان کي انعام ملندو هو. اهي گاريون سريليون هونديون هيون، بي سريون گاريون تـ زميندار هارين کي ٿا ڏين، ٿاڻي وارا چور ۽ ڀاڳئي ٻنهي کي ٿا ڏين. اهو گارين جو سلسلو رڳو انهن گارين ڏيڻ وارن تائين محدود ڪو نـ هوندو هو پر ٿورو اڳتي هلي، مينهن جو رخ ڦري ٻڌڻ وارن ۽ کلڻ وارن تي وسڻ شروع ٿي ويندو هو. مطلب تـ انهي راند مان سڀئي پيا فيضياب ٿيندا هئا. شادي جو مالڪ جيڪڏهن ڪنهن ٻاهر جي آيل مهمان جي خاص پارت ڪندو هو تـ انهن کي گاريون ناهن ڏيڻيون، بس گارين ۾ خاص مهمان کليو نـ آهي تـ گارين جو وسڪارو اوڏنهن شروع ٿي ويندو. پر هر ڳالهـ ۾ سهپ ۽ برداشت هئي. جنهن کي ڳالهـ نـ وڻندي هئي اهو اٿيو هليو ويندو هو.
    ڇا ڪجي قلم آهي اگهاڙو، دنيا جي ڪنهن بـ ڪنڊ ۾ قلم کي ڪپڙا پهريل نـ ٻڌو نـ ڏٺو. بس اهي ڳالهيون اتي ڇٽيون وري اچون ٿا بدين تي. اهو تـ آئون اڳئي ذڪر ڪري آيوآهيان تـ جيئن ئي اسلام آباد مان بدلي ٿي بدين آيس تي هنن ڊاڪٽر جي هٿين چڙهي ويس. هي لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان هڪ نـ پر ٻـ ڊگريون وٺي آيا هئا. هڪ تـ هئي MBBS واري ڊگري، جڏهن تـ ٻئي هُئي گارين ٻڌڻ ۽ ڏيڻ ۾ پڻ ڪافي ڀڙ ٿي آيا هئا. مون کي لڳي ٿو تـ انهي ۾ هنن پوسٽ گريجوئيٽس ڪئي هوندي. ڏينهن جو تـ هي سڀ جا سڀ ڊاڪٽر هئا ها البت رات جو هڪ مخصوص هلڪو ماڻهن جو هوندو هو انهي ۾ هي هڪ ٻئي کي ست سريون ٻڌايندا بـ هئا تـ ڳائيندا بـ هئا. ڊاڪٽر عبدالله سومرو جنهن سان منهنجي دوستي گهري گهاٽي ٿي وئي هئي. هو نـ پيو چاهي تـ ڪو آئون انهي گنگا ۾ وهنجان، پر “جيڪا درياهـ ڪناري ڪُڏي سا اڄ نـ ٻُڏي سڀان ٻُڏي”. هڪ ڏينهن مون عبدالله کي چيو تـ اڄ هل تـ هلون ڪڍڻ ڊاڪٽر علي محمد کٽي کان ڪجهـ ٻڌون ۽ ڪجهـ کيس ٻڌايون. ڊاڪٽر مون کي ڪافي سمجهايو، پر “ڳوهـ کي کٽي کڻي چُهڙي جو گهر ڳولي” آئون هن جي ڪا ڳالهـ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪو نـ هوس. مون سرڪاري گاڏي ۾ جلال چانڊيو جي ڪيسٽ لڳائي ۽ اسين وڃي ڪڍڻ پهتاسين. مون ٿوري گهڻي هلڪي ڦلڪي موسيقي وڄائي پر ان ۾ ڪو اثر ڪو نـ هو. ڇو جو مون وارو راڳ لڳو ئي ڪو نـ . ڊاڪٽر علي اسان کي سندس اسپتال تي وهڻ ئي ڪو نـ ڏنو، ڇو جو سندس اتي مريض ويٺا هئا، انهن ئي پيرن اسان وري جيپ ۾ چڙهياسين. جيئن اسان ڪڍڻ شهر مان ٻاهر نڪتاسين هن اسٽيٿو ڪنڌ مان ڪڍي ان کي يڪتارو ٺاهيائين ۽ وٺي کڻي قوالي شروع ڪيائين. جيئن پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي تـ مارواڙي مايو هٿن جي اشارن سان ۽ ناچ گاني سان مخصوص قسم جا سهرا ڳائينديون هيون. تيئن ڊاڪٽر علي قوالي سان گڏ ڊانس بـ شروع ڪري ڏني. اهي اهڙيون تـ سُرائتيون، سنڌائتيون ۽ لئي ۾ بيهي ويون . انهي سان گڏ ڊاڪٽر علي کٽي سُرن جا نالا پڻ ٻڌائيندو هلي تـ هي مالڪوس اٿئي، هي ڀيروي اٿئي. آخر ۾ جڏهن راڻو چيائين تـ مون کان ڊرائيونگ ڇڏائجي وئي، هاڻي اسان کلون يا آئون گاڏي هلايان. کلندي کلندي باقاعدي مون کي الٽيون شروع ٿي ويون. مون زندگي ۾ اهڙيون ست سريون ڪڏهن ٻڌيون ئي ڪو نـ هيون. سو طبيعت خراب ٿي پئي، ٽي چار ڏينهن آئون بيمار هوس. اهي ڏينهن اهي شينهن مون غليظ گار ڏيڻ کان پاڻ پاسو ڪيو. گار جو هڪ اصول آهي تـ جيڪڏهن گار تي ڪو بـ کليو نـ تـ اها گار وائي فائي ٿي وئي، انهي جو اثر ختم. اڳتي هلي اسان طريقـ واردات تبديل ڪئي هئي. ڊاڪٽر علي کي ڪٿي ڪنهن ٻئي دوست وٽ مهمان ڪري وٺي ويندا هئاسين، ان علائقي جي سٺي گاريال کي پئسن تي هائر ڪندا هئاسين، هن واري ڳالهـ تي اسان کلندا ئي ڪو نـ هئاسين. ڊاڪٽر علي سان هڪڙو مسئلو اهو هوندو هو تـ هن کي جيڪڏهن ڪا سنڌائتي پئجي ويندي هئي تـ ٽرڙي ڪڪڙ وانگر ڪنڌ ڇڏي ڏيندو هو. صفا محفل ڇڏي اٿي ڀڄندو هو، هاڻي 40 ڪلو ميٽر اسان شهر کان پري ويٺا هجون، رات جو آڌي جو ٽائيم، پوءِ هن کي زوري جيپ ۾ وجهي شهر کڻي ايندا هئاسين، کٽ تي ڪو نـ سمهندو هو، مريضن واري اسٽريچر تي پيو هوندو هو، صبح جو ناشتي ڪرڻ کان سواءِ بس تي چڙهي ڀڄي ويندو هو. اهو ڪاوڙ ۽ ناراضگي جو پيرڊ اٺ ڏينهن هلندو هو. انهي وچ ۾ هر قسم جو رابطو ختم، پوءِ اسان جو ٺاه ازخود ٿي ويندو هو يا هو بدين ايندو هو يا آئون سرڪاري جيپ ۾ بدين کڻي ايندو هو مانس. اهڙو ملاکڙو اسان جو سال ۾ ٽي يا چار دفعا ٿيندو هو. ڊاڪٽر علي جي هڪڙي سٺي عادت اها بـ هئي تـ هن ماڻهو کي مون ڪڏهن بـ پريشان نـ ڏٺو سدائين کلندو ۽ کلائنيدو رهندو هو. هڪ دفعي منهنجي ڳوٺ گلاب لغاري ۾ اسان ڪچهري رکي. منهنجو ڳوٺ ڊسٽرڪٽ هيڊڪواٽر کان 100 ڪلو ميٽر پري آهي، اتي منهجو دوست آهي K-2 (پريم چند ) جنهن جو مٿي ڪافي ذڪر ٿي چڪو آهي، اهو بـ مڙئي هلي ڦلڪي موسيقي ڪندو آهي. انهي کي مون تيار ڪري ڇڏيو تـ اڄ ڊاڪٽر علي جي هلڪي ڦلڪي توکي ڪرڻي آهي. اصل ۾ گار تي جيڪڏهن ڪو کليو نـ تـ انهي جو ڪو اثر نـ ٿيندو. علي جي عادت هوندي هئي تـ هروڀرو هٿ چراند ڪندو هو. علي جيڪا ڳالهـ ڪري ان تي اسان کلون ئي نـ، جڏهن تـ K-2 ائين ڪا ڳالهـ ڪري جنهن ۾ ڪنهن بـ قسم جي گار گند نـ هجي پر هرو ڀرو اچيو کلون ۽ اسان سڀ جا سڀ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيون، ائين اسان هن کي ٻاري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. انهي دفعي بـ اسان هن کي اهڙو ڇتو ڪيو جو پوءِ ڪنهن مريض جي کيسي ۾ K-2 سگريٽن جو پئڪٽ پيل ڏسندو هو تـ ان کي ڏسندو ئي ڪو نـ هو. ان کي چوندو هو تـ تنهنجي مون وٽ دوا درمل ڪا نـ آهي. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر علي محمد کٽي هن دور جو عظيم انسان آهي. جيڪو پاڻ پهاڙ ڏکن ۽ غمن جا بار مٿي تي کڻي ٻين کي کلائيندو آهي. اندازو ڪريو سندس 22 سالن جو نوجوان پٽ هن دنيا مان هليو ويو. هڪ پيءُ جي مٿان ڇا گذريو هوندو. تازو هي جڏهن اسلام آباد آيو تـ مون کي چيائين تـ “آئون اندر ۾ ڀڄي ڀري پيو آهيان پر اوهين دوست مون سان کلي ڳالهايو ٿا تنهنڪري آئون زندهـ آهيان”
    اسان جي لاڙ پٽ جي معاشي ۽ سماجي حالت جي سڌرڻ ۽ نـ سڌرڻ جا ڪيترائي سبب بـ آهن تـ انهي جي تاريخ بـ ڊگهي آهي . آئون 1972 ۾ جڏهن بدين ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ آيو هوس. ان زماني ۾ بدين، حيدرآباد ضلعي جو هڪ تعلقو هو، ان کان پوءِ جلدي پيپلز پارٽي جي حڪومت ان کي ضلعي جو درجو ڏنو. هاڻي جڏنهن آئون 22 سالن کان پوءِ بدين ۾ نوڪري ڪرڻ آيس، مون کي ڪا بـ شيءَ بدليل نظر ڪا نـ آئي، سواءِ ڪجهـ سرڪاري آفيسن جي بلدنگن جي. اهو ئي هاءِ اسڪول جنهن ۾ اسان امتحان ڏنو، جيڪو هاڻي ٻارن جي ويهڻ جي قابل نـ رهيو هو. اڄ 2017 ع ۾ جيڪڏهن بدين جو انگن اکرن سان جائزو وٺجي تـ غربت ۾ بدين آخري نمبرن تي، پڙهائي جو ريشو بدين آخري نمبرن ۾، انساني وسيلن جي ترقي ۾ بدين صفا پوئتي، روڊ رستن جي اها حالت جيڪا 50 سال اڳ هئي، مالي وسيلن ۾ بدين تيل ۽ گيس ۾ شاهوڪار. هڪ اندازي مطابق هن وقت بدين ۾ 58 غير سرڪاري تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. سماجي توڙي معاشي طرح بدين کي جيڪا ترقي ڪرڻ کپندي هئي اها نـ ڪري سگهيو آهي. پاپوليشن جي بم گولي جي ڪري ڳوٺ وڌي، شهر ٿي ويا پر بدين پٺتي پيل شهر ئي رهيو. جتي وڌندڙ آبادي جا نقصان آهن اُتي ان جا ڪجهـ فائدا بـ آهن. شرط اهو آهي تـ ان ملڪ جون اقتصادي توڙي سياسي پاليسيون اهڙيون هئڻ گهرجن جو تيزي سان وڌندڙ آبادي مان هاڪاري فائدا وٺي سگهجن. دنيا ۾ ٻـ اهڙا ملڪ آهن جن پنهنجي پاپوليشن مان ڀرپور فائدو ورتو آهي. هڪ چين ٻيو سنگاپور. سنگاپور جي ٽوٽل ايراضي آهي فقط 725 سئو چورس ڪلوميٽر. ان جي مقابلي ۾ صرف اسلام آباد جي ٽوٽل پکيڙ 900 سئو چورس ڪلو ميٽر آهي. ان وٽ ڪا معدنيات ڪونهي، ڪا زراعت ڪانهي، پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، وڏن وڏن ڪارخانن لڳائڻ لاءِ زمين ڪونهي. ڪمائي جو ذريعو صرف بندر گاهـ آهي. هاڻي ڀيٽ ڪريو پاڪستان وٽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا آهن 21 اٽڪل بلين ڊالر، جڏهن تـ سنگاپور وٽ اندازن 300 بلين ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهن. سنگاپور جو تفصيلي ذڪر هن ڪتاب ۾ اڳيان ايندو، ڇو جو اتي بـ منهنجو هڪ دل گهريو دوست رهندو آهي ۽ آئون هڪ دفعو اتان ٿي بـ آيو آهيان.
    جتي بدين جو ذڪر اچي، اتي ڊاڪٽر عبدالله سومري ۽ ڊاڪٽر علي محمد کٽي کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالعليم پنهور ۽ ڊاڪٽر علي نواز ڀوت جو ذڪر نـ اچي تـ ڳالهـ ٻُسي ٻُسي پئي لڳندي. آئون اڳئي اهو ذڪر ڪري آيو آهيان تـ مون سان ڊاڪٽر علي هڪڙو ملاکڙو ڪيو تـ مون بس ڪئي. اهڙيون محفلون اسان ڊاڪٽر عبدالله جي بدين واري اوطاق تي ڪو نـ ڪندا هئاسين، ڇو جو هو صاحب هڪ تـ بدين جي معززين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ٻيو بدين ۾ سومرن جي وڏي برادري رهندي آهي. اسان سڀ پڙهيل لکيل، ڇڙا ڇنڊا، نامي گرامي، سو اهي بار پوندا هئا يا ڊاڪٽر عليم پنهور تي کورواهـ ۾، يا ڊاڪٽر نواز ڀوت وٽ ٿر ۾. آئون ڊاڪٽر نواز جي ڳوٺ کي وڌيڪ پسند ڪندو هوس. سڀئي دوست منهنجي مرضي کي مان ڏيندا هئا. ڊاڪٽر نواز آهي تـ انهن جي ٻاري جو ماڻهو پر انهن کان ٿورو مختلف آهي. سنڌي ادب بـ سٺو پڙهيل اٿس، ادبي ذوق شوق پڻ رکندو آهي، ڀٽائي، شيخ اياز ۽ امر جليل کي سٺو پڙهيو اٿس. جڏهن بـ ٿر وڃبو هو تـ خاص ڪچهري کان پوءِ اسان جي پاڻ ۾ ادب تي سٺي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. ڊاڪٽر علي کٽي بي ادب ماڻهو، جنهن کي سنڌي ادب پاسو ڏيئي بـ ڪو نـ گذريو هو، سو پيو بور ٿيندو هو، نيٺ وچ ۾ پئي رنگ ۾ ڀنگ وجهي ڇڏيندو هو، اسان جي ادبي ڪچهري اچي پٽ تي پوندي هئي. خاص ڪري مون کي ڪاوڙ ڏاڍي ايندي هئي پر علي کي سڀ گناهـ معاف. اتي وري ڊاڪٽر علي جي مهماني جي ڪري خاص ڊاڪٽر نواز ٿر جي بس جو ڪو ڪنڊيڪٽر هن لاءِ مسواڙ تي وٺي ايندو هو، جيڪو مارواڙي ٻولي ۾ علي کٽي کي راسوڙن ۾ اهڙيون ست سريون ٻڌائيندو هو جو کلي کلي کيرا ٿي پوندا هئاسين. اتفاق سان ڊاڪٽر کي ڪا ڏکي پئجي ويندي هئي تـ ٽرڙِي ڪڪڙ وانگر ڪنڌ ڇڏي ڏيندو هو، پوءِ اها سرڪاري جيپ ۽ اسان کڻي اچي بدين ڦٽو ڪندا هئاسين. اٺ ڏينهن ڊاڪٽر علي عدت ۾ ويٺو هوندو هو، وري ساڳي ماني ساڳ سان. ان کان سواءِ هڪ اڌ ڪچهري غلام الله جروار جي ڳوٺ ۾ پڻ منعقد ٿي هئي، جروار صاحب بـ زبان جو ڇوٽ آهي، پر علي کٽي ڪجهـ سرس آهي. پر وري جڏهن ڊاڪٽر نواز ڀوت ۽ ڊاڪٽر عبدالله سومرو ڦيرو کائي ويندا هئا تـ ڊاڪٽر علي کٽي سان زيادتي ٿي پوندي هئي، وري بـ انهي کي کڻڻو مون کي ئي پوندو هو.


    محمد علي نوناري

    محمد علي نوناري

    هي انهن ڏينهن جي ڳالهـ آهي جڏهن لاڙ سنڌ ۾ گرمين جا چاليها پنهنجن پوين پساهن ۾ هئا. ڏينهن ڪجهـ گرم تـ رات محبوب جي گلابي چپن وانگر ٿڌڙي ۽ مٺڙي ٿي لڳي. انب بـ ڪٿي ڪٿي مارڪيٽ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ نظر ٿي آيا. مڇرن ڪڏهن ڪڏهن تکيون ۽ مٺيون لوليون ٿي ٻڌايون. منهنجي خيال ۾ اهي سال 1995 ع جا پڇاڙڪا مهينا هئا. آئون هنن ڊاڪٽر دوستن جي چنبي ۾ چڱي طرح قابو ٿي چڪو هوس. جنهن جو ذڪر اڳ اچي چڪو آهي. منهنجو روز جو معمول هوندو هو تـ شام جو آفيس ختم ڪري ڊاڪٽر عبدالله سومري وٽ هليو ويندو هوس. جنهن جو گهر ۽ ڪلينڪ کوسڪي روڊ تي اڃا تائين آهي. هاڻي سرڪاري گاڏي آئون پاڻ هلائيندو هوس. شهر مان رش کان بچڻ خاطر آئون هميشـ حيدر آباد ٽنڊو باگو باءِ پاس روڊ استعمال ڪندو هوس. جڏهن تـ بدين ڇانوڻي پڻ انهي روڊ تي پوندي آهي. مون کي خبر نـ هئي تـ اتي آرمي وارن جو ڪو ڪاليج بـ آهي. سو جيئن آئون شهر طرف ايندو هوس تـ ڪاليج وٽ ڪافي ڇوڪرا لفٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ياد رهي تـ اسلام آباد ۾ لفٽ ڏيڻ ۽ وٺڻ جو وڏو رواج آهي. آئون بـ تـ اسلام آباد مان بدين ويل هوس سو مون بـ ماڻهن کي لفٽون ڏيڻ شروع ڪيون. پر انهي دوران مون سان هڪ واقعو پيش اچي چڪو هو. ٿيو ائين جو ڳوٺان آيس پي تـ سعيد پور ڪاليج جي ڇوڪرن تلهار اچڻ جي لاءِ مون کان لفٽ ورتي. هنن ڇورن ڇا ڪيو جو جيپ ۾ پويان پيل پاڻي جو ڪولر پاڻ ۾ مشڪريون ڪري هاري ڇڏيائون. مون بـ پهـ ڪيو تـ اڳتي لاءِ ڪنهن شاگرد کي لفٽ ڪا نـ ڏبي. جڏهن تـ منهنجو بـ هر روز انهي ساڳئي کوسڪي روڊ اتان لنگهڻ ٿيندو هو، آرمي ڪاليج جي هاسٽل جا شاگرد بـ هر روز لفٽ وٺڻ لاءِ موجود هوندا هئا. آئون اڪثر ڪري جيپ کي بغير ڪنهن بريڪ هڻڻ جي اُتان نڪتو هليو ويندو هوس. پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻـ شاگرد ڏسي آئون انهن کي گاڏي ۾ کڻندو بـ هوس. هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو مون هڪ يا ٻن شاگردن کي لفٽ ڏني هئي. جيتريقدر مون کي ياد پوي ٿو تـ انهن مان هڪ انهن جو دوست بيمار هو. هنن مون کان ڪنهن ڊاڪٽر جو پڇيو هو. آئون هنن کي سڌو ڊاڪٽر عبدالله جي ڪلينڪ تي وٺي آيس ۽ ڊاڪٽر منهنجي ڪري هن شاگرد کان ڪنهن بـ قسم جي دوا درمل جا پئسـا ڪو نـ ورتا هئا. تعارف ڪرائڻ تي معلوم ٿيو تـ هڪ جو تعلق بدين ضلعي جي ڪنهن پاڙيسري ضلعي سان آهي، جڏهن تـ محمد علي نوناري جو واسطو لاڙڪاڻي سان هو. تنهنڪري هن کي پرديسي ۽ پري واري ضلعي لاڙڪاڻي جو رهائشي هئڻ جي ڪري هن ڏانهن منهنجون همدرديون وڌي ويون. آئون هنن کي واپس ڊاڪٽر جي اسپتال کان هاسٽل تي ڇڏي آيس ۽ هن مون کان منهنجو وزيٽنگ ڪارڊ وٺي ڇڏيو. ائين هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ هي مون وٽ آفيس پهچي ويو. جيئن تـ آئون اتي جو لوڪل هوس ۽ هن جو تعلق لاڙڪاڻي سان هو، سو منهنجو فرض ٿي ٿيو تـ محمد علي سان سٺي نموني پيش اچان. جڏهن اسان جي باقائدگي سان منهنجي آفيس ۾ پهرين ملاقات ٿي تـ مون هڪ قسم جو هن تي ناراضپو ڏيکاريو هو ۽ کانئس پڇيو هوم تـ “ لاڙڪاڻو ڇڏي توهان بدين ڇو پڙهڻ آيا آهيو. ؟” منهنجو مطلب هو تـ هن کي بدين نـ اچڻ گهربو هو. پر هن وٽ مون کي ڏيڻ جي لاءِ ڪو بـ جواب ڪو نـ هو. جڏهن اسان جي دوستي هڪ اهڙي ليول تي پهتي جتي هن جو مون تي اعتماد وڌي ويو تـ پوءِ مون هن جي پڙهائي ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي هئي. هن سان جڏهن بـ ملاقات ٿيندي هئي تـ آئون هر سبجيڪٽ تي هن کان الڳ الڳ پڇاڻو ڪندو هوس تـ هن هفتي هن ڇا پڙهيو آهي. هڪ دفعي آئون هن سان اهڙو سخت ٿي ويو هوس جو آفيس ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ هليو پئي پر هن کي لاڙڪاڻي واري گرمي ياد اچي ويئي هئي. انهي ڏينهن مون کي احساس ٿيو هو تـ مون هن سان زيادتي ڪئي آهي. اهو پهريون ڏينهن هو جڏهن اسان گڏجي وڃي ماني کاڌي هئي. ياد رهي تـ اسان جي عمرين ۾ وڏو فرق هو، ان زماني ۾ هي فرسٽ ايئر جو شاگرد ۽ آئون 18 گريڊ جو ضلعي جو آفيسر هوس. پر هن جي اخلاق ۽ سندس ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي انداز مون کي ڪافي متاثر ڪيو. خير سندس صورت تي آئون ڪو تبصرو ڪو نـ ٿو ڪريان، جنهن کي ڏسڻو هجي تـ هينئر ڏسي سگهي ٿو. پر سيرت هن جي ڪمال جي هئي، هن ڪڏهن بـ مون سان ائين حُجائتي انداز ۾ نـ ڳالهايو. هن جي ڳالهائڻ جو انداز هميشـ سنجيدگي وارو هوندو هو. ائين اسان ٿورن ڏينهن ۾ گهرا گهاٽا ٿي وياسين. اسان جو گهڻو ويجهو اچڻ جو هڪ ٻيو واقعو بـ هو. هڪ ڏينهن آئون هن جي هاسٽل تي ويس، پتو لڳو تـ محمد علي نوناري صاحب ٽن ڏينهن جي چلي تي تبليغي جماعت سان گڏ ڪنهن مسجد ۾ ويل آهي. مون کي اهو ٻڌي سخت ڪاوڙ بـ آئي ۽ مايوسي بـ ٿي، ڇو جو آئون انهي جنس جي سخت خلاف آهيان. مون کي اتي ئي ڪنهن شاگرد انهي مسجد جو پتو ڏيئي ڇڏيو هو، جيڪو انهي مسجد مان اڳئي تبليغين کان ڀڄي آيو هو. انهي جي ڏس ڏيڻ تي ائين آئون انهي مسجد تي پهچي ويو هوس، جتي محمد علي تبليغين سان رهيل هو. محمد علي نوناري ۾ هڪ سٺي عادت اها آهي جو هو منهنجي اڳيان ڪنهن بـ قسم جو بحث مباحثو يا مزاحمت وغيرهـ نـ ڪندو هو, نـ ئي وري اڄ بـ ڪندو آهي. مون هن کي چيو تـ “هل تـ هاسٽل تي هلون” هي بغير ڪنهن چوڻ آکڻ جي ۽ ڪنهن اڻ ڏٺي دوزخ جي ڊپ کان تبليغين کي ڇڏي مسجد مان نڪتو مون سان گڏ هاسٽل تي هليو آيو هو.
    هاڻي هن جي واقفيت منهنجن ڊاڪٽر دوستن سان بـ ٿيڻ لڳي. انهن جي باري ۾ آئون گهڻو ڪجهـ مٿي لکي آيو آهيان، هتي وري لکڻ ورجاءُ ٿيندو. اسان جون اڪثر ڪچهريون جيڪي ڊاڪٽر نواز جي ڳوٺ ڪلوئي ۾ ٿينديون هنيون انهن مان هڪ ٻن ۾ محمد علي بـ شامل ٿيو هو. انهي جو ذڪر هتي لکڻ طوالت ٿيندي، اهي تفصيل آئون محمد علي نوناري تي ڇڏيان ٿو، هو جڏهن بـ پنهنجي درد ڪٿا لکندو تـ انهي ۾ تفصيل لکي ڇڏيندو. محمد علي کي بدين ڇڏڻ کان پهريائين مون هن کي پڙهائي متعلق هڪ گائيڊ لائين ٺاهي ڏني هئي ۽ هي پڙهائي جي آخري سال تائين انهي لائين تي هلندو رهيو. اڳتي هلي هي ٿورو پٽڙي تان لهي ويو، پوءِ مون جيڪي هن لاٰءِ خواب ڏٺا هئا انهن جي تعبير نـ ٿي سگهي. آخر ۾ جڏهن پيپلز پروگرام ختم ٿيڻ تي ۽ هن جي تعليم پوري ٿيڻ تي بدين جي دوستن اسان ٻنهي جي گڏيل الوداعي پارٽي ڪئي تـ، انهي ۾ هنن چڱو خاصو رنگ رچايو هو. ائين اسان ٻنهي 1996 ع جي آخري مهيني ۾ بدين کي الوداع ڪيو هو.
    آئون جيئن ئي بدين مان بدلي ٿي اسلام آباد واپس پهتس تـ محمد علي جي خطن جو سلسلو شروع ٿي ويو. هن دوست جا مون وٽ ڪيترائي خط آيا، ڪهڙا پهريان آيا ۽ ڪهڙا پوءِ، انهن کي الڳ الڳ ڪرڻ بـ منهنجي لاءِ ڪافي ڏکيو ڪم آهي. ها البت هتي نموني خاطر ٻـ خط پيش ڪجن ٿا.
    محترم سهڻا سائين سدا خوش هجو.
    بعد گهڻن سلامن، ادبن ۽ ڏوراپن جي عرض تـ هت سڀ خير آهي. اميد تـ رب پاڪ جي رحم و ڪرم سان توهان پيارن دوستن ڏانهن بـ خيريت هوندي، آمين.
    مطلب احوال هن ريت آهي تـ گهڻي وقت کان وٺي توهان جي پرواني جو انتظار آهي. ان جا ٻـ سبب ٿي سگهن ٿا، هڪ مصروفيت ۽ ٻيو ڪاوڙ. اگر توهان انهن ٻنهي سببن مان ڪنهن هڪ بـ سبب جي ڪري دير ڪري رهيا آهيو تـ مهرباني ڪري اهو بـ لکي موڪليندا تـ جيئن هڪ ٻئي جي احوالن جي خبر پوندي رهي.
    اسان جي جيستائين داخلا ٿئي تيستائين منهنجو ٺڪاڻو باڊهـ ۾ ئي رهندو. ٻيو احوال تـ اسان جي اڃان تائين Admission list نـ لڳي آهي ۽ هاڻي ماستري جي لاءِ سيٽون بـ اچي رهيون آهن. اسان درخواستون جمع ڪرايون آهن. مهرباني ڪري انهي ڪم لاءِ بـ ٿوري رهبري ڪندا. ادا سائين جيئن تـ توهان ڏانهن اڳئين خط ۾ لکيو هوم تـ مان اسلام آباد اچڻ چاهيان ٿو. ان جو بـ ڪو جواب ڪو نـ مليو آهي. اگر توهان کي مصروفيات گهڻي آهي تـ آئون توهان کي Distrub ڪو نـ ڪندس. ليڪن گهٽ ۾ گهٽ خط تـ لکندا ڪريو. مهرباني.
    In the regard of my schedule مان روزانو At least چار ڪلاڪ Study ڪندو آهيان. Dawn کي بـ ڪجهـ وقت لاءِ Refer ڪندو آهيان. اڪثر ڪري اسلامي ڪتاب پڙهندو آهيان. طبيعت جي لحاظ کان تمام Serious رهندو آهيان. (سائين ڪجهـ وقت لاءِ Serious رهندو آهيان). مان پنهنجا تقريبن Short ۾ احوال پورا ڪري چڪو آهيان، وڌيڪ توهان پنهنجي احوال کان آگاهـ ڪندا. ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا. سلام گهڻي کان گهڻا قبول ڪندا ۽ دوستن کي چوندا.
    صرف توهان جو ننڍڙو ڀا ءُ
    Mohammad Ali Noonari
    Dated 16-6- 1997

    جيئن مون مٿي لکيو آهي تـ هن منهنجي دوست جا ڪيترن سالن تائين خط ايندا رهيا. اهو منهنجي فطرت ۾ شامل آهي تـ آئون ڪنهن دوست جي تڪليف برداشت نـ ڪري سگهندو آهيان. ڪڏهن بـ ڪنهن دوست کي امير يا غريب جي نظر سان نـ ڏسڻ گهرجي. اها بـ ڪوشش ڪندو آهيان تـ ڪنهن بـ دوست ۾ ڪا وڏي اميد نـ رکان. ڪوشش ڪري ڪنهن دوست کي ڪم نـ چوندو آهيان. جيڪڏهن ڪو دوست مون کي ڪم چوندو آهي تـ خوشي ٿيندي آهي. بشرط ڪم جائز ۽ منهنجي وس ۾ هجي. پر ڪنهن وقت ڪو ماڻهو اهڙو تـ مجبور ٿي ويندو آهي جو پنهنجو احوال صرف ڪنهن دوست سان ئي ونڊي سگهي ٿو. ڪنهن چڱي مقصد لاءِ ڪنهن جي مالي مدد ڪئي وڃي تـ انهي ۾ ٻنهي ڌرين کي خوشي هئڻ گهرجي. محمد علي نوناري جو سال 2000ع ۾ مون کي هڪ اهڙو خط مليو. جنهن مون کي ڀوري ذرا ذرا ڪري ڇڏيو. مون تيستائين ننڊ نـ ڪئي جيستائين سندس پريشاني ڪجهـ گهٽ نـ ٿي” آئون ڇو بيچين ٿي ويس، انهي جو سادو ۽ سولو جواب هي آهي تـ منهنجو دوست پريشاني ۽ تڪليف ۾ مبتلا هو. هو هڪ اهڙي بند گلي ۾ بيٺل هو جتي صرف ان کي آئون ئي نظر ٿي آيس. اهڙي حالت ۾ منهجو پريشان ٿيڻ بـ لازمي هو. جيڪو هن خط مان صاف ظاهر آهي.
    Sindh University
    Jamshoro
    Blocks Hostel, Rooom No. 27-D
    Dated: 28-10-2000
    (ڪنهن شاهـ جي بيت جي انگريزي ٽرانسليشن)
    پيارا ادا سائين، سدا خوش هجو. اسلام عليڪم
    بعد گهڻن ادبن ۽ سلامن جي لکجي ٿو تـ مان بلڪل ٺيڪ آهيان ۽ اميد تـ رب پاڪ جي رحم ڪرم سان توهان ڀائرن ڏانهن بـ خيريت هوندي آمين. پيار ادا سائين توهان کي تـ خبر آهي تـ شاگرد جي زندگيءَ ۾ ٻن ڳالهين جو ڌيان يعني هڪ امتحان جو سوچڻ ۽ ٻيو پيسن جو استعمال تي خاص توجـهـ ڏني ويندي آهي. خدا شاهد آهي تـ مان هميشـ ٻنهي معاملن تي ڪافي Careful رهيو آهيان، پر جڏهن بـ ڪو ڏکيو وقت آيو آهي تـ صرف توهان ڀائرن سان ونڊيندو آهيان.
    توهان يقين ڪريو تـ هاڻي Final ڪري رهيا آهيون پر سادگي اڃا تائين First Year واري بسر پئي ٿئي. مان توهان کي ائين ڪو نـ چوندس تـ ڪتابن لاءِ خرچ کٽي ويو آهي، نـ ئي وري ڪنهن دوست جي شادي لاءِ وڃڻو آهي. پر هن سال ۾ اسان کي روزانـ ڪلاس دوران Presentations ڏيڻيون پونديون آهن ۽ ڪافي دفعا ٻين شهرن ڏانهن Debate ڪرڻ لاءِ بـ ويندا آهيون. ان لاءِ ڪپڙن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٿورو پريشان ٿيندو آهيان. خاص ڪري هن سيميسٽر ۾ پئسـا ڪافي خرچ ڪري چڪو آهيان. 400 روپيـا صرف Admission Fee ۽ 2500 سئو روپـيا هاسٽل Allotment ۽ ڪتابن جو خرچ وغيرهـ. هاڻي گهر وارن ۾ بـ آسرو گهٽ ٿو ڏسان. ان ڪري جيڪڏهن توهان وٽ ڪجهـ Leniency هجي تـ 500 يا 600 روپـيا موڪليندا تـ مهرباني ٿيندي.
    پيارا سائين منهنجي لاءِ گهر وارن کان بعد ۾ صرف توهان ئي آهيو. جيڪڏهن توهان کي نـ ٻڌائيندس تـ ٻيو ڪنهن کي چوان. خدارا پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي غلط نـ سمجهندا. مون کي خبر آهي تـ اڄ جي دور ۾ هر هڪ ماڻهو پنهنجي حال آهر هلي رهيو آهي. پر توهان تـ پوءِ بـ اسان کان هر لحاظ کان وڌيڪ تجربيڪار آهيو. توهان پنهنجن جون مجبوريون سمجهي سگهو ٿا.
    ٻيو احوال تـ اڄڪلهـ انگريزي وارن “ڏنڊو” ڏنو آهي. سڄو ڏينهن پڙهائي هلي ٿي، پر تنهن هوندي بـ “ڪورس ڪور” ڪو، نـ پيو ٿئي. مٿئين مهيني کان اسان جي يونيورسٽي ۾ CSS جا ڪلاس بـ هلي رهيا آهن، جنهن ۾ Admission فارم ڀريو آهي. بس توهان دعا ڪريو انشا الله پنهنجن مقصدن ۾ الله تعاليٰ ڪامياب فرمائيندو. وڌيڪ احوالن کان توهان واقف ڪندا . سلام سائين نظاماڻي صاحب کي چوندا ۽ گهڻي کان گهڻا پاڻ قبول ڪندا.
    صرف توهان جو ننڍو ڀاءُ
    Muhammad Ali Noonari

    محمد علي نوناري منهنجو واحد اهو دوست آهي، جيڪو ڪيترائي دفعا مون وٽ اسلام آباد آيو. هي اهو زمانو هو جڏهن موبائل فون اڃا ايترو عام جام ڪو نـ ٿيو هو. هي همراهـ بـ بغير ڪنهن ٻڌائڻ جي ائين ريل ۾ چڙهي پوندو هو. پاڪستان جون ريلون سدائين ليٽ، تان جو آڌين جو اچي راولپنڊي لهندو هو. رات جو ڏهين وڳي کان پوءِ اسلام آباد سمهيو رهي. هي هاڻي رات جو ڪيڏانهن وڃي، ڪڏهن ڪنهن مسجد ۾ تـ ڪڏهن ڪنهن مسجد ۾، پر هي مون وٽ ڀيرو ڀڃندو ئي رهندو هو.
    هينئر هي منهنجو دوست سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي ۾ ڪنهن سٺي پوسٽ تي آهي. هاڻي جڏهن هن سان تازو حيدر آباد ۾ ملاقات ٿي تـ محمد علي نوناري مون کي اهو ئي نظر آيو، جهڙو هو فرسٽ ايئر بدين ۾ هوندو هو. اسان جڏهن نثار کوکر جي سڏ تي باغين جي شام ۾ سيوهڻ وياهئاسين تـ واٽ تي گاڏي ۾ اسان پنهنجي دوستي واري عرصي کي وري Review ڪيو هو. مون کي خبر ئي نـ پئي تـ ٻن ڪلاڪن جو سفر پنجن منٽن ۾ ڪيئن پورو ٿي ويو.


    محمد ابراهيم نظاماڻي

    محمد ابراهيم نظاماڻي

    انسان هڪ اهڙو سماجي جانور آهي، جيڪو سگهـ ۽ شعور رکڻ جي باوجود اڪيلو رهڻ پسند نـ ٿو ڪري. افلاطون کي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿوتـ انسان جي ڪا بـ ذاتي حيثيت ڪونهي پر پنهنجن صلاحيتن کي پروڙڻ، پرکڻ ان کي اوج تي پهچائڻ لاءِ ٻئي انسان يا ڪجـهـ ماڻهن جي ضرورت پوي ٿي. انسان جا هميشـ انسان سان ئي لڳ لاڳاپا ٺهن ٿا. مون ڪٿي پڙهيو هو تـ انسان جون پنهنجون عادتون يا جبلتون هونديون آهن جيڪي ان کي خوشي ۽ غمن جي وادين ۾ وٺي وڃن ٿيون. جنهن بـ ماڻهو جي طبعيت ۾ خوشي ۽ سڪون هوندو، انهي جي زندگي جا ڏينهن سٺا ۽ سڪون سان گذرندا. سو آئون جيئن سنڌ مان جلا وطن ٿي اسلام آباد پهتس تـ هڪ اهڙي پيار ۽ محبت جي شديد ضرورت محسوس ڪيم، جيڪا منهنجي وڇڙيل ۽ ويڳاڻي من کي ڪا راحت ڏئي سگهي. جڏهن مون پلاننگ ڊويزن ۾ پهرين ڏينهن اچي رپورٽ ڪئي هئي تـ ايڊمن وارن مون کي سڌو سيد عبدالحق شاه صاحب جي ڪمري ۾ وٺي اچي ان سان ملايو هو. اها مارچ 1986 ع جي ڳالهـ آهي، منهنجي شاهـ صاحب سان پهرين ڪا بـ ملاقات ڪا نـ هئي. ائين شاه صاحب جي پٺيان محمد ابراهيم نظاماڻي ۽ عطا محمد جمالي سان ملاقات ٿي هئي. جڏهن تـ ابراهيم صاحب ۽ منهنجو ڳوٺ ويجها هئا پر اڳ ڪڏهن اهڙي ملاقات ڪا نـ ٿي هئي. ڊگري تـ ساڳي يونيورسٽي جي هٿ ۾ هئي پر هي همراهـ سڀ ريگيولر ۽ آئون پرائيويٽ، سو اسان جي اڳ ڪا بـ ڏيٺ ويٺ ڪا نـ هئي. ائين اسان جون ملاقاتون وڌي دوستي واري حد تائين پهتيون. شروع وارا ٻـ چار سال آئون هنن کان الڳ اسلام آباد ۾ ڌڪا جهليندو رهيس. سن 1990 ع ۾ ابراهيم مون کي وٺي اچي علي مراد چاچڙ سان رهائي ڇڏيو. اتان جلدي چاچڙ صاحب جي بدلي ڪراچي ٿي تـ اهو سرڪاري گهر مون کي مليو هو. پوءِ وري منهنجي بدين بدلي ٿيڻ تي اهو گهر اسان ڇڏي ڏنو. چاچڙ صاحب جو ذڪر آئون اڳ ڪري چڪو آهيان. وري جڏهن بدين مان موٽ ٿي تـ مون سڌو سيد عبدالحق شاهـ جي گهر اچي لينڊ ڪيو. ابراهيم ۽ عطا محمد جمالي اڳئي بي گهر هئا، اهي بـ اتي ئي رهيل هئا. هاڻي اسان چار ماڻهو هڪ ئي گهر ۾ رهڻ لڳا سين، پاڙي واري ڪنهن کي بـ خبر ڪا نـ هئي تـ اهو گهر ڪنهن جو آهي، سڀئي هڪ ئي گريڊ ۾ سڀئي دوست. هاڻي نواز شريف جي حڪومت اچي وئي. انهي گولڊن هينڊ شيڪ جي اسڪيم آندي. محمد ابراهيم نظاماڻي جنهن جي اڳي ئي وڃان وڃان لڳي پئي هئي، انهي درخواست ڏني تـ مون کي رٽائر ڪيو. مون جو هن جا احوال ٻڌا، مون چيو تـ آئون بـ رٽائر ٿو ٿيان. جڏهن تـ منهنجي اڃا 18 سال نوڪري باقي پئي هئي، مون بـ گولڊن هينڊ شيڪ جي اسڪيم تحت درخواست ڏئي ڇڏي. مون کي ڏسي عبدالحق شاهـ پڻ گولڊن هينڊ شيڪ لاءِ درخواست ڏني ۽ پوءِ ماڻهن جي سمجهائڻ تي واپس بـ وٺي ڇڏي. اسان ۾ عقل جو اڪابر ۽ سياڻو نڪتو عطا محمد جمالي، جنهن چيو ڪجهـ بـ ٿي وڃي نوڪري ڪو نـ ڇڏيندس. اسان ڪلڪيوليشن ۾ لڳي وياسين تـ رٽائرمينٽ تي ڪيترا پئسـا ملندا. لڳ ڀڳ اسان سڀني کي الڳ الڳ ڏهـ لک کن مليا ٿي. ان وقت منهنجي ماهوار پينشن ٺهي ٿي 2100 سو روپيـا. اثاثا اسان وٽ ڪهڙا هئا. ابراهيم وٽ 50 ايڪڙ زرعي زمين، عبدالحق شاهـ وٽ پنج ياڇهـ ايڪڙ زرعي زمين، آئون بلڪل سڃو. آئون جهليو نـ جهلجان، زمين وٺندس، پوءِ ڪمند پوکيندس، شگر مِلن وارا منهنجي پٺيان هوندا، اهي سڀ خيالي پلاءُ هئا. انهي وقت منهنجي عقل کي لوڙهو اچي ويو هو. منهنجو ننڍو ڀاءٌ هوندو هو قمر الدين جيڪو مرحوم 2010 ۾ فوت ٿي ويو، اهو روڪڻ وارو، امان مون کي روڪڻ واري، پر آئون “انڌي گهوڙي ڪل ۾ ” ڪنهن جي مڃان ئي ڪو نـ . آخر ۾ درخواست فائيل سميت منظوري لاءِ پلاننگ جي سيڪريٽري وٽ پهتي. انهي زماني ۾ سيڪريٽري پلاننگ ڊويزن فضل الله قريشي صاحب هوندو هو. هُن صاحب مون کي گهرائي چيو تـ “تون سنڌ ڇا وڃي ڪندين. ” مون جواب ڏنو تـ “آئون زميندار ٿيندس. ” وري چيائين تـ “ سنڌ جي حالت ڏٺي اٿئي، فيڊرل سيڪريٽري عالم بلوچ کي حيدر آباد ۾ قتل ڪري ڇڏيو اٿن ۽ هينئر تون آفيس اچين ٿو تـ پوليس وارا توکي سلام ٿا ڪن، پوءِ اهي آفيس ۾ اندر ڪو نـ اچڻ ڏيندئي. ” قريشي صاحب منهنجو رڳو سيڪريٽري ڪو نـ هو پر ساڳي قوم هئڻ جي حيثيت ۾ منهنجا هن سان هزارين ناتا آهن. ٺيڪ آهي هو صاحب ان وقت سينئر ليول تي هو ۽ آئون هُن کان ڪافي جونيئر، پر پلاننگ ڊويزن ۾ اسان جو ڇپر ۽ ڇانوَ هوندو هو، ايئن ايرو غيرو اسان تي هٿ ڪو نـ کڻندو هو، انهي جي بـ مون ڳالهـ ڪا نـ مڃي. سيڪريٽري ڪاوڙ مان فائيل صحيح ڪري ٻاهر ڪڍي ڇڏي، نوٽيفڪيشن ٿي ويو. جيئن آفيس جو ٽائيم ختم ٿيو تـ جيڪي پوليس وارا ايندي ويندي مون کي سِلوٽ ڪندا هئا، انهن مون کي روڪي ورتو. ان وقت مون وٽ صرف سرڪار جو آفيس ڪارڊ هو اهو بـ ڦري ورتائون. انهي تي مون کي شديد جهٽڪو لڳو، قريشي صاحب جا چيل لفظ منهنجي دماغ ۾ هٿوڙن وانگر مون کي سٽيندا رهيا ۽ منهنجن اکين مان لڙڪ ڪري پيا هئا. هاڻي پڇتاءُ جي ڳوڙهن مان ڪجهـ بـ ورڻو سرڻو ڪو نـ هو. فيڊرل گورنمينٽ ۾ جيڪڏهن هڪ دفعو ڪو نوٽيفيڪيشن ٿي وڃي تـ انهي جو واپس ٿيڻ ناممڪن نـ تـ بـ ڏکيو ضرور هوندو آهي.
    مون کي ياد آهي تـ اها سڄي رات مون ڪنڊن تي گذاري هئي. جڏهن انسان پنهنجن سوالن جا جواب پاڻ ڳوليندو آهي تـ انهي جو نتيجو ڪو ورلي هاڪاري هوندو آهي. مون کي ڪجهـ بـ سمجهـ ۾ نـ ٿي آيو تـ هاڻي ڇا ٿيندو؟ سنڌي ۾ چوندا آهن تـ “ڏنو ٻنو آهي” شايد منهنجي صاف گوئي، هر ڪنهن سان ڀلائي ڪرڻ مطلب تـ خدا مون کي وڌيڪ پريشانين کان بچائي ورتو. يقينن امان جون دعائون بـ ان ۾ شامل هيون، جڏهن تـ مون امان جي ڳالهـ ڪا نـ مڃي هئي. آئون جيئن ئي ٻي ڏينهن سامان کڻڻ لاءِ آفيس پهتس تـ اتي خبر پئي تـ گورنمينٽ ٻئي حڪم تائين انهي پروگرام کي روڪي ڇڏيو آهي. تنهنڪري نوجوان دوستن کي عرض آهي تـ جذبات ۾ اچي تڪڙ ۾ فيصلو نـ ڪرڻ گهرجي، ڪڏهن بـ آيل روزي کي لت نـ هڻڻ کپي. سرڪار جي نوڪري ڪهڙي بـ حالت ۾ اڌ ۾ ڇڏڻ نـ گهرجي، ڀلي ڪيترو وڏو فائدو ڇو نـ ملندو هجي. رٽائرمينٽ هميشـ وقت تي وٺڻ گهرجي.
    سو ڳالهـ پئي ڪئي سين ابراهيم صاحب جي ۽ وڃي نڪتاسين گولڊن هيڊ شيڪ کان. نظاماڻي صاحب فهميدو ۽ صوبر قسم جو ماڻهو هوندو هو. مهمانن جا وٽس ڪٽڪ لٿا پيا هوندا هئا. اسان وٽ سنڌ ۾ هميشه هر ماڻهو جا ٻـ ٻـ نالا هوندا آهن، سو هن کي ڳوٺ ۾ گلزار سڏيندا هئا. جيڪو ڳوٺان ڪاوڙبو هو سو سڌو اسلام آباد گلزار وٽ. هن وٽ بـ سرڪاري گهر هوندو هو، سو هر وقت مهمانن سان ڀريو پيو هوندو هو. مهمان وڌي ويندا هئا تـ وري ٻين گهرن ڏانهن ونڊ ورڇ ڪبي هئي. ابراهيم صاحب ترقي پسند ذهن رکندو هو، مُلن، مولوين سان اسان جي گهٽ ئي لڳندي هئي. يونيورسٽي واري زماني ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان سياسي طور سلهاريل رهيو، اڳتي هلي انهي کان بـ پاسيرو ٿي ويو. سڄو ڏينهن پيو کلندو هو. شروع ۾ اسان هڪڙي آفيس ۾ هوندا هئاسين. جيئن 18 گريڊ ۾ اسان جون پروموشنون ٿيون، آفيسون الڳ ٿي ويون. هر سال انب ۽ ٻير ابراهيم صاحب جا سنڌ مان ايندا هئا. حصي پتي سارو اسان کي بـ ملندا هئا. سرڪار جو اسان سنڌين سان ڏاڍو قرب ۽ پيار هوندو هو، تنهنڪري اسان لاءِ سرڪاري گهر خالي ڪو نـ هوندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن سنڌي کي مجبورن گهر ڏيڻو پوندو هو تـ آخري منزل تي، جيڪو گرمين ۾ گرم ۽ سردين ۾ سرد. آئون جڏهن چاچڙ صاحب سان گڏ رهندو هوس تـ اهو گهر بـ آخري منزل تي، بلڪل سامهون روڊ جي هُن پار ابراهيم صاحب جو گهر، اهو بـ مٿي پڇاڙي واري منزل تي. آئون ۽ چاچڙ صاحب هوندا هئاسين ڪنجوس، سو شام واري چانهـ هوندي هئي ابراهيم جي گهر. ان وقت موبائل فون تـ ڪو نـ هوندا هئا، هي زمين وارا فون بـ گهٽ هوندا هئا. جيئن ئي شام جي چانـهـ تيار ٿيندي هئي تـ هو هتان بالڪوني مان بيهي سڏ ڪندا هئا “اچو چانهـ تيار آهي”. بس هوڪرا ٿي ويندا هئا، آڙي پاڙي وارن جي شام واري ننڊ اسان ڦٽائي ڇڏيندا هئاسين. اسلام آباد ۾ روڊن رستن، بلڊنگن کان جيڪا بچيل زمين آهي، انهي تي خير سان ڀنگ سڳوري ٿيندي آهي. فيبروري ۾ جيئن سردي گهٽبي آهي تـ ڀنگ ڦٽڻ شروع ٿي ويندي آهي. جون کان سيپٽمبر تائين هن سڳوري ٻوٽي جو جوڀن هوندو آهي. اسان جي پاڙي ۾ جيڪا ڀنگ ٿيندي هئي اها سڄي اسلام آباد کان ڀلي هوندي هئي. قد بت ۾ قنڌار، 6 فوٽ وارو مڙس نظر ڪو نـ ايندو هو. اسان وٽ هٿيار پنهوار گهر ۾ پيل هوندا هئا، پر هرو ڀرو شيل شغل ڪو نـ ڪندا هئاسين. ها باقي سنڌ مان ڪو شوقين مهمان اچي ويو تـ انهي جي اهڙي مشروبات سان خاطر توازع ضرور ڪبي هئي، جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تـ ابراهيم صاحب جا کوڙ سارا مهمان ايندا هئا. هڪ دفعي ڪي شوقين مهمان اچي ويا، انهن اهڙو ڀلو فصل اڳ ڪڏهن ڏٺو ڪو نـ هو، سو ڇا ڪيائون جو اسان وياسين آفيس انهن کي گهر ۾ جيڪا شئي هٿ آئي سا کڻي ڪاهي پيا فصل ۾ ڀريون ٻڌي کڻي آيا. ڊرائنگ روم جو سامان ڪڍي انهـي ۾ ڀنگ پکيڙي ڇڏيائون. ڪمرن ۾ بيڊن هيٺان، مطلب تـ گهر جو جيڪو خالي حصو هو انهي ۾ ڀنگ ئي ڀنگ. هي اهو زمانو هوندو هو جڏهن I-8 سيڪٽر ايتري ترقي ڪا نـ ڪئي هئي. صبح جو هڪ بس سيڪٽر جي سڀني ملازمن کي آفيس کڻي ويندي هئي ۽ شام جو اها ساڳي بس واپس گهر کڻي ايندي هئي. صبح شام اسان ساڳيا ماڻهو بس ۾ آفيس ۾ بـ ساڳيا ماڻهو جيڪي هر روز گڏ ڪم ڪندا هئاسون، سو ڪڏهن ڪڏهن ساڳيا ساڳيا چهرا ڏسي بور ٿي پوندو هوس. بس مان لهي سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويندو هو. ڪلاڪ ڏيڍ آرام ڪري وهنجي سهنجي تيار ٿي، پوءِ ابراهيم جي گهر وڃبو هو، چانهـ چڪي جي لاءِ. انهي ڏينهن جيئن اسان مٿي پنهنجي گهر چڙهياسين. تـ اوچتو ابراهيم جو آواز ڪنن تي پيو. چاچڙ مون کي چيو خير تـ آهي، ڏس نظاماڻي صاحب ڇو ٿو سڏ ڪري. آئون جيئن گيلري مان ٻاهر نڪتس تـ ابراهيم صاحب چيو تـ توهان ٻئي جلدي هيڏانهن اچو. اسان ڊوڙندا ڊوڙندا سندس گهر پهتاسين تـ اندر ڇا ڏسون رڳو ڀنگ ئي ڀنگ جيڏانهن ڏس تيڏانهن ساوڪ ئي ساوڪ . ڪلاڪ کن پئي کلياسين، نيٺ مهمانن کان پڇيو ويو تـ هي ڇا ڪيو اٿئو. ؟ جواب مليو تـ اسان هفتو کن رهنداسين، هي سُڪندي تـ پوءِ هر روز پيئنداسين. گهر ٿيو مهمانن جي حوالي، ابراهيم کي اسان پنهنجي گهر وٺي آياسين. اها بـ خبر نـ آهي تـ همراه جنهن ڪم لاءِ آيا اهو ڪم بـ ٿيو يا نـ رڳو ڀنگ پي سمهڻ مان مزو وٺندا رهيا. هُونئن بـ ابراهيم جهڙو مٺو ماڻهو مون دنيا ۾ ڪو نـ ڏٺو، ڪڏهن بـ مهمان ڏسي منهن ڪو نـ گهنجا يائين. دوستن جا دوست انهن جا بـ دوست، ڏسن پنڌن تي ابراهيم وٽ پيا مهمان ٿي ايندا هئا. مون کي ڪڏهن بـ ڪا ننڍي وڏي تڪليف ٿئي، ابراهيم هڪيو تڪيو حاضر، منهنجي تڪليف هو برداشت نـ ڪري سگهندو هو. مون کي سرڪاري گهر مليو تـ آئون اڪيلو رهندو هوس. دوستن کي چيائين تـ نظام کي اڪيلو نـ ڇڏبو، هي شگر جو مريض آهي رات جو مري وڃي تـ پوءِ. ائين سامان کڻي منهنجي گهر هليو آيو. ياد رهي تـ سواءِ عبدالحق شاهـ جي باقي اسان ٽنهي جي هڪ هڪ دفعو سنڌ ۾ پوسٽنگ ٿيندي رهي. ابراهيم نظاماڻي جي ڪراچي، منهنجي بدين ۽ عطا محمد جمالي جي نواب شاهـ پوسٽنگ رهي آهي. اتان واپسي تي صرف مون کي سرڪاري گهر مليو، باقي ڪنهن کي بـ گهر ڪو نـ مليو. واپسي تي پهرين سڀ شاهـ صاحب جي گهر ۾ اچي رهياسين پوءِ مون کي گهر مليو، باقي جمالي ۽ ابراهيم کي سرڪاري گهر ڪو نـ مليو.
    هاڻي پڙهندڙن کي پوئتي وٺي ٿو هلان، هي ان زماني جي ڳالهـ آهي جڏهن ضياءُالحق اڃا صدر هوندو هو. سنڌ ۾ جڙتو ۽ ناٽڪي رنگ رچائي ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو هو. اوچتو ابراهيم صاحب وٽ مهمانن جي بس ڀرجي آئي. انهي بس ۾ تقريبن ڪي 52 کن ماڻهو هئا، اهي سڀ جا سڀ هن جي گهر اچي لٿا، ويهڻ تـ پري جي ڳالهـ پر بيهڻ جي جڳهـ نـ هجي. مهمانن جي گهڻي ِآوت جاوت جي ڪري هي اها ڳالهـ سکي ويو هو تـ “ هي گهر اوهان جي حوالي آئون هلان ٿو. ” سو هي گهر مهمانن جي حوالي ڪري هي سڌو منهنجي گهر هليو آيو هو. ٻئي ڏينهن جڏهن پاڙي پتي مان واءُ سواءُ ورتوسين تـ اتي اها ڳالهـ مشهور ٿي وئي تـ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن هلي ٿو، هي سڀ ڌاڙيل آهن تنهنڪري اتان ڀڄي آيا آهن. محمد ابراهيم نظاماڻي صاحب مون سان گڏ سِگا سلام آباد جو ميمبر ٿيو هو. اڳتي هلي سِگا اسلام آباد جو صدر بـ ٿيو. پر اسلام باد سِگا شاخ جي انا پرست وڏيرا شاهي سماجي ڪارڪنن جي اڳيان ٻانهون نـ ٻڌڻ جي ڪري کيس ٻن سالن جو مقرر وقت پورو ڪرڻ نـ ڏنائون، کيس ڌڪي ٻاري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائونس.
    ابراهيم نظاماڻي جي ڪهڙي ڳالهـ ڪجي، هي همراه ڳوٺان FX سوزڪي ڪار وٺي ِآيو، مون کي چيائين تـ تون بـ گاڏي وٺ، مون گاڏي ورتي تـ زندگي آسان ٿي وئي. مون کان 6 مهينا اڳ رٽائر ڪيائين. وڃڻ جي اهڙي ڇڪ ٿيس جو پينشن جا پئسـا بـ ڪو نـ ورتائين. بس ائين ئي جلدي الله واهي ڪري ٻئي جهان ڏانهن راهي ٿي ويو، جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو بـ واپس نـ ٿيو آهي.


    سيد عبدالحق شاهـ

    سيد عبدالحق شاهـ

    سيد عبدالحق شاهـ دلبر ماڻهو هوندو هو، همٿ ڀريو، سندس ڪڻڪ رنگي چهري تي چانپوئين ڏاڙهي کيس ڏاڍي ٺهندي هئي. قد بت ۾ ڀريل، يارن جو يار، ڪاوڙبو هو تـ ڪنهن کي ڪو نـ بخشيندو هو. ابراهيم مرحوم ڀوڳن ڀوڳن ۾ سائين کي چڙائي وجهندو هو. ڪاوڙ جو مدو ٻـ يا ٽي منٽ هلندو، پوءِ وري ڳالهـ آئي وئي ٿي وئي. جهڙو دل جو کليل هوندو هو تهڙو هوندو هوس دسترخوان ڪشادو. جڏهن بـ سائين جي گهر وڃبو هو تـ کائڻ پيئڻ جي هر شيءَ فرج مان ڪڍي اچي اڳيان رکندو هو. منهنجو گهر چوٿين نمبر بلاڪ ۾ سائين جو گهر ٽئين نمبر بلاڪ ۾ پر جيڪڏهن اتفاق سان ڪڏهن ڪچهري سانگي سائين جي گهر لنگهي وڃبو هو تـ ماني کان سواءِ نـ ڇڏيندو هو. آفيس ۾ مون ڪڏهن بـ هن کي واندو ڪو نـ ڏٺو، جڏهن بـ هن وٽ وڃڻ ٿيندو هو تـ سدائين فائيل اڳيان کليا پيا هوندا هئس. قدرت واري موقعو ڏنس جو ماسٽرس جي ڊگري آمريڪا مان وٺي آيو. پاڻ نيويارڪ ۾ هجي يا واشنگٽن ۾ پر مون کي نـ وساريائين، اُتان بـ اسان جو خطن جو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو. منهنجي خيال ۾ سائين عبدالحق شاهـ دوستن ۾ سڀ کان وڌيڪ مون کي ئي خط لکيا هوندا. اسان جي خطن ۾ طنز مزاح جو عنصر بـ شامل هوندو هو. مون کي سائين 27 آڪٽوبر 1992 ع تي نيويارڪ مان جيڪو خط لکيو، اهو هتي حاضر آهي.
    نيويارڪ، USA
    27-10-1992
    برادرم نظام الدين
    توهان جو دير سان لکيل خط سوير پهتو. هڪ هفتي بعد يعني 15-10-92 جو 22-10-92 تي مليو پڙهي تازهـ ترين احوال معلوم ٿيو. خوشي بـ ٿي تـ توهان پنهنجي ڊيوٽي ڏاڍي پابندي ۽ خوش اصلوبي سان ڪري رهيا آهيو. مون کي اوهان مان اهائي اميد هئي، اميد آهي ۽ رهندي. مونکي جمالي (عطا محمد) خط ۾ لکيو هو تـ نظاماڻي( ابراهيم) ڪوشش پيو ڪري ڪنهن پارٽي لاءِ پر پاڻ کيس جواب ڏنو اٿس. مون کيس موٽ ۾ خط لکيو آهي. پر اڃا جواب ڪو نـ مليو اٿم. اميد تـ آئون توکي خط ڪو نـ لکندس گهر جي باري ۾.
    فاروق (لاڙڪ) کي چوندا تـ ڪئميرائون هت کوڙ ساريون آهن، پر سندن اگهـ وٺڻ کان ٻاهر آهن جو هتي ماچيس تي بـ ٽيڪس آهي. جيڪا ڪئميرا توهان کي پاڻ وٽ 1600 سو روپيـ کن ۾ ملندي اها هت 2600 سو روپين ۾ پلئـ پوندي. وري بـ راز جو راڻو آهي حڪم ڪندو تـ هڪ هزار ڊالر واري ڪئميرا بـ وٺي ايندس. مال گهڻو ڪري سنگاپور، هانگ ڪانگ چين جو آهي، جيڪو پاڻ وٽ بازارن ۾ عام جام ملي ويندو آهي.
    تو کي حاجي ( حوالو ياد نـ ٿو پوي) جي حيدرآباد وڃڻ کان پوءِ رڳو رات ڏينهن شايد (محبوب) ياد ٿو پوي جو خط ۾ اهڙو ذڪر ڪيو اٿئي. مون کي اهڙي توقع ڪا نـ هئي تـ ڪو تون “پٽ جي پاٿاري”آهين ۽ طالب الموليٰ وارو “ اڱڻ ٻهاريان واٽون نهاريان” ڳائڻ وارو آهين”. ٻيلي اها راهـ ڇڏ، وڏو ٿي ويو آهين، ڳائڻ سٺي ڳالهـ نـ آهي.
    منهنجي سوٽ ولي الله شاهـ جي شادي ٿي رهي آهي 23 تاريخ هن مهيني جي. پاڻ ٿي سگهي ٿو تـ ٻن ٽن ڏينهن جي لاءِ اسلام آباد جو رخ ڪري. سندس فون نمبر توهان کي لکي رهيو آهيان XXXXX حيدر آباد شهر کيس فون ڪري منهنجي طرفان چوندا تـ جي اسلام آباد اچڻ چاهي تـ گهر حاضر آهي. هن وقت اسلام آباد جي موسم بـ نارمل هوندي. تنهنجي چواڻي فارق ۽ تون لوڏيندا (ٻانهون) وتو. جمالي اچي تـ کيس منهجي طرفان گهڻا سلام چوندا. منهنجو هڪڙو سيميسٽر پورو ٿي ويو آهي ۽ ٻيو بـ ڊسمبر 22 تاريخ تي پورو ٿي ويندو. رزلٽ بـ اچي ويندي. گذريل سيميسٽر ۾ ميٿس کان سواءِ ٻيا سڀ B گريڊ ۾ ڪڍي ورتم. گذريل سيميسٽر ۾ 6 پرچا هئا ۽ هن سيميسٽر ۾ بـ 6 سبجيڪٽ آهن. مڊ ٽرم اڄ هڪڙو ڏيئي آيو آهيان، ٻيو سڀاڻي آهي ۽ ٽيون وري 27 تاريخ تي صبح ۽ چوٿون شام آهي. باقي رهيل سبجيڪٽن جو ڊسمبر ۾ امتحان ڏبو. دعاگو رهندا ڪم تمام ڏکيو آهي. ها ٻي خبر تـ هن پروگرام جا فارم وري پاڪستان پهتل آهن ۽ جنوري ۾ آخري تاريخ آهي. ڪوشش ڪري نامينيشن ڪرائي وٺ ( ڪوشش جي باوجود هتي جي يارن منهنجي نامينيشن نـ ڪئي). پر ٻئي ڳالهـ آهي تـ ساڳئي پروگرام ۾ ڀاءُ روشن (منهنجو وڏو ڀاءُ) کي بـ ورلڊ بينڪ وارن فارم موڪليو آهي، سندس ڪم گهڻو ڪري ٿي ويندو، (هن جي سنڌ گورنمينٽ وٽان نامينيشن نـ ٿي سگهي هئي). پر جيڪڏهن تنهنجي بـ نامينيشن گورنمينٽ طور ٿي وڃي تـ چڱو اٿئي. ٻي خبر تـ تون شگر کان ڀڄندڙ ۽ ڪريءَ وارو ماڻهو آهين، مون وانگر هت اچي ڦاسي ويندين. خاص ڪري اسان مسلمانن لاءِ هت کاڌو مسئلو آهي، الاءِ ڇا ٿا کائون ڪو پتو نـ آهي. ايترو آهي جو مرغي ڪٽيل ٺهيل وٺي اچي گهر ٺاهيندو آهيان. پر حلال حرام ڪو پتو نـ آهي. گذريل هفتي زڪام ۽ ڏاٺ جي سور جو حملو هو. روشن کي چوندا تـ کيس ڏاٺ يا ڏند جو مسئلو هجي تـ اتان ٺهرائي اچي، اڳواٽ متان هتي پهچي پوءِ ڪوشش ڪري. سوشل سيڪيورٽي کيس فقط 75 ڊالر ڏيندا، جڏهن تـ هڪڙي ڏاٺ جي ڀرائي 700 ڊالر کن خرچ اچي ٿو وڃي. خير آئون شاگرد آهيان تنهن هوندي بـ 300 ڊالر خرچ اچي ويو آهي. مون کي اڳ ۾ ئي الڪو هو پر ايڏانهن وقت بلڪل ڪو نـ مليو، وار بـ ڪراچي پهچي فلائٽ واري رات ئي ٺهرايم. جيئن تـ ڪم ڏکيو آهي وقت ٿورو آهي، جو صبح وري امتحان اٿم ۽ ڪتاب جا 9 چيپٽر پاڻ واري ايڪنامڪ سروي کان وڌيڪ پڙهڻا ۽ اٿلائڻا آهن. دعاگو رهندا تـ رب ڪامياب ڪري.
    مدد ۽ نگراني لاءِ لک ٿورا. ننڍڙو ڪمپيوٽر خريد ڪيو اٿم، واپسي تي ڊسڪٽ وٺيو ايندس ۽ توکي ڪمپيوٽر تي پلي ڪري ڏيکاريندس. رکجان راز ۾ متان فاروق کي ٻڌائين. سلام سڄي سنگت کي. جوکيو هت پروموشن تي آيو آهي يا واپسي ٿي اٿس. تفصيل لکندا. دعاگو.
    سيد عبدالحق شاهـ. نيويارڪ
    USA
    ائين سائين عبدالحق شاهـ پنهنجي M. Sc ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ڪري ٻن سالن کان پوءِ واپس اسلام آباد پهچي ويو. هتي اچڻ سان شاهـ صاحب وري ڪم ۾ محو ٿي ويو. انهي وچ ۾ منهنجون ٻـ پروموشنس ٿي ويون ۽ آئون 20 گريڊ ۾ پهچي DG بـ ٿي ويس. هي منهنجا دوست سڀ اڃا 18 گريڊ ۾ ويٺا هئا. مون کان پوءِ جلدي محمد ابراهيم نظاماڻي جي پڻ 19 گريڊ ۾ پروموشن ٿي ويئي. شاه صاحب جي پروموشن جو بـ عجيب قصو ٿيو هو . ٿيو ائين جو جنهن ڏينهن ايڪانامسٽ گروپ ۾ پروموشن پئي ٿيا تـ شاهـ صاحب جو ڪيس ان ۾ شامل هو. پلاننگ ڊويزن جي ڪنهن ماڻهو شرارت ڪري عبدالحق شاهـ صاحب جون هڪ ٻـ ACRs ڪڍي لڪائي ڇڏيون. ظاهر آهي تـ ACR پوريون نـ هونديون تـ پروموشن نـ ٿي سگهندي. جيڪڏهن 22 سال هڪ ئي گريڊ ۾ ويهڻ کان پوءِ بـ پروموشن نـ ٿئي تـ انسان کي جهٽڪو تـ اچي ٿو. خير هن ڪوشش ڪري مهيني جي اندر اندر ٻيو پروموشن بورڊ ڪرايو، جنهن ۾ هن جي پروموشن ٿي ويئي. پلاننگ ڊويزن ۾ 19 گريڊ جون پوسٽون هئڻ جي باوجود شاهـ صاحب جي پوسٽنگ هنن ٻاهر ڪري ڇڏي. هن کان يڪدم ڪمرو ڦري ورتائون. هوڏانهن جتي شاهـ صاحب جي پوسٽنگ ڪيائون اهي هن کي وٺڻ جي لاءِ تيار نـ هجن. انهي ڇڪتاڻ ۾ شاهـ صاحب ڪافي مايوس ٿي ويو. کيس دل جو دورو پيو ۽ هڪ منٽ ۾ وڃي حقيقي مالڪ وٽ پهتو. وڃڻ کان هڪ هفتو پهريائين هي مون وٽ آفيس آيو هو ۽ منجهند جي ماني منهنجي آفيس ۾ اسان گڏجي کاڌي هئي. اهي سڀ خبرون مون کي پاڻ اچي ٻڌايون هئائين. شاه صاحب جي وڃڻ جي اڃا ويل ڪا نـ هئي، اڃا تـ هن جي 13 سال نوڪري پئي هئي. اڃا هن پنهنجي ڪنهن بـ پٽ جا ميندي رتا هٿ ئي ڪو نـ ڏٺا هئا.
    هن سڄي وارتا مان پڙهندڙن کي معلوم ٿي ويو هوندو تـ مون هميشه پنهنجي پاڻ تي ڀاڙيو آهي. ٽريننگ يا نوڪري جي سلسلي ۾ سفارش کان پاسو ڪندو رهيو آهيان. ان مان مون کي وڏو نقصان بـ برداشت ڪرڻو پيو آهي. تقريبن مون واري بينچ جا سڀ آفيسر ٻاهرين ملڪن مان ڊگريون وٺي آيا، پر مون کي ڪنهن بـ آفيسر ٻاهر جي ڊگري ڪورس يا ٽريننگ لاءِ نامزد نـ ڪيو پر هتي عهدن ۾ آئون گهڻن کان مٿي چڙهندو ويس. هتي فيڊرل گورنمينٽ ۾ پئسـو وغيرهـ تـ ڪو نـ ٿو هلي. ها البت رکي راهي، هٿ جوڙ، دعوتون سعوتون مڙئي ڪم اچيو وڃن. انهن شين کي جاري ۽ ساري رکڻ لاءِ پئسـن جي ضرورت پوي ٿي. اسان جا پگهار پورا سورا تـ دعوتن جي لاءِ پئسـا ڪٿان اچن. منهنجي وري اها عادت آهي تـ آئون ڪنهن ماڻهو مان وڏيون اميدون نـ رکندو آهيان. نـ ئي وري ڪنهن کي ڪو ڪم چوندو آهيان ۽ هميشـ پنهنجي پاڻ کي حالتن تي ڇڏي ڏيندو آهيان. پاڻي جي لهرن جي سامهون وڏن وڏن ڀاري جبلن پڻ پنهنجو پاڻ کي ڇڏي ڏنو آهي. تنهڪري آئون پنهنجي پاڻ کي قدرت جي قانون تي راضي رهي ان جي حوالي ڪندو رهيس. جتي ناڻي جو علم پڙهيو هوم اُتي ناڻي واري وزارت ۾ وڏو عرصو نوڪري بـ ڪندو رهيس، پر ناڻي سان نينهن ڪڏهن بـ نـ لڳو. منهنجي نظر ۾ مادي چيزن تي اعتبار ڪرڻ پنهنجي پاڻ کي دوکو ڏيڻ جي برابر آهي.


    سنگاپور روانگي

    سنگاپور روانگي

    اهي، سال 2006ع جا ڏينهن هئا. شايد فيبروري يا مارچ جو مهينو هو حسب دستور IMF وارن پنهنجن ننڍن ننڍن ڪورسن جي لاءِ نامزدگيون گهرايون هيون. انهي ڪورس ۾ خاص ڪري اسٽيٽ بينڪ ۽ ناڻي واري وزارت جي ماڻهن کي ترجيح ڏني ويندي آهي. اڪثر ڪري اهڙن ننڍن ڪورسن ۾ ويهين گريڊ کان مٿي جا آفيسر پنهنجي پاڻ کي سليڪٽ ڪرائيندا آهن، ڇو جو ننڍن ڪورسن ۾ نـ پڙهڻو پوي ٿو ۽ نـ ئي وري ڪو امتحان ڏيڻو پوي ٿو. ٻاهرين ملڪن جو چڪر بـ لڳيو وڃي تـ پنهنجن سينيئرن لاءِ تحفا وغيرهـ ۽ بيگمات لاءِ ٻاهرين ملڪن مان ڪپڙن جا سوٽ بـ ٿيو وڃن، ان کان پوءِ بـ ٻـ پئسا بچيو پون. پر هن دفعي ائين نـ ٿيو. اسان جي ايڪنامڪ ايڊوائزرز ونگ مان سڀئي آفيسر اهو ساڳيو ڪورس هڪ کان وڌيڪ دفعا ڪري چڪا هئا. اسان جو هڪ ساٿي هو ظفرالحسن جنهن جو تعلق ڊگهڙي جي قائم خاني خاندان سان آهي، قائد اعظم يونيورسٽي مان ماسٽر جي ڊگري هئڻ ڪري، سڀني آفيسرن ۾ هوشيار ۽ ڪم وارو سمجهيو ويندو هو. ظفر گهڻو پڙهڻ وارو محنتي ۽ اقتصاديات جي هر داءُ پيچ کان واقف آفيسر آهي. هينئر بـ اڪثر، World Bank ,IMF يا ڪن ٻين ڪيترين ئي ڊونر ايجنسين سان Biliteral Talks ۾ گورنمينٽ آف پاڪستان جي وفد ۾ شامل هوندو آهي. اسان ۾ گهڻيون ڳالهيون مشترڪ هونديون هيون. هڪ تـ سنڌ سان اسان جو تعلق، ٻيو ساڳئي اسڪيل ۽ ساڳي ونگ ۾ اٿڻ ويهڻ بـ گڏ. مذهبي طور بـ اسان دقيانوسي خيالن جا ڪو نـ هوندا هئاسين. مطلب تـ اسان هڪ ٻئي جو خيال تمام گهڻو رکندا هئاسين. اڄ بـ جيڪڏهن مون کي ايڪنامڪس جا ڪي انگ اکر يا ڪا ٻئي معلومات گهربل هوندي آهي تـ ظفر ئي مدد ڪندو آهي. ظفر کي ايڪنامڪ ايڊوائيزر گهرائي چيو تـ “هن دفعي سنگاپور ڪنهن کي موڪليون” ظفر يڪدم منهنجو نالو کنيو هو. IMF جو هڪڙو اهو بـ شرط هو تـ ماڻهو اهو موڪليو جنهن جي اڳ اها ٽريننگ نـ ڪيل هجي، پر اسان وٽ پاڪستان ۾ قصو ئي ابتو هوندو آهي. حج جي فارم ۾ لکيل هوندو آهي تـ “ هي فارم اهو ڀري جنهن جو اڳ حج ٿيل نـ هجي” پوءِ ڇا ٿيندو آهي، اڪثريت انهن ماڻهن جي هوندي آهي جن جا اڳي ئي هڪ کان وڌيڪ حج ڪيل هوندا آهن. جڏهن تـ فارم ۾ لکندا آهن تـ اسان جو اهو پهريون حج آهي. سو سائين ٻـ نمبري حج تان نٿا مڙن، سو سنگاپور جي ٽرينگ ڪير ڇڏيندو. خير ظفر ذاتي ڪوشش وٺي ونگ مان منهنجي نامينيشن ڪرائي ڇڏي. وري جڏهن مين فنانس ڊويزن ۾ نامينيشن ڪميٽي جي سامهون ڪيس منظوري لاءِ آيا تـ ڪو بـ ميمبر منهنجي حق ۾ ڪو نـ هو. ڇو جو باقي ٻين جن جي نامينيشن فنانس ڊويزن جي ٻين ونگن ڪئي هئي، اهي تـ اڳي ئي آفيسرن کي تحفن سان نوازيندا رهندا هئا. بس منهنجي قسمت چڱي هئي جو عبدالطيف لغاري، ڊپٽي سيڪريٽري ايڊمن جي حيثيت سان انهي ڪاميٽي جو ميمبر هو، جنهن وٽ سڄو رڪارڊ موجود هو. انهي صاحب ڊونر ايجنسي جو اهو شرط پڪڙي ورتو، جنهن ۾ لکيل هو تـ ترجيح ان کي ڏيو جنهن جي اڳ اها ٽريننگ ٿيل نـ هجي. سواءِ منهنجي باقي سڀني جي 5 کان وڌيڪ دفعا اها ٽريننگ ٿيل هئي. ائين فنانس ڊويزن مان لغاري صاحب منهنجو ڪيس منظور ڪرائي ڇڏيو. مون هن ئي ڪتاب ۾ ڪٿي لکيو آهي تـ عبدالطيف لغاري صاحب منهنجي پروموشن ۾ وڏي مدد ڪئي هئي.
    عبدالطيف لغاري سان منهنجو سنڌ يونيورسٽي کان تعلق ڳنڍيو اچي. منهنجي وڏي ڀاءُ ادا روشن الدين لغاري جو گهرو دوست رهيو آهي. پاڻ جيالاجسٽ آهي پر رول 10 تحت سيڪريٽريٽ گروپ ۾ Induct ٿي سيڪشن آفيسر کان نوڪري جي شروعات ڪري ايديشنل سيڪريٽري داخلا جي پوسٽ تي پهچي رٽائر ڪيائين. گهڻو وقت ايڊمنسٽريشن ۾ ڪم ڪرڻ ڪري پاڻ سروس رول تي اٿارٽي سمجها ويندا هئا. پاڻ جڏهن فنانس ڊويزن ۾ ايڊمن جا جوائنٽ سيڪريٽري هئا تـ هيٺين گريڊن ۾ نوڪرين جون ڀرتيون ٿيون تـ انهن ۾ صوبائي ڪوٽا تي سختي سان عمل ڪرايائين. ايتريقدر جو ڊرائيور بـ ڪوٽا تي ڀرتي ٿي آيا. پاڻ محنتي، ايماندار ۽ هوشيار آفيسرن ۾ شمار ٿيڻ وارن ۾ شامل آهن.
    اسان 2005-06 سال وارو ايڪنامڪ سروي جو ڪتاب جاري ڪري ڇڏيو هو ۽ بجيٽ اڃا قومي اسميبلي ۾ بحث هيٺ هئي تـ مون کي سنگاپور مان اطلاع اچي ويو هو تـ توهان جو 10 جولاءِ کان ڪورس شروع آهي ۽ هنن منهجي ويزا لاءَ سنگاپور ڪائونسليٽ کي بـ لکي ڇڏيو هو.
    الطاف شيخ جي ڪتابن پڙهڻ مان اڳي ئي اهو معلوم ٿي چڪو هو تـ سنگاپور ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي رهن ٿا. اهو هڪ اڻٽر اصول آهي تـ جنهن جي دل ۾ ڪنهن ماڻهو، ڪنهن شيءَ يا ڪنهن جي لاءِ ٿوري ڪي گهڻي محبت موجود آهي تـ هو هر جڳهـ تي انهي شيءَ کي ڳوليندو رهي ٿو. سنڌ ۽ سنڌين سان محبت هن دل ۾ اڳي ئي نسري نروار ٿي چڪي هئي. هڪ دفعو وري دل ڇڪ کاڌي تـ سنگاپور جي ڪنهن سنڌي سان ملاقات ٿئي تـ ڏاڍو چڱو ٿيندو. ان زماني ۾ اڃا فيس بڪ ميدان ۾ ڪو نـ لٿو هو، تنهنڪري نئين ماڻهو سان ميل جول ڏکيو نـ تـ بـ مشڪل ضرور هوندو هو. تيز ترين ڪميونيڪيشن جو ذريعو اي ميل هوندي هئي. اها بـ ايڊريس ۽ واقفيت جي محتاج هوندي هئي. هاڻ سنگاپور اي ميل ڪجي تـ ڪنهن کي ڪجي، ڪا واقفيت ڪا نـ هئي، ڪو ئي يار دوست ڪو نـ هو. مون کي اتي ڪنهن جي هئڻ ۽ ڪنهن جي نـ هئڻ جي ڪا بـ ضرورت ڪا نـ هئي. منهنجي لاءِ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ وارن هر شيءَ جو اڳي ئي بندوبست ڪري ڇڏيو هو. جهڙوڪ هوٽل يا ٽرانسپورٽ وغيرهـ. . پوءِ بـ دل ۾ هڪڙي خواهش هئي تـ اتي جي ڪنهن سنڌي سان ڪا واقفيت ڪجي ۽ اتي جي سنڌي ماڻهن سان حال احوال اورجن. اهو قدرتي اصول آهي تـ دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جيڪڏهن توهان کي ڪو پنهنجو ملي وڃي ٿو تـ ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي، ان وقت هي مذهب جا ٻنڌڻ ٽٽيو ذرا ذرا ٿيو وڃن. سنڌي چاهي سنڌ جو هجي يا هند جو پر سنڌي تـ آهي. مون کي ذهن ۾ آيو تـ گوگل کان اهو ڪم وٺجي. مون کي چٽي طرح ياد آهي تـ مون گوگل جي سرچ بار ۾ وڃي پهريان هي لفط لکيا هئا. Sindhi in Singapore تـ گوگل مون کي ڪافي ويب سائيٽس ڪڍي آڻي ڏنيو هيون، جنهن ۾ اهڙي قسم جا لفظ هئا. پوءِ مون “ سنڌي ايسوسيئشن آف سنگاپور ” جي ويب سائٽ کولي تـ ان ۾ انهن جي عهديدارن جون اي ميل ايڊريسون لکيل هيون. ائين مون بغير ڪنهن واقفيت جي “جاڙا خان ڪتو جهلجان” پنهنجو تعارف ۽ پورو تفصيل لکي ٻن ماڻهن کي اي ميل ڪري ڇڏيو هو. انهي مان هڪ ماڻهو جنهن جو نالو ڪڪو مل هو، جنهن مون کي اي ميل ذريعي جواب ڏنو هو تـ هو انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ڪاروبار سانگي سنگاپور کان ٻاهر هوندو. باقي توهان سان چترو مل واسواڻي صاحب رابطي ۾ ايندو. ائين هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ مون صبح جو آفيس وڃڻ جي تياري پئي ڪئي تـ گهر فون جي گهنٽي وڳي، جيئن مون فون کنئي تـ اڳيان آواز آيو تـ “ هِيلو آئون سنگاپور مان چترو واسواڻي ٿو ڳالهايان” لفظ تـ هن اهي ٻـ چيا هئا پر انهن ۾ جيڪو خلوص ۽ پنهنجائپ هئي تنهن منهنجي من کي اڻ پيتي جي نشا ڏئي مست ڪري ڇڏيو هو. منهنجي سنگاپور روانگي ۾ ڪي ٿورا ڏينهن وڃي بچيا هئا، اهي ڏينهن مون اڱرين تي ڳڻي گذاريا هئا. هڪ ڊگهي سفر ڪرڻ جو شوق، ٻيو سنگاپور ڏسڻ جو شوق، اتي جي سنڌين سان ملڻ جو شوق، انهي کان وڌيڪ اڻ ڏٺل دوست سان ملڻ جو تجسُس ڪجهـ اهڙيون ڪيفيتون هيون جن مون کي بيچين ڪري وڌو هو. چترو واسواڻي صاحب هميشه اي ميل کان وڌيڪ ٽيليفون کي ترجيح ڏيندو آهي، تنهنڪري منهنجي سنگاپور جي سفر تي اُسهڻ کان پهريائين اسان جا ٽيليفون رستي رابطا بحال ٿي ويا هئا. منهنجي زندگي جو تجربو اهو ٻڌائي ٿو تـ جيڪڏهن پيار ۽ خلوص سان ڪنهن نيڪ مقصد کي ماڻڻ جي تمنا آهي تـ پالڻهار اهڙا سبب پيدا ڪري ڏي ٿو، جو اهو مقصد پورو ٿيو وڃي. منهنجي خيال ۾ آئون دنيا جي خوشقسمت ماڻهن مان هڪ آهيان، جنهن کي سٺا دوست مليا آهن. انهي جي مقابلي ۾ منهنجو رويو دوستن سان ڪيئن آهي، اهو تـ دوست ئي ٻڌائي سگهندا. چاهي اهي فيس بڪ تي هجن يا جيون جا ڪجهـ ڏهاڙا انهن سان گذريا هجن. ها البت فيس بڪ تي بنا تار ڪنهن سان ڳنڍجڻ کان پهريائين ان جو تفصيل ضرور ڏسندو آهيان. پنهنجي پاڻ کان سوال بـ ڪندو آهيان تـ ڇا آئون هن دوست سان هيترن سارن دوستن جي هئڻ جي باوجود دوستي جي پاڪ ۽ پوتر رشتي کي نڀائي سگهندس. ؟ تنهنڪري فيس بڪ تي لامحدود دوستي کان پاسو ڪندو آهيان. قلم بـ خبر نـ آهي تـ ڪيئن آهي ڳالهـ پئي هلي سنگاپور جي ۽ قلم وڃي نڪتو فيس بڪ تان. بس ائين اسلام آباد مان ٿائيلينڊ جي جهاز ۾ چڙهي پهرين بينڪاڪ ۽ پوءِ سنگاپور ايئرپورٽ تي وڃي لٿو هوس. اتي سنگاپور جي پرڏيهي وزارت جي مائي مون کي وٺڻ آئي هئي. انهي مائي سڳوري جو مون کي نالو وسري ويو آهي ۽ وري تڏهن نظر آئي جڏهن واپسي ۾ اسان کي ڌڪي کڻي جهاز ۾ چاڙهيائين. اسان انهي ڪورس ۾ تقريبن سڀئي ڏکڻ ايشيائي ملڪن جا ماڻهو هئاسين، جن جن ملڪن کي IMF قرض بـ سَهائي سَهائي پوءِ ڏيندو آهي. ائين کڻي سمجهو تـ اڪثريت انهن ملڪن جي ماڻهن جي هئي، جيڪي سندن قرض تي پلجندا آهن. شام جو ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن جو ڪو نـ ڪو پروگرام هوندو ئي هوندو هو. منهنجي دلي خواهش هئي تـ آئون پنهنجي اڻ ڏٺل دوست چترو واسواڻي سان ملاقات ڪريان، هيڏانهن هنن جو هر روز نئون پروگرام. جڏهن تـ واسواڻي صاحب کي مون ٻئي ڏينهن جو هوٽل تي ملڻ جو پروگرام ڏئي ڇڏيو هو. بس ائين ملاقاتون بـ ٿينديون رهيون ۽ سرڪار جا پروگرام ٿيندا رهيا. هاڻي سڀني کي اها ڄاڻ پئجي وئي هوندي تـ آئون اقتصاديات جي علم جو شاگرد آهيان. انهي ٽريننگ ۾ پڻ اِيڪنامڪس شامل هئي. مهل ۽ مناسبت جي موقعي سان اچو تـ پاڪستان ۽ سنگاپور جي معيشتن جو مختصر تقابلي جائزو وٺون.
    سنگاپور پنهنجي آزادي جو ڏينهن هر سال 9 آگسٽ تي ملهائيندو آهي. اها آزادي هُن 1965 ع ۾ ملائيشا کان ورتي هئي. انگريزن جڏهن ڏکڻ ايشيا مان ٽپڙ گول ڪيا هئا تـ هر جا ءِ تي هُنن ڪي متنازع علائقـا ڇڏيا هئا. سنگاپور کي ملائيشا سان گڏي ڇڏيو هئائون. اڳتي هلي ملائيشا هن ٻيٽ تي رهندڙ ماڻهن کي ڪنگلا، موالي، ڏوهاري، ڪم چور سمجهي 1965 ع ۾ انهن مان جان ڇڏائي هئي. جيئن اسان 1971ع ۾ بنگالين کان. سنگاپور جي حڪمرانن صرف ملڪ جي لکيل قانون تي سختي سان عمل ڪرائي اڄ 2017ع ۾ دنيا جي امير ترين معيشتن ۾ پنهنجي ملڪ کي شامل ڪري ڇڏيو آهي. هن ملڪ جي ٽوٽل پکيڙ 725 اسڪائر ڪلو ميٽر آهي. ڪل آبادي 5.5 ملين ماڻهن تي مشتمل آهي. جڏهن تـ وڌندڙ آبادي جي شرح مشڪل سان هڪ سيڪڙو آهي. تڏهن تـ سنگاپور جي وزيراعظم هڪ دفعي چيو هو تـ Singapor needs more babies، پر سندس اپيل جو ڪو خاطر خواهـ اثر نـ ٿيو هو. انهن ۾ 76.4سيڪڙو چائنيس، 14.9 سيڪڙو ملائيشن، 6.4 سيڪڙو انڊين پاپوليشن ۽ 2.3 سيڪڙو ٻين ننڍين قوميتين جا ماڻهو شامل آهن. جڏهن تـ سرڪاري ٻولي انگريزي آهي، ان سان گڏ چيني،تامل ۽ ملائي ٻوليون پڻ وڏي انگ ۾ ڳالهايون ۽ سمجهيون وڃن ٿيون. انهن سڀني ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو حاصل آهي. سنگاپور جي ماڻهن جون عمريون وڏيون ٿين ٿيون، انهي جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو تـ سندن عمريون سراسري طور 83 سال رڪارڊ ڪيون ويون آهن. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ عمر جي حد سراسري طور 63 سال آهي. اهو بـ فالٽي اِن فَارميشَن ٽيڪنالاجي جو ڪمال آهي، ٻئي حالت ۾ اهو انگ 60 سال کان مٿي ڪونهي ڪو. سنگاپور کي باغن جو ملڪ بـ چيو وڃي ٿو، ننڍڙو ملڪ هئڻ جي ڪري اتي جي حڪمرانن هِن ملڪ کي ساون وڻن سان جنجهي رکيو آهي . سنگاپور ۾ مذهب جي لحاظ کان ٻڌازم، اسلام، عسائيت ۽ هندو ازم شامل آهن. هن ملڪ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو تعداد 95 سيڪڙو آهي. ڪو بـ ملان هندو توڙي مسلمان ٻئي جي مذهب ۾ دست اندازي نـ ٿو ڪري سگهي. لباس جي آزادي آهي. انساني حقن جي آزادي تي هي ماڻهو ڪڏهن بـ سوديبازي نـ ٿا ڪن.
    مٿيان سماجي توڙي اقتصادي انگ اکر اهو ٻڌائين ٿا تـ هن ننڍڙي ملڪ ٿوري عرصي ۾ ڪيتري ترقي ڪئي آهي. آئون 15 ڏينهن سنگاپور ۾ رهيس پر مون کي ڪٿي بـ پوليس وارو نظر ڪو نـ آيو. ڪا بـ گاڏي روڊ تي پارڪ ٿيل مون نـ ڏٺي. سندن زير زمين ميٽرو سسٽم جو علائقي جي ملڪن ۾ مثال ڪو نـ ٿو ملي. سنگاپور مهانگو ملڪ هئڻ جي باوجود سياحن جو هڪ وڏو انگ اتي گهمڻ وڃي ٿو. هڪ اندازي مطابق هر سال 10 کان 12 ملين ماڻهو سنگاپور گهمڻ وڃن ٿا. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي ڪرڪيٽ ٽيم جا 12 رانديگر اچڻ لاءِ تيار ڪو نـ، آهن. سوال آهي تـ اسان جي ملڪ ۾ سياح ڇو اچن؟. انهن کي ڏيڻ جي لاءِ اسان وٽ ڪجهـ بـ باقي نـ بچيو آهي، امن امان پوين پساهن ۾ آهي، اسان جون عبادت گاهون محفوظ ڪو نـ آهن، ڪنهن روڊ تي پاڻي پيئڻ لاءِ لڳايل سبيل تي پيل ڇل اڃا تائين سنگهرن سان قابو ٻڌي پئي آهي. تفريح گاهن ۾ ماڻهو محفوظ ڪو نـ آهن، تـ ٻاهريون ماڻهو اسان وٽ ڇو اچي. اقتصادي ترقي آزادي گهري ٿي، اقتصادي ترقي امن امان گهري ٿي. اهڙين حالتن جي غير موجودگي ۾ اقتصادي ترقي جو رڳو خواب ئي ڏسي سگهجي ٿو. ان جو ساڀيان ٿيڻ ممڪن ڪونهي. اسان جنهن بنياد پرستي جي دور مان گذري رهيا آهيون، اهو ڏاڍو اڙانگو ۽ خطرناڪ رستو آهي. اڄ اسان مان سهپ ۽ رواداري ختم ٿي وئي آهي. جيڪڏهن هن ملڪ کي اقتصادي ترقي ڪرڻي آهي تـ سهپ، رواداري ۽ بُردباري جي وجود کي تسليم ڪرڻو پوندو ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کان پلئـ آزاد ڪرائڻو پوندو.
    سنگاپور جي سنڌين جي تاريخ تمام پراڻي آهي، سنگاپور سنڌي ايسوسيئشن جو بنياد 1921 ۾ رکيو ويو هو. ان وقت ان جي ميمبرن جو تعداد صرف 10 هو، جڏهن تـ هن وقت SSA جي ميمبرن جو تعداد 500 ماڻهن کان مٿي تي مشتمل آهي. SSA وٽ پنهنجي هڪ سٺي بلڊنگ آهي، جنهن جو پلاٽ 1952 ۾ خريد ڪري تعميراتي ڪم شروع ڪيو هو. ان وقت انهي جو نالو سنڌو هائوس رکيو ويو هو، جيڪو اڃان تائين هلندو ٿو اچي. هن اسان جي ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ صرف ٻـ اهڙيون جايون آهن، جن تي سنڌي ڏکئي وقت مٿو لڪائي سگهن ٿا. ان ۾ شامل آهن سنڌو هائوس سنگاپور ۽ شاهـ عبدالطيف ڪميونيٽي سينٽر اسلام آباد. ٿي سگهي ٿو تـ انڊيا ۾ پڻ اهڙا آشرم ٺهيل هجن پر انهن جي مون وٽ معلومات ڪونهي جو هتي ڏئي سگهجي. سنگاپور جي سنڌين وٽ هڪ 25 ملڪن جي لسٽ آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي تـ ڪيترا سنڌي ڪهڙن ڪهڙن ملڪ ۾ رهن ٿا. اهڙا انگ اکر اسان جي سنڌ سرڪار وٽ بـ نـ هوندا.
    انهي وچ ۾ چترو واسواڻي صاحب سان روبرو ۽ ٽيليفون تي ملاقاتون ٿينديون رهيون. هن صاحب مون کي اڳي ئي هوشيار ڪري ڇڏيو هو تـ آچر جي ڏينهن تي توهان کي سنڌو هائوس تي هلڻو پوندو. مون وٽ سنگاپور ۾ 15 ڏينهن ۾ صرف هڪڙو ئي آچر هو. سو اهو آچر بـ ٿيو سنڌو هائوس جي حوالي، جتي ٻين سان گڏ SSA صدر مسٽر ديپڪ گرناڻي منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سڄو سنڌو هائوس گهمايائون. اتي ڪافي ٻيا سنڌي بـ گڏ ٿي ويا تـ انهن سان ملاقات ٿي. اتي هڪ همراهـ هو جنهن جو هاڻي نالو وسري ويو اٿم، جنهن جو تعلق سن ضلعي دادو سان هو. هُن صاحب پڪوڙا تـ اهڙا بهترين ٺاهيا هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين نـ وساري سگهيو آهيان .
    چترو واسواڻي صاحب حيدر آباد سنڌ سان تعلق رکي ٿو. ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي اچي سنگاپور وسايائين. اڄ ڪلهـ سنگاپور جو شهري آهي. سنڌي ادب سان گهرو لاڳاپو رکي ٿو. وٽس هند ۽ سنڌ جي ادبين جا ڪافي ڪتاب موجود آهن. سنگاپور ۾ ٿيندڙ سنڌي ڊرامن ۾ حصو بـ وٺي ٿو تـ انهن جو اسڪرپٽ رائٽر پڻ آهي. ائين کڻي سمجهو تـ واسواڻي صاحب سنگا پور ۾ سنڌين جو سفير آهي. جيڪو بـ سنڌي سنڌ مان سنگاپور ويندو آهي اهو هن صاحب سان ضرور ملندو آهي. جيڪڏهن علاج سانگي ڪو سنڌي سنگاپور وڃي نڪري تـ ان جي ٻولي جي ٽرانسليشن ۽ ٻيون ميڊيڪل جو ضرورتون پڻ چترو واسواڻي صاحب پوريون ڪندو آهي. مون سان هو ٽيليفون جي ذريعي ڳنڍيل رهي ٿو، ڪيڏي ڪيڏي مهل ٽن چئن سٽن جو ڪو خط پٽ بـ لکي وجهندو آهي. هڪ دفعي لکيو هئائين تـ “ اسان جي ڪن نوجوانن همٿ ڪري هي Bi-monthly news letter ڪڍيو آهي. شروعاتي پرچي ۾ ڪجهـ غلطيون ڪيون اٿن. اميد تـ اڳيان هلي هي پرچو سڀني سنڌين جو هڪ آواز ٿيندو، گهٽ ۾ گهٽ سينگاپور ۾. ” ان سان گڏ پاڻ سٺو شاعر پڻ آهي. سندس شاعري مان هڪ غزل پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هت پيش ڪجي ٿو. غزل جو عنوان آهي “واهـ ڪمال ڪيو تو سنڌي”
    خالي هٿين تون آئين سنڌي
    اڄ مڪان جو مالڪ تون سنڌي
    محنت عقل سان مٿي آئين تون سنڌي
    واهـ ڪمال ڪيو تو سنڌي

    تون سنڌي يارن جو يار
    غريبن جو همراز تون سنڌي
    هر ملڪ ۾ نالو تو وڄايو سنڌي
    واهـ ڪمال ڪيو تو سنڌي

    هُنر ڪارخانا تو کوليا سنڌي
    اسڪول ڪاليج برپا ڪيا تو سنڌي
    مندر اسپتالون تو ٺهرايا سنڌي
    واهـ ڪمال ڪيو تو سنڌي.

    سنڌي گيت لاڏا تون ڳائين سنڌي
    شعر ليک لکين تون سنڌي
    سنڌين جو ڪيو تو نالو روشن سنڌي
    واهـ ڪمال ڪيو تو سنڌي

    سهڻو ٺاهوڪو تون يار سنڌي
    لوڏ مان تون پڌرو سنڌي
    مٺڙو محبتي آهين تون سنڌي
    واه ڪمال ڪيو تو سنڌي

    ان کان سواءِ هڪ شام مون وسواڻي صاحب سان گڏ سندن گهر گذاري . سندس ڪٽنب جي ميمبرن سان ملي ڪافي خوشي محسوس ٿي. سنگاپور جي سنڌين ۾ مون جيڪا هڪ ڳالهـ محسوس ڪئي تـ جيڪو سنڌي ڄائو نپنو سنڌ کان ٻاهر آهي، هُن سنڌ ڪڏهن اکين سان نـ ڏٺي آهي، پر سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ٿو ڪري. ان جي مقابلي ۾ اسان سنڌي پنهنجن ئي شهرن ۾ رهي، انٽر نيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي بـ اردو ۾ لکون ۽ گهرن ۾ بـ اڪثر اردو ۾ ڳالهايون. امر جليل جي انهي جملي کي هاڻي شايد بدلائڻو پوندو، جنهن ۾ هُن چيو هو تـ “سنڌي گدڙ اِن اسلام آباد” هاڻي انهي جملي کي هيئن هئڻ گهرجي “ سنڌي گدڙ اِن سنڌ”. سنگاپور ۾ سنڌين جو ڏنل مان ۽ قرب اڄ ڏينهن تائين وساري نـ سگهيو آهيان. خير چترو واسواڻي سان نينهن جا ناتا تـ اهڙا جڙيا آهن جو انهن جو ڇڄڻ شايد ئي ممڪن هجي. سندن طرفان سنگاپور مان ڪتابن سان گڏ ڪجهـ ٻيا تحفا وغيره ايندا ئي رهن ٿا. دل چوندي آهي تـ پکي ٿي پوان ۽ اڏامي پرين جي پار هليو وڃان، پر منهنجا کنڀ تـ ڪڏهوڪا مارِيءَ پٽي پري اڇلي ڇڏيا آهن. جيڪڏهن ائين هجي ها تـ هر دور جا انسان پنهنجن مرندڙن محبتن جي جنازن تي ائين سڏڪا نـ ڀرين ها جيئن ڪا پيار ڀري دل پنهنجي محبوب جي مرڻ تي پري بيهي حسرتن جا سڏڪا ڀريندي آهي.
    ائين 15 ڏينهن سنگاپور مان گهمي ڦري بينڪاڪ جي رستي واپس اسلام آبا د پهچي ويس. ٿائيلينڊ جي ايڪانامي جي خبر تـ انگن اکرن مان پئجي وڃي ٿي، پر بينڪاڪ ايئر پورٽ انهي باري ۾ گهڻو ڪجهـ ٻڌائي ٿو. پاڪستان جو ڪو بـ ايئرپورٽ ڪونهي جو بينڪاڪ ايئر پورٽ سان مقابلو ڪري سگهي ٿائلينڊ جي ايڪنامي جو سڄو دارو مدار سياحت تي آهي. سياحت ۾ جيڪا شيءَ (Commodity) جنهن جي وڏي کپت آهي انهي جو وڏو حصو انساني وسيلن تي مدار رکي ٿو. مون وٽ انهي سچ کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ صرف ٻـ مثال ئي ڪافي آهن. جڏهن PIA جي ٻيڙي ۾ 42 جهاز هئا تـ Thai Airways وٽ 82 جهاز هئا. ٿائليڊ جي بجلي جي کپت 26000 ميگا واٽ آهي جڏهن تـ انهن وٽ 28000 هزار ميگا واٽ بجلي موجود آهي. جڏهن تـ پاڪستان جي بجلي جي کپت 22000 هزار ميگا واٽ آهي تـ سندس پيداوار مشڪل سان 14000 هزار ميگا واٽ آهي. اسان چوندا آهيون تـ ٿائيلينڊ جي ايڪانامي جو وڏو شيئر غلاظت سان ڀريل سرگرمين تي مشتمل آهي، جڏهن تـ اسان جي کوٽ واري ايڪانامي پاڪ پوتي، کير ڌوتي آهي.


    نصير ميمڻ

    نصير ميمڻ

    حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تـ پاڪستان جو جياپو هينئر ٻـ واٽي تي بيٺل آهي. خاص ڪري مذهبي دهشت گردي، پاڙيسري ملڪن سان اعتماد جو فُقدان، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ، ملڪي ايڪانامي جو هيڻو حال. ڪجهـ اهڙا مسئلا آهن جنهن تي منهنجو دوست نصير ميمڻ مسلسل لکندو رهي ٿو. انهي کان سواءِ جتي منهنجن دوستن جو وڏو تعداد نوڪري پيشـ ماڻهن تي مشتمل آهي تـ اُتي ڪجهـ دوست ذاتي ڪاروبار ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. انهن ۾ ڪجـهـ عالم ۽ اڪابر آهن تـ ڪجهـ علم جي ڊوڙ ۾ اڳڀرا بـ آهن. پر ڪي دوست اهڙا آهن جن جي شخصيت، ذات پات، مذهب ۽ ڪنهن فرقي کان گهڻو هماليـ جي چوٽين وانگر مٿانهين بيٺل آهي. جيڪڏهن انهن دوستن جو ذڪر منهنجي جيون ڪٿا ۾ نـ هجي تـ هي ڪهاڻي تـ ڇا پر زندگي جي ڪهاڻي اڌوري سمجهندس. ڪي ڪي مُهان ماڻهو زندگي جي ويران راهن تي هلڻ سان تازي هوا جو جهوٽو محسوس ٿيندا آهن، تـ ڪي کرا ۽ سچا ماڻهو دل جي دنيا ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيندا آهن. مون هن ئي ڪتاب ۾ ڪٿي افلاطون جي انسان بابت خيالن جو ذڪر ڪيو آهي. پر هاڻي افلاطون جيئرو جاڳندو، چرندي پُرندي حالت ۾ منهنجي سامهون بيٺو آهي. مون قبل مسيح جي مفڪر جا ڪيئي روپ ڏٺا آهن، جتي هو انسانيت تي بحث ٿو ڪري تـ اتي هو عدل ۽ انصاف جو بـ وڏو ۽ ڊگهو مقدمو لڙي ٿو. آئون جڏهن نصير ميمڻ جو ڪو اخباري آرٽيڪل يا ڪو ڪتاب کڻي ويهي پڙهندو آهيان جنهن ۾ ڪنهن ڪمزور يا هيڻي ماڻهو تي انياءُ جو ذڪر هوندو آهي تـ مون کي قبل مسيح جي مفڪر جا چيل اهي لفظ ياد ايندا آهن، جنهن ۾ هن چيو هو تـ “ عدل مان مراد اها آهي تـ، نـ رڳو سگهاري ڌر کي فائدو پهچي پر، ڪڏهن ڪڏهن ان جي بر خلاف بـ ٿي سگهي ٿو. ” اڃان اڳتي انهي ڳالهـ کي چٽو ۽ واضح ڪندي چوي ٿو تـ “ عدل سگهاري ڌُر جي مفادن جو ٻيو نالو آهي” اهي تـ هئا، قبل مسيح جي مفڪر جا مختلف موضوعن تي خيال جيڪي، مون هتي هو بهو نقل ڪيا آهن. جيڪڏهن اڄ اسان جي ملڪ جي اندروني حالتن کي مٿين قولن سان ڀيٽ ڪئي وڃي تـ نصير ميمڻ کي پڙهڻو ۽ سمجهڻو پوندو. مون وٽ اهڙا نرم ملائم ۽ ڪنوارا لفظ نـ آهن جو هن منهنجي سچي، کري ۽ اڻ موٽ دوست کي ڀيٽا طور پيش ڪري سگهان. نصير ميمڻ کي آئون تڏهن کان ڄاڻان سڃاڻان جڏهن هو نصير ميمڻ نـ پر نصير سارنگ جي نالي سان ڪتابن جي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو. سنڌ ڌرتي جي ناتي هن دوست سان ڪجهـ اهڙا لڳ لڳاپا جُڙجي چڪا آهن، جو انهن جو ڇڄڻ ناممڪن آهي. هن سان منهنجو روبرو مُکا ميلو هتي اسلام آباد ۾ ئي ٿيو. پاڻ ڊيولپمينٽ سيڪٽر جو وڏو نالو آهن، پر ان کان وڌيڪ سڃاڻپ سنڌ دوست جي حيثيت سان ڪرائجي تـ مبالغو نـ ٿيندو. نصير ميمڻ اخبارن ۾ ضرور لکي ٿو پر آئون کيس صحافي مڃڻ لاءِ تيار ڪو نـ آهيان. نصير جا انگريزي توڙي سنڌي ۾ آرٽيڪل پڙهي تعجب ٿيندو آهي تـ اخبار جي ڪرتن ڌرتن کان سندس اهي باغيانا خيال ڪيئن هضم ٿيا هوندا. نصير صاحب هيل تائين ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف رهيا آهن،پر نصير جي هر ڪتاب ۾ توهان کي سنڌ چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪندي ۽ جرڪندي نظر ايندي. جيئن تـ نصير سان منهنجو لڳ لڳاپو تقريبن ٻين دوستن کان پوءِ ٿيو، پر سڀني دوستن جي صف اول ۾ مهنجو هي دوست بيٺل آهي. شعوري يا لاشعوري طور اڄ محبتن جو ڏينهن آهي. (14 فيبروري)، آئون هن پنهنجي دوست تي لکڻ ويٺو آهيان. جنهن محبت ڪئي آهي ڌرتي سان، جنهن کي محبت آهي ڌرتي وارن سان، جنهن کي محبت آهي ڌرتي جي هيڻن ۽ اٻوجهـ انسانن سان، نصير پيار ڪري ٿو تـ ڏرا ڏنل اکين سان، نصير پيار ڪري ٿو تـ بکايل پيٽ سان. زندگي جا هزارين روپ آهن، وقت جا اڻ ڳڻيا ڪردار آهن. پر منهنجي هن دوست وٽ زندگي ۽ وقت جو هڪ ئي روپ ۽ ڪردار آهي. اهو سنڌ سان محبت جو روپ آهي، جنهن ڪري هو سدائين سنڌ جو ڪيس وڙهندو رهي ٿو. نصير جون لکڻيون هڪ قسم جا سنڌ تي نوحا ۽ ڪيڏارا آهن. جيڪڏهن آئون انهي ۾ غلط نـ آهيان تــ مفڪر سنڌ سائين جي ايم سيد، ۽ سندس سڄاڻ شارح عبدالواحد آريسر کان پوءِ جيڪڏهن انهن جي ئي نقش قدم تي هلي سنڌ جو ڪيس وڙهي ٿو تـ نصير ميمڻ ئي وڙهي ٿو. يقينن انهي ڳالهـ تي گهڻا ماڻهو مون سان اختلاف راءِ رکندا هوندا،جيڪو انهن جو حق بـ آهي. پر مون جيئن نصير ميمڻ کي ڏٺو آهي تيئن لکيو آهي. نصير تي لکڻ لاءِ کوڙ سارو مواد مون وٽ موجود آهي پر هتي وقت ۽ حالتون اجازت نـ ٿيون ڏين جو هن منهنجي سنڌ دوست تي گوڏو کوڙي ويهي ڪا وڏي ڪٿا لکجي. نصير ميمڻ جي لکڻين ۾ هڪ نئون جذبو ۽ اتساه هوندو آهي. نصير ميمڻ جي لکڻين ۾ مڊل ڪلاس جي طاقت ۽ سگهـ تي وڌيڪ زور ڏنل هوندو آهي. ورهاڱي جي ڪري انهي ڪلاس کان سنڌ محروم ٿي وئي هئي. انهي بابت فيس بڪ تي سندس تازي تحرير ڪجهـ هن طرح اتساهي ٿي، انهي متعلق چوي ٿو تـ “ نئون نسل سنڌ جو اهو مڊل ڪلاس ٿي اڀري رهيو آهي جيڪو رڳو احساس محرومي جي نالي تي پِٽڪو ڪرڻ بجاءِ مختلف ميدانن ۾ چٽا ڀيٽي ڪري پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيو آهي. جيئن تـ هي نسل هڪ مختلف ماحول مان نڪتو آهي، تنهنڪري ان جو منهن مهانڊو خيال ۽ انهن جي ادائگي، رويا ۽ سوچون روائتي سنڌي نوجوانن کان مختلف آهن ۽ اهو شهرن جي احساس برتري رکندڙ غير سنڌين سان مقابلو ڪرڻ لڳو آهي، جيڪي اڳي سنڌين کي ٻهراڙي جو ڄٽ ۽ وڏيرن جو غلام قرار ڏئي مٿن چٿرون ڪندا هئا. ائين سنڌ کي هڪ Fight Back ڪندڙ نسل ملي رهيو آهي، جيڪو ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌي سماج جي شڪل تبديل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو” نصير جهڙو دل ۽ دماغ جو کليل اهڙو سندس دسترخوان بـ وسيع. آئون هتي صرف خلوص سان ڀرپور ڪجهـ دعوتن جو مختصر ذڪر ڪندس، جيڪي سندس ئي گهر تي ٿينديون رهن ٿيون. هر ننڍي وڏي دعوت ۾ مون کي ضرور ياد ڪيو ويندو آهي. اهو مون سان سندس محبت ۽ پيار جو اڻ توريو ۽ اڻ ميو جذبو آهي. آئون صوفي لاڪوفي ماڻهو جنهن مان نـ دُشمن کي ڀوءُ تـ نـ وري دوست کي فائدو، پر نصير جي هر سڏ ۾ آئون شامل هوندو آهيان. جتي آئون ۽ سائين فضل الله قريشي صاحب نصير صاحب جي لذيذ کاڌن مان لطف انداز ٿيندا آهيون تـ اتي مڌ جا شوقين سنڌي صحافي پاڻي جون ٿڌيون بوتلون ڏسي مايوس بـ ٿيندا آهن. حڪمران توڙي مخالف ڌر، قوم پرست توڙي وطن دوست ساٿين سان ٿيندڙ روح رچنديون رهاڻيون هڪ ڊگهي عرصي تائين ياد رهنديون. انهن ۾ سڏايا ويندا هئا جلال محمود شاه کان ويندي قادر مگسي تائين، ڊاڪٽر عبدالمالڪ کان ويندي ڊاڪٽر عارف علوي تائين، اقليتي ميميبر لال مالهي پڻ انهي ذاتي ڪچهرين ۾ نصير ميمڻ جي دعوت تي شامل رهيا. ان کان سواءِ علم دوست ۽ اديبن سان کوڙ ساريون دعوتون ۽ ڪچهريون نصير ميمڻ جي گهر تي پڻ ٿينديون رهيون آهن. هر مڪتبِ فڪر جي مهمانن سان ڪچهري جو هڪ ئي محور ۽ نڪتو هوندو آهي، اها آهي سنڌ، جنهن سان نصير لکين سال اڳ پيار ڪيو هو ۽ ايندڙ سوين سالن تائين ڪو روپ بدلائي پيار ڪندو رهندو. مون کي پورو يقين ۽ وشواس آهي تـ سنڌ جي آزادي تائين نصير ڪنهن نـ ڪنهن روپ ۾ ديسي دلالن ۽ ولائتي دهشتگردن سان پنهنجي قلم سان مهاڏو اٽڪائيندو ايندو. مون اڄ ڏينهن تائين نصير جي لکڻين ۾ سنڌ جا ڪيئي روپ ڏٺا آهن، هر روپ ۾ هن سدائين سنڌ کي مٿانهون رکيو آهي. هن منهنجي دوست جي لکڻين ۾ هميشـ اڳتي وڌڻ ۽ ڪجهـ ڪرڻ جي آس ئي هوندي آهي. آئون جڏهن بـ مايوس ٿيندو آهيان تـ نصير جي ڪا تحرير کڻي ويهي پڙهندو آهيان تـ مايوسين جا گهاٽا ۽ ڪارا ڪڪر پرزا پرزا ٿي ويندا آهن. آئون اها ڳالهـ ڪا هوائي توائي نـ ٿو ڪريان، سندس فيس بڪ جي وال تي ڪجهـ هي سٽون بـ پڙهي ڏسو.
    “پليجي صاحب جو مارچ، اياز لطيف جي آل پارٽيز ڪانفرنس، ايس يو پي جي شاندار ريلي، سنڌ ترقي پسند جو مادر وطن ڏهاڙو، ادبي ميلا، ڪريڪٽيڪل اسٽديز فورم پاران فڪري ويهڪ، سول سوسائٽي پاران سيوهڻ واقعي خلاف رد عمل، آدم ڳڻپ بابت گڏجاڻيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون سر گرميون سنڌي سماج ۾ زندگي جي علامت آهن. انهن سڀني سرگرمين جي ڪن پاسن تي اختلاف ڀلي رکجن پر مجموعي طور ان تحرڪ کي واکاڻجي. اهي شاهديون آهن تـ سنڌي سماج ۾ اميد مُئي نـ آهي، اڃا سنڌ ۾ اجتماعي توانائي موجود آهي. دهشتگردي، ڪرپشن، بداخلاقي ۽ سماجي قدرن جي زوال اڳيان اهي سماج دوست حلقن جي مزاحمت جا رنگ آهن. اهي سڀ ڪاوشون رنگ لائينديون، ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي”. آئون نصير صاحب جي انهي اتساهيندڙ لکڻي بابت ڪجهـ بـ ڪو نـ ٿو چوان، صرف اياز جي هڪ سٽ ورجايان ٿو. “ ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان. ”


    محمد عثمان غني

    محمد عثمان غني

    مون نوڪري جي شروعات جڏهن فنانس ڊويزن کان ڪئي تـ. اتي جيڪو پهريون منهنجو دوست ٿيو هو محمد ابراهيم نظاماڻي صاحب، جنهن جو ذڪر هنن پنن ۾ مون ڪيو آهي. ان سان گڏ جنهن ٻئي ماڻهو سان ڏيٺ ويٺ ٿي، جيڪا اڳتي هلي گهريءِ گهاٽي ٿي ويئي، اهو هو اسان جو دلبر دوست محمد عثمان غني، جيڪو تازوئي CSS پاس ڪري سول سروس ايڪيڊمي لاهور اڌ ۾ ڇڏي اسان جي ايڪنامڪس ۽ پلينرز گروپ ۾ 18 گريڊ ۾ اچي اسان سان شامل ٿيو هو. چوندا آهن تـ چنڊو چنڊي کي سئو ڪوهـ تي ڳولي لهي. اسان سان بـ ڪجهـ ائين ٿيو، بس هن جي اچڻ جي دير هئي. دوستي جو ناتو رشتو ڪجهـ اهڙو جڙيو، جنهن ۾ ڪنهـن بـ قسم جو سنڌو محسوس نـ ٿيو، ها البت رساڻان ۽ پرچاڻا بـ ٿيندا رهيا. هي صاحب فيڊرل گورنمينٽ ۾ نوڪري ڪرڻ کان پهريائين سنڌ سرڪار جي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ڪراچي ۾ پنج يا ڇهـ سال نوڪري ڪري چڪو هو. اتي بـ هن جا سنڌي دوست هئا، هتي بـ آئون ۽ محمد ابراهيم نظاماڻي هن کي سنڌي ملي وياسين، ائين اسان دوست ٿي ويا سين. اصل ۾ عثمان غني صاحب مشرقي پاڪستان جو پاڪستاني آهي. 1971 ع جي جنگ ۾ ڀڳڙو ڀڄي جڏهن ٻـ ڦارون ٿي پيو تـ هي همراهـ. پنهنجو اصل آزاد وطن ڇڏي، اولهـ پاڪستان هليو آيو. ڪراچي يونيورسٽي مان ايڪنامڪس ۾ ماسٽرس جي ڊگري وٺي، سنڌ سرڪار ۾ ايڪنامڪ انويسٽيگيٽر جي نوڪري لاءِ 16 گريڊ ۾ انٽرويو ڏنائين. انهي انٽرويو ڪميٽي جو چئرمين سائين فضل الله قريشي صاحب جن هئا. تنهن هن کي سنڌ شهري جي ڪوٽا تي نوڪري ڏيئي ڇڏي. انهي ڏينهن کان پوءِ هي هميشـ دوستي جي لاءِ سنڌين کي ڳوليندو رهيو. جيئن تـ سياسي طور هن جو تعلق جماعت اسلامي سان رهندو آيو آهي، پر ياري دوستي ۾ هو مذهب کي هميشـ پري رکندو آهي. اسين ڪٽر قوم پرست، هي ملان پر مذهب کي اسان وچ ۾ ڪو نـ آندو. جڏهن تـ ابراهيم نظاماڻي مرحوم هن کي هميشـ “ملان لٽر” سڏيندو هو. ها ڪڏهن ڪڏهن اسان جي پاڻ ۾ حورن ۽ غلِمانن تي جهڙپ ٿي پوندي هئي. هي اسان جو يار ملان هميشـ حورن جو شوقين رهيو آهي، چاهي اُهي فاني دنيا ۾ هجن يا دارُالبقاءُ ۾ انهي تي سندس ايمان پڪو هوندو هو. بنگالي هئڻ جي ڪري مڇي ۽ چانور کائڻ جي ڪري ننڍي لاڪون ذهن ڏاڍو تيز هوندو هوس، جيڪو اڃا رٽائرمينٽ تائين ساٿ ڏيندو اچيس. مون هن کي هميشـ نوڪرين دوران ٻئي جي مدد ڪندي ئي ڏٺو. ها البت ڪو خاص قسم جو ماڻهو اچي ويندو هو تـ پنهنجو ڪم ڇڏي پهرين ان جو ڪم ڪبو، باقي پنهنجن ڪمن سان گڏ يارن دوستن جا ڪم ڪار Pending ۾. مشرقي پاڪستان ۾ هوندو هو تـ اتي جون بـ ڏاڍيون دلچسپ خبرون پيو ٻڌائيندو هو. چوندو هو تـ “پرائمري جا ڪلاس مون ڪڏهن بـ صحيح نموني سان اسڪول ۾ ويهي ڪو نـ پڙهيا. بابو اسڪول ڇڏي ايندو هو ۽ آئون پويان کسڪي ويندو هوس مڇيون پڪڙڻ. آئون سڄو سال مڇيون پڪڙيندو رهندو هوس پر آخر ۾ امتحان ۾ هميشـ پهريون نمبر ايندو هوس”. آخر ڪار پرائمري پاس ڪرڻ بعد هن کي ڍاڪا ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو، پر اتي بـ هن جا ساڳيا پرڪار. ائين جيئن تيئن ڪري انٽر ڪيائين تـ 1971 ع واري جنگ لڳي پئي. هن جي پير ۾ اصل کان چڪر سو پنهنجو گهر ڇڏي اچي ڪراچي کان نڪتو. اهڙن گهرن کان نڪتلن کي پاڪستان ۾ ورسائڻ جي لاءِ جماعت اسلامي هنن جي وڏي مدد ڪئي هئي. شروع وارن ڏهاڙن ۾ هي همراهـ ڪلين شيو ۽ سوٽيڊ بوٽيڊ هوندو هو، اڳتي هلي باريش بـ ٿي ويو ۽ سلوار بـ گوڏن تي اچي بيٺي. هوڏانهن ڪم جي لحاظ کان انتهائي هوشيار هوندو هو. جڏهن تـ انگريزي بـ تمام سٺي هوندي هئس، ڇو جو CSS پاس ڪري چڪو هو. اسان مان ڪو بـ انگريزي ۾ ڦاسندو هو تـ ان جو حل هن وٽ ئي هوندو هو. اردو ۽ انگريزي سان گڏ ڪيڏي مهل بنگالي ٻولي جا لفظ بـ هڻي ويندو هو تـ ڳالهـ سمجهـ کان ٻاهر نڪري ويندي هئي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن انگريزي جي نثري ٽڪري جو اردو ترجمو ڪرڻو هوندو هو تـ منهنجي ۽ عثمان جي پريشاني وڌي ويندي هئي، پوءِ ظفر اچي اسان جي جان ڇڏائيندو هو.
    مون جڏهن بدين کان واپسي تي ٻئي دفعي فنانس ڊويزن Join ڪئي تـ اسان جي ڪمپني ۾ ٻـ ٻيا دوست بـ شامل ٿي ويا. هڪ هو ظفر، جنهن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ٻيو ممتاز شاه، جنهن جو تعلق پاڪستان جي اترين علائقن سان هو. شاهـ صاحب جڏهن ڳوٺان ايندو هو تـ اکروٽ کنيو ايندو هو، تنهنڪري اسان هن جو نالي رکيو هو “اکروٽ شاهـ” ڳالهـ پئي هلي عثمان غني جي، اهو بـ ذڪر ٿي چڪو آهي تـ هي مُلو بـ ٿي ويو، پر هي ٻين مُلن کان مختلف هوندو هو. هِن ملان ۾ رنگ ۽ ڀنگ ٻئي شامل هئا، مطلب تـ رنگين مُلو هو. هر روز اسان جي آفيس ۾ ٻي شادي جو ذڪر ٿيندو رهندو هو. مُلو چوندو هو تـ “منهنجي ٻي شادي ڪرايو”. هڪ ڏينهن مون هن کان پڇيو “تون اهي خبرون گهر ۾ بـ ڪندو آهين؟” تـ هن ڇاتي تي هٿ هڻي وڏي واڪ چيائين تـ “آئون تـ اهي ڳالهيون گهر ۾ ڪندو رهندو آهيان. ” تنهن تي اکروٽ شاهـ چيس تـ توکي گهر واريءَ ڪجهـ ڪا نـ ٿي چوي،” انهي تي ظفر کلي چيو تـ “ اها تـ هُن کي بـ خبر آهي تـ مُلان صرف ڳالهين جو ڳنڍير آهي ” کِلنَ جا ڪوڪريا ٿي ويا. مُلو کلي خوش ٿي ويهي رهيو. اسان جي جڏهن بـ ڪچهري ٿيندي هئي اسان واري رنگين مُلن جو موضوع حِڪمت هوندو هو. حِڪمت جون اهڙيون اهڙيون وصفون ٻڌائيندو هو جيڪي اسان ڪڏهن ٻڌيون ئي ڪو نـ هيون. ظفر چوندو هو تـ هن وٽ بنگالي ٻولي ۾ ڪتاب آهن، انهي مان پڙهي ٿو اچي. حڪمت کي گهمائي ڦيرائي ڪنهن حڪمت عملي تحت ساهـ وارن جي مخصوص بيمارين ڏانهن کڻي ويندو هو.
    پرويز مشرف جي حڪومت جو زمانو هجي، ڏاڍي جي لٺ کي ڏهـ مٿا، وڏن آفيسرن جي لَئَي لڳي پئي هجي، اهڙين مطلق العناني حڪومتن جي ڏينهن ۾ Bureaucracy چاهي اها سول هجي يا مليٽري اهي ئي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ويندا آهن. سرڪاري ادارن ۾ مقرريون ۽ بدليون ٻڌي جي حساب سان ٿينديون آهن. قاعدن قانونن جي ڪتابن کي گليف ۾ ويڙهي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکي ڇڏبو آهي. هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو ڪنهن يونيورسٽي مان تازو ڊگري ورتل ڪجهـ ننڍيون نيٽيون نينگريون وٺي انهن کي 35000 هزار پگهار ڏيئي، اسان جي گروپ جي خالي پيل پوسٽن تي انهن کي مقرر ڪري ڇڏيائون. انهي زماني ۾ اسان مان ڪنهن جو بـ 15000 هزارن کان مٿي پگهار ڪو نـ هوندو هو. اسان ڪافي اعتراض واريو تـ هي نيون گريجويئٽس اسان جي پوسٽن تي ۽ اسان کان وڌيڪ ماهانـ پگهار تي ڪيئن رکيون ويون آهن. هونئن بـ اسلام آباد ۾ مٿي پوسٽ تي پهچڻ تائين هر ماڻهو گنجو ٿيو وڃي. گنجو تـ آئون بـ آهيان پر سهڻو گنجو آهيان، ائين سڄو مٿو “رن وي” ڪونهي ٿيل. اسان سڀ ملان عثمان غني وٽ گڏ ٿياسين تـ هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي. غني صاحب اهڙو خوش هجي جو چوي تـ “ پاڻ سڀ پهريائين گنجا آهيون، هاڻي گهٽ ۾ گهٽ وارن واريون تـ آهن، جيڪي اسان جون آفيس ۾ Colleagues هونديون، تنهنڪري ماٺ ڪري وڃي ويهي رهو، هي فوجي حڪومت آهي. ”
    پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ آفيسرن سان گڏ جيڪا ٻي شيءِ مشهور آهي تـ اها آهي “چُوها” سيڪريٽريٽ جو هڪ هڪ چُوهو ٻن ڪلو کان وڌيڪ وزن وارو هوندو آهي. جن کي اسان پڙهيل ڳڙهيل چُوها يا ڪوئا چوندا هئاسين. ايڪنامڪ سروي ۽ بجيٽ جي سيزن هجي، آفيس ۾ رات جو 10 وڳي تائين ويهڻو پوندو هجي. مئي ۽ جون جا وڏا ڏينهن ۽ ننڍيون راتيون، ننڊ پوري ٿئي ڪا نـ، سو مُلو عثمان ڇا ڪندو هو جو منجهند جو نماز پڙهي آفيس ۾ مُصلو وڇائي سمهي پوندو هو. ٻاهر نائب قاصد کي سختي سان هدايت ڪندو هو تـ اندر ڪنهن کي بـ نـ ڇڏجان. ڇو جوآئون سروي جي ڪم ۾ مصروف آهيان. هڪڙي ڏينهن اکروٽ شاهـ زوري در کولي اندر هليو ويو، ڇا ڏسي تـ مُلو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو آهي، پاسي ۾ وڏو ڪارو نانگ ڦڻ ڪڍيو ويٺو آهي. شاهـ جيئن ئي ڊوڙي ڪمري مان ٻاهر نڪتو تـ سڌو منهنجي ڪمري ۾ هليو آيو، “لٺ ڏي پنهنجي يار کي نانگ ٿو کائي. ” جيئن نانگ نانگ ٿي تـ سڄي آفيس ۾ ٿرٿلو مچي ويو. جنهن کي جيڪا شيءِ هٿ آئي اها کڻيو ڊوڙندو آيو. تيستائين پوليس وارا بـ بندوقون کڻي پهچي ويا. انهي گوڙ شور ۾ نانگ اسان کان ڀڄي ويو. پوءِ انهي سڄي سروي جي سيزن ۾ نانگ بحث هيٺ رهيو. پوءِ جيترا وات اوتريون ڳالهيون، ڪي چون تـ نانگ ايئرڪنڊيشنڊ مان آيو، ڪن جا ڪهڙا خيال تـ ڪن جا ڪهڙا خيال، نيٺ ظفر ڳجهارت ڀڃي وڌي تـ اهو نانگ ڪٿان آيو. هن جو چوڻ هو تـ نانگ ڪنهن ڪوئيءَ (مونث) تي آيو آهي. ڇو جو سيڪريٽريٽ بلڊنگ ۾ اها شيءِ ججهي مقدار ۾ آهي.
    مون جڏهن فنانس ڊويزن ڇڏي 19 گريڊ ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اچي Join ڪئي هئي تـ هڪ سال جي وقفي کان پوءِ محمد عثمان غني صاحب بـ 20 گريڊ ۾ مون واري ساڳئي ڊويزن ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿي آيو. انهي وچ ۾ آئون بـ DG ٿي ويس. اسان جي وري موج مستي شروع ٿي وئي، پر هاڻي اسان ڪافي سينئر ليول تي هئاسين، تنهنڪري اسٽيٽس جو خيال رکڻو ئي پوندو هو.
    محمد عثمان غني مون کان ٻـ سال اڳ رٽائر ڪيو آهي. مون وانگر اسلام آباد جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رهائش پذير آهي. مون تي اڃا بـ هن جا احسان آهن. جڏهن بـ ڪو لذت ڀريو مزيدار SMS هٿ ايندو اٿس تـ مون کي فارورڊ ضرور ڪندو آهي. ٻيو جڏهن بـ عثمان غني جي گهر ڀَتَ سان گڏ مڇي (بنگالي ٻولي ۾ ڀت ئي چوندا) تيار ٿيندي آهي تـ مون کي ضرور فون ڪندو آهي. انهي ڀت جي لذت جي خبر اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا جن ڪڏهن ڪنهن بنگالي جي گهر ڀَتَ ۽ مڇي کاڌي هوندي، باقي ٻين کي ڪهڙي خبر تـ بنگالي جي هٿ جا ٺهيل مڇي ۽ ڀت ايترا ڇو لذيذ ٿيندا آهن


    امر جليل سان مٿاڇريون ملاقاتون

    امر جليل سان مٿاڇريون ملاقاتون

    دل پئي چاهيو تـ پنهنجي ڪتاب ۾ ڪنهن اهڙي ڪردار جو بـ ذڪر هئڻ گهرجي، جنهن جي قلم ڪڏهن بـ ساهي پٽڻ جي خواهش ظاهر نـ ڪئي هجي. جڏهن تـ سندس تعلق خالص علم ۽ ادب سان هجي. قلم سان جوٽيل جهيڙي هزارين مون جهڙن سندس پڙهندڙن کي بـ انهي سرد جنگ ۾ ڪُڏي ڪنڌ ڪپائڻ جي لاءِ آمادهـ ڪيو هجي. اها جنگ جنهن کي هرڪو پنهنجي جنگ سمجهي ٿو. اهڙا ڪردار تـ سنڌ ۾ هزارين آهن. پر انهي کيتر ۾ منهنجو پهريون عشق امر جليل جون ڪهاڻيون هيو ۽ اڃا آهي. منهنجي خيال ۾ هر شيءِ وسري سگهي ٿي پر پهرين چمي ۽ پهريون عشق نـ ٿو وسري سگهي. اهو ياد نـ اٿم تـ پهرين چمي مون ڪنهن کي ڏني هئي يا مون کي ڪنهن ڏني هئي، ها البت اهو ياد اٿم تـ پهريون عشق مون امرجليل جي لکڻين سان ڪيو هو. هونئن بـ جيڪڏهن ڪنهن مون جهڙي عاشق کي چئجي تـ پنهنجي محبوب تي ڪجهـ ڳالهائي يا ٻـ چار جملا لکي تـ اهو “ٻٻرن کان ٻير گهرڻ” برابر ٿيندو. لکڻ ۾ هٿ رڦندا، ڳالهائڻ ۾ زبان هٻڪندي، اڳواٽ ياد ڪيل جملا ۽ فقرا پنهنجو وجود وڃائي ويهندا. منهنجي خيال ۾ محبوب جي شان ۾ لکڻ انتهائي ڏکيو ۽ سخت ڪم آهي. ذهن ۾ اهڙيو صفتون نکري نروار ئي نـ ٿيون ٿين جو انهن کي استعمال ڪري محبوب جي ساراهـ جون سُرڪيون ڀري سگهجن. سو مون جهڙو گهٽ پڙهيل، موڳو مٽر، ڌنو ڌڻ تول، سنڌو جي ساڃاهـ جون سُرڪيون ڀرڻ کان پوءِ ڪيئن هوش ۾ رهي سگهندو، اهو ممڪن ڪونهي. اهو بـ ياد نـ اٿم تـ مون امر جليل کي ڪڏهن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ پڙهڻ شروع ڪيو هو ۽ سندس ڪهڙي ڪهاڻي مون پهرين پڙهي هئي، پر ايترو ضرور ياد اٿم تـ اهي 70 جي ڏهاڪي جا وچ وارا سال هئا. اهي ڏينهن اڄوڪا ڏينهن، ڪهاڻي جي کيتر ۾ مون امر کي ئي وڌيڪ پڙهيوآهي. ڪو وقت هوندو هو تـ سندس ڪهاڻين جا ڊائلاگ بر زبان ياد هوندا هئا، پر هاڻي وقت جي دز، ملڪ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي، ذهن جون کليل ڳڙکيون بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. مون کي لڳي ٿو تـ امرجليل جي ڪهاڻي “سردلاش جو سفر” جي اڃا پڄاڻي نـ ٿي آهي. “بارنس اسٽريٽ جو غنڊو” چئن چڱن جي هُشي تي اڃا وڌيڪ دهشتگردي ڪرڻ ۾ مشغول آهي. ”ڪپيل ٻانهن جو وارث“ اڃا پيدا ئي نـ ٿيو آهي. مون کي سندس انيڪ اهڙين ڪهاڻين پڙهڻ جو موقعو مليو، جنهن ادب ۽ مذهب تي اڃا وڌيڪ واضح ۽ چٽو ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ انهي دور ۾ امرجليل کان سواءِ نسيم کرل ۽ آغا سليم سنڌي ڪهاڻي ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي چڪا هئا. پر جيڪو رس ۽ چس امر جي ڪهاڻين مان ايندو هو اهو ٻين جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي. گهڻو وقت تـ مون امر جليل کان سواءِ ٻين ڪهاڻيڪارن کي پڙهڻ ئي ڇڏي ڏنو هو.
    امرجليل پنهنجن لکڻين ۾ ساڻس ٿيل وارتائن جو ذڪر ڪندو رهيو آهي ۽ اهو بـ ذڪر ڪندو رهيو آهي تـ هو ڪهڙي طرح اسلام آباد آيو، تنهنڪري مون کي هتي انهي بابت لکڻ جي ضرورت ڪونهي. ها البت آئون اسلام آباد 1986ع ۾ آيس، انهي کان اڳ مون امرجليل کي گهڻو ڪجهـ پڙهيو هو، جيئن تـ امر مون کان اڳي ئي اسلام آباد ۾ موجود هو. آئون هميشـ ڪوشش ڪندو آهيان تـ جنهن سان پيار ٿي وڃي، ان کان پري رهجي. تنهنڪري مون کي امر جليل جي ڪردارن سان هڪ اڻ ڏٺو پيار ٿي ويو هو ۽ مون اهو مناسب نـ سمجهو تـ اهڙن لازوال ڪردارن جي سرجڻهار سان ملڻ گهرجي . جيئن انهي محبت ۽ احترام ۾ ڪا ڪمي پيشي نـ ٿي وڃي. اسلام آباد ۾ آئون I-8 سيڪٽر ۾ رهندو هوس جڏهن تـ جليل صاحب بـ ساڳئي سيڪٽر ۾ رهندو هو. اسان جي گهرن جي وچ ۾ مشڪل سان ڪو 200 والن جو فاصلو هو. پر آئون احترامن دل جهلي نـ سگهيس جو پنهنجي محبوب ليکڪ سان ملي سگهان. جڏهن تـ آئون 25 سالن کان وٺي کيس باقاعدي پڙهندو پئي آيس. هڪ دفعي جي ڳالهـ آهي محترم غلام حسين رنگريز اسلام آباد آيل هو. جنهن مون کي زور ڀريو تـ “هل تـ امر جليل سان ملي اچون. ” ان وقت جليل صاحب پرائيويٽ بلاڪن جي ڪنهن گرائونڊ فلور جي فليٽ ۾ رهندو هو. انهي ملاقات ۾ مون هڪ لفظ بـ ڪو نـ ڳالهايو هو، صرف جليل صاحب کي ٻڌندو ۽ ڏسندو رهيس. ادب تي ۽ ڪتابن جي پرٽنگ تي امر جليل صاحب جو موقف واضح ۽ چٽو هو. جيڪو مون کي اڄ تائين جيئن جو تيئن نظر اچي ٿو. ان کان پوءِ ٻي ملاقات “ڪتاب ميلي” ۾ ٿي، جيڪو هر سال پاڪ چائنا سينٽر ۾ منعقد ٿيندو آهي. پاڻ ڪو ڪتاب پئي ڏٺائين، مون جهڪي وڃي سلام ڪيو ۽ کانئس شڪايت ڪيم تـ “توهان جون ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ گهٽ ملي رهيون آهن”. پاڻ جواب ڏنائين تـ “اخباري ڪالمن جي ڪري ڪهاڻين واري سائيڊ زرا جهڪي ٿي ويئي آهي. ” منهجي خيال ۾ اسان 15 سال کان وٺي هڪ ئي شهر ۾ رهندا آياسين. پر امر جليل صاحب سان منهنجون صرف اهي ٻـ ملاقاتون ٿيون. هو رٽائرمينٽ وٺي ڪراچي هليو ويو ۽ مون هميشـ جي لاءِ اسلام آباد کي پنهنجو ڪري ڇڏيو.


    زندگي جو ورهاڱو

    زندگي جو ورهاڱو

    منهنجي خيال ۾ منهنجي زندگيءَ کي ٽن حصن ۾ ورهائي پوءِ ان جو تجزيو ڪجي تـ بهتر رهندو. پهرين اسڪولي زندگي جنهن تي آئون گهڻو ڪجهــ اڳ لکي چڪو آهيان. ٻيو پرائمري ماستري ۽ ٽيون هتي اسلام آباد ۾ نوڪري. انهي ۾ ڪجـهـ سياسي ۽ سماجي ڳالهيون پڻ اچي سگهن ٿيون.
    اسڪولي زندگي هڪ قسم جي لااُبالي زندگي هوندي آهي. ان زماني ۾ جيئن تـ سائنس ايتري ترقي نـ ڪئي هئي، نـ ئي ان زماني جو ٻار بـ ايترو چست ۽ چالاڪ هوندو هو. بجلي، روڊ رستن جي سهوليت بـ ايتري ڪو نـ هوندي هئي. بابا سائين جو بي وقتائتي موت جي ڪري امان اڪيلي صرف اسان ٻارن سان گهر ۾ رهندي هئي. اهو ضرور آهي تـ ماما، چاچا هڪ مقرر امائونٽ ۽ ان داڻا ڏيندا رهيا. پر پيءَ جي شفقت اسان ڪا نـ ڏٺي. بابا کي هي جهان ڇڏي هاڻي 50 سال ٿي ويا آهن، سندس ڌنڌلو عڪس منهنجي نظرن مان گذرندو آهي تـ بي اختيار دل مان هڪ قسم جي دعا نڪرندي آهي تـ الله ڪنهن کي اهڙي حالت مان نـ گذاري جنهن مان اسان گذريا آهيون. اڄ اسان وٽ خدا جو ڏنو سڀ ڪجهـ آهي، گاڏيون، بنگلا، وڏا وڏا عهدا. اسان جو اولاد پڙهي لکي ويو آهي، پر اسان جي بابا تـ ڪجهـ بـ نـ ڏٺو. اهو احساس اندر کي کائيندو ٿو وڃي. مون تقريبن 11 سال پرائمري ماستري ڪئي. انهي وچ ۾ ٻـ سال ننڍي ڄمار جي هئڻ جي ڪري ڪنهن بـ سرڪاري نوڪري جي لائَق نـ هوس، تـ چڻن ۽ ڇولن جو ٿالهـ امان ٺاهي ڏيندي هئي اهو مٿي تي رکي بسن ۽ دڪانن تي کپائي ايندو هوس. جيئن 18 سال پورا ٿيا تـ نوڪري ملي وئي. هاڻي گهر جو گاڏو بـ ٺيڪ هلڻ لڳو تـ اسان بـ ڪنهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جهڙا ٿياسين. اها ئي تـ وقت جي خوبي آهي جو هو هڪ هنڌ نـ ٿو بيهي. هي پرائمري ماستري جا 11 سال مون پنهنجي پاڻ کي ڪتابن جي دنيا ۾ گم ڪري ڇڏيو. ائين بـ ڪو نـ هو جو آئون دنيا کي ترياق ڪري گوتم ٻڌ ٿي ويو هوس، بس زماني سان گڏ بـ هلندو رهيس تـ پڙهندو بـ رهيس، انهي وچ ۾ اقتصاديات ۾ ماسٽرس بـ ڪري ورتم.
    هاڻي آئون 17 گريڊ جي ڪنهن نوڪري لاءِ اهل ٿي چڪو هوس. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان ڏيندو رهيس ۽ فيل ٿيندو رهيس. مون هڪ ڪتاب پڙهيو هو محمد بخش “واصف” جو، انهي جو عنوان هو “ تعمير زندگي. ” انهي ڪتاب جو لب لباب هي هو تـ “انسان جي اڳيان ڪا بـ شيءِ ناممڪن ڪونهي”. آئون جڏهن بـ ڪنهن نوڪري لاءِ ڏنل انٽرويو يا امتحان ۾ فيل ٿيندو هوس تـ اهو ڪتاب کڻي ويهي پڙهندو هوس. ايتريقدر جو انهي ڪتاب جا صفحن جا صفحا مون کي ياد ٿي ويا. هوڏانهن ٻئي طرف منهنجا يار، دوست، مٽ مائٽ، اوڙي پاڙي وارا، ايتريقدر جو گهر ۾ ڀائر ڀينرون مون کي دل شڪستـ ، (Discourage) ڪندا رهيا ۽ منهنجو مذاق اڏائيندا رهيا. پر منهجي دماغ ۾ هڪ قسم جو ڀوت سوار هو تـ مون کي 17 گريڊ ۾ ڪنهن نـ ڪنهن محڪمي ۾ آفيسر ٿيڻو آهي. ائين جيئن ڪو ماڻهو ڪنهن جي عشق ۾ انڌو ٿي وڃي. مون تي هڪ قسم جي اهڙي ڪيفيت طاري ٿي وئي هئي، . تان جو 1986 ع ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 17 اسڪيل ۾ ريسرچ آفيسر ٿي وڃي فنانس ڊويزن Join ڪيم. انهي دوران ڳوٺ ۾ وري هي خبرون شروع ٿي ويون تـ هي همراهـ اسلام آباد مان ڀڄي ايندو، ڇو جو ان کان اڳ آئون رپ هاءِ اسڪول مان نائين ڪلاس مان ڀڄي ايو هوس. پر تاريخ پنهنجي پاڻ کي ڪو نـ ورجايو ۽ آئون اسلام آباد ۾ هميشه جي لاءِ اتي جو ٿي ويس. پرائمري ماستري دوران هڪ سال جيڪو ٽريننگ لاءِ مٺياڻي وڃڻو پيو. انهي منهنجي زندگي جا طور طريقا ئي بدلائي ڇڏيا. چوندا آهن تـ سٺن ماڻهن جي دوستي زندگي جي هر موڙ تي رهبر جو ڪم ڏيندي آهي. آئون جڏهن مٺياڻي پڙهڻ ويو هوس تـ ڪچڙو جوان هوس، سڀني ٽريني استادن ۾ ننڍي ۾ ننڍي عمر منهنجي هئي. ان وقت جيڪڏهن فيس بڪ هجي ها تـ مون کي وڏي تعداد ۾ ماڻهو “لائڪ” ڪن ها. جنهن هڪ ماڻهو مون کي لائڪ ڪري، منهنجي ذهني ۽ اخلاقي تربيت ڪئي، اهو هو راشد مورائي . جيڪو تمام پري ويهي خطن ۽ ٽيليفون ذريعي منهنجي رهنمائي بـ ڪندو رهيو ۽ مون کي همٿائيندو (Encourage) بـ رهيو ۽ آئون زندگي ۾ ڪاميابيون ماڻيندو ويس.


    ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر جنرل طور مقرري

    ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر جنرل طور مقرري

    اهو مون مٿي اڳي ئي ڪٿي لکيو آهي تـ منهنجي 20 گريڊ جي پروموشن لاءِ سائين فضل الله قريشي صاحب منهنجي مدد ڪئي. ان کان سواءِ جيڪو ٻيو انسان هو جنهن منهنجي دل کولي مدد ڪئي، اهو هو عبدالطيف لغاري صاحب . اهو ان زماني ۾ انهي اداري جو ڊائريڪٽر جنرل هو، جنهن ۾ آئون ڊائريڪٽر هوس. يعني هو 20 گريڊ ۾ ۽ آئون 19 گريڊ ۾. اڪثر ماڻهن کي ڀل ٿي ويندي هئي، آئون هن جا فون پيو اٽينڊ ڪندو هوس تـ هو وري منهنجا فون پيو ٻڌندو هو. ائين اسان ٻنهي انهي اداري مان لازمي ٽريننگس بـ ڪري ورتيون. جيئن تـ عبدالطيف لغاري صاحب سيڪريٽريٽ گروپ جو ميمبر هو ۽ آئون Technocrat هوس، يعني منهنجي صرف انهي اداري ۾ پروموشن ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ مون ڪم پئي ڪيو ۽ ڪنهن ٻي منسٽري ۾ وڃي بـ نـ ٿي سگهيس. جڏهن تـ لغاري صاحب آفيس مينيجمينٽ گروپ جو ماڻهو هو، ڪنهن بـ منسٽري ۾ وڃي پئي سگهيو. اتفاق سان اسان ٻنهي ٽرينگ تان واپسي تي هڪ ئي ڏينهن آفيس Join ڪئي هئي. هن صاحب مون کي پهرين ڏينهن ئي چيو تـ “هي سيٽ توهان جي آهي، مون کي هاڻي ڪٿي ٻئي پاسي وڃڻ گهرجي. ” مون کيس عرض ڪيو تـ “ تيستائين انهي سيٽ تي رهو، جيستائين منهنجي پروموشن ٿئي، ٻي حالت ۾ هتي ڪو ٻيو اچي ويو تـ منهنجي پروموشن ليٽ ٿي ويندي”. ائين هو صاحب 6 مهينا منهنجي خاطر انهي سيٽ تي رڪيو رهيو. اصولن پروموشن انهي سيٽ تي ٿيندي آهي، جيڪا سيٽ صفا خالي هجي. هن سيٽ تي تـ لغاري صاحب ويٺو هو، پر لغاري صاحب لکي ڏنو هو تـ “جيئن ئي نظام لغاري جي پروموشن ٿيندي آئون سيٽ خالي ڪري ڇڏيندس. ” آئون جڏهن اهڙو سرٽيفڪيٽ کڻي واسطيدار سيڪشن آفيسر وٽ ويس تـ هو صاحب اهو پڙهي تعجب ۾ پئجي ويو. مون کي چيائين تـ “ ڇا اهڙا الله جا ٻانها اسان جي ملڪ ۾ اڃا موجود آهن. ” وڌيڪ چيائين تـ “مون پنهنجي نوڪري دوران اهڙو آفيسر نـ ڏٺو آهي جيڪو ائين لکي ڏي، جيئن لغاري صاحب توکي لکي ڏنو آهي. ” سچ پڇو جيڪڏهن عبدالطيف لغاري صاحب نـ هجي ها تـ مون کي پروموشن لاءِ گهڻو ڪجهـ ڀوڳڻو پوي ها. ٻي حالت ۾ مون کي ڪورٽن ۽ وڏيرن جا در کڙڪائڻا پون ها، جن تي مون کي ايمان ڪو نـ هو تـ ڪو مون کي اتان انصاف ملندو. خير قريشي صاحب ۽ لغاري صاحب جي هئڻ جي ڪري اهڙي نوبت ڪو نـ آئي.
    ائين اپريل 2011 ۾ آئون “پاڪستان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ريسرچ سينٽر” جو 20 گريڊ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿي ويس ۽ تقريبن چئن سالن کان ڪجهـ مهينا مٿي انهي اداري جو DG رهيس. ان وقت انهي اداري ۾ 130 جي قريب ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جنهن مان 30 جي قريب آفيسر، باقي اسٽاف جا ماڻهو هئا. منهنجو اهو ايڊمنسٽريشن جو پهريون تجربو هو. صرف چند ماڻهو هئا جيڪي منهنجي خلاف شرارتون ڪندا هئا، باقي ٻين مان مون کي ڪا بـ شڪايت ڪا نـ هئي. انهي هوندي بـ مون ڪنهن بـ ماڻهو جي ساليانـي ڪاڪردگي واري رپورٽ خراب نـ ڪئي. جيڪڏهن انهي رپورٽ ۾ ڪنهن جي خلاف ڪي اڻ وڻندڙ ريمارڪس لکي ڇڏيان ها تـ ان جي پوري زندگي پروموشن ختم ٿي وڃي ها. جڏهن تـ آئون اهو سڀ ڪجهـ لکي پئي سگهيس، پر مون ائين نـ ڪيو. جن مون کي ڏکويو مون انهن لاءِ بـ ڀلو سوچيو. ايريقدر جو ڪن ماڻهن جي مرضي تي نـ هلڻ جي ڪري منهنجي سرڪاري گاڏي جا اسٽرينگ ويل جا نٽ بلٽ ڍرا ڪيا ويا تـ جيئن گاڏي جو ايڪسيڊينٽ ٿئي ۽ DG جو جاني نقصان ٿئي. پر مون هر شيءَ کي نظر انداز ڪيو. آئون ڪنهن جي دٻاءُ اچڻ کان سواءِ ميرٽ تي ڪم ڪندو رهيس. اهو سڀ ڪجهـ مون کي عبدالطيف لغاري صاحب سيکاريو تـ “ڪيڏو بـ دشمن هجي پر ان جي خلاف آخري حد تائين ناهي وڃڻو. ” جڏهن آئون پنهنجن وڏن ۽ سينئرن جي ڏسيل واٽ تي هلندو رهيس تـ مون کي ڪنهن بـ قسم جي ڪا پريشاني ڪا نـ ٿي. ها وقتي طور تڪليفون ضرور آيون، جن جا حل بـ انهن ئي سينئر دوستن ٻڌايا. ايمانداري جي واٽ تي مون کي مسعود قزلباش هلڻ سيکاريو، جنهن CSS پاس ڪري ASP جي نوڪري رڳو انهي ڪري ڇڏي ڏني جو پنهنجن مٿين آفيسرن جي چوڻ تي رشوت نـ ورتائين. آفيس ۾ ٽائيم جي پابندي منهنجي پرائمري ٽيچري جي هيڊ ماستر سائين عبدالڪريم لغاري سيکاري، ريسرچ جا گُر، فائيلن ۾ منجهيل مسئلن ۽ پنهنجي محنت سان سکيس. منهنجي عادت رهي آهي تـ جنهن بـ منسٽري ۾ رهيو آهيان، محنت سان ڪم ڪيو اٿم. تنهنڪري ڪا بـ منسٽري مون کي ٻئي پاسي ڇڏڻ لاءِ تيار نـ هوندي هئي. مون پنهنجي نوڪري دوران اهو محسوس ڪيو آهي تـ Bureaucrats اسان Tecnhnocrats کان سٺا ايڊمنسٽريٽر ثابت ٿيا آهن، ڇو جو هنن جو چوڻ آهي تـ مٿي خدا هيٺ اسان. تڏهن تـ هو هر جاءِ تي ڪامياب آهن. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اسان جي اسپتالن ۽ اهڙن عوامي ادارن ۾ Bureaucats مقرر ڪيا وڃن تـ انهن جي حالت ڪجهـ سڌري سگهي ٿي. تڏهن تـ نوجوان دوستن تي زور ڏيندو آهيان تـ CSS ڪريو، اوهين بـ خوش ان کان پوءِ توهان جا ايندڙ نسل بـ خوش. مون ٻـ چار اهڙا سٺا نوجوان تيار ڪيا هئا، جيڪي اهو امتحان پاس ڪري پيا سگهن، پر شاديون ڪري ماين جا مڄو ٿي ٻيون نوڪريون وٺي ويهي رهيا. آئون اڃا بـ سنڌ جي ذهانت مان نا اُميد نـ ٿيو آهيان. مون کي سندن ذهانت تي پورو يقين آهي تـ هو اهو امتحان پاس ڪري سگهن ٿا. صرف اها دعا ڪندس تـ سندن فيس بڪ جو بخار لهي وڃي تـ هي نوجوان گهڻو ڪجهـ ڪري سگهن ٿا.
    سو ڳالهـ پي ڪيئي سين Pakistan Public Adminstration Research Center (PPARC) جي. جنهن جو آئون DG هوس. هي هڪ ريسرچ جو ادارو آهي،پرريسرچ هن اداري کان وڃائجي ويئي آهي. منهنجي خيال ۾ اسان جي ملڪ ۾ ڪو ريسرچ جو ادارو اهڙو ڪو نـ آهي، جيڪو حقيقي ريسرچ ڪندو هجي. منهنجي سڄي نوڪري ريسرچ ۾ گذري آهي، مون اهو ڏٺو آهي تـ مختلف منسٽرين ۽ ادارن کان انفرميشن وٺي ڪتاب ڇپيو ڇڏين، اها ٿي ريسرچ. آئون جڏهن فنانس ڊويزن ۾ هوندو هوس تڏهن بـ ائين ئي ڪندا هئاسين ۽ هاڻي جڏهن PPARC ۾ هوس تڏهن بـ اهو ئي ڪجهـ ڪندا هئاسين. خير اسان جون يونيورسٽيون بـ ريسرچ جا ادارا آهن پر اُتي ڪيتري ريسرچ ٿئي ٿي اها بـ سڀ ڪنهن کي خبر آهي. مون سان ٽي ڊائريڪٽر گڏ ڪم ڪندا هئا، 1. ڊائريڪٽر اسٽيٽسٽڪس،2. ڊائريڪٽر مينئيل ۽ 3. ڊائريڪٽر ريسرچ. ٽنهي ڊائريڪٽرن جو الڳ الڳ ڪم هوندو هو. ڊائريڪٽر اسٽيٽسٽڪس جيتريون بـ فيڊرل گورنمينٽ ۾ ملازمتون هونديون هيون ان جو حساب ڪتاب رکندو هو. آئون جڏهن ڊائريڪٽر اسٽيٽسٽڪس ٿيس تـ ملازمتن جي ڊيٽا واري ڪتاب ۾ صوبي وار تفصيل تـ ڏنل هئا پر سنڌ جي ڊيٽا گڏيل هئي. مون ان کي شهري ۽ ٻهراڙي جي 1973 ع جي آئين جي روح مطابق الڳ ڪيو . جيئن خبر پوي تـ صوبائي ڪوٽا تي ڪيتري قدر عمل ٿيو آهي. ان کان پوءِ سنڌي پريس ۾ نوڪرين جا انگ اکر واضح طور اچڻ لڳا.
    هن منهنجي ڊيٽا جي ڪتابن مان بلوچستان وارن خوب فائدو ورتو، جن اسيمبلي ۾ باهـ ٻاري ڏني، نيٺ فيڊرل گورنمينٽ کي انهن لاءِ الڳ پيڪيج جو اعلان ڪرڻو پئجي ويو. باقي اسان جي سنڌي ميمبرن اهڙي قسم جو ڪو بـ ٻوٽو ڪو نـ ٻاريو. جڏهن تـ الڳ الڳ انگ اکر موجود هئا. آئون دعويٰ سان چوان ٿو تـ سنڌ جي ڪوٽا منسٽرين ۾ اڄ بـ موجود آهي. بقول نصير ميمڻ جي “بارداني لاءِ داڻو کپي،” سو هتي اها ڳالهـ لڳي پئي آهي. هيٺ پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ٻـ چارٽ ڏجن ٿا، جنهن مان پتو پوندو تـ فيڊرل گورنمينٽ ۾ اسان جي نوڪرين جي ڪيتري ڪوٽا آهي، ڪيترا ماڻهو هينئر ڪم ڪن ٿا ۽ اڃا ڪيترا ماڻهو ان ۾ گهرجن. ٽيبل نمبر 1 ۾ فيڊرل گورنمينٽ جي نوڪرين جو وچور ڏجي ٿو.
    چارٽ 1
    فيڊرل گونمينٽ ۾ نوڪرين جا وچور
    صوبو يا علائقو 2012-13 ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعداد 2013-14 ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعداد في سيڪڙو
    واڌ يا گهٽتائي 1973 جي آئين مطابق نوڪرين جي ڪوٽا 1973 جي ڪوٽا مطابق ڪيتريون نوڪريون هئڻ گهرجن صافي نوڪرين جو
    گهٽ ۽ وڌ
    پنجاب 205737 048122 (0. 45) 50% 222290 (17478)
    سنڌ رورل 29198 28492 (2. 42) 11. 4% 50675 (22183)
    سنڌ شهري 29496 29590 0. 32 7. 6% 33783 (4193)
    ڪي پي ڪي 124795 118618 (4. 95) 11. 5% 51119 67498
    بلوچستان 18395 17875 (2. 83) 6% 26671 (8796)
    اي جي ڪي 4596 4456 (3. 05)4. 16 2% 8890 (4434)
    جي بي 27421 28561 68. 81 2% 8890 19670
    فاٽا 7178 12117 (0. 51) 2% 8890 3226
    ٽوٽل 446816 444521
    چارٽ 2
    فيڊرل گورنمينٽ جي ڪنٽرول ۾ ڪم ڪندڙ خودمختيار ادارا ۽ ڪارپوريشنس
    صوبو يا علائقو 2012-13 ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعداد 2013-14 ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعداد في سيڪڙو
    واڌ يا گهٽتائي 1973 جي آئين مطابق نوڪرين جي ڪوٽا 1973 جي ڪوٽا مطابق ڪيتريون نوڪريون هئڻ گهرجن صافي نوڪرين جو
    گهٽ ۽ وڌ
    پنجاب 206131 207601 0. 71 50% 192969 14631
    سنڌ رورل 38816 39854 2. 67 11. 4% 43997 (4143)
    سنڌ شهري 49433 51373 3. 92 7. 6% 29331 22041
    ڪي پي ڪي 54521 54785 0. 48 11. 5% 44382 10402
    بلوچستان 16951 17698 3. 23 6% 23156 (5658)
    اي جي ڪي 5238 5379 2. 69 2% 7718 (2339)
    جي بي 2379 2638 10. 89 2% 7718 (5080)
    فاٽا 3931 3918 (0. 33) 2% 7718 (3800)
    ٽوٽل 377400 383046 5. 16
    بغير ڊوميسائل 2751 2893
    ٽوٽل 380151 385939 1. 52
    جيڪڏهن مٿئين چارٽن کي چڱي طرح جاچي ڏسبو تـ فيڊرل گورنمينٽ ۾ سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا مطابق نوڪرين ۾ اسان جا 22183 ماڻهو گهٽ آهن. جڏهن 1973 ع جي آئين مطابق سنڌ شهري جي مقرر ڪوٽا سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا کان گهٽ آهي. ان جي ابتڙ سنڌ شهري جون نوڪريون سنڌ ٻهراڙي کان 1098 وڌيڪ آهن. جڏهن تـ ڪارپوريشنس ۽ نجي خودمختيار ادارن ۾ سنڌ ٻهراڙي جا 4143 ماڻهو مقرر ڪوٽا کان گهٽ آهن ۽ سنڌ شهري جا مقرر ڪوٽا کان 22041 ماڻهو وڌيڪ ڀرتي ٿيل آهن. تنهنڪري سنڌ شهري جي رهواسين جو اهو چوڻ تـ سنڌ ٻهراڙي کان اسان کي نوڪريون گهٽ ٿيون ملن، اهو چوڻ ٺيڪ ڪونهي. مٿئين چارٽن جا انگ اکر فيڊرل گورنمينٽ جي ڪتابن تان ورتا ويا آهن.
    ٻيو ڊائريڪٽر مينئيل، جنهن جو ڪم هوندو هو سول سروس بابت وقتن فوقتن مختلف قسم جا آرڊر جاري ٿيندا هئا انهن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ڏيڻ. جنهن ۾ مختلف ڪتاب شامل هوندا هئاجهڙوڪ، ايسٽا ڪوڊ، لِيوَ رول، پينشن رول ۽ جي پي فنڊ رول وغيره وغيره ائين PPARC، 28 مختلف قسمن جا ڪتاب ڇاپيندي هئي. ٽيون سيڪشن هو ريسرچ جو، انهي ۾ PPP سرڪار ڪجهـ سياسي ڀرتيون ڪيون هيون، ڪجهـ دين جي تبليغ ڪرڻ وارا آفيسر، هڪ اڌ آفيسر اهڙو هو جيڪو پنهنجي پاڻ کي ڪُل ڪائنات سمجهندو هو. انهي سيڪشن مان ڪو بـ DG خوش ڪو نـ هوندو هو، سو مون بـ گاڏي رڙهڻ ڏني. جيئن تـ هو واندا هوندا هئا انهن کي ٻيو ڪو ڪم ڪار ڪو نـ هوندو هو، سو مصروفيات خاطر نامعلوم ماڻهن جي نالي تي DG جي خلاف درخواست ٺاهي سيڪريٽري کي موڪلي ڏيندا هئا تـ DG غلط پروموشن ٿو ڪري، پر مون کان ڪنهن بـ آفيسر اهو نـ پڇيو تـ هي تون ڇا ٿو ڪرين. اهڙين ڪوڙين درخواستن کي نيڪال ڪرڻ لاءِ هڪ رول آهي، جيڪو هڪ ڪتاب The Establishment Manual جي صفحي نمبر 454 تي لکيو پيو آهي. آئون بـ اهو رول ريفر ڪري اهڙين درخواستن کي فائيل داخل ڪرائي ڇڏيندو هوس. ائين هو پنهنجو ڪم ڪندا رهيا ۽ آئون پنهنجو ڪم ڪندو رهيس. بهرحال هن سيڪش هڪ اسٽيڊي ڪئي هئي، جنهن ۾ مختلف قسم جون تجويزون هيون. جنهن ۾ هڪڙي تجويز اها بـ هئي تـ هر ملازم کي سندس رٽائرمينٽ تي 6 مهينن جي پگهار جي بجاءِ 12 مهينن جي پگهار ڏني وڃي. اها تجويز بـ سالن کان التوا (Pending) جو شڪار هئي، سو مون انهي کي ڇنڊي ڦوڪي هڪ خط ٺاهي فنانس ڊويزن کي ڏياري موڪليو. مون کي خبر هئي تـ انهي منهنجي خط جو ڪو بـ اثر ڪو نـ ٿيندو، ڇو جو مون کي انهي ڊويزن جو وڏو تجربو اڳئي هو. ڪو جواب ڪو نـ آيو، 15 ڏينهن کان پوءِ وري ٻيو يادگيري جو خط لکيم. انهي وچ ۾ اسان جي ماهوار DGs ميٽنگ ٿي، جنهن تي اسان جي هڪ دوست شاعري ڪئي هئي، جنهن جو اعنوان هو “چئن چڱن جي ميٽنگ” جنهن ۾ هن ڏيکاريو هو تـ ڪيئن واندا ويهي سرڪاري چانهـ بسڪوٽ تي ڪچهري ڪن ٿا. انهي ميٽنگ جي صدارت راجـا حسن عباس، جيڪو اسان جو ايڊيشنل سيڪريٽري ڪري رهيو هو. جڏهن ميٽنگ ختم ٿي تـ مون اهو سُر کنيو، گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ آئون ان کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس تـ اسان کي سيڪريٽريز ڪاميٽي ۾ ڪيس کڻي وڃڻ گهرجي. جيڪا 15 ڏينهن جي اندر اندر منعقد ٿيڻي هئي. ائين مون ذاتي ڪوشش وٺي اهو ڪيس منظور ڪرائي ڇڏيو. هاڻي هر سرڪاري ملازم کي Encashment جي مد ۾ 6 جي بجاءِ 12 پگهارون ملڻ لڳيون آهن. بس ائين ڪري 15 جون 2015 تي مون DG جي پوسٽ تان رٽائر ڪيو.
    مون اسلام آباد ۾ جتي محبتون ڏٺيون، اتي نفرتون بـ مون کي پلئـ پيون. خاص ڪري فيڊرل گورنمينٽ ۾ هڪ ٻئي جو ٽنگون ڇڪڻ تـ عام آهي. انهي سان گڏ محنتي ماڻهو جي عزت بـ آهي. فيڊرل گورنمينٽ ۾ مون جيڪي خاص ڳالهـ ڏٺي اها روزگار جي سلامتي ( Job Security) آهي. جيڪڏهن هڪ دفعـو نوڪري ملي وڃي ٿي تـ پوءِ هرو ڀرو اڳتي خطرو نـ ٿو رهي. جيئن سنڌ ۾ پيپلز پارٽي طرفان ڏنل هر نوڪري 6 مهينن کان پوءِ ڪوڙي ٿيو پوي. ائين فيڊرل گورنمينٽ ۾ ڪو نـ ٿو ٿئي. انهي وچ ۾ جيڪڏهن ڪا پنهنجي غلطي آهي تـ پوءِ مسئلا ٿين ٿا. پر مون اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بـ ماڻهو کي فيڊرل گورنمينٽ جي نوڪري مان خارج ٿيندي ناهي ڏٺو. تقريبن آفيسرس گريڊ جون سڀئي پوسٽون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ڀريون وينديون آهن. جيڪڏهن ڪا ايڊهاڪ تي ڀرتي ڪئي ويندي آهي تـ ان جي بـ منظوري ڪميشن کان ورتي ويندي آهي. ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي سمجهو تـ 16 اسڪيل کان 22 اسڪيل تائين فيڊرل گورنمينٽ جون پوسٽون FPSC جون آهن. انهي ۾ گورنمينٽ جو ڪو بـ عمل دخل ڪونهي. جڏهن تـ FPSC ۾ 99.9 سيڪڙو ميرٽ تي عمل ڪيو وڃي ٿو. اتفاق سان ڪا انساني غلطي ٿي سگهي ٿي، باقي شعوري طور هن اداري ۾ غلطي جي ڪا بـ گنجائش نـ هوندي آهي. ها مڃان ٿو پاڪستاني معاشرو آهي، ڪي ماڻهو بي ايماني کان ڪم وٺندا هوندا، پر اهي گهڻو وقت جٽاءُ نـ ٿا ڪري سگهن. اصل ۾ ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جو مدو 5 سال هوندو آهي، پر هڪ اهڙو چيئرمين بـ آيو، جنهن وقت جي حڪمرانن جي فرمائش پوري نـ ڪئي تـ پاڪستان جي قومي اسيمبلي FPSC جي قانون ۾ ترميم ڪري اهو مدو گهٽائي ٽن سالن لاءِ ڪري ڇڏيو. تـ جيئن ان وقت جي چيئرمين کي جلدي عهدي تان هٽائي سگهجي. جڏهن تـ FPSC جي سفارش ٿيل اميدوار کي ٻن مهينن جي اندر آفر ليٽر ڏيئي نوڪري تي رکڻو هوندو آهي. ٻي حالت ۾ دير جا بهانا بنائيندڙ آفيسر جي خلاف PFSC جي باقائدي رپوٽ ٺاهي صدر کي موڪلي وڃي ٿي. مون پنهنجي نوڪري دوران ڪنهن بـ FPSC جي سفارشي کي رلندو نـ ڏٺو آهي. انهي سان گڏ اهو بـ ٻڌائيندو هلان تـ ڪميشن صوبائي ڪوٽا تي سختي سان عمل ڪرائيندي آهي. جيستائين FPSC کي پڪ نـ ٿي وڃي تـ صوبائي ڪوٽا ٺيڪ نڪتل نـ آهي، تيستائين انهي پوسٽ جو اشتهار ڪميشن جي طرفان نـ ڏنو ويندو آهي.
    فيڊرل گورنمينٽ ۾ آفيسرن جي ڀرتي جي لاءِ ڪميشن وٽ امتحان وٺڻ جا مختلف طريقا رائج آهن. پر هر طريقي ۾ ڪميشن انٽرويو ضرور وٺندي آهي. ڪميشن وٽ جيڪي پوسٽون آهن انهن ۾ هڪڙيون ڪيڊر جو پوسٽون آهن تـ ٻيو وري نان ڪيڊر جو پوسٽون آهن. نان ڪيڊر جي پوسٽن کي ڀرڻ جو ڪميشن وٽ هيٺيون طريقو رائج آهي.
    اسڪيل طريقو يا نمونو
    اسڪيل 16 ۽ 17 سبجيڪٽو ٽائپ (MCQs) ۽ انٽرويو
    اسڪيل 18 ۽ 19 سبجيڪٽو ٽائپ (MCQs) لکت ۾ ٽيسٽ ( انگلش ۽ پروفيشنل پيپر) ۽ انٽرويو
    اسڪيل 20 ۽ 21 انگريزي مضمون يا ڪيس اسٽڊي ۽ انٽرويو.
    جن پوسٽن جو ڪردار اهم ۽ فيصلائتو هوندو آهي انهن کي ڪيڊر جون پوسٽون چيو ويندو آهي. ٻيون جيڪي غير اهم ۽ جن جي هٿ ۾ ڪي فيصلا نـ هوندا آهن، انهن کي نان ڪيڊر جون پوسٽون چيو ويندو آهي. جيڪي ڪيڊر جو پوسٽون آهن انهن ۾ 13 ڪيڊر شامل آهن. انهن جو هر سال خاص امتحان ٿيندو آهي. انهي امتحان کي ٻين لفظن ۾ (Central Superior Service) امتحان پڻ چئبو آهي. انهي ۾ هيٺيان گروپ شامل هوندا آهن.
    Name of Group S No
    Commerce & Trade Group (CTG) 1
    Foreign Service Of Pakistan (FSP) 2
    Information Group (IG) 3
    Inland Revenue Service ( I RS) 4
    Military Lands & Cantoments Group( MLCG) 5
    Office Management Group (OMG) 6
    Pakistan Administrative Service (PAS) Ex- DMG 7
    Pakistan Audit and Accounts Service (PAAS) 8
    Pakistan Customs Service (PCS) 9
    Police Service of Pakistan (PSP) 10
    Postal Group (PG) 11
    Railways ( Commercial & Trade Group (RCTG) 12
    Any other Servive or Group which may be notified by the Government 13
    هن امتحان جا چار حصا هوندا آهن. لکت ۾ امتحان، ميڊيڪل فٽنس، نفسياتي امتحان ۽ آخر ۾ انٽرويو. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي هڪ تازي پڌرائي مطابق سال 2016 جي CSS جي امتحان ۾ صرف 2 سيڪڙو اميدوار پاس ٿي سگهيا آهن. انهن ٽوٽل پاس اميدوارن جو تعداد 202 آهي. پهريون ٽئي پوزيشنون پنجاب سان تعلق رکندڙ فيميل اميدوارن کنيون آهن. FPSC جي پڌرائي مطابق گذريل 3 سالن کان وٺي CSS جي رزلٽ جمود جو شڪار آهي. ڪميشن جي خيال مطابق خراب رزلٽ جو سبب پرائيويٽ تعليمي ادارن جو تيزي سان وڌڻ آهي. باوجود ملڪ جو تعليمي نظام خراب هئڻ جي FPSC امتحان جي معيار تي ڪنهن بـ قسم جي نرمي ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. ڪميشن جي هڪ پڌرائي مطابق سال 2016 ع جي چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ 20,717 اميدوارن ويهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. جنهن مان 9,643 اميدوار انهي امتحان لاءِ اهل قرار ڏنا ويا. انهن مان صرف 202 اميدوار پاس ٿيا. انهن ۾ 116 مرد ۽ 86 عورتن اهو امتحان پاس ڪيو. اهو امتحان پاڪستان جي 19 شهرن ۾ ورتو ويو, جنهن مان وڌ ۾ وڌ لاهور سينٽر تان اميدوارن امتحان ڏنو. ٽوٽل پاس اميدوارن جو 34 سيڪڙو لاهور سينٽر سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ڪوئٽـا ۽ مظفرآباد سينٽرن تان صرف هڪ سيڪڙو اميدوار پاس ٿيا آهن. ان کان سواءِ گلگت، ڊيره غازي خان ۽ لاڙڪاڻي سينٽرن مان ڪو بـ اميدوار پاس ٿي نـ سگهيو آهي. ڪميشن جي هڪ پڌرائي مطابق 92 سيڪڙو اميدوار انگريزي لازمي ۽ پرسي لکڻ ۾ فيل ٿيا آهن. جڏهن تـ انگريزي مضمون جي سبجيڪٽ ۾ 81 سيڪڙو اميدوار فيل ٿيا آهن. ڪميشن اهو بـ نوٽ ڪيو آهي تـ وڏي تعداد ۾ اميدوارن کي هڪ سادو سودو انگريزي ۾ 1500 لفظن جو مضمون بـ لکڻ نـ ٿو اچي. ڪميشن جي جائزي مطابق جن اميدوارن جي خراب ڪارڪردگي رهي انهن ملڪ جي نالي وارين وڏين يونيورسٽين ۾ تعليم ورتي هئي. جن ۾ سنڌ جون 3 يونيورسٽيون شامل آهن. اهي آهن ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهـ عبدالطيف يونيورسٽي، انهي کان سواءِ ملڪ جو ٻيون يونيورسٽيون پڻ انهي لسٽ ۾ شامل آهن
    ڪميشن هر سال جائزه رپورٽ صدر مملڪت کي پيش ڪندي رهندي آهي. جنهن ۾ خاص ڪري ملڪ جي تعليم جي معيار تي پنهنجا رايا ڏيندي رهندي آهي. تازي رپورٽ مطابق ڪميشن، پاڪستان جي خاص ڪري سنڌ جي تعليمي معيار تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ڪميشن جي راءِ مطابق سنڌ جي اميدوار جي انگريزي ڪمزوري رهي آهي. سنڌ جو اميدوار هڪ سادو سودو 1000 لفظن جو سادي انگريزي ۾ مضمون نـ ٿو لکي سگهي. اهي ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون تـ سنڌ ۾ تعليم تي ٿيندڙ انويسٽمينٽ جو ڪو خاطر خواه لاڀ ملي نـ سگهيو آهي. تازو منهنجي مشاهدي ۾ ڳالهـ آئي آهي تـ سنڌ جا پرائيويٽ تعليمي ادارا پنهنجن شاگردن ۾ اهو اعتماد پيدا نـ ڪري سگهيا آهن جو هو امتحانن ۾ پاس ٿيڻ جي لاءِ ناجائز طريقا ڳولڻ تي مجبور آهن ۽ جڏهن تـ اسلام آباد جو شاگرد اهڙن نقلي امتحان ڏيڻ جي طور طريقن کان واقف ئي ڪونهي. نيٺ ڇا ڪجي ؟ انهي سوال جو جواب تـ ليئو ٽالسٽاءِ جي ڪتاب ۾ ئي ڳولي سگهجي ٿو، ٿي سگهي ٿو تـ اسان جي ملڪ جي ڪنهن تعليمي ادراري ۾ ڪنهن اسڪالر اهڙي ريسرچ ڪئي بـ هجي. آئون صرف ايترو چوندس تـ اڄ ڪلهـ سرٽيفڪيٽ جي ڪا بـ اهميت ڪونهي. اڳ ائين ٿيندو هو تـ ڪنهن پوسٽ جي اشتهار اچڻ کان پوءِ ڪاغذ پٽ ڏيڻا پوندا هئا. هاڻي ائين نـ ٿو ٿئي ـ اشتهار ڏيندڙ اداري کي صرف آن لائن نالو، شناختي ڪارڊ نمبر ۽ تعليمي قابليت کپي. لکت ۾ ٽيسٽ ڪندا ڪو پاس ٿيو تـ ان کان پوءِ ان جا ڪاغذ وغيرهـ وٺي چيڪ ڪيا ويندا. مطلب تـ ڊگري جي اهميت ثانوي ٿي وئي. پهرين ٽيسٽ پاس ڪريو پوءِ ڳالهـ اڳتي هلندي، تنهنڪري پنهنجي سبجيڪٽ ۾ قابليت جو شرط هئڻ ضروري آهي. قابليت تڏهن ايندي جڏهن ڪو امتحان جي ناجائز طور طريقن کان پاڪ هوندو. سنڌ ۾ تـ سرڪاري تـ ڇڏيو پرائيويٽ تعليمي ادارا انهن ناجائز طور طريقن تي ڀاڙي پنهنجن اسڪولن جون رزلٽون مٿي ڏيکارين ٿا تـ جيئن مارڪيٽ ۾ سندن اداري جي پذيرائي ٿئي. ائين ماڻهن کي بيوقوف بنائي پنهنجو ڌنڌو چمڪائيندا آهن. اهڙن ٻارن جو مستقبل هميشـ اونداهو ٿي ٿو وڃي. منهنجو نوجوان دوستن کي عرض آهي تـ ڊاڪٽر ٿيو يا انجنيئرٿيو. اها اوهان جي مرضي آهي. پر انهن کان سواءِ دنيا ۾ گهڻو ٻيو ڪجهـ بـ آهي. خاص ڪري ميٿاميٽڪس وارن لاءِ موقعا تمام گهڻا آهن. جيڪڏهن انٽر ميڊيئٽ کان پوءِ ڪنهن کي قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ايڪنامڪس سبجيڪٽ ۾ داخلا ملي ٿي وڃي تـ انهي شاگرد جا چارئي طبق روشن ٿي ويندا، ڇو جو هي يونيورسٽي پاڪستان جي ٻين يونيورسٽين کان پهرين نمبر تي آهي. مون پنهنجي وڏي عرصي جي فيڊرل گورنمينٽ جي نوڪري دوران اهو ڏٺو آهي تـ تقريبن سڀني منسٽرين يا ڊويزنن ۾ ايڪنامڪس جون پوسٽون وڌيڪ هونديون آهن. ٻاهر جي دنيا ۾ جيتري ايڪنامڪس جي طلب ۽ اهميت آهي اوتري ڪنهن بـ سبجيڪٽ جي ڪانهي. FPSC جو هر مهيني تي ايندڙ نوڪرين وارو اشتهار کڻي ڏسو اڌ کان وڌيڪ ايڪنامڪس جون پوسٽون نطر اينديون. مٿان وري قائد اعظم يونيورسٽي جي ڊگري هجي،آئون نٿو ڀانيان تـ ڪا طاقت ان کي نوڪري کان روڪي سگهي ٿي، پر ان کان پهريائين يونيورسٽي ۾ داخلا ملڻ ڏاڍي ڏکي آهي، جنهن لاءِ ٽيسٽ پاس ڪري، ميرٽ تي اچڻ لاءِ گهڻي محنت جي ضرورت آهي.


    سوشل ميڊيا

    سوشل ميڊيا

    هي سوشل ميڊيا جو دور آهي، وقت جي تيز رفتار ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ڪري هن زندگي جي شعبي پڻ ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئـ ڪيو آهن. ڪڏهن مارڪوني ريڊيو ٺاهيو تـ ڪڏهن وري گراهم بيل ٽيليفون ايجاد ڪيو. ٽپال جي ذريعي خط و ڪتابت جو علم حضرت انسان گهڻو وقت اڳ سکي ۽ سمجهي ورتو هو. اخبار تـ ڪئي صديون اڳ انسان جي روزاني زندگي جو اٽوٽ انگ رهندي آئي آهي. تقريبن اهي مٿيان سڀئي ميڊيائي ذريعا يڪ طرفي معلومات پهچائڻ جو وسيلو رهندا آيا آهن. وقت ۽ حالتن جڏهن ڦيرو کاڌو تـ ڪمپيوٽر جي ايجاد سامهون آئي تـ ڄڻ دنيا ۾ هڪ قسم جو نئون ولولو پيدا ٿيو ۽ هزارن اُميدن ڪر کنيو. انهي ۾ چوٿين اپريل 1975 تي جڏهن بل گيٽ ۽ سندس ساٿين مائيڪرو سافٽ سان ڪمپيوٽر مشين ۾ جهڙوڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو تـ دنيا سهاڳ رات جي نئين نويلي ڪنوار وانگر آرس موڙي وري سجاڳ ٿي. لکڻ پڙهڻ جا نوان طور طريقا ايجاد ٿيا. “قلم” جي جاءِ وڃي “ڪرسر” ورتي. انهي سڄي ايجادات ۾ انٽرنيٽ جو اچڻ هڪ نئين جوش ۽ ولولي کي دعوت ڏيڻ جي برابر هو، جنهن جي ذريعي پيغام رسائي جو تيز ترين طريقو مليو. اڳ ٽپال ذريعي جتي هڪ پيغام پهچڻ کي وڏو عرصو لڳندو هو اتي هاڻي سيڪنڊن ۾ وڌيڪ واضح ۽ سٺا پيغام اچڻ وڃڻ لڳا. هن سڄي ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ اڃا بـ وڏو حصو يڪطرفي معلومات ڏيڻ جو هو. هاڻي خلق خدا جي کي وڌيڪ وقت گونگو ۽ ٻوڙو رکي سگهڻ ممڪن ڪو نـ هو. هڪ خدا جي ٻانهي Mark Zuckerber چوٿين فيبروري 2004ع تي هارڊ ورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جي لاءِ ڪئمپس جي اندر پاڻ ۾ رابطي لاءِ هڪ پروگرام لکيو تـ جيئن انهن ۾ پڙهائي دوران رابطو قائم رهي سگهي، جنهن جو نالو هن ڏنو “فيس بڪ”. اهو پروگرام اڃا تائين صرف تعليمي ادارن ۾ رابطي طور ڪم ايندو رهيو، تان جو سيپٽمبر 2006ع ۾ هن پروگرام کي سڄي دنيا جي لاءِ پيش ڪيو ويو. هڪ مهيني جي اندر اندر هن پروگرام جي استعمال جا 30 ملين ماڻهو دنيا ۾ موجود هئا. اڃا اڳتي سمارٽ فون جي اچڻ ڪري اڄ هن وقت 16 فيبروري 2017ع تائين فيس بڪ جي سڄي دنيا جي ملڪن جي مداحن جو انگ وڌي 4 ارب 80 ڪروڙ ٿي ويو آهي. هن فيس بڪ جي دنيا جا ڪيئي رخ آهن. هي دنيا سرحدن، موسمن ۽ جنس جي محتاج نـ آهي. جتي ڊولپمينٽ جي ڪري انوارمينٽ تي ناڪاري ۽ هاڪاري اثر پون ٿا، اتي فيس بڪ جي ڪري سماج تي چٽا ۽ واضح اثر پيا آهن. هن پروگرام کي هلائڻ جي لاءِ ڪنهن وڏي علم جي بـ ضرورت نـ ٿي پوي، مڙئي لٻو ٿٻو سنڌ جو پڙهيل پڻ هن ٽيڪنالاجي مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو. هڪ لائن ۾ پنهنجا دلي جذبات محبوب جي من ۾ پهچائي ڪنهن کڙيل تاري وانگر هميشه لاءِ گم ٿي وڃي ٿو. فيس بڪ جي ذريعي جتي وڏا وڏا فلاسافيڪل مضمون اچن ٿا تـ اتي تمام ٿورين سٽن ۾ ڪوزي ۾ درياهـ پڻ بند ڪيو وڃي ٿو. مون جيتريقدر فيس بڪ تي جاچ پڙتال ڪئي آهي تـ فيس بڪ جي ڪري هر مڪتب فڪر ۽ هر ايج گروپ وارو ماڻهو لاڀائتو بـ ٿيو آهي تـ متاثر بـ ٿيو آهي. جيڪڏهن ايج گروپ جي حوالي سان هن جي استعال ڪندڙن جي ڪلاسيفائيڊ انگ اکر گڏ ڪيا وڃن تـ 12 کان 23 سالن جي نوجوانن جو هڪ وڏو انگ آهي، جيڪو فيس بڪ استعمال ڪري ٿو. ڇو جو الهڙ، مست،ڳاڙهي رت رتول جواني آهي جنهن کي عشق ۽ مُشق جي خبر نـ ٿي، پوي. نفعي ۽ نقصان جو ڪو پتو ڪو نـ ٿو پوي، پوءِ فيس بڪ تي انـڱريون هلنديون رهن ٿيون. ڪيڏيون نـ مقدس ۽ عظيم آهن اهي ننڍڙيون ۽ پتڪڙيون آڱريون جي موبائل جي ڪي بورڊ تي هلن ٿيون پر ڪنهن ڌماڪيدار مشين جي ٽريگر تي ڪو نـ ٿيون هلن، جنهن جي ڪري هزارين معصوم ٻار يتيم ٿي وڃن ٿا، هزارين ونين جا ور وقت کان اڳ انهن جي نرم ۽ گرم احساسن کي درد جي دنيا ۾ ڇڏي ٿا وڃن. تازن انگن اکرن جي مطابق سال 2002 ع کان سال 2017 ع تائين 480 جي لڳ ڀڳ خود ڪش حملا ٿيا جنهن ۾ 14000 معصوم ماڻهن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، جنهن ۾ حملي آورن جو وڏو تعداد 12 کان 20 سالن جي نوجوانن جو هو. منهنجن نوجوان دوستن کي هتي صلاح ڏيندو هلان تـ فيس بڪ ضرور استعمال ڪيو، پر پنهنجي آئيندي جو بـ ڪجهـ اونو ڪريو، هاڻي توهان ئي تـ سنڌ جو آسرو ۽ اميد آهيو. اڄ سنڌ کي مذهبي دهشتگردي جي باهـ ساڙي ڀسم ڪري رهي آهي. اڃا اجهو تازو ئي تـ سيوهڻ شريف ۾ ٿيل دهشتگردي ۾ 90 کان وڌيڪ سنڌي ماڻهو شهيد ڪيا ويا آهن. تنهنڪري توهان ئي آهيو جيڪي اڄ تـ جين ۽ جوگر پائي، قيمتي سمارٽ موبائل فون هٿ ۾ کڻي ڪنهن رٺل محبوب کي پرچائڻ ۾ مصروف آهيو، پر سڀاڻي انهي اٻوجهـ ۽ بي سهارا سنڌي قوم جو ڀر جهلو بـ اوهان کي ئي ٿيڻو آهي.
    مون جتي دنيا جي وڏن علم جي اڪابرن جون آتم ڪٿائون پڙهيون آهن، تـ اتي صرف هڪ ئي پنهنجي جيون ڪٿا جو ڪتاب لکندڙ کي بـ پڙهيو آهي. جنهن ۾ صرف هو پنهنجي محبوب جو ئي ذڪر ڪري ٿو. سڄي دنيا جي ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل شاعرن تـ محبوب جو ڪو بـ لِنڱ سڄو ڇڏيو ئي نـ آهي، هڻي ويچاري محبوب جا لاهـ ڪڍي ڇڏيا اٿن. ائين ڪيترن ئي ليڊي ڊائنا جهڙن محبوبن ڪُٻڙن عاشقن کان بچڻ جي لاءِ پنهنجون زندگيون ترياق ڪري ڇڏيون.
    مون سوچيو تـ هن منهنجي جيون ڪٿا ۾ ڪجهـ اهڙن دوستن جو ذڪر ڪجي جنهن سان صرف فيس بڪ تي ئي ملاقات آهي، انهن سان ڪڏهن بـ روبرو مُکا ميلو نـ ٿيو آهي. منهنجي لاءِ فيس بڪ جا دوست بـ ايترا ئي عزت ماب ۽ پيارا آهن جيترا مون سان گڏ پڙهندڙ يا گڏ نوڪري ڪندڙ دوست. آئون قطعي انهي ڳالهـ کي مڃڻ لاءِ تيار نـ آهيان جنهن ۾ اڪثر چيو ويندو آهي تـ فيس بڪ جي دوستي مڙئي ائين ڪچي ڌاڳي وانگر آهي. لڳ لاڳاپا جڙڻ ۽ ڦٽڻ جا بـ ڪي سبب ٿين ٿا. جيڪو دوست سالن کان وٺي ڄاڻ سڃاڻ ۽ لڳ لاڳاپي ۾ هوندو آهي، انهي کي هر ڪچائي ڦڪائي جو علم هوندو آهي. پوءِ اهو هُن جي مهارت تي ۽ توهان جي شرافت تي منحصر آهي تـ هو توهان کي ڪيئن ٿو استعمال ڪري. ان جي مقابلي ۾ فيس بڪ جا دوست اهڙين ڪچاين ڦڪاين کان واقف نـ هوندا آهن ۽ نـ ئي وري ڪا اجائي حجت ڪندا آهن، اهي تـ بس صرف موبائل جي اسڪرين تائين محدود هوندا آهن. مون وٽ هر روز اڻ ڳڻيون فيس بڪ دوستي جي لاءِ رڪيسٽس اينديون رهن ٿيون، پر ائين اکيون بند ڪري ڪنهن کي شامل نـ ڪندو آهيان. تنهنڪري منهنجي فيس بڪ جي دوستي جو دائرو لامحدود نـ آهي. جيڪڏهن دوستي جي رشتي کي مقدس ئي سمجهڻو ۽ رکڻو آهي تـ پوءِ ان کي محدود ئي رکڻو پوندو. جيئن تـ آئون لبرل ۽ صوفي خيالن جو ماڻهو آهيان، تنهنڪري فيس بڪ تي منهنجي دوستي جو دائرو صوفي ازم کان ٻاهر نڪري نـ سگهيو آهي. بس اسين هر شيءَ ۾ پرين پسڻ وارا ماڻهو آهيون. ڪير صحيح ڪير غلط اهو تـ سرجڻهار ئي ڄاڻي ٿو، جنهن هن ڪل ڪائنات کي گهڙي ٺاهي انسانن جي رهڻ جي لائق بنايو آهي. مون کي اها بـ خبر نـ آهي تـ هي جيڪي دوستن جون آئيڊيز آهن، اهي صحيح بـ آهن يا غلط. پر مون کي 100 سيڪڙو وشواس آهي تـ جن دوستن جو آئون هتي ذڪر ڪري رهيو آهيان انهن جون سڃاڻپ واريون راهون سنئين ۽ سڌي پٽ تي بلڪل ٺيڪ آهن.
    فيس بڪ بـ عجيب شيءَ آهي، انڌن کي اکيون ۽ گونگن ٻوڙن کي ڪن ۽ زبان ڏئي ڇڏيا اٿس. انهي ڪري تـ فيس بڪ جي ميڊيائي دنيا باقي ميڊيا جي طور طريقن کي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي، ڇو جو هن ميڊيا جي حصي تي ڪنهن جو بـ ڪنٽرول ڪونهي، جيڪو جتان ٿو اچي“ لايو ڏيس لطيف چوي. ”. بس فيس بڪ تي پنهنجو پاڻ ميان مٺو ٿيڻ ڏاڍو آسان ٿي ويو آهي، ڪي وري پاڻ کي ڏاها ۽ مفڪر ٿا لکن تـ ڪي وري پاڻ کي ڪنهن جو تسلسل ٿا چون. ڪنهن بـ زبان جون ڪي صفتون باقي نـ رهيون آهن. جيڪي فيس بڪ جي شوقينن پنهنجي اڳيان پٺيان نـ لڳايون هجن. جهڙوڪ، لَوَلي، بادشاهـ، ڦٽيل، آزاد، غلام، زخمي، سڙيل، گهايل، ستايل، اڃايل، بکايل، منڊو، گنجو، پرنس، تنها ۽ نواب وغيره . اهي اهڙا تـ لقب آهن جيڪي منهنجي نظر مان گذريا آهن، اهڙيون صفتون اڃا لاتعداد هونديون. جيڪڏهن ويهي انهن تي ريسرچ ڪجي تـ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملي سگهي ٿي. هاڻي اچون ٿا منهنجن ڪجهـ فيس بڪ جي دوستن ڏانهن جن کي مون فيس بڪ تي ڪيئن ڏٺو. مون هتي صرف چند فيس بڪ جي دوستن جو نموني خاطر ذڪر ڪيو آهي. دوستن جو هڪ وڏو حلقو آهي سڀني جو ذڪر ڪرڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي . جن جو ذڪر نـ آيو آهي انهن کان هٿ ادب جا ٻڌي معافي ٿو وٺان.


    چانڊيو انور عزيز

    چانڊيو انور عزيز

    انور چانڊيو صاحب پڻ فيس بڪ جي دنيا جو متحرڪ ڪردار آهي. اسان جي دوستي فيس بڪ تان ٿيندي ٽيليفون تائين وڃي پهتي آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن لاهور شاخ جي باني ميمبرن مان پڻ آهن. انهي حوالي سان بـ ساڻس ناتا ۽ رشتا ڳنڍجڻ شروع ٿيا آهن پاڻ قمبر لڳ ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيي ۾ جنم ورتائين ننڊپڻ جا ڏينهن لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ ڪن نشيلن نيڻن کي ڳوليندو رهيو. الهڙپڻي جا ڏينهن حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي تيز هوائن ۾ مڌ مست اکين جي خمار ۾ گذاريائين . روزگار سانگي سنڌ ڇڏي لاهور اچي وسايائين. پاڻ سنڌ پرست، هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي. سندس فيس بڪ جي فوٽو ۽ شخصيت مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ هي نوجوان دوست سنڌ جو هر ڏکئي وقت ۾ سهارو بنجندو رهندو. سرڪاري نوڪري جي باوجود هي منهنجو دوست سنڌ سان ٿيندڙ زيادتي ۽ ٻـ اکيائي تي ڇُلڪي ٿو پوي. سندس فيس بڪ جي تحريرن ۾ سنڌ سان ٿيندڙ انياءُ تي سراپا احتجاج نظر ايندو آهي. پاڻ سيوهڻ ڌماڪي تي فيس بڪ تي جيڪي خوبصورت سٽون لکيون هيون، انهن ۾ چيو هئائين تـ ”ڌماڪا ڪڏهن بـ ڌمال جو مقابلو نـ ٿا ڪري سگهن”. سندس فيس بڪ جي اڪائونٽ ۾ جڏهن اندر جي گهرائي تائين ليئو پاتم تـ اڻ ڳڻيا اهڙا ڪردار مليا، جيڪي چانڊيي صاحب جي دوستي جي ڌاڳي ۾ پوئيل مليا، جن کي ٿورن لفظن ۾ موتين مالها پارائي املهـ ماڻڪ ڪري ڇڏيو اٿس. جيئن ڪنهن دوست لاءِ چوي ٿو تـ “ ماڻهو خواب ڏسندا آهن ۽ تعبيرن جي ڳولا ڪندا آهن، پر سرور(سندس دوست سرور مگسي) تعبيرون ماڻي هاڻي خوابن جي ڳولا ۾ نڪري پيو آهي. ” ڪيڏا نـ خوبصورت جملا آهن، جيڪي هن پنهنجي دوست لاءِ چيا آهن. هن دوست سان منهنجي روبرو ملاقات تـ ڪونهي پر هن جي نيڻن مان نظر اچي ٿو تـ پاڻ گوتم ٻڌ بنجي روشني جي تلاش ۾ نڪتا آهن. جيئن سج جي روشني ڪنهن مذهب جي محتاج نـ آهي، تيئن هن منهنجي فيس بڪ جي دوست جون سوچون مذهب جي ٻنڌڻن کان گھڻو اڳ آزاد ٿي چڪيون آهن. پاڻ جتي سرور مگسي جي لاءِ چند جملا چوي ٿو تـ اتي ڊاڪٽر جڳديش ڪمار مانڌاڻ کي سندس ڄمڻ ڏينهن تي وڏي قرب ۽ عقيدت سان چوي ٿو تـ “ هو پيار ڏيندو آهي تـ سڀني کي وڻندو آهي، پر جي رُسي وڃي تـ اڃا وڌيڪ وڻندو آهي” چانڊيو صاحب اتر سنڌ جي ديوانن لاءِ چوي ٿو تـ “ آئون کين ٻروچ ديوان سڏيندو آهيان. ” ڪيڏي نـ مماثلت آهي سنڌ جي هندو ڪميونٽي ۾، آئون هتي اسان جي لاڙ جي ديوانن کي ڪجهـ اِنهن ئي لفظن سان ياد ڪندو آهيان. ڇو جو سنڌ جو هندو هزارن سالن کان وٺي سنڌ جي ٻروچن سان گڏ رهندو ٿو اچي. ٽالپرن جي دور ۾ تـ هي سنڌ جي اڇي ڪاري جا مالڪ سمجهيا ويندا هئا


    فراز علي شيخ

    فراز علي شيخ

    ٿامس جيفرسن جون چيل هي سٽون “ هڪ طرف ظالماڻي روش جي جبلت آهي تـ ٻئي طرف خراب خوار ڪندڙ نهٺائي. انسان کي پنهنجون خصلتون ۽ لڳ لاڳاپا انهن جذبن کان صاف ۽ پاڪ رکڻ گهرجن” جيڪي هن پنهنجي ڪتاب Freedom and the State ۾ ڪنهن هنڌ لکيون آهن. اهي تڏهن مون کي ياد آيون، جڏهن هن منهنجي نوجوان دوست سان فيس بڪ تي تکائي مٺائي ٿي پئي هئي. مون هن جي ڪنهن فيس بڪ جي اسٽيٽس تي سنڌي ۾ ڪجهـ لکيو هو. جواب ۾ هن نوجوان مون کي ڏاڍي احترام واري لهجي ۾ چيو هو تـ “ انهي توهان جي ڪمينٽس کي انگريزي يا اردو ۾ ترجمو ڪريو، جيئن آئون سمجهي سگهان. ” مون جذبات ۾ اچي هن سان ٿيل ڳالهـ ٻولهـ مٽائي (Delete) ڇڏي هئي ۽ جواب ۾ مون هن کي سنڌي ٿي پنهنجي مادري ٻولي نـ اچڻ جو مهڻو ڏنو هو. مون فيصلو ڪيو هو تـ هن نوجوان سان لڳ لڳاپا نـ رکبا. ائين هڪ ٻـ ڏينهن گذري ويا، انهي وچ ۾ مون مٿيون ڪتاب پڙهيو پئي تـ انهن سٽن تي نظر پئي، جيڪي مون مٿي حوالي طور ڏنيون آهن. انهن سٽن منهنجي ذهن ۾ هڪ قسم جو پڇتاءُ ۽ ملامتن جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو. ضمير مون کان سوال ڪيو تـ ”ڇا سنڌي ٻولي انهي هڪڙي نوجوان تي اچي بيٺي آهي؟” مون سوچيو هو تـ منهنجي هن غلط ۽ منجهيل روش تي هن مون کي ضرور Unfriend ڪري ڇڏيو هوندو، پر ائين نـ ٿيو هو. مون کي لڳو تـ مٿيون ڪتاب هن مون کان اڳ ئي پڙهي ۽ هنئين سان هنڊايو آهي. باوجود منهنجن طعنن ۽ مهڻن جي هي منهنجو نوجوان دوست مون کي لائڪ بـ ڪندو رهيو آهي تـ ڪمينٽس بـ ڏيندو رهيو. انهي کان وڌيڪ سندس ڪردار ۽ اخلاق کي ماپڻ جو مون وٽ ڪو بـ ماڻ ۽ ماپو ڪو نـ هو. مون فيصلو ڪيو تـ کانئس اردو ۾ معافي وٺا. ڳالهـ وري بـ انهي نڪتي تي اچي بيٺي جنهن نڪتي تان اسان جي اختلافن جنم ورتو هو. فرق صرف اهو هو جو هي منهنجو نوجوان دوست جذبات کان پاڪ هو ۽ ان جي مقابلي ۾ آئون جذبات جي وهڪري ۾ وهي رهيو هوس. جڏهن انهي جذباتي وهڪري مون کي ڌڪي ڪنهن ويران رڻ ۾ اچي ڦٽو ڪيو تـ منهنجي اندر جي انسان مون کي جهنجهوڙي ڇڏيو هو ۽ مون اردو ۾ ڪجهـ هي سٽون لکڻ شروع ڪيون هيون. “پيارا ڀاءُ فراز، الله اوهان کي خوش رکي، آئون معافي ٿو چاهيان جنهن ڏينهن اسان سنڌي ۽ اردو جي وچ ۾ اٽڪي پيا هئاسين. توهان جا فيس بڪ تي “لائڪ” ڏسي آئون شرمندو ٿيو آهيان. وڏي هئڻ جي حيثيت سان مان معافي ٿو وٺان. توهان جي سنڌي ۽ منهنجي اردو جو ڪو حال ڪونهي. ” ائين هي با اخلاق ۽ با ڪردار نوجوان مون سان وري ٻيهر فيس بڪ تي جُڙجي ويو هو. منهنجي هن سان اڳ ڪنهن بـ قسم جي ڪا بـ ملاقات ڪو نـ هئي، نـ ئي وري ڪا اهڙي خواهش بـ آهي. اُن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين فراز علي شيخ مون سان هميشه سنڌي رومن ۾ مخاطب ٿيندو آهي. جيئن ئي آئون سندس سنڌي رومن تي چڱي طرح غور ڪندو آهيان تـ مون کي مرحوم حليم بروهي ياد اچي ويندو آهي، جنهن وڏي پيماني تي مهم هلائي هئي تـ سنڌي لکڻ واري ٻولي کي عربي لِپي مان تبديل ڪري رومن لِپي ۾ لکيو وڃي. هاڻي جڏهن فراز علي شيخ جي سنڌي، رومن لِپي ۾ پڙهندو آهيان تـ مرحوم بروهي صاحب جي چيل ڳالهـ تي يقين ٿيڻ لڳندو آهي. ڇو جو فراز علي شيخ 98 سيڪڙو سنڌي ٻولي رومن لِپي ۾ صحيح لکندو آهي.
    مون جڏهن فراز علي شيخ جي ماضي ۾ ليئو پاتو تـ اسان جي دردن هڪ ٻئي کي سڃاڻي ورتو هو. جڏهن هن ٻڌايو تـ “آئون (فراز) ٽن سالن جو هوس تـ بابا هي جهان ڇڏي ويو هو. ” هي اهي لفظ هئا جيڪي آئون ڪنهن جي واتان ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نـ هوندو هوس. آئون (نظام) جڏهن ستين ڪلاس ۾ هوس، بابا عدم جي راهـ ورتي هئي. اڄ مون زندگي جون سڀ آسائشون ماڻيون آهن،پر مون کي اها خبر نـ آهي تـ بابا جو پيار ڇا ٿيندو آهي. هر ڪاميابي کان پوءِ اندر ۾ هڪ احساس جنم وٺندو آهي تـ “ ڪاش اڄ بابا هجي ها،” انهن اندروني احساسن جي تپش جو قدر صرف انهي کي هوندو آهي، جنهن جي مٿان اهڙي قسم جي باهـ جا ڀنڀٽ ڀڙڪيا هوندا. اهو سچ آهي تـ “ جتي باهـ ٻري اها جاءِ جلي”
    مون کي لڳي ٿو تـ فراز علي شيخ عملي دنيا ۾ هلي ريسرچ جو ماڻهو ٿيندو. هن جو ذهن ڪجهـ اهو ٻڌائي ٿو. هن کي هر وقت منهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ جي جستجو رهندي آئي آهي. عملي طور آئون بـ ريسرچ جو ماڻهو رهيو آهيان. ريسرچ ۾ مزو تڏهن اچي ٿو جڏهن توهان ڪنهن شيءَ کي ڳوليو، اها نـ ملي. جيئن ڀٽائي گهوٽ چيو آهي تـ،
    ڳوليان ڳوليان شال م ملان هوت
    من اندر جا لوچ مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي
    ڪنهن ماڻهو مان انفارميشن حاصل ڪرڻ جو فن پڻ فراز علي شيخ وٽ آهي. هن مون بابت ڪجهـ تفصيل ڄاڻڻ ٿي چاهيو. انهي جي مقابلي ۾ مون اهو تفصيل روڪڻ ٿي چاهيو تـ جيئن ڪجهـ اهڙيون ڳالهيون ڪتاب ۾ اچن جيئن پڙهندڙن جي لاءِ ڪجهـ تجسس باقي رهي. هن مون کان منهنجو ڳوٺ پڇڻ ٿي چاهيو، تـ مون گول جواب ڏنو تـ آئون اسلام آباد جو سنڌي آهيان. انهي ۾ 100 سيڪڙو سچ آهي تـ منهنجو گهر اسلام آباد ۾ آهي، پر هي دوست انهي منهنجي جواب تي مطمئن نـ ٿيو. يڪدم جواب ڏنائين تـ منهنجو ڳوٺ “مٺياڻي” آهي. ”توهان ڪٿي جا آهيو. ” مٺياڻي جو لفظ ڏسي ۽ ٻڌي آئون ڇرڪي ويو هوس، ڇو جو پورو هڪ سال آئون ماستري جي ٽريننگ مٺياڻي ۾ ڪندو رهيو آهيان. تقريبن انهي وقت آئون الهڙ جوان هوندو هوس ۽ انهي گلابي جواني ۾ مون کي مٺياڻي ۾ جيڪو پيار ۽ خلوص مليو، انهي جو آئون اڄ ڏينهن تائين ڪو ملهـ ڪَٿي نـ سگهيو آهيان، نـ ئي ڪو اهو قرض چُڪائي سگهندس. انهي جو تفصيلي ذڪر آئون اڳين صفحن ۾ ڪري چڪو آهيان. هتي ورجآءُ ٿيندو. پر فراز علي شيخ جون مون سان ميسينجر تي ٿيل تکيون، مٺيون ۽ با اخلاق ڳالهيون ۽ سندس فيس بڪ تي لکيل ڪمينٽس مون کي مجبور ڪيو تـ هن نوجوان کي پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪريان. انشا الله تعليٰ فراز علي شيخ مستقبل جو ڪامياب انسان ثابت ٿيندو.
    مون وٽ تـ منهنجي هن نوجوان دوست جي اخلاق ۽ ڪردار تي لکڻ لاءِ کوڙ ساريون ڳالهيون موجود آهن پر مون وٽ اهڙا لفظ ئي نـ آهن جو انهن لفظن کي سنواري سجائي هن بابت ڪجهـ لکي سگهان. انهي لاءِ مون کي وري ٻيهر اُٺ ڪتابن جا پڙهڻا پوندا، جنهن لاءِ مون وٽ وقت باقي نـ بچيو آهي. مون کي لڳي ٿو تـ فراز علي شيخ تان فيس بڪ جو بخار آهستي آهستي لهڻ لڳو آهي. جيڪڏهن انٽر ميڊيئٽ تائين هن خوب محنت ڪئي ۽ ڪتابن سان پنهنجي پاڻ کي سلهاڙي رکيو تـ هن جو مستقبل روشن ٿي سگهي ٿو، جنهن جي مون کي قوي اميد آهي.


    محمد سليمان وساڻ

    محمد سليمان وساڻ

    محمد سليمان وساڻ ڪنهن بـ تعارف جو محتاج ڪونهي. هن دوست سان روبرو مُکا ميلو تـ ڪونهي پر فيس بڪ تي اچڻ کا پوءِ هن سان ڪيترائي ناتا جڙي چڪا آهن. انٽرنيٽ جي دنيا ۾ وڏي پيماني تي سنڌي ادب کي متعارف ڪرائڻ وارو هي دوست، ادبي توڙي سماجي ڪمن ۾ گهڻو اڳڀرو آهي. جتي آئون سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن اسلام آباد جو ميمبر آهيان، اتي محمد سليمان وساڻ سِگا سچل ڳوٺ ڪراچي شاخ جو متحرڪ ميمبر آهي. سندس چوڻ آهي تـ سِگا اسلام آباد جي پروگرامن لاءِ پينافليڪس ڊزائن ڪري موڪليندو آهي، پر افسوس جو سِگا اسلام آباد شاخ ڪڏهن بـ سندس اهڙو ٿورو وڏي واڪ نـ مڃيو آهي. اسان کي اهو ماڻهن کي ٻڌائڻ کپندو هو تـ هي پينافليڪس ڪنهن ۽ ڪٿان ڊزائن ڪري موڪليو آهي . پاڻ انٽرنيٽ تي سنڌ سلامت ويب سائيٽ ٺاهي سنڌي ادب جي هر صنف جا سون جي تعداد ۾ ڪتاب پڙهڻ، ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ مهيا ڪري ڏنا اٿس. مون کي جيڪڏهن موبائل فون تي يا ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي لکڻ ۾ ڪا دشواري پيش ايندي آهي تـ هي منهنجو دوست هر وقت منهنجي مدد لاءِ تيار هوندو آهي. شاهـ عبدالطيف ڀٽائي جو “گنج ” پڻ هن دوست مون کي موبائل ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ ڏنو. هر روز شاهـ عبدالطيف ڀٽائي جو هڪ نئون بيت “اديون عبدالطيف چئي ” جي عنوان سان فيس بڪ تي سنواري سينگاري پوسٽ ڪندو آهي. ان کان سواءِ شيخ اياز ۽ استاد بخاري جي شاعري جو پڻ شوقين آهي. هر نوجوان شاعر ۽ اديب کي جنم ڏينهن جو واڌايون ۽ وڇڙي ويل اديبن ۽ شاعرن جي ورسين جا ڏينهن پڻ فيس بڪ تي هي دوست ياد ڏياريندو آهي.


    آزاد انور مهر

    آزاد انور مهر

    فيس بڪ جي سندس اڪائوٽ مان پتو پوي ٿو تـ هن دوست جو تعلق شهر چڪ ضلع شڪارپور سان آهي. منهنجون فيس بڪ تي لکيل ڪچيون ڦڪيون سِٽون سڀ کان پهريائين هي دوست لائڪ ۽ انهن تي ڪمينٽس ڪندو آهي. اهو لکڻ تـ اجايو ٿيندو تـ منهنجي ساڻس فيس بڪ تي ڪيئن ڄاڻ سڃاڻ ٿي. پر مون هن جي اڪائونٽ کي بار بار اٿلائي پٿلائي ضرور ڏٺو هوندو. جيڪڏهن سنڌ تي ڪا ڏکي گهڙي آئي تـ هن همراهـ جي برداشت کان ٻاهر ٿيو وڃي. انهي متعلق سندس قلم مان تبديل ٿيل ڪرسر تِير ۽ ڪمان ٿيو دشمن جي ناپاڪ ارادن کي فيس بڪ جي دنيا ۾ ٽيڙي پکيڙي ڇڏي ٿو. سندس فيس بڪ جي لکڻين ۾ همت ۽ جرئت جو واضح پيغام هوندو آهي. سندس سنڌ تي ۽ مذهب تي لکيل ويچار مون کي ڪافي متاثر ڪندڙ هوندا آهن. سندس فيس بڪ جي تحريرن مان پتو لڳي ٿو تـ پاڻ گهڻو پڙهندڙ شخصيت جا مالڪ آهن، پر ڪيڏي ڪيڏي مهل نوجواني جي نينهن ۽ نشي ۾ اچي جذبات جي وهڪري ۾ سڀ ليڪا لتاڙي ٿو وڃي. پر مون محسوس ڪيو آهي تـ هي منهنجو دوست ڪيترو بـ جذباتي ٿي وڃي پر اخلاق جي گول دائري کان ٻاهر نـ ٿو نڪري. انهي ڳالهـ مون کي مجبور ڪيو آهي تـڏهن اڄ آئون آزاد انور مهر تي چند سٽون لکي رهيو آهيان. سندس سماجي، سياسي توڙي مذهبي نظريا واضح ۽ چٽا آهن. هن دوست وٽ منجهيل ۽ ڪنفيوز نظرين پالڻ لاءِ ڪا بـ جڳهـ ڪانهي. صفا سڌي راند سونٽي جي. تازو سيوهڻ ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي ۾ 90 کان وڌيڪ سنڌي ماڻهو شهيد ٿيا، جتي سڄي سنڌي قوم ڏک ۽ غم ۾ ورتل هئي تـ اتي هي منهنجو نوجوان دوست پنهنجن جذبن کي روڪي نـ سگهيو ۽ ڪڙو سچ چئي ويٺو. انهي تي مون کيس پنهنجي پاڻ کي قابو ۾ رکڻ جي صلاح ڏني. جواب ۾ مون کي سخت لهجي ۾ چيائين تـ “ اسان پنهنجو رستو سڃاڻي کنيو آ، انهي ڪرٽ ۾ جي ڪسي وياسين تـ ماڻيندا منزل ڍول ڍاٽي. ” مون سمجهيو تـ مون کي چئي رهيو آهي تـ “ لٺ ڦيري تـ ڏس نانگ نوڙي اٿئي”. يقينن هن دوست جا بـ ڪي دلي جذبا هوندا ڪا خواهش هوندي پر آئون ڏسان پيو هن پنهنجو اڻ ميو پيار سنڌ ڌرتي ۽ ڌرتي وارن سان جوڙي رکيو آهي. هن ڌرتي ماءُ سان هميشه ڇڙواڳ محبت ڪئي آهي.
    مون هنن ئي پنن ۾ ڪٿي لکيو آهي تـ انقلابي سونهن پرست ٿيندا آهن. ائين کڻي چئجي تـ حُسن اسان ترقي پسند سوچ رکندڙ ذهنن جي لاءِ تمام ضروري خوراڪ آهي. جيئن خوراڪ کان سواءِ ڪنهن بـ جاندار جو وڌڻ ويجهڻ ممڪن نـ هوندو آهي، تيئن انقلابي جو ذهن سونهن کان سواءِ ائين آهي، جيئن ڪنوار سهاڳ رات گهوٽ کان سواءِ. هڪ انقلابي پنهنجي ڌرتي جي هر شيءِ سان پيار ڪري ٿو، انهي معاملي ۾ هو انتها پسند ٿئي ٿو، ڇو جو هو مذهب جو پادري نـ هوندو آهي، هو تـ پيار جو پادري هوندو آهي. هُن جي دل ۾ هر ماڻهو جي لاءِ ڪليسا آهي. هُن جي عبادت جو روح تـ صرف محبوب جي پسڻ وقت ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. آزاد انور مهر بـ اهڙوئي محبوب ماڻهو آهي جنهن پيار جي پُل تي بيهي محبتن جي وهندڙ پاڻي کي نمسڪار چيو آهي. اها محبت جيڪا انسانيت جو پيغام ڏئي ٿي، اها محبت جيڪا ڏرا ڏنل اکين سان ڪئي ويندي آهي. هن منهنجي دوست هڪ اهڙي ابدي شيءِ سان نينهن جو ناتو جوڙيو آهي . جنهن جو تصور جڏهن هُن جي اڳيان اچي تو تـ هِن کي پنهنجي محبوبا ياد اچي وڃي ٿي،جيڪا هلي ٿي تـ مورن ۽ ڊيلن کي پريشاني، قدم کڻي تـ هر چرندڙ پرندڙ شيءَ ساڪن ٿيو وڃي . مندر کان لنگهي تـ بت بـ پيا سُس پُس ڪن، آتشڪدي کان لنگهي تـ ان جي باهـ بـ برف ٿيو وڃي، ڳالهائڻ ۾ اهڙي فصاحت ۽ بلاغت جو علم جا اڪابر دنگ رهجيو وڃن. اها آهي اسان جي سنڌ، جنهن سان آزاد پيار ڪيو آهي. سندس چواڻي اهو پيار کيس ورثي ۾ مليو آهي. سوال ڪرڻ ۽ پيار ڪرڻ جي سگهـ کيس سندس چاچي غلام قادر مهر کان ملي، جنهن هن ننڍڙي آزاد کي وڏن وڏن جُنگن سان منهن مقابل ٿيڻ جي همت ۽ جرئت جا انگ اکر سيکاريا.


    علي قريشي

    علي قريشي

    هن دوست کي جيڪڏهن فيس بڪ جي دنيا جو هيرو ڪوٺجي تـ وڌاءُ نـ ٿيندو. علي قريشي صاحب ڄامشورو جي ڪنهن مادر علمي ۾ زير تعليم آهي. جواني جي پهرين ڏاڪي تي ڏاڍو مضبوطي سان پير رکيا اٿس. ڪڏهن ڪڏهن نـ تعبير ٿيندڙ خواب سندس نيڻن ۾ ائين اٽڪي پوندا آهن، جيئن ماڪ ڦڙا صبح جي وقت نئين نڪور گُلن جي ڪَلين ۾ اٽڪيل نظر ايندا آهن. پر هن جا اڻ پورا خواب هن جي ڪجلين اکين ۾ بي وس چنڊ وانگر نظر اچن ٿا، جيڪو ڪنهن سانوڻ جي مُند ۾ گهاٽن ۽ گهرن ڪڪرن مان جان ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري پنهنجي محبوب جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ آتو هوندو آهي. جواني ديواني هوندي بـ فيس بڪ منهنجي هن دوست جي ڪمزوري ڪانهي. ٻين فيس بڪ جي شوقينن وانگي علي جا مختلف پوز ايندا ئي رهن ٿا. اتفاق اهو ٿيو آهي جو آئون منهنجي هن فيس بڪ جي دوست جي پوزن تي هلڪي ڦلڪي تنقيد ڪندو رهيو آهيان. ڪڏهن سندس چشمو تـ ڪڏهن سندس ڪلهي تي سجايل ڪو گيڙو رتو ڪپڙو منهنجي نشاني تي رهيا آهن. دل جو اهڙو کليل ۽ ڪشادو ماڻهو جو هن ڪڏهن بـ منهنجي ڳالهـ کي ائين هرو ڀرو سنجيدگي سان نـ ورتو آهي. انهي سلسلي ۾ هن فيس بڪ تي ڪيڏا نـ خوبصورت ويچار ونڊيا آهن چوي ٿو تـ “ زندگي آسان نـ هوندي آهي، ان کي آسان بنائڻو پوندو آهي. ڪجهـ صبر، ڪجهـ برداشت ڪري ۽ گهڻو ڪجهـ نظر انداز ڪري”. هن جا هر وقت نوان نوان پوز ڏسي هڪ دفعي کيس صلاح ڏني هوم تـ “ توهان پڙهائي ڇڏي وڃي لاهور لالي ووڊ جي فلم انڊسٽري ۾ اداڪاري وارو ڪم ڪريو. ” ائين بـ نـ آهي تـ هي دوست رڳو پوز هڻندو وتي. سنڌ جي سماجي مسئلن تي علي جو قلم ڪڏهن بـ چپ ڪري نـ ويٺو آهي. سندس لاتعداد مضمون جيڪي سنڌ جي ڏُکن ۽ دردن متعلق لکيل آهن ۽ مختلف اخبارن ۾ ڇپيا آهن. تقريبن اهي سڀ جا سڀ منهنجي نظر مان گذريا آهن. جن تي دٻيل لفظن ۾ آئون فيس بڪ تي ٽيڪا ٽپڻي بـ ڪندو رهيو آهيان، صرف انهي نظرئي تحت تـ مستقبل ۾ هن جا اڃا وڌيڪ سٺا مضمون اچن. هونئن بـ علي جي تحريرن ۾ مون کي ڪا بـ ڪمي نطر نـ ايندي آهي. علي قريشي جو ڪنهـن اخبار ۾ هڪڙو مضمون ڇپيو هو، جنهن ۾ هن نريندر مودي تي تنقيد ڪئي هئي تـ هندستان جو وزير اعظم مذهبي انتهاپسند آهي. انهي جي جواب ۾ مون کيس لکيو هو تـ “ اسان وارا همراهـ تـ چار قدم انهي کان اڳتي آهن. ” مون محسوس ڪيو هو تـ ان وقت مون وارا چيل اهي لفظ هن کي ڪجهـ ناگوار لڳا هئا، پر اڄ سيوهڻ ڌماڪن کان پوءِ مون وارا چيل اهي لفظ هن کي ضرور ياد آيا هوندا تـ ڪنهن ائين بـ چيو هو. مون محسوس ڪيو آهي تـ فيس بڪ جي فوٽو مان ڪنهن جو اميج ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مون هن کي سمجهڻ ۽ ان جي اندر ۾ جهاتي پائڻ ٿي چاهي. تنهنڪري مون هن کي صلاح ڏني هئي تـ پوز تي ڪجهـ لکندو بـ ڪر. خير اڄ ڪلهـ سندس فوٽو تي “عشق ۾ فنا ” ٿي وڃڻ جهڙا جملا نظر اچن ٿا. مون کي لڳي ٿو تـ علي قريشي هاڻي مجازي عشق جي منزلن کان اڳڀرو نڪري ويو آهي. هاڻي هن جو عشق محبوب جي ماڻن مان نڪري ڌرتي جي دردن تائين وڃي پهتو آهي. سنڌ جي مان مٿاهين ڪرڻ جي لاءِ هي منهنجو نوجوان دوست پنهنجن جذبن جي اڳيان مجبور نظر ايندو آهي. کيس استاد بخاري جي لفظن ۾ صلاح ڏيندو آهيان تـ “ ايڏو نـ ٿي جذباتي اکڙيون نـ پونيءَ اُٿلي ڇاتي نـ پوي ءَ ڦاٽي. ” ڪڏهن ڪڏهن هي دوست فيس بڪ تان ائين گم ٿي ويندو آهي جيئن لاڙ سنڌ مان ڏکڻ جون هوائون گم ٿي وينديون آهن تـ محبوبن جا ڀريا ڀڪنا ڀاڪر گُهٽ ۽ ٻُوسٽ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. تئين آئون هن کي فيس بڪ تي گهڻو وقت نـ ڏسي گهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪندو آهيان.


    گل فراز عرف ابَل ميمڻ

    گل فراز عرف ابَل ميمڻ

    اهي سرءُ جي موسم، سال 2016 جا ڏينهن هئا. آئون سرڪاري گهر خالي ڪري، پنهنجي نئين ٺهرايل گهر ۾ لڏو کڻي آيو هوس. اهو تـ مون کي ذهن ۾ هو تـ سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ کان پوءِ، مون کي ڪجهـ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪرڻون آهي، ڇو جو مون کي منهنجي محسن سائين راشد مورائيءَ اڄ کان 40 سال اڳ هدايت ڪئي هئي تـ “ ڪتابن کان ڪڏهن بـ ناتو نـ ٽوڙجان. ” سو مون فيصلو ڪيو تـ، ڇو نـ پنهنجي آتم ڪٿا لکجي. پر هتي وري ڪنهن ٻيءَ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيس. اهو هو فيس بڪ جنهن جي اڻ پيتي جي نشي جا خمار منهنجي دل ۽ دماغ کي ڀوانٽيون ڏيڻ لڳا، جنهن ۾ آئون سڄو وقت گم رهندو هوس. جتي فيس بڪ جا هيڏا سارا نقصان آهن، اتي ان جا ڪجهـ فائدا بـ آهن. ڇو جو مون کي هاڻي ڪنهن بـ امتحان جي تياري ڪرڻي ڪا نـ هئي. تنهنڪري پنهنجي پاڻ کي مصروف رکڻ جي لاءِ فيس بڪ منهنجي لاءِ بهترين مشغولو هو. انهي مان مون کي نوان دوست مليا، نوان خيال مليا، ڪيتريون اهڙيون شيون هيون، جن جي مون کي اڳ خبر نـ هئي، انهن جي فيس بڪ جي ذريعي ڄاڻ ملي. انهن دوستن ۾ ڪجهـ هم خيال مليا تـ ڪجهـ رڳو ٺلهي واهـ واهـ ڪرڻ وارا بـ مليا. انهن ۾ نوجوان بـ هئا تـ مون جهڙا پوڙها پڪا بـ هئا. ڀٽائي جي هڪ بيت جي سِٽ تـ “ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهـ اچي بوءَ بهار جي ” انهن دوستن ۾ هڪ دوست اهڙو بـ هو جنهن مون کان هي ڪتاب لکرائي ڇڏيو. اهو هو ابَل ميمڻ. منهنجي پڇڻ تي هن پنهنجو سرڪاري نالو گُل فراز ميمڻ ٻڌايو. جيڪڏهن ميمڻ نـ ٻڌائي ها تـ آئون کيس پٺاڻ سمجهان ها. سندس تعلق انهي علائقي سان آهي جنهن جي لاءِ لڇمڻ ڪومل سڄي ڄمار سرحد جي هُن پار لُڇندو پُڇندو رهيو. هن جي فيس بڪ جي پرو فائيل مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ سندس هٿن تي اڃان ميندي نـ لڳي آهي. سندس موڙ ٻڌڻ جا ڏينهن اڃا ڪجهـ فاصلي تي آهن. مون اڄ ڏينهن تائين فيس بڪ تي هن جي تصوير نـ ڏٺي آهي. هن جي فيس بڪ تي هميشـ انڊر ورلڊ جي ڪنهن اداڪار جي تصوير لڳل هوندي آهي. انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ هي منهنجو نوجوان دوست پنهنجي نود نمائش ڪرڻ ۾ ڪيترو محتاط رهي ٿو، جو هن ڪڏهن بـ پنهنجي صحيح تصوير فيس بڪ تي نـ لڳائي آهي. اهي تصويرون ئي ٻڌائين ٿيون تـ هن ۾ ذوق جمال جي ڊگري تمام گهڻي آهي. جيئن ڪنهن جو IQ چيڪ ڪجي تـ 10 مان ڪيترو آهي تـ ائين هن جو ذوق جمال 10 مان 8 ضرور ٿيندو. هن جي سچائي تي مون کي ڪو بـ شڪ ڪونهي. تنهنڪري ايترو يقين اٿم تـ هن جو فيس بڪ اڪائونٽ ميڊ اِن چائنا ڪونهي. سندس چواڻي تـ هو ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو آهي . پر ڇا ٿو پڙهي، اها خبر نـ اٿم. خبر نـ آهي تـ اها ڪهڙي گهڙي هئي، جو مون هن سان ڪتاب جو ذڪر ڪيو هو. پوءِ هن جي مون سان جڏهن بـ فيس بڪ تي ملاقات ٿيندي هئي،تـ هن جو پهريون سوال ئي ڪتاب جي باري ۾ هوندو هو تـ، “ڪتاب ڪٿي پهتو” ۽ آئون وري هن کان سندس پڙهائي جي باري ۾ پڇندو هوس. تنهنڪري اسان ٻنهي جي اها ڪوشش هوندي هئي تـ اسان جي پاڻ ۾ ملاقات نـ ٿئي. بهر حال اهو هن جو مون تي احسان آهي تـ هن جي “پڇ پڇان” جي ڪري، آئون پنهنجو ڪتاب مڪمل ڪري ويس، ٻي حالت ۾ هي ڪتاب شايد ئي پنهنجي پڄاڻي تي پهچي سگهي ها. هاڻي تـ هو فيس بڪ تي گهٽ ئي نظر ايندو آهي، ها البت منهنجن فيس بڪ جي ميسيجن کي ڏسي گهربل جواب ضرور ڏيندو آهي. پر گهڻي ڊيگهـ کان هميشهـ پرهيز ڪندو آهي. لڳي ٿو تـ هن پنهنجي ڪتابن جي دنيا وڃي آباد ڪئي آهي. سندس اخلاق جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو تـ، آئون جڏهن اک جي آپريشن ڪرائي گهر پهتو هوس تـ، خيرآفيت جو پهريون ميسيج مون کي هن منهنجي ننڍڙي ڀاءَ جو مليو هو . منهنجي عرض ڪرڻ تي هن مون تي بـ چار لائنون پڻ لکيون آهن. تـنهنڪري آئون هي ٻـ چار سٽون صرف انهي ڪري لکي رهيو آهيان، جتي منهنجي ٻين فيس بڪ جي دوستن جو ذڪر آيو آهي، اُتي هِن جو بـ ذڪر اچڻ گهرجي. ورنـ منهنجو ضمير مون کي هر وقت ملامت ڪندو رهندو تـ “جنهن سخنور انسان هي ڪتاب لکرايو انهي جو تـ ذڪر ئي ڪونهي . ” آخر ۾ منهنجي دعا آهي تـ الله هن کي علم جي دولت سان مالا مال ڪري ۽ زندگي ۾ ڪڏهن بـ ڏک نـ ڏسي. شايد ڪنهن شاعر منهنجي هن فيس بڪ جي دوست لاءِ چيو آهي تـ “ ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو، ڪا ڪا دل هيرن جي کاڻ”


    دوستن مون کي ڪيئن ڏٺو

    دوستن مون کي ڪيئن ڏٺو

    هي “نظام” خراب آ
    ظالم هي ”نظام “آ
    هن “نظام” تي لعنت
    دوستو اچو تـ سڀ گڏجي هن ظالم” نظام“ جي پاڙ پٽيون !

    هي 1994 جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا. جڏهن اسان جو محبوب يار ڊاڪٽر علي محمد کٽي قلندرانـ موج ۾ اچي اهي نعرا هڻندو هو تـ آئون پريشان ٿي ويندو هوس تـ هي چوي ڇا ٿو. ؟ پوءِ ڊاڪٽر عبدالله سومري وضاحت ڪئي تـ پنهنجي ڪمپني ۾ هڪ نئون دوست نظام الدين لغاري شامل ٿيو آهي ۽ ڊاڪٽر علي انهي لاءِ پيو نعرا هڻي. پوءِ ڊاڪٽر عبدالله سومري نظام صاحب لاءِ تعريفن جا پهاڙ کڙا ڪري ڇڏيا، تـ مون کي بـ هُن سان ملڻ جو شوق جاڳيو. اهو 25 فيبروري 1995ع شب قدر جو ڀلارو ڏينهن هو. جڏهن ڊاڪٽر عبدالله جي گهر بدين ۾ نظام لغاري صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي. سائين جن ان وقت پيپلز پروگرام ضلع بدين جا Project Director هئا.
    ڪارا ڀنڀا گهنڊيدار وار، وڏيون اکيون ۽ ڀريل ڳِٽا، خوش گُفتار سندس سٺي پرسنلٽي تي ٺهڪي پئي آيا. ضلعي جو وڏو آفيسر، نئين پوٺهار سرڪاري جيپ، اسان بيروزگار ۽ پيادل ڊاڪٽرن کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. ان ڏينهن اسان نظام صاحب سان سندس جيپ ۾ ڊاڪٽر محمد شريف چانديو جي افطار ڊنر ۾ غلام شاهـ موري ويا هئاسين ۽ رات جو 11 وڳي واپس بدين پهچڻ تائين“ سائين” مان “توهان” توهان مان “تون” ۽ ”تون“ مان “ تون هي تون ٿي وئي. ” تـ ڄڻ تـ جُڳن جُڳن جو واسطو هو. پوءِ تـ هر ويڪ اينڊ بدين ۾ گڏ گذرندو رهيو.
    ڊاڪٽر علي کٽي جو قول آهي تـ، ”گار يار جي سار (يادگيري) آهي ۽ گارين کان سواءِ ڪهڙي دوستي. “ سو هاڻي نظام لغاري صاحب بـ سڌو سنئون ان جي لپيٽ ۾ اچي چڪو هو. پوءِ تـ ڊاڪٽر علي کٽي جا برسٽ ۽ نظام صاحب جا اُڀ ڏاريندڙ مشهور ٽهڪ، محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا هئا. آئون (ڊاڪٽر نواز ڀوت)، ڊاڪٽر عبدالله سومرو، حاجي ولي محمد عمراڻي يا ٻيا دوست نظام صاحب کي اخلاقن ادب ۽ احترام جي نگاهـ سان ڏسندا هئاسين، پر ڊاڪٽر علي سڀني جي ڪوٽا پوري ڪري ڇڏيندو هو. پر مجال آهي جو نظام لغاري صاحب جي چهري ۾ ڪو گهنج پيو هجي يا ڪو جوابي حملو ڪيو هجي. ها البت جڏهن بُل ملندو هوس تـ ڊاڪٽر علي جي جوڙ جا سالم ٻاڪڙ يا k-2 لوهاڻو جهڙا همراهـ هٿ ڪري ڊاڪٽر علي جي ٺيڪ ٺاڪ ڇنڇري لهرائيندو هو.
    نظام لغاري صاحب پنهنجي نيچر ۾ با اخلاق، ايماندار، سنجيدهـ ۽ پڙهيل لکيل ۽ اهل علم انسان آهي. معاشيات ۾ تـ منهنجو استاد آهي. هن کي پنهنجي ڳالهـ سامهون واري کي سٺي انداز ۾ سمجهائڻ ۾ وڏو ڏانءُ هڪ ماهر استاد وانگر آهي. طبيعتن نظام صاحب هڪ سادو ۽ سٻاجهڙو انسان آهي. هُن ۾ روائتي ٽاپ ڪلاس جي ڪامورن وارو غرور ۽ تڪبر ڪونهي. فرينڪ نيس (هردل عزيز) لاءِ سنڌي ۾ خبر ناهي تـ ڪهڙو لفظ آهي پر لغاري صاحب جي فرينڪ نيس جي حد اها آهي جو اسان دوست سندس دعوت تي گلاب لغاري وياسين تـ چيائين تـ دعوت منهنجي آهي پر اوهان جي “خدمت چاڪري” منهنجا دوست محمد ايوب لغاري ۽ k-2 لوهاڻو ڪندا.
    بدين ۾ نوڪري دوران نظام صاحب سان اسان جون يادگار ڪچهريون رهيون ۽ ڏاڍو ڀلو وقت گذريو. پوءِ اهي منهنجي (ڊاڪٽر نواز ڀوت) ڳوٺ ڪلوئي ۾ هجن، کورواهـ ۾ ڊاڪٽر عليم پنهور وٽ هجن، مٺي ۽ ڏيپلي ۾ هجن، حاجي ولي محمد عمراڻي جي اوطاق تي هجن يا ڊاڪٽر عبدالله سومري جي گهر بدين ۾ هجن، جيڪو اسان جو هيڊ ڪوارٽر ڊڪليئر ٿيل هوندو هو.
    اسان جي ڪمپني رولاڪ هوندي هئي، هر هفتي ڪٿي نـ ڪٿي وڃي ٺڪاءٌ ڪندا هئاسين. مرڻو، پرڻون هجي، ميلو ملاکڙو هجي يا ٽوئر هجي، نظام صاحب آفيس ٽائيم کان پوءِ پنهنجي سرڪاري جيپ سميت اسان پيارن جي حوالي هوندو هو. انهي شرط تي تـ سرڪاري پيٽرول جو ڦڙو بـ استعمال ڪرڻ نـ ڏيندو هو. چوندو هو تـ الله ۽ سرڪار مون کي معاف ڪري جو سرڪاري گاڏي مون ڊرائيور سميت اوهان دوستن جي حوالي آهي، باقي پيٽرول تـ پاڻ ڀرايو نڀاڳا.
    نظام صاحب جو ٻيو شرط اهو هوندو هو تـ گاڏي جي اندر سگريٽ نـ ڇڪيو جو مون کي انهي مان الرجي ٿيندي آهي. اسان انهي جو بـ ناجائز فائدو ائين وٺندا هئاسين جو سفر ۾ جتي بـ ڪا واهـ يا واٽر ڪورس جي موري ڏسندا هئاسين تـ گاڏي روڪرائي لهي موري يا پُل تي ويهي مزي سان سگريٽ ڇڪيندا هئاسين. پوءِ يڪو ڪلاڪ اُتي ڇٽو. بدين ضلع جي روڊن جي شايد ئي ڪا موري يا پُل هجي جتي اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي وڏا وڏا ٽهڪ نـ ڏنا هجن. هر ڪچهري جو مور ڊاڪٽر علي کٽي هوندو هو. انهن ڪچهرين جو حال احوال گهٽ ۾ گهٽ آئون لکڻ کان قاصر آهيان البتـ ڊاڪٽر علي اها همت ڪري سگهي ٿو. (ڊاڪٽر علي گاريون ڏيندو آهي ۽ 12 بور واري انگريزي ڳالهائيندو آهي، ها البت دوائن جا نالا انگريزي ۾ لکيو وڃي . باقي هو لکڻ پڙهڻ کان قاصر آهي. مصنف) منهنجو (نواز ڀوت) شهر ڪلوئي نظام صاحب کي ڏاڍو وڻندو آهي. جيڪو عمر ڪوٽ شهر وانگر ڀٽن جي هنج ۾ آهي. جڏهن بـ ايندا هئا تـ رات جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿڌي واري تي ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين.
    نظام الدين لغاري صاحب جهڙو ايماندار (Honest) محنتي ۽ پنهنجي ڊيوٽي سان سچو (Committed) آفيسر شايد ئي ڪو هجي. پيپلز پروگرام جي بجيٽ ڪروڙن جي هوندي هئي. نظام صاحب ان جو Project Director هوندو هو. ضلع جي آفيسرن، انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن کي اهڙو تـ اچي سوڙهو ڪيائين جو هو اسان وٽ اچي دانهون ڪندا هئا تـ هي ڪهڙو آفيسر آهي جو “دنياداري” نٿو ڪري ؟ مون کي ياد آهي تـ هڪ ڀيري ڊاڪٽر عبدالله سومري جي گهر بدين ۾ ضلعي جا ٻـ وڏا ٺيڪيدار پئسن جو ٿيلهيون ڀري کڻي آيا تـ صاحب کي راضي ڪري ڏيو. مون ۽ ڊاڪٽر عبدالله، نظام صاحب کي پورو اڌ ڪلاڪ ڪمري ۾ بند ڪري وڏا ليڪچر ڏيئي راضي ڪري ٺيڪيدارن کي اندر موڪليو پر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ همراهـ ٿيلهيون ۽ منهن لٽڪائي ٻاهر آيا ۽ اچي چيائون تـ يار هي ٻروچ تـ الائي ڪهڙي مٽي مان ٺهيل آهي جو اصل نـ ٿو مڃي.
    پهرين جنوري 1997ع تي جڏهن نظام صاحب بدين مان اسان کي ڏکارو ڪري واپس اسلام آباد هليو ويو تـ اسان جي ڪمپني ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو، پر خوشي انهي ڳالهـ جي ٿي تـ اسلام آباد ۾ اسان جو هڪ گهر ٺهي ويو. گذريل 20 سالن دوران الله پاڪ هن کي ڪافي ترقي ڏني آهي ۽ 20 گريڊ جي چند هوشيار ۽ محنتي سنڌي آفيسرن ۾ شمار ٿئي ٿو. پر ان جي باوجود سندس روين ۾ دوستن لاءِ ڪڏهن بـ تبديلي نـ آئي آهي. اسان لاءِ هو اڄ بـ 1995ع وارو نظام لغاري آهي. سنگت جو اسلام آباد ۾ ڪو بـ ڪم ڦاسي ٿو رڳو نظام صاحب کي فون ڪريو، پوءِ اهو ڪم نظام جو ڄڻ ذاتي ڪم ٿي پوندو آهي.
    منهنجو سرڪاري ڪم ڪار سان اڪثر اسلام آباد وڃڻ ٿيندو آهي. نظام صاحب کي بس فون ڪرڻ جي دير هوندي آهي. ايئر پورٽ تان کڻڻ کان ڇڏڻ تائين، نظام صاحب گڏ هوندو آهي. ائين چوڻ مناسب رهندو تـ نظام صاحب اسلام آبادي هئڻ جي باوجود اڄ بـ مڪمل ڳوٺائي آهي. آخر ۾ صرف ايترو چوندس تـ ڊاڪٽر علي جي ملڪ جو نظام کڻي ڪيترو بـ خراب هجي، پر اسان جو “نظام” ڏاڍو ڀلو آهي. الله پاڪ کيس سٺي صحت ۽ عمر دراز عطا فرمائي.

    ڊاڪٽر علي نواز ڀوت، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 1 بدين

    ڪي محبتون ملاقات جون محتاج ناهن هونديون بلڪل ائين ڪي ماڻهو بغير ملڻ جي ويجهائي هوندا آهن ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ جديد سهولتن ذريعي ماڻهو سڄي دنيا سان رابطي ۾ رهي ٿو . سوشل ميڊيا معرفت مونکي تمام بهترين ۽ رهنمائي ڪندڙ مخلص دوست مليا، انهن ۾ محبوبا جي آنچل جهڙو فقير منش انسان مانوارو قابل احترام منهنجو سائين نظام الدين لغاري بـ هڪ آهي. هن جو مزاج سانوڻ جي وسڪاري جهڙو آهي، هن ۾ بناوٽ ۽ ڪوڙي سجاوٽ جهڙا لاڙا ناهن، هو ڪُوڙي واه واه ڪرڻ وارن مان نـ آهي، هو جيڪو مينهن جي مند جهڙو آهي، هو ته محنت ۽ محبت جو اهڙو قدردان آهي، جنهن جي ڪشادي دل ۾ مون جهڙي بيڪار بي ترتيب نوجوان لاء محبتون آهن.
    جنهن سان ڳالهائيندي اهو احساس ناهي ٿيندو ته اسان هڪٻئي کان سوين ڪلوميٽر پري آهيون ۽ اسان جي پاڻ ۾ ملاقات صرف فيس بڪ جي ننڍڙي اسڪرين تي آهي. هو پنهنجي سڀاء ۾ ائين آهي جيئن سنڌو جو پاڪ پاڻي. توڙي جو هن وقت قابل احترام مانواري سائين نظام لغاري تي لکندي مان لفظن جي اجائي جادوگريء واري موڊ ۾ ناهيان. پر اهو سچ آهي ته سندس عمر ۽ منهنجي وهيء ۾ وڏو فرق آهي، اهو چوندي ڪابه هٻڪ نه پئي ٿئي ته زندگيء جي ڏکويل گهڙين ۾ حوصلو ڏيندڙ، منهنجون اڻوڻندڙ ڳالهيون ٻڌندڙ، مون ۾ موجود انيڪ غلطين جي نشاندهي ڪندڙ، وڏي ڀاءُ جيان پيار ڪندڙ، محبتي ۽ اهڙو فراخ دل انسان جيڪو هر بهتر قدم جي دل کولي آجيان ڪرڻ سان گڏو گڏ اسان جهڙن سيکڙاٽن جي انيڪ غلطين جي وڏي ڀاءُ ۽ بهترين استاد وانگر تعميري تنقيد ڪري، اسان کي ڪجهـ بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر وقت همٿائيندو رهي ٿو.
    آئون سندس دل جي اٿاهـ گهراين سان عزت ڪريان ٿو. هن سان منهنجو رشتو محبت ۽ عقيدت وارو آهي، هو مون جهڙي نالائق سان بـ پيار ڪري ٿو. ان محبت جو نهايت ٿورائتو آهيان. آخر ۾ اهائي دعا آهي تـ محبت، عقيدت ۽ اصلاح وارو اهو رشتو هميشـ قائم رهي،دعاگو.

    آزاد انور مهر، چڪ. ضلع شڪارپور.

    هونئن تـ هر ماڻهو ۾ مهڪي پئي مڻيا
    پر جي سنڌ ڄڻيا تن جو مٽ ڪينڪي.
    زندگي ڏاڍي پياري هوندي آهي. پر اها پياري پيارن ماڻهن سان ٿيندي آهي. اسان جي زندگي نٽهڻ اُس بڻجي پوي ها جيڪر اهي نم جي ٿڌي ڇانو جهڙا ماڻهو نـ هجن ها. هن ڌرتي جي گولي تي ڪيئي املهـ انسان پيدا ٿيا آهن. انهن موتي داڻن ۾ هڪ موتي منهنجو ماما سائين نظام الدين لغاري بـ آهي. منهنجي ماما جو جنم لاڙ جي ڪلراٺي ڀون اگهم ڪوٽ جي ڀڪ ڀرسان ڳوٺ گلاب لغاري ۾ ٿيو. منهنجي ماما جو ننڍ پڻ غربت ۽ مفلسي ۾ گذريو، ڇو تـ منهنجو ماما ننڍ پڻ ۾ ئي يتيم بنجي چڪو هو. انهي ڪري هن پنهنجو ٻالڪپڻ مختلف پورهيا ۽ محنت ڪندي گذاريو. عملي زندگي جي شروعات استاد جي شعبي کان ڪئي. پوءِ محنت ڪندي وڃي 20 گريڊ تائين پهتو. ماما پنهنجي زندگي جا خوبصورت لمحا اسلام آباد جي مارگلا جي پهاڙين تي پنڌ ڪندي گذاريا. جيتوڻيڪ ماما ادبي ميدان ۾ ايڏو وڏو ليکڪ تـ نـاهي پر ادبي محفلن ۾ ان جو اٿڻ ويهڻ ضرور رهيو آهي. ماما جا ڪالم وقت بوقت انگريزي توڙي سنڌي پريس ۾ ڇپجندا رهيا آهن، جيڪي گهڻو ڪري ملڪ جي اقتصاديات تي لکيل هوندا آهن. جيئن تـ منهنجي ماما جو ادبي دنيا سان لڳ لاڳاپو آهي، انهي ڪري اڄ جڏهن مان پنهنجي گهر جي چوطرف نظر ڊوڙائيندي آهيان تـ مون کي خوبصورت ڪتاب ئي ڪتاب نظر ايندا آهن. اسان ٻارن ۾ جيڪي ڪتابن پڙهڻ جو اتساهـ جاڳيو، انهي ۾ هن جو اهم ڪردار رهيو. ماما هميشه ڪو نـ ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو رهندو آهي، پوءِ ان تي اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪندا هئاسين. اسان ماما جي چهري تي ڪڏهن بـ ڪاوڙ جا آثار نـ ڏٺا. هميشه سنڌو جي گجگوڙ جهڙا ٽهڪ ٻڌبا آهن. آخر ۾ هنن لفظن سان پنهنجي پياري ماما سائين کي هي ڀيٽا ڏيندس.
    ماڻهو سڀ نـ سهڻا، پکي سڀ نـ هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهـ، اچي بوءِ بهار جي.

    شازيا لغاري، اسلام آباد

    ڪنهن بـ شخصيت جو ظاهري ڏيک ايترو اهم نـ آهي، جيترو سندس باطن ۽ روح جي بلندي يا پستي اهميت رکي ٿي. زندگيءَ ۾ سوين ماڻهو سالن تائين ساڻ رهندي بـ دلين ۽ خيالن ۾ ايتري جڳهـ ٺاهي ناهن سگهندا. جيتري جاءِ ڪنهن ٿوري وقت لاءِ مليل فرد پنهنجي بهتر سوچ ۽ ڪردار سبب ٺاهي سگهندا آهن.
    نظام الدين لغاري صاحب جي اصليت سندس روحاني رشتا آهن. سنڌ، سنڌيت، ٻولي، سماج، ادب، تاريخ، موسيقي،سفر، سنگت ۽ ملڪ جي مٽي سان سندس خاص نينهن جو ناتو آهي. سندس اندر تعليم جو واڌارو ۽ ترقي سندس خواهش ۽ خواب آهي. سڄي ملڪ جي صوفين ۽ سنتن سان سندس محبت ان ڳالهـ جو ثبوت آهي تـ لغاري صاحب جن سخت مزاج هجڻ بدران کليل دل ۽ دماغ رکڻ وارا ۽ لبرل سوچ رکندڙ فرد آهن، هجڻ بـ گهرجي. ماڻهو جڏهن علم ۽ سوچ جي ڪنهن اوچائي تي پهچندو آهي تـ هو دل جو صوفي ۽ وضع قطع ۾ فقير منش بنجي ويندو آهي. جيڪڏهن لغاري صاحب ان رتبي تي پهچي ويو تـ اها ڳالهـ شادماني جي آهي. دعا آهي تـ سائين نظام الدين لغاري صاحب جن سدا شاد ۽ آباد هجن.

    انور عزيز چانڊيو
    ڊپٽي ڊائريڪٽر (پبلڪ رليشنس)
    واپڊا هائوس، لاهور

    اڳ ڄاڻ سڃاڻ، دوستي ياري، پيار محبت جا ڪي خاص مخصوص ذريعيٰ يا سبب هوندا هئا. ڪنهن بس جي سيٽ تي، ڪنهن اسڪول جي بينچ تـي گڏ ويهڻ وغيرهـ وغيرهـ، ڪجهـ اهڙيون حقيقتون هونديون هيون، جيڪي دوستي کان ٿينديون ڀائپي تائين وڃي پهچنديون هيون. ان جي مقابلي ۾ اڄ اِنفَارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد دور ۾ انهن رواجي طور طريقن جي ماهيت ۽ اهميت ڪي قدر گهٽجي ويئي آهي. ڇو جو حضرت انسان هڪ اهڙي دور ۾ رهي ٿو، جتي دنيا سُڪڙجي هڪ ڳوٺ بنجي ويئي آهي. هن وقت هڪ اندازي مطابق دنيا ۾ ساڍا 4 ارب انسان فيس بڪ جو استعمال ڪن ٿا، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تـ اهي هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهن ٿا. تنهنڪري هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندي منهنجي ملاقات سائين نظام الدين لغاري سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي دوستي کان ٿيندي ڀائپي تائين پهتي آهي. اهو صحيح آهي تـ اسان جو پاڻ ۾ مُکا ميلو نـ ٿيو آهي. پر سائين سان جڏهن بـ فيس بڪ يا فون تي ملاقات ٿيندي آهي تـ سندس پهريون سوال ئي منهنجي مستقبل بابت هوندو آهي. سندس ٻوليءَ جي لاڙي لهجي مان هميشـ پنهنجائپ جي خوشبو ايندي آهي، جو ان وقت اهو احساس نـ ٿيندو آهي تـ ڪنهن اجنبي انسان سان ڳالهـ پئي ٿئي. اڪثر مون سان ڳالهائڻ وقت سندس موضوع پڙهائي ۽ اخلاقيات ئي هوندو آهي. سندس فيس بڪ جي لکڻين مان معلوم ٿئي ٿو تـ پاڻ صوفي طبيعت ۽ لبرل قسم جا خيالات رکن ٿا. زندگي هڪ هنڌ بيهڻ جو نالو نـ آهي، انهي ۾ ڪڏهن سرديون تـ ڪڏهن گرميون اينديون ئي رهن ٿيون. مطلب تـ زندگي مسلسل جدوجهد جو ٻيو نالو آهي. منهنجو محسن ڀاءُ نظام الدين لغاري مون کي هميشـ اهڙي رستي تي هلڻ جي هدايت ڪندو رهي ٿو. منهنجو ڪنڌ سندن اڳيان احترامن جهڪيو ئي رهي ٿو. دعا آهي تـ اهو عزت ۽ احترام جو روحاني رشتو سدائين دائم ۽ قائم رهي.

    فراز علي شيخ، حيدر آباد

    مون سائين نظام الدين لغاري کي فيس بڪ تي هڪ سٺي دوست، هڪ مهربان استاد ۽ وڏي ڀاءَ وانگر ڏٺو آهي. نظام صاحب زندگي جي هر ڏکئي موڙ تي فيس بڪ جي ذريعي منهنجي رهنمائي ڪندو رهي ٿو. مون جڏهن بـ فيس بڪ تي مايوسي جون ڳالهيون ڪيون تـ لغاري صاحب منهنجو حوصلو وڌائيندو ئي رهيو آهي. هڪ مهربان دوست جي حيثيت ۾ سائين سدائين نصيحتون ئي ڪندو رهي ٿو، جنهن ۾ خلوص ۽ نيڪ نيتي شامل هوندي آهي. انهي سان مون پنهنجي شخصيت ۾ واضح سڌارا محسوس ڪيا آهن. سائين لغاري صاحب جي تعميري تنقيد پڻ منهنجي لاءِ مستقبل ۾ روشن راهون کولي سگهي ٿي. دعا آهي سائين لغاري صاحب سدائين خوش ۽ آباد هجي ۽ سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهي.

    علي قريشي، بوبڪ

    ڪن پڙهيو گيتا ڪن پڙهيو قرآن
    پوءِ بـ اهي اڻ ڄاڻ انسانيت جي “الف” کان.
    سائين نظام الدين لغاري صاحب!. توهان جو حڪم ٿيو تـ مان توهان تي ڪجهـ لکان. مون کي سمجهـ ۾ نـ ٿو اچي تـ اوهان صاحبن تي ڇا لکان، هڪ قلم هڪ ننڍڙو K-2 ڇا لکي ڇا لکان. توهان جهڙي عظيم ۽ انسانيت جي پيغمبر تي لکڻ لاءِ مون وٽ ڪجهـ بـ ڪونهي. اوهان جهڙن ماڻهن تي لکڻ لاءِ الله سائين هڪ صدي ڄمار ڏي تـ بـ لکي پورو نـ پوان. اهڙي ڪل جڳ ۽ نفسا نفسي جي دور ۾ جتي پيءَ پٽ جو ناهي ۽ پٽ پيءَ جو ناهي صرف زندگي گذارڻي آهي، ان ۾ اوهان جهڙا عظيم انسان انسانيت جي لاءِ سوچين ٿا. انهن جي دوستي جي ڌاڳي ۾ پوئجي پنهنجي پاڻ کي ڀاڳوند ڀانيان ٿو.
    مون کي فخر آهي توهان جهڙي دوست تي، جيڪو منهنجي لاءِ ۽ منهنجي خاندان جي لاءِ سوچي ٿو. اوهان منهنجي امڙ تي ڪالم لکي اهو ثابت ڪيو تـ دنيا ۾ اسان جي لاءِ بـ ڪو سوچي ٿو. توهان واقعي بـ سنڌو درياهـ وانگر وڏي دل رکندڙ انسان آهيو. اهو بـ پوري هند، سنڌ، پنجاب، ڪابل جو پاڻي پيٽ ۾ سمائي سڄي ڌرتي کي بغير ڪنهن نسل ۽ مذهبي فرق جي سرسبز ڪندو اچي ٿو. انهي وانگر اوهان بـ مذهبن جي ڀيد ڀاءَ کان پري رهي انسانيت جو پيغام ڏيو ٿا. آئون خدا جوقسم کڻي چوان ٿو تـ جيڪو سج هن ڌرتي تي اُڀري لهي ٿو توهان جهڙن عظيم انسانن جي ڪري، جيڪا ڪاري ٻڪري اڇو کير ڏي ٿي اهو بـ اوهان جهڙن انسانن جي ڪري ئي ممڪن آهي. مون وٽ اهڙا لفظ ڪو نـ آهن جو توهان جي شان ۾ لکي سگهان. سنڌي منهنجي ڪچي آهي جيڪڏهن سمجهـ ۾ نـ اچي تـ ننڊو ڀاءُ سمجهي معاف ڪندا.

    پريم چند عرف K-2 لوهاڻو، گلاب لغاري ۽ راجستان

    مون کي خبر نـ ٿي پوي تـ هن پنهنجي وڏي ڀاءُ، محسن دوست، همدرد انسان، سائين نظام الدين لغاري تي ڇا لکان. جنهن جو پهريون سوال ئي هوندو آهي تـ “توهان جي پڙهائي جو ڇا ٿيو”. اهي لفظ ٻڌي مان پهرين گهٻرائجي ويو هوس، تـ هي ڪير ماڻهو آهي، جيڪو مون کان ذاتي سوال ٿو ڪري. مون جڏهن فيس بڪ جي دوستن تي هڪ سرسري نگاهـ (Bird view) وڌي تـ، ڪو بـ اهڙو دوست ڪو نـ هو، جنهن مون کان ڪڏهن اهڙو سوال ڪيو هجي. پوءِ دل ئي دل ۾ خوشي ٿيندي آهي، تـ ڪو اڻ ڏٺل انسان آهي، جو ڪٿي پري ويهي، منهنجي مستقبل بابت سوچي ٿو. سندس چيل هڪ جملو شايد ئي مان وساري سگهان،جنهن ۾ هن چيو هو تـ “آئون توهان کان وڌيڪ توهان جي مستقبل ۾ دلچسپي رکان ٿو. ” دعا آهي تـ منهنجو محسن سدائين، روشن اميدن جي پرورش ڪندو رهي ۽ نوجوانن ۾ زندگي جو اتساهـ ڀريندو رهي، آمين.

    گُل فراز عرف ابَل ميمڻ، نوشهروفيروز

    ڪي ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن جو ملڻ جلڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ سڀاءُ انسان کي سدائين لاءِ سندس مداح بنائي ڇڏيندو آهي. جڏهن اهڙا ناتا ۽ رشتا هڪ دفعو جڙندا آهن تـ انهن جو ڇڄڻ ناممڪن ئي هوندو آهي. آئون فطري طور خاموش طبعيت ماڻهو رهيو آهيان. هرو ڀرو نڪو ڪنهن سان گهرو گهاٽو ٿيڻ ۽ نـ وري ئي دوستي جي دائري وڌائڻ جو ڪو شوق رهيو اٿم. عملي زندگي ۾ اهڙا ماڻهو بـ صفا ٿورا آيا آهن، جن سان دل لڳي هجي ۽ وري وسري سگهيا هجن. گلاب لغاري ۽ ان جي ڀرپاسي جن ماڻهن سان نينهن جا ناتا جڙيا انهن ۾ شامل هئا شيرل لغاري، جيڪو جواني ۾ ئي جدائي جا داغ ڏيئي وڇڙي ويو، پر سندس ياد اڄ بـ اکين مان نيرن جا نار وهائي ڇڏيندي آهي. ٻيو نظام الدين لغاري ۽ نواز لغاري جن مان نظام الدين لغاري سان نياز مندي وارو رشتو، قومي سوچ ۽ ادب دوستي کان شروع ٿي ذاتي ۽ گهرو دوستي ۾ تبديل ٿي ويو. منهنجي وڏي نياڻي تهمينـ لغاري پنهنجي مڊل اسڪول جا ٽئي سال سائين نظام لغاري جي گهر ۾ رهي پڙهي. سائين منهنجي نياڻي کي بـ پنهنجن ٻچن وانگر ڀائيندو هو. انهي مان سائين جي علم دوستي ۽ پنهنجن دوستن سان خلوص جو پتو پوي ٿو. آئون اهو واضح ڪندو هلان تـ منهنجي سائين نظام سان ڪنهن بـ قسم جي مٽي مائٽي ڪانهي، پر منهنجي وڏي نياڻي تهمينـ شادي ٿيڻ تائين سائين جي گهر جو حصو رهي آهي. انهي وچ ۾ 1986ع ۾ سائين روزگار سانگي اسلام آباد هليو ويو. پر اسان جي پيار ۽ محبت ۾ ڪنهن بـ قسم جي ڪمي پيشي نـ آئي. سائين جن جو جڏهن بـ اسلام آباد مان ڳوٺ اچڻ ٿيندو هو تـ قومي ۽ ادبي ڪچهري جا دفتر کلي ويندا هئا. اڳتي هلي سائين جن جي زور ڀرڻ تي مون جڏهن روزانـ عوامي آواز ۽ تعمير سنڌ ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيو، جن ۾ ڪرپشن، تعليم ۾ ڪاپي جو ناسور، ڪارو ڪاري، سنڌ ۾ پاڻي جي اڻاٺ ۽ پوليس جي زيادتين جي خلاف آواز اٿارڻ شامل هئا سڀ کان پهريائين سائين ڪريم بخش مرحوم، شيرل مرحوم ۽ سائين نظام لغاري صاحب همٿائڻ ۾ سڀني کا اڳرا هئا. آئون انهي ۾ فخر محسوس ڪري رهيو آهيان تـ جيڪو ڪتاب هينئر توهان جي هٿن ۾ آهي، سائين مون کي انهي جو اهل سمجهي پهرين مون کي ڏنو تـ جيئن انهي جا پهريان پروف پڙهي سگهان. اميد ٿو ڪريان تـ اهو احترام جو رشتو ساهـ جي سڳي جي سلامتي تائين جاري ۽ ساري رهندو.

    محمد اشرف لغاري، ڳوٺ شير محمد لغاري، لڳ
    گلاب لغاري

    ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهـ مڻيا
    اها 5 مارچ 2017 جي سُرمئي شام هئي، شفق جي لالاڻ اڃا ايتري جهڪي نـ ٿي هئي، اسان راشد مورائي ادبي ڪانفرنس ۾ مھمانن جي آجيان ڪرڻ ۾ رڌل ھئاسين تـ فون جي گهنٽي وڳي. اڳيان ڪنهن ڄاتل سڃاتل آواز جو پڙلاءُ ڪنن تي پيو، جيڪو ڪانفرنس متعلق ئي ڏس پتو پڇي رهيو هو. جيڪو موري باءِ پاس جي ڪنهن ڪنڊ پاسي تي بيٺل هو.
    مان(لطيف راشد) ۽ نجم سرھيو، جنهن سان سائين نظام الدين لغاري صاحب جي هڪ دفعو اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي چڪي هئي. اسان جڏهن مھمان کي وٺڻ لاء نڪتاسين، تـ نجم سوال ڪيو “تون مھمان کي ڏسندي تـ سڃاڻي ويندين؟ ڇو جو منھنجي نظر ۽ حافظو گھٽ آھي”. نجم جي اهڙي بيوقتائتي سوال مون کي ڪنهن اڻ ڄاتل شڪ ۽ پريشاني ۾ مبتلاءَ ڪري ڇڏيو. پر اسان جيئن ئي ٻڌايل ڏس تي پهتاسين تـ سامھون ئي سائين تي نظر پئجي ويئي. نجم سرهيو کي سائينءَ ڏانھن اشارو ڪندي گاڏي روڪڻ لاء چيم، سائين نظام الدين لغاري سامھون پنهنجي نوجوان دوست زبير احمد لغاري سان گڏ پنھنجي گاڏي وٽ اسان جي انتظار ۾ بيٺا ھئا . منهنجي جيئن ئي سائينءَ تي نظر پئي تـ اسان جي نظرن هڪ ٻئي کي سڃاڻي ورتو. ائين اسلام آباد کان پوءِ هي اسان جي ٻي ملاقات هئي تـ اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو.
    راشد مورائي ادبي ڪانفرنس دوران سائينءِ سان موري جي ڪافي شاعرن ۽ اديبن جي ملاقات بـ ٿيندي رهي. جيڪي سڀ تقريبن سائين جي نالي کان واقف ھئا. ڇو جو منهنجو بابا سائين (راشد مورائي) سان جڏهن ڪنهن موري جي ادبي لڏي جي ڪچھريءَ ۾ وڃڻ ٿيندو هو تـ بابا سائين راشد، نظام الدين لغاري کي هر ڪچهري ۾ ياد ڪندو ئي رهندو هو،تنهنڪري موري جو ادبي لڏو کيس اڻسڌي طور سڃاڻندو ئي هو.
    منھنجي سائين لغاري صاحب سان ھيءَ ٻي ملاقات ھئي، اسان جي پھرين ملاقات “لنڪن ڪارنر لاڙڪاڻي” طرفان اسلام آباد ٽريننگ جي دوران ٿي هئي. ان وقت بـ اسان سائين جي اسلام آباد واري گهر تي وڏي ۽ ڊگهي ڪچهري ڪئي هئي. جڏهن تـ سائين جي گفتگو جو محور منهنجو بابا سائين هو. ان کان سواءِ سائين سان ڪچھري دوران مون هُن جي دل ۾ سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ ۽ پنھنجي قوم لاءِ عشق ڇوليون ھڻندي محسوس ڪيو. جيڏو سائين پاڻ محبتي ماڻهو آهي اوترو ئي سندس اولاد بـ سلڇڻو اٿس. گھر کان سِگا اسلام آباد ھاسٽل تائين ايندي ھر رستي ۽ عمارت بابت ٻڌايندا رھيا. ھاسٽل انچارج سان ڪچھريء دوران سائين جو اسلام آباد ۾ رھندي سگا جي پليٽ فارم تان سنڌي موسيقيءَ، سنڌي ادب، سنڌي ماڻھن لاء ٿيل ڪم جو تفصيلي احوال مليو. ٿڪاوٽ ھجڻ ڪري جلدي آرام اچي ويو.
    صبح جو تيار ٿيس ئي پئي تـ سائين پھچي ويو. مونکي ان ھوٽل تي پھچايائين جتي اسان جي ٽريننگ رکيل ھئي . ھفتو اتي ئي رھياسين پر تمام گھڻي ٽريننگ جي مصروفيات ڪري سائينءَ سان وري ملاقات نـ ٿي سگهي. باوجود ان جي پاڻ صبح شام فون ڪري حال حوال وٺندا رھيا. واپسيءَ تي جڏهن موري پهتس تـ سائينءَ راشد جو پھريون سوال اھو ھو تـ نظام الدين جا ڪھڙا حال آھن. ڇو جو سائين راشد جي ويجھن ساٿين مان سائين نظام الدين بـ ھڪ آھي. آئون ٿورن لفظن ۾ ائين چوندس تـ “جھڙو پرين پاڻ تھڙي سٽاءَ ساٿ جي”
    سائين نظام الدين لغاري بـ جس لھڻن، جو بابا سائين جي وفات کان پوءِ بـ پنهنجي حال سارو “راشد مورائي يادگار ڪميٽي مورو” جي سار لھندا ٿا اچن. سائين جون بابا سائين سان ۽ اسان سان اھي محبتون ئي آھن جو اسان جي نماڻي سڏ تي “راشد مورائي ادبي ڪانفرنس” ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ اسلام آباد کان موري ڪهي آيا. منھنجون نيڪ تمنائون ۽ دعائون آھن تـ رب پاڪ سائين جن کي سٺي صحت سان گڏ خضري عمر عطا ڪري آمين. عمر دراز تيڏي الله نگھبان ھووئي

    لطيف راشد، مورو سنڌ

    ”سڄڻ سٻاجهو گهڻو“
    جي تون پارسي سکيو تـ گولو تون غلام
    اُڃيو تان آب گهري بکيو تان طعام
    عامن سندو عام، خاصن منجهان نـ ٿئي.“شاهـ”
    دنيا ۾ ٻوليون اُهي ليکيون وينديون آهن، جيڪي گهڻو ڳالهايون، لکيون ۽ پڙهيون وڃن. هونئن بـ قوم فرد سان نـ پر فردن سان، انهن جي ٻوليءَ، ڪلچر ۽ جاگرافيائي اُهڃاڻن سان سُڃاتي ويندي آهي. ڪنهن بـ قوم جو فرد پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان پنهنجي ٻوليءَ، ڪلچر ۽ جاگرافيائي حدن جو محافظ هوندو آهي نـ رڳو اُهو پر جيڪو بـ جنهن بـ ڌرتيءَ تي جنم وٺي ٿو اُن تي اهُو قرض ۽ فرض ٿئي ٿو تـ هُو اُنهي لاءِ ڪجهـ نـ ڪجهـ ضرور ڪري، جيڪو هر صورت ۾ ڪنهن نـ ڪنهن حوالي سان اُن ڌرتيءَ ۽ قوم لئـ ڪارآمد ثابت ٿئي.
    انسان خود کي ذاتين، پاڙن، رنگ، نسلن ۽ مذهبي مونجهارن ۾ منجهائي ڇڏيو آهي. اڄ جي دور ۾ سچ چوڻ، سچ ٻڌڻ، سچ لکڻ، سچ پڙهڻ ڪا ننڍي ڳالهـ ڪانهي پر. . . . . . پر. . . . . . اهو سچ آخر آهي ڇا؟ سچ اصلاح آهي، سچ تخليقي سگهاري قوت جو نانءُ آهي، سچ نئين سوچ، نون لاڙن، نون رجحانن کي جنمي ٿو. جنهن سان اُن قوم جو تعميري ادب سرججي ٿو. ڀلي کڻي ڪنهن جون بـ ساروڻيون، آتم ڪٿائون يا سوانح حيات لکيل هجن، اُهي ان وقت جي تاريخ جا ورق ليکيا ويندا آهن. ان ۾ بيان ڪيل واقعا توڙي جو ذاتي نوعيت جا ڇو نـ هجن پر اُهي ان دور جي سياسي، سماجي حالتن، شخصيتن، ادبي لاڙن، ريتن رسمن ۽ تبديلين جو مظهر هوندا آهن. اهڙوئي سچ جو سندرو ٻڌي قلم هٿ ۾ کڻي اسان جي ادبي دوست محترم نظام الدين لغاري صاحب بـ پنهنجي ساروڻين سميت سنڌي ادب ۾ پير پاتو آهي. پاڻ انتهائي شفيق ۽ پيار ڪندڙ انسان آهن، جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ، ادب سان چاهـ رکندڙ سائين راشد مورائيءَ ۽ سائين عبدالحڪيم ارشد صاحب جا ديوانا آهن. سائين راشد مورائيءَ تـ پنهنجا ڪتاب کيس وقت بوقت ڏياري موڪليندا هئا، پر هڪ دفعي لغاري صاحب فون ڪري سائين ارشد صاحب جو ڪتاب “ ڏيئا ڏات جا ” ڏياري موڪلڻ جو چيو. ڪجهـ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ لغاري صاحب کي فون ڪري چيم تـ ارشد صاحب جو ڪتاب نـ ٿو ملي، البتـ سائين راشد جي لائبرري ۾ هڪ ڪاپي ضرور آهي. اگر حڪم ڪيو تـ فوٽو ڪاپي ڪرائي موڪليان. پاڻ چيائين تـ ضرور، اُهي قرب ٿيندا. بعد ۾ ڪاپي ڪرائي اسلام آباد موڪليم ڳالهـ جو مقصد تـ ادب سان سائين جن جو پراڻو عشق آهي.
    سائين نظام الدين لغاري سان منهنجي ڏيٺ ويٺ بـ سائين راشد مورائيءَ جي پويان ٿي. هڪ دفعي سائين راشد کي چيم تـ قبلا اوهان لغاري صاحب کي فون ڪري چئو تـ اسان NCHD ملازمن جو فائيل سندن ٽيبل تي آهي، ان ۾ ڪا مدد ڪن . سائين راشد بـ دير ئي ڪا نـ ڪئي چيائين تـ هاڻي ئي نمبر ملائي تـ ڳالهايون ٿا. ڳالهـ ٿي، لغاري صاحب چيو تـ برابر فائيل ڪجهـ ڏينهن کان منهنجي ٽيبل تي پيو آهي، پر مون کي خبر ڪانهي تـ نجم صاحب بـ ان اداري ۾ ڪم ڪري پيو. خير ڪم ٿي ويو سائين جن بهتر Comments ڏيئي فائيل منسٽريءَ ڏانهن ڏياري موڪليو نـ رڳو ايترو پر مختلف وقتن تي فنانس منسٽري ۾ پڻ مدد ڪئي ۽ ان سان گڏ اسان جي ٽيم جي دوستن کي پڻ مان ۽ بهتر مشورا ڏنا ۽ رهنمائي ڪئي. الله پاڪ کين اَجُر ڏيندو دعا آهي تـ پاڻ سٺي صحت سان گڏ وڏي ڄمار ماڻين. باقي ڪتاب پڙهندڙ پنهنجي راءِ پاڻ قائم ڪندا، اُهو پڙهندڙن ۽ وقت تي ڇڏجي ٿو تـ سائين جن جي محنت سنڌي ادب ۾ ڪيتري جاءِ والاري ٿي. بحرحال آئون سائين جن کي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو جو پنهنجي حياتيءَ ۾ اهڙو ڏکيو ڪم سرانجام ڏنو اٿائون.
    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن
    تن جو صرافن اڻ توريو اگهائيو .“شاهـ”

    نجم سرهيو، مورو سنڌ.

    نظام الدين لغاري سان منهنجو هميشـ نيازمندي وارو رشتو رهيو آهي. جڏهن تـ فنانس ڊويزن ۾ اسان هڪ ئي ونگ ۾ گڏجي ڪم ڪيو آهي. اسان جا رشتا ناتا هڪ ساٿي عملدارن کان گهڻو گهڻو اڳتي نڪري ويا هئا. مون هميشـ هن کي اڳتي وڌڻ جي جستجو ۾ ڏٺو . ڪتابن جو شوق سندس ڪمزوري رهي آهي. هڪ Colleague جي حيثيت ۾ اسان هميشه عالمانـ گفتگو ڪندا رهيا آهيون. اڪثر اسان جي گفتگو جو محور پاڪستان جي ايڪانامي رهي آهي. مذهبي رواداري ۾ اسان جا خيال هڪ جهڙا ئي رهيا آهن، ها البت اسان جو ٽيون ساٿي هوندو هو محمد عثمان غني، جيڪو هميشهـ بهشت ۽ دوزخ جي چڪر ۾ رهندو هو. پرجڏهن جيئريون جاڳنديون حورون سامهون ڏسندو هو تـ ابدي دنيا واريون حورون هن کي وسري وينديون هيون. مذهب تي شروع ٿيل بحث ختم ٿيندو هو جهڙپ تي، آخر ۾، مون کي ۽ لغاري صاحب کي ملندا هئا ملحد ۽ دهرئيي جا لقب. اهو اسان جو رُسامي جو عرصو هلندو هو 8 ڏينهن. پوءِ وري ڳالهـ آئي ويئي ٿي ويندي هئي. لکيم پئي لغاري صاحب تي لکجي ويو محمد عثمان غني تي، ڇو جو هي بـ تـ اسان جي ٽي مورتي جي هڪ مورتي هئي. مطلب تـ اسان جو فنانس ڊويزن ۾ وقت ڏاڍو ڀلو گذريو.
    اسان ٻنهي جو لاڙ سنڌ جي ٻهراڙي واري پوئتي پيل علائقي سان تعلق آهي، تنهن هوندي بـ اسان سخت محنت ڪئي . اڄ اسان جنهن مقام تي پهتا آهيون اهو اسان جي محنتن جو نتيجو آهي. اسان جو اڪثر بحث سنڌ جا اقصادي ۽ معاشرتي مسئلا هوندا هئا. نظام الدين لغاري صاحب هميشه سنڌ جي ڪرندڙ تعليمي معيار ۽ اقتصادي اڻبرابري جهڙن مسئلن تي ڪافي ڳنڀير ٿي ويندو هو. مون هن کي هميشـ سنڌ جي مفادن تي جهڄندو ۽ جُهرندو ڏٺو. دعا آهي تـ الله کيس وڏي ڄمار ڏي ۽ سنڌ جي خدمت ڪندو رهي.

    ظفرالحسن الماس
    چيف پلاننگ ڊويزن، اسلام آباد

    نظام لغاري سان دوستي جو رشتو اڄ جو ڪونهي، انهي کي پورا 48 سال ٿي ويا آهن. جڏهن آئون اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. تڏهن کان وٺي اسان جو پيار جو ناتو جڙيو آهي.
    رپ هاءِ اسڪول جيڪو منهنجو ڳوٺ آهي. ان جا استاد، شاگرد ۽ ڳوٺ جا ماڻهو اسڪول ۽ هاسٽل جي وچ واري گرائونڊ ۾ والي بال راند ڪندا هئاسين. اسان ٻنهي کي سڏي گرائونڊ ۾ بيهاريندا هئا. شروعات ۾ تـ اسان بال کي ڌڪ هڻندي ڪري پوندا هئاسين. آئون اڳتي هلي راند ۾ سٺو رانديگر ٿي ويس پر نظام جو راند ۾ حال ڪو نـ هوندو هو. ادا گل محمد جمالي مسجد ۾ بـ پيش امام هوندو هو، ان سان گڏ نعتون پڙهندا هئاسين. هڪ نعت هوندي هئي انهي جي هڪ سٽ اڃا ياد آهي،“ منهنجو مصطفيٰ پاڪ پڌرو لکن ۾، جيئن گل گلابي آ سهڻو گلن ۾. ”
    نظام مئٽرڪ ڪري وڃي استاد ٿيو. ڪجهـ وقت کان پوءِ منهنجي LMC ۾ سليڪشن ٿي. نظام ڄام شوري مون وٽ ايندو رهندو هو ۽ آئون هن جي ڳوٺ گلاب لغاري ويندو هوس، بس اسان دوستي جي سڳي کي ٽٽڻ ڪو نـ ڏنو. منهنجو سدائين هن سان انهي ڳالهـ تي تڪرار رهندو هو تـ “توکي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي ڪجهـ ڪرڻ گهرجي. ” هن انهي منهنجي صلاح تي سنجيدگي سان سوچڻ شروع ڪيو. مسلسل محنت ۽ جدوجهد ڪري MA Economics ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. نوڪري لاءِ بـ هن ماڻهو ڪافي اڻ ٿڪ محنت ڪئي، نيٺ FPSC جي سفارش تي 17 اگريڊ ۾ ريسرچ آفيسر ٿي ويو. هي منهنجو دوست سڄي ڄمار هٿوراڻيون هڻندو ئي رهيو آهي. پوءِ دنيا ڏٺو تـ هي اسان جو دوست سڀني کي پوئتي ڇڏي ويو، تان جو 20 گريڊ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿي رٽائر ڪيائين.
    نظام لغاري تمام گهڻو حساس قسم ماڻهو آهي. سنڌ سان جند جُڙيل اٿس. سڌو بـ اهڙو جو ڪا بـ ڳالهـ نـ وڻندس تـ سنگت ۾ سڌو چئي ڇڏيندو، پوءِ ڪنهن کي وڻي ڪنهن کي نـ وڻي. رسندو پرچندو پر پيار کي وڌيڪ پختو ڪندو ويندو. نظام پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي ڪهڙن دوستن کي ڪهڙي جڳهـ ڏئي ٿو. اها تـ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ خبر پوندي. دعا آهي تـ اسلام آباد جي حسين ماحول جون حُسناڪيون سندس آتم ڪهاڻي ۾ موجود هجن ۽ پاڻ ائين ئي محبت ۽ پيار جا گل وکيريندو رهي.

    ڊاڪٽر عبدالعزيز ٿيٻو
    AMS
    لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال، حيدر آباد

    عشق جي راهن جو هڪ ثابت قدم مسافر
    موجوده بدين ضلعي جي هڪ ننڍي شهر گلاب لغاري ۾ چاچا مظهرلغاري جو هڪ ننڍو هٽ ( دڪان ) هوندو هو. هي انتهائي محبتي، خوش طبع ۽ فقير قسم جو سادو ماڻهو هو، انهي ڪري سندس دڪان تي اڪثر ٻارن جو ميڙو متل هوندو هو. انهي ڪري سندس گذران چڱو پيو ٿيندو هو. هي انتهائي سجاڳ ۽ باشعور ماڻهو هو، هن جي دڪان تي سنڌ جا مشهور سگهڙ مرحوم ڪامل لغاري ۽ دائم لغاري به ايندا رهندا هئا. انهي ڪري هن جو دڪان ادبي مرڪز پڻ هو. چاچا مظهرلغاري جو والد پڻ ڪچهري جو ڪوڏيو هو، هن جي اوطاق علم دوستن ۽ ڏاهن ماڻهن جي اچ وڃ جو مرڪز هئي . انهي سموري رس چس کي چاچا مظهر قائم رکندو پئي آيو، جنهن ڳالهه جي هاڪ ٻڌي مرحوم پروفيسر محبوب علي چنا ۽ ٻيا ڪجهه علم دوست ماڻهو به اچڻ لڳا، جلد ئي گلاب لغاري ۾ هن جو دڪان ۽ اوطاق ادبي ڏاهپ جو مرڪز بڻجي ويا. انهي ڪري سندس خواهش هئي ته سندس اولاد پڙهيو لکيو هجي. هو پاڻ به ڪجهه لکڻ پڙهڻ جهڙو هو. پر مالڪ هن خاندان کي وڏي آزمائش ۾ انهي وقت وجهي ڇڏيو، جڏهن چاچا مظهر لغاري جي وقت کان اڳي اوچتي وفات ٿي. پر سندس باهمت گهر واريءَ همت کان ڪم وٺندي، پنهنجن سمورين مجبورين کي پاسيرو رکندي پنهنجي ٻچن جي تعليم کي جاري رکيو.
    ان زماني ۾ گلاب لغاري ۾ صرف پرائمري اسڪول هو. انهي ڪري پنجين درجي کان اڳتي ٻارن کي پڙهائڻ رڪ جا چڻا چٻاڙڻ برابر هو. هن پنهنجي وڏي پٽ روشن الدين لغاري کي ته ٽنڊوغلام علي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو. سندس ٻئي پٽ نظام الدين لغاري جا وري ڀاڳ کليا، جو گلاب لغاري جي ڀر سان، هڪ ڳوٺ صوفي آباد ۾ سنڌ جي هڪ تعليمي گهڻگھري نواب حاجي محمد علي خان لغاري، هڪ برانچ مڊل اسڪول قائم ڪرايو، جتي انهي نواب صاحب جي ذاتي زمين هئي. انهي ڪري نظام الدين لغاري کي پنجون درجو پاس ڪرڻ بعد سندس ماءُ پهرين چمبڙ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو، جتان ڇهون درجو پاس ڪري ستين درجي ۾ اچي اسانجي اسڪول صوفي آباد ۾ اسان جو هم ڪلاسي ٿيو . آئون به جيئن ته انهي نواب صاحب جي هاري جو پٽ هئس ۽ انهي ساڳئي ڳوٺ ۾ ويٺل هئس، انهي ڪري نظام الدين سان ٿوري ئي وقت ۾ اسان جي ٻاراڻي دوستي ٿي ويئي. اٺون ڪلاس پاس ڪرڻ بعد اسان ٻنهي کي غربت سبب اڳتي پڙهڻ لاءِ ڪي به وسيلا نه هئا. پر اسانجو هڪ استاد سائين محمد بخش لغاري، اسانجي غربت ۽ پڙهڻ جي شوق کان متاثر ٿيو، هو بدين جي ويجهو هڪ هاءِ اسڪول رپ شريف ۾ پڙهڻ لاءِ مون کي، نظام الدين لغاري ۽ خان محمد لغاري کي داخل ڪرائي آيو. اتي اسان کي هم ڪلاسي هئڻ سان گڏ هاسٽل جي هڪ ڪمري ۾ رهڻ جو موقعو مليو. ائين اسانجي دوستي ڀائپي جي اڻٽٽ رشتي ۾ تبديل ٿي ويئي .
    رپ شريف جو هي هاءِ اسڪول لاڙ جي هڪ سخي مرد وڏيري حاجي محمد اشرف ٿيٻي قائم ڪرايو هو، جتي غريب شاگردن لاءِ سڀني سهولتن جو بندوبست وڏيري جي طرفان ڪيل هوندو هو. هن سخي مرد هن هاءِ اسڪول ۾ هڪ هاسٽل ۽ بورڊنگ جو سمورو انتظام بلڪل مفت ۾ ڪيو هو. اسان جي زماني ۾ سنڌ جو اهو سخي مرد وفات ڪري چڪو هو، پر وڏيري حاجي محمد اشرف ٿيٻي جو لائق پٽ حاجي محمد رحيم ٿيٻو، پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي، اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن جي سمورين سهولتن جو خيال رکندو هو. اسڪول ۾ شاگردن جي پڙهائي جو سخت انتظام قائم هو. اسان شاگردن تي اسڪول ۽ هاسٽل کان ٻاهر نڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ تي سخت پابندي هئي. اسان شاگردن کي اسڪول جي ڪم يا پابندي سان نماز پڙهڻ کانسواءِ ڪو به ڪم نه هوندو هو. هاسٽل جي بورچي خاني لاءِ ويجهڙائي مان ڪاٺيون ڪرڻ جي ذميواري صرف آچر تي موڪل واري واري ڏينهن رکيل هوندي هئي. اسان لاءِ اهو آچر جو ڏينهن عيد وانگر هوندو هو، جو اسان کي ڪاٺين جي بهاني آسپاس جو علائقو گهمڻ جو موقعو ملندو هو. انهي ڏينهن اسين ويجهو ئي وهندڙ ميرواه ۾ وهنجندا ۽ ڪندروءَ راند به ڪندا هئاسين. باقي ڏينهن اسڪول جي ويجهو هڪ پاڻي جي کاڻ ۾ وهنجڻ ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئڻ جي اجازت هوندي هئي. ائين رپ ۾ ٻه سال گذاري، بدين سينٽر مان مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي ڳوٺ پهتاسين. جلد ئي اسان ٻنهي کي ماستري ملي ويئي .
    نظام الدين جيڪو اسڪول ۾ پڙهائي جي دوران ڪو ايڏو هوشيار نه هو، پر هن محنتي انسان پنهنجي گهر ۾ موجود پنهنجي ڏاڏي ۽ پيءَ جي گڏ ڪيل لائبرري سان ياري رکي ڇڏي . هر هفتي ڊان اخبار جو سنڊي ايڊيشن به پڙهڻ لڳو، ڊڪشنريون به وٺي آيو . ائين هن انگريزي زبان ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري ورتي. مٿان وري اتفاق اهو ٿيو جو اسان کي پي ٽي سي ڪورس لاءِ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول مٺياڻي به گڏ موڪليو ويو، جتي وري هڪ سال گڏ هڪ ئي روم ۾ رهڻ جو ٻيهر موقعو مليو. مٺياڻي ۾ ڪورس دوران اسانجي مورو شهر ۾ سائين راشد مورائي سان دوستي ٿي ويئي. سائين راشد جي دوستي اسان جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آندي، اسان نه صرف قومي نظرئي سان هٿياربند ٿياسين، پر سائين جي ايم سيد سان به گڏجي پهرين ملاقات ڪري، قومي تحريڪ ۾ شامل ٿياسين. پي ٽي سي ڪورس مڪمل ڪري واپس ڳوٺ اچي، جيئي سنڌ محاذ ۾ جلد ئي شموليت ڪري بدين ضلعي ۾ قومي سجاڳي جي مهم ۾ شامل ٿياسين. هاڻي ته نظام لغاري جي اوطاق قومي جاگرتا جو مرڪز بڻجي ويئي. آئون پڻ روزانو اتي وڃڻ لڳس، هتي نوجوانن ۾ ادبي چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ قومي سجاڳي لاءِ پڻ ڄڻ هڪ آشرم جڙي ويو هو. سنڌ جا قومي اڳواڻ به اچڻ لڳا، جن ۾ عبد الواحد آريسر، راشد مورائي، سرور سهتو، دودو مهيري، محمد راهمون، تاج جويو اڪثر ايندا رهندا هئا.
    نظام الدين لغاري کي قومي جاڳرتا سان گڏ اڳتي وڌڻ جو به ڄڻ جنون هو. سندس ڀاءَ روشن الدين لغاري جي شماريات کاتي ۾ آفيسر ٿيڻ بعد هن کي به اڳتي وڌي آفيسر ٿيڻ جو شوق پيدا ٿيو. نظام الدين جي بي چين روح کي سک نه آيو هو. هو ڊان اخبار ۾ ايندڙ هر ايڊورٽائيز کي پڙهي درخواستون ڏيندو رهيو . مختلف جاين تي نئين نوڪري لاءِ ڀاڳ آزمائي ڪندو رهيو . آخرڪار اسلام آباد ۾ کيس نوڪري ملي ويئي ۽ هو سنڌ کي الوداع ڪري وڃي اسلام آباد ٿانيڪو ٿيو . هن محنتي انسان اتي جي سوشل سماج ۾ به پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي. اسلام آباد ۾ هن جو گهر سنڌ جي عاشقن جي لاءِ هڪ آشرم رهيو . هن محنتي ۽ اڻ ورچ انسان 17 گريڊ ۾ نوڪري شروع ڪري 20 گريڊ ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي پهچي، نوڪري تان رٽائر ڪيائين. ان بعد هن اسلام آباد ۾ پنهنجو گهر جوڙائي اتي مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي. اسلام آباد هڪ اهڙو شهر آهي، جتي ملڪ جي سياست جون سموريون ڳالهيون ظاهر ظهور پنهنجي اصلي روپ ۾ نظر اينديون آهن. هي سنڌ دوست انسان اتي رهي حالتن تي گهري نظر رکي سياسي ۽ اقتصادي تجزيا ڪندو ۽ لکندو رهندو آهي. انگريزي زبان ۾ سندس ملڪ جي معيشيت جي باري ۾ اقتصادي تجزيا پڙهندڙن جي وڏي رهنمائي ڪندا رهندا آهن. هن جي دل ۾ قومي خدمتن وارو جذبو اڃا تائين سلامت آهي. هو سگا جي پليٽ فارم تان اڃا به پنهنجي منزل عشق تي روان دوان آهي. شال سندس عشق سلامت رهي ۽ هي جيئڻ سان گڏ جاڳندو رهي.

    مشڪور ڦلڪارو، ٽنڊو محمد خان

    تاريخ ۽ انسان جو پاڻ ۾ گهاٽو سُٻند رهيو آهي. جڏهن کان حضرت انسان جو وجود ڌرتي محسوس ڪيو تـ تاريخ ان جا پيرا کڻڻ شروع ڪيا. اهو تاريخ ۽ انسان جو نـ ڇڄندڙ ناتو ازل کان ابد تائين قائم ۽ دائم رهڻو آهي. اهو مڃيل اصول آهي تـ موت ۽ ملاقات هميشـ اوچتو ٿيندي آهي. منهنجي سائين نظام الدين لغاري سان بـ هڪ اهڙي ملاقات 1998ع ۾ هڪ سنڌي شام ۾ ٿي، جيڪا شاهـ عبدالطيف ڀٽائي ڪميونيٽي سينٽر ۾ منعقد ٿي هئي. سائين سان سندس دوست مرحوم محمد ابراهيم نظاماڻي پڻ گڏ هو. تعارف ٿيڻ تي معلوم ٿيو تـ سائين جن پلاننگ ڊويزن ۾ ڪم ڪن ٿا. سائين سان وري ٻيهر ملاقات 2001ع ۾ ٿي. جڏهن عالمي بئنڪ سوشل ايڪشن پرگرام تحت اسان جي ٽريننگ جو بندوبست ڪيو هو. ٽريننگ جي آخري ڏينهن سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تقريب منعقد ٿي هئي تـ سائين نظام الدين لغاري صاحب SAP سيڪريٽريٽ طرفان ان تقريب جي خاص مهمان جي حيثيت ۾ اسان کي سرٽيفڪيٽ ڏنا هئا. ان کان پوءِ اسان جون ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ اسان دوست بنجي وياسين.
    گهڻي ويجهڙائپ تڏهن تي جڏهن اسان پاڪستان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ريسرچ سينٽر (PPARC) اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ گڏ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جيئن تـ نظام الدين لغاري صاحب ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت ۾ منهنجو سينئر بـ هو تـ سڄي آفيس جو انچارج بـ هوندو هو. جڏهن تـ DG جي پوسٽ ڪافي رعب تاب ۽ دٻدٻي واري هئي پر ان دوران هن ڪڏهن بـ خود کي بالا آفيسر محسوس ٿيڻ نـ ڏنو. باقي سرڪاري ڪم ڪار جي معاملي ۾ ڪنهن بـ قسم جي رعايت ڏيڻ جي لاءِ تيار نـ هوندو هو. سرڪاري قانون ۽ ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائڻ تـ آئون هن کان سکيس. هِن جي اچڻ سان ماڻهن جون سالن کان روڪيل مختلف گريڊن ۾ ترقيون ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. منهنجي خيال ۾ لغاري صاحب پنهنجي دور ۾ ماڻهن جون جيتريون ترقيون ڪيون اوتريون PPARC جي تاريخ ۾ ڪڏهن بـ ڪو نـ ٿيون هيون. ڀرتين ۽ پروموشنس ۾ لغاري صاحب ڪڏهن بـ پنهنجائپ کي اهميت ڪو نـ ڏني. ميرٽ کان هڪ انچ بـ هيٺ مٿي ٿيڻ لاءِ تيار نـ هوندو هو. مالي معاملن ۾ مون کي لڳو تـ سائين سنڌ جي ميمڻن ۽ شيخن جو سيکاريل آهي. شايد خزاني واري وزارت ۾ گهڻي نوڪري ڪرڻ ڪري سائين تي ان جو ڪافي اثر بـ ٿي سگهيو ٿي. مطلب تـ مالي معاملن ۾ سائين ڪڏهن بـ دنياداري واري اصطلاح کان ڪم ڪو نـ ورتو. ماڻهو سرڪاري پئسي تي درياهـ دل ٿيندا آهن، هي منهنجو دوست اڏ بـ ٽپي ڪو نـ سگهندو هو.
    نظام الدين لغاري شخصي زندگي ۾ پنهنجو پاڻ نڀايو آهي. هن زندگي جو مرتبو سنوارڻ ۾ ايترو تـ پنڌ ڪيو آهي. جو اسان لاءِ هڪ ڪامياب زندگي گذاريندڙ شخص طور مثال آهي. هن گلاب لغاري سنڌ ۾ پنهنجي ملازمت جي شروعات استاد جي مقدس پيشي کان ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي اعليٰ عهدي ڊائريڪٽر جنرل تان ريٽائر ڪيائين، جيڪو اسان جي لاءِ ڪاميابي جو هڪ وڏو رهنما اصول آهي. نظام صاحب عام رواجي زندگي ۾نهايت سادو سودو، سچ ڳالهائيندڙ، رب جي ذات کان ڊڄندڙ، پنج وقت نمازي، پر مُلن وانگر پهراڻ ۽ مُرين تائين سٿڻ نـ پائيندڙ ۽ نـ ئي وري نراڙ گسائڻ جو عادي، صفا سچو ۽ کرو ماڻهو. هو سنڌ جي مسئلن تي نوڪري وڃائڻ جي پرواهـ نـ ڪندي سچ لکندو رهيو. جيڪا هڪ بيباڪ ۽ سچي انسان جي نشاني آهي.
    رٽائرمينٽ کان پوءِ هن وقت هو اسلام آباد جي ٿڌين هوائن ۾ رهي ٿو. منهنجو ذاتي ڪمن سان گڏ سرڪاري ڪمن جي سلسلي ۾ ساڻس رابطو رهي ٿو. منهنجي خيال ۾ هن وٽ ڄاڻ جو وڏو خزانو آهي، جنهن کان گهٽ ۾ گهٽ آئون لاڀ حاصل ڪندو رهندو آهيان. ڌڻي در دعا آهي تـ سائين لغاري صاحب کي خدا وڏي ڄمار ڏي. هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي اهنجن جي نشاندهي لاءِ سدائين لکندو رهي. (آمين)

    عبدالمجيد نائچ،
    ڊائريڪٽر،PPARC اسلام آباد

    سائين نظام الدين لغاري صاحب، منهنجا ماما ۽ آئون سندس ننڍي ۽ اڪيلي ڀيڻ جو اڪيلو پٽ آهيان، جنهن کي خاندان ۾ سندس دوست هجڻ جو شرف حاصل آهي. آئون سندس گهڻو ويجهو رهيو آهيان. مون سندس زندگي کي هميشـ رنگين ئي ڏٺو آهي. (رنگين کي ڪير غلط پاسي نـ وٺي وڃي). پاڻ لکڻ پڙهڻ، گهمڻ،ڦرڻ ۽ ماڳ مڪان ڏسڻ جا شوقين، ادبي ۽ موسيقي جون محفلون اٽينڊ ڪرڻ سندس ڪمزوري رهندي آئي آهي. ايستائين جو اسان جي خاندان جي شادين ۾ وڏو ڀت يا دعوت هجي نـ هجي، پر راڳ رنگ جي محفل ضرور رچائڻي آهي. اسان ننڍن جي ذاتي ۽ عملي زندگي ۾ سندس ڪردار سدائين اهم رهيو آهي. پاڻ پنهنجي راءِ ڪڏهن بـ مڙهيندا نـ آهن. ها البت پنهنجي ڳالهـ جي حق ۾ ننڍا وڏا هزار کن دليل ڏيندا ويندا آهن. ڳالهـ جي هر پاسي کي نوٽ ڪرائيندا پر وري بـ پنهنجو فيصلو مڙهيندا نـ آهن. منهنجي ذاتي توڙي عملي زندگي جي هر مسئلي لاءِ سندس تجويزون ۽ تجربو منهنجي هر مشڪل راهـ آسان ڪندو وڃي. انتهائي پر خلوص، سچا، کرا ۽ سڌا ماڻهو، هر ڪنهن جو ڀلو چاهيندڙ، پر ڪنهن کي بـ تري ءَ تي بهشت رکي ڪو نـ ڏيندا. ها رستو سڌو ٻڌائي ڇڏيندا، راهـ لائيندا، باقي شارٽ ڪٽ جا هميشـ مخالف رهيا آهن. مون وٽس سٺي انسان جي يا پڙهڻ لکڻ واري نوجوان جي تمام گهڻي عزت ڏٺي آهي. ايتريقدر جو ساڻس گڏ اٿڻ ويهڻ کان بـ نـ ڪيٻائيندا، وڏ ننڍائي جون سڀ وڇوٽيون ۽ حدون ختم، سڀني سان هڪ جهڙو. اسان ڌڻي در دعاگو آهيون تـ هي جيڪو پنهنجي قد بت کان وڏا ٽهڪ ڏيندڙ ماڻهو آهي سو هميشـ خوش رهي ۽ سندس شفقت ڀريو هٿ سدائين اسان مٿان رهي، تـ جيئن آئون ذاتي طور ساڻس گڏ سنڌ ۽ دنيا گهمندو ۽ ڏسندو رهان. آمين.

    زبير احمد لغاري، گلاب لغاري
    پلاننگ آفيسر، هيلٿ ڊپارٽمينٽ، حيدرآباد

    سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ انهن ڳوٺن ۾ رهندڙ ڪيتريون ئي شخصيتون ۽ ڪردار جن ۾ زندگي گذارڻ جا پنهنجا طور طريقا ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل عالم فاضل کان ڪنهن بـ طرح گهٽ نـ هئا. جيڪڏهن انهن انمول شخصيتن ۽ ڪردارن کي ڪير قلم بند ڪرڻ وارو نه ملي ته هوند اهي ڳوٺن کي رونق بخشيندڙ اڻلڀ هستيون تاريخ جي صفحي تان هميشـ جي لاءِ ميسار جي وڃن ٿيون. بقول پير حسام الدين راشدي جي ته “سنڌي ادب جي سرجڻ ۾ جيڪو ڪردار سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جو رهيو آهي ا