مهاڳ
فارسي زبان جي عظيم ۽ لاجواب شاعر حافظ شيرازي جو هڪڙو تمام زبردست شعر آهي ته:
لطيف است نهاني ڪه عشق آرزو خيزد،
ڪه نام آن نه لبو لال و خط زنگاريست،
جمالِ عشق نه چشم است و زلف و عارض،
هزار نقطدارين ڪاروبارِ دلداريست.
“هيءَ نهايت ڳجهڙي ڳالهه آهي ته عشق جنهن هنڌان اُڀري ٿو، اُن جاءِ جو نانءُ نه ڳاڙها چپ نه ڪاري چت. ماڻهو جي سونهن نه اکيون نه زلف، نڪي ڳل، نه تِر آهن. دلداري جي هن ڳُوڙهي ڪاروبار جا هزارين نقطا آهن.”
واقعي ماڻهو جي سونهن جا ڪئين رنگ آهن. انهن رنگن کي رڳي ڪارين ڪجلين اکڙِين، ڳاڙهسرن ڳلن، گلابي چپن يا ڀنور ڪارن وارن تائين محدود ڪري نٿو سگهجي. نه ئي انهن رنگن کي ظاهري سونهن جي ٻين ڏيک ويک وارن روپن تي منجمند ڪري سگهجي ٿو. سونهن جا انيڪ زاويا آهن. اهي ظاهري به آهن ته لڪل به آهن. اهي رنگ روپ، منهن مهانڊي، قد ڪاٺ، هاٺي ۽ بت بيهڪ ۾ به آهن، ته ادائن، اشارن، مرڪن ۽ ٽهڪن ۾ به آهن، آواز ۾ به آهن، ٽور ۾ به آهن، ته اندر جي لڪل اونهائين ۾ پڻ پنهان آهن. سونهن لامحدود آهي. ان جون وصفون وسعتون ۽ درسن سڀ اپار ۽ ڌار آهن. اها هڪڙي ڪايا ۾ هوندي به ڪئين ڪايائون آهي.
ايئن دلبري، دلداري ۽ عاشقي جي ڪاروبار جا به ڪيئي نقطا آهن. عشق ڪيئن ٿو اُڀري، ڪٿان ٿو اڀري؟ دل ۾ ڪيئن ٿو لهي؟ ڪيئن ٿو ديرا ڄمائي؟ محبوب جي اها ڪهڙي ادا، ڪهڙِي وصف آهي، جيڪا عشق کي تحرڪ ٿي ڏي؟ سونهن جي اها ڪهڙي جهلڪ آهي، جيڪا عاشق جي اندر ۾ عشق جي احساسن ۽ جذبن کي مهميز ٿي ڏئي؟ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن اڀري ٿو؟ اهي وڏا سوال آهن. جن جي جواب کي حافظ ڳجهڙي ڳالهه ٿو ڪوٺي. نه چپ، نه چت، نه عارض، نه گيسوءَ، نه ڪنڍڙا ڪاڪل، نه ڳنڌيل وار، نه ڪاريون چڳون، نه لال لب. هيءَ اڃا ڪا ٻيءَ باک آهي، جتان عشق جو سج نمودار ٿو ٿئي.
اهڙي ريت اها به ڳجهڙي ڳالهه آهي ته عظيم شاعري ڪيئن ٿي سرجي؟ ڪٿان ٿي سرجي ان جو اصل سرچشمو ڪهڙو آهي؟ اها ڪهڙي سَر تان هنجن وانگر اڏار ڀري ٿي؟ ۽ ڪهڙي ساحل تي ڪونجن جيان ڪَرڪندي ڪُڻڪندي اچي لهي ٿي؟
ساڳئي نموني اهو به اهم نقطو آهي ته شاعري جي سونهن ڇا آهي؟ اها ڪهڙي ڳالهه هجي ٿي، جيڪا شاعري کي مجسم حسن بڻائي انساني دل ۽ دماغ تي اثر انداز ٿئي ٿي؟ ۽ کيس اهڙو تاثير ڀريو بڻائي ٿي جو ان جو اثر لهي نه ٿو لهي، يقيناً جڏهن شاعري جا سڀئي عنصر، عوامل ۽ لوازمات پاڻ ۾ ڳنڍجن، گڏجن ۽ جَڙجن ٿا، تڏهن ئي اهوڪيف، سرشاري، تاثر، معنيٰ خيزي ۽ حسن پيدا ٿئي ٿو. پنهنجي جڳهه تي اهو صحيح جواب آهي. پر ان جي درست هوندي به ڪا ڳالهه آهي، ڪجهه آهي، جيڪو رهجي وڃي ٿو. جنهن جو رهجڻ اڻپورائي جو احساس ڏياري ٿو. شاعري، شاعري جو حسن تشريحي وصف ۾ قيد ٿيندي به قيد جي دائري کان ٻاهر رهجي وڃي ٿو. مون کي هن موقعي تي ازرا پائونڊ ياد پيو اچي. ازرا پائونڊ جنهن کي شاعري تي ٻه ڀرپور، سگهارا ۽ بامعنيٰ ليڪچر ڏيڻ کانپوءِ به، بعد ۾ ائين چوندي ڀڻڪندي ٻڌو ويو ته “شاعري اِها ئي آهي، پرمون کي اڃا تائين اها خبر ناهي ته شاعري ڇا آهي!؟”
محمد ٻارڻ جي ڪوتا ڪتاب “جيون جهاڳ اجهاڳ” جو هيءُ مهاڳ لکندي منهنجي ذهن ۾ شاعري جي باري ۾ اهي سوال جاڳي اٿيا آهن. اهي سوال، جن جا جواب بنهه سولا به آهن ته ساڳئي وقت ڏاڍا ڏکيا ۽ پڪڙ ۾ نه ايندڙ پڻ آهن. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته شاعري ڇا آهي. پر اصل ۾ ڪير به نه ٿو ڄاڻي ته شاعري ڇا آهي. ان ڄاڻ اڄاڻ جي وچ ۾ ساهه کڻندي شاعري ماڻهن جي دلين، دماغن، احساسن، جذبن ۽ رت ۾ رچيل رهي ٿي. جنهن ماڻهو جي من ۾ شاعري ڪر نه موڙيندي هجي، انت اهو ماڻهو ئي مسلڪ تي ئي نه رهندو. آخرڪار شاعري کان پالهو ماڻهو، ماڻهو ڪيئن ٿو رهي سگهي؟ جيڪر انهي ڪري ئي هر ماڻهو جي من ۾ شاعري پاسا ورائيندي رهي ٿي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ان جي اثر انداز ٿيڻ جي سطح هر ماڻهو تي الڳ ٿلڳ رهي ٿي. اها هرڪنهن تي سندس سمجهه، مزاج، ماحول ۽ حالتن آڌار اثر انداز ٿئي ٿي. پر اها رهي منش جي من ۾ ٿي. پوءِ ڪي ماڻهو انهي معراج تي رسن ٿا، جتي شاعري سان سندس سنڱ سياپو عام معنائن کان مٿي اڀري بدلجي تخليقي ٿي پوي ٿو. هو تخليقڪار ٿي پون ٿا. نئين ڪويتا سرجين ٿا. سنڌ ته وري آهي ئي شاعريءَ جو ديس. شاعري سنڌ جي روح ۾ ساهه کڻي ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو عام شاعر ته پنهنجي جاءِ تي، هتي عظيم شاعرن جي به هڪڙي وڏي ۽ سهڻي قطار آهي. سنڌ کانپوءِ عظيم ۽ وڏن شاعرن جي اهڙي وڏي سُهڻي قطار هند، فارس ۽ عرب ديسن جي حصي ۾ آئي آهي. يقينن ڀاڳوند آهن اهي ديس، جن جي ڌرتي تي عظيم شاعريءَ جو جنم ٿئي ٿو.
شاعري کي عام طور تي ٽن خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: عظيم شاعري، سٺي شاعري ۽ عام شاعري. عظيم شاعري هر دور کي متاثر ڪندي آهي ۽ صدين جي سفر جي سگهه رکندي آهي. خود سٺي شاعري کي به وري خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ان جو جيڪو سڀ کان بلند ۽ مضبوط خانو هجي ٿو، اهو پنهنجي دور کي متاثر ڪندو. ٻرانگهون ڀريندو ڪڏهن ڪڏهن عظيم شاعريءَ جي دائري کي وڃي رسندو آهي. باقي عام شاعري سون جي ڇاڻ يا ڪچ وانگر ٿئي ٿي. جنهن کي شاهه ڪاريگر صرافن جي ڪوٺاري نصيب نه ٿيندي آهي. اها ڌار ڳالهه آهي ته عام پڙهندڙن يا ٻڌندڙن وٽ ڪڏهن ڪڏهن ڪائو ڪچ به اگهامجي ويندو آهي، ائين جيئن غريب ڇوڪرين يا عورتن وٽ سونهري پاڻيءَ ڏنل ڪوڙا ڳهه اگهامجي ويندا آهن.
موجودهه دور ۾ سنڌيءَ ۾ عظيم شاعري جو دارو مدار شيخ اياز، استاد بخاري ۽ نارائڻ شيام تي اچي في الحال بند ٿي چڪو آهي. هي موجودهه دور جي عظيم ٽمورتي آهي. جنهن جي ٻيءَ ڀر بهترين ۽ سٺن شاعرن جي هڪڙي لَنبي ۽ وڻندڙ قطار آهي. جنهن جو هڪڙو اهم ۽ ڀلوڙ نالو محمد ٻارڻ به آهي.
محمد ٻارڻ جي شاعري ۾ اهي سڀئي خوبيون، ڳڻ ۽ صلاحيتون موجود آهن، جيڪي بهترين شاعريءَ جو خاصو هونديون آهن. اهي سڀئي عنصر ۽ وٿون موجود آهن، جيڪي سخن وريءَ جي جان هجن ٿيون ۽ اهي سڀئي خاصيتون نظر اچن ٿيون، جيڪي شاعري کي باڪمال ۽ بلند بنائين ٿيون.
فڪري حوالي سان سندس شاعري ايڏي ڀرپور، گهڻ پاسائين ۽ وقتائتي آهي، جو سنڌ جي سڏ جو پڙاڏو ٿي لڳي. هو لفظن وسيلي پنهنجي دور جي تصوير ٿو ڪڍي. هن جا نقش ايڏا چٽا آهن، جو ڏسندڙ جي اکين ۾ لهي ٿا اچن. هڪ پاسي هو سنڌي سماج جي اندروني خامين، ڪوتاهين ۽ غلطين جي نشاندهي ٿو ڪري، ته ٻئي پاسي سنڌ ملڪ مٿان ڌارين جي غلبي، انياءَ، ڦرلٽ، نا انصافي، جبر ۽ غلامي کي پڌرو ٿو ڪري. هو رڳي انهن کي ظاهر نه ٿو ڪري، پر هو قومي غلاميءَ ڌارين جي غلبي، پنهنجن جي ڪاهلي ۽ سماجي بدعتن تي وار به ڪري ٿو، اڀري الري ٿو ۽ ماڻهن ۾ مزاحمت جا احساس پيدا ڪري ٿو. سندس قومي شاعري ڏاڍي سگهاري ۽ ڀرپور آهي. گڏوگڏ سندس شاعري ۾ جماليات به بلند سطح جي آهي. جنهن جو حسن اک کي موهي ٿو ۽ اندر ۾ رنگ ڀري ٿو. ماڻهو سندس شاعري جو حسن ميڙي مسحور ٿي ٿو وڃي.
فني حوالي کان به محمد جي شاعري ڏاڍي شاندار ۽ نرالي آهي. هن جي قافئي جي جڙت، تجنيس حرفي ۽ لفظن جو سٽاءُ ايڏو ته بهترين ۽ متاثر ڪندڙ آهي، جو گهڻن هنڌن تي هو لاڙ جي لاڏلي عوامي شاعر حاجي احمد ملاح جي ياد ڏياري ٿو ڇڏي. نه فقط ايترو پر هن جو شاعراڻو لهجو ايڏو سرل آهي جو پڙهندڙ ٻوليءَ جي لهرن تي لڙندو لڙندو اڳتي وڌندو ٿو وڃي. هڪڙو نفيس احساس آهي جيڪو محمد ٻارڻ جي شاعريءَ مان اسري پڙهندڙ جي اندر ۾ لهي ٿو اچي. هن جا غزل هجن يا وايون توڙي نظم. هن جي لهجي جي سرلتا، رواني، عواميت، ٻوليءَ جو حسن ۽ فني سونهن ڪٿي به جهڪي ۽ جهيڻي نه ٿي ٿئي.
“جيون جهاڳ اجهاڳ” جو مسودو پڙهندي آئون ڪيترن ئي شعرن تي نشان هڻي ويس. پر هاڻي جڏهن انهن تي نظر وجهان ٿو ته لڳيم ٿو ته ايترا سارا شعر نه ته هتي ڏيڻ ممڪن آهن ۽ نه ئي وري ان ڳالهه جي ڪا ضرورت ئي آهي. تنهن هوندي به روايت کي ملحوظ رکندي آئون ڪجهه شعر هتي حوالي طور پيش ڪريان ٿو ته جيئن ڪوتا جي ڪاڪ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ مهاڳ جي هن دريءَ منجهان پڙهندڙ ڪوتا ديويءَ جو هلڪو درشن ڪري سگهن.
ڪليون پيون لتاڙجن، سڳنڌ تي پابندي لڳي،
جلاد دور ۾ ڏسو، گلاب روليا ويا.
پياڪ روپ جا سدا ٿا مرڪ جون مڌون گهرن،
اداس مئڪدا ٿيا، شراب روليا ويا
*
مظلوم جڏهن اٿندا ايوان لُڏي ويندا،
سڀ ظالم سندا پختا زندان لڏي ويندا،
مسڪين مڙي هڪ ٿي حق پنهنجا جڏهن گهرندا،
مروان ڏڪي ويندا، شيطان لڏي ويندا.
*
نه هاڻ ننڊ ۾ سمهو ٿيو سجاڳ ساٿيو!
هٿن منجهان وڃي پيو هي راڄ ڀاڳ ساٿيو!
تو گُهور ڪئي ويا سور لهي، مونکي سپنن جي تعبير ملي،
هڪ مرڪ ڇڏيو ماحول لُٽي، جيون کي نئين تعمير ملي.
*
گيت اياز جو، شاهه جي راڳڻي،
ٿي لڳي ساهه کي پدمڻي ڪامڻي.
ڇرڪ ۾ جي ڀڄي، پو جا جهانجهر وڄي،
ان تي ڇمڪار کي، ڇاپي ڪا ڇاپڻي!
پيار سان جي سڏي، هانءُ ٺاريو ڇڏي،
تي ته “ٻارڻ” لڳي، هير ڄڻ ڏاکڻي!
*
او سانوڻ! سگهڙو ورجان تون،
من. تُنهنجي اچڻ تي محب اچي،
ڪا ڄڃ وٺي اچ ڪڪرن جي،
ڪر اولهه اوڀر وسڪارون
من تنهنجي اچڻ تي محب اچي.
*
حقيقت ۾ هيءَ چند جهلڪيون آهن. محمد ٻارڻ جي خوبصورت شاعري اڃا اڳتي آهي. جنهن جو پنهنجو حسن آهي، پنهنجو جادوءَ آهي ۽ جنهن ۾ پڙهندڙن کي پنهنجي سحر ۾ وٺي ڇڏڻ جي بيپناهه شڪتي موجزن آهي.
سنڌي ٻولي جي عظيم، ٻهڳڻي ۽ جديد شاعر شيخ اياز جي هڪڙي لاجواب نظم جون سٽون آهن ته:
جي ڪوتا تُنهنجي ڪاڄ اچي،
مان ٻيهر تو لئه ڳائيندس.
انهن سٽن کي سامهون رکندي آئون بنا ڪنهن جهجهڪ ۽ هٻڪ جي، پڪ سان چئي سگهان ٿو ته محمد ٻارڻ جي شاعري املهه، لاڀائتي ۽ ڪاڄ اچڻ جهڙي شاعري آهي. اها جڏهن هن مجموعي جي صورت ۾ پڙهندڙن تائين پهچندي، تڏهن نه فقط پڙهندڙن جي دلين کي گرمائيندي، پر هن دور جي اڻٽر گهرجن جي حوالي سان به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. يقيناً هيءَ شاعري نه صرف ٻيهر ٽيهر، پر هر وار ڳائڻ جهڙي شاعري آهي ۽ ديس توڙي دلبر سان محبت ڪندڙ دليون ان کي سدائين ڳائينديون ئي رهنديون.
31 ڊسمبر 2009ع
نواز خان زئور
ڳوٺ احمد خان زئور
ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو.