آدمي کي اَوّس، آدمي کي اَوّس، آجپو ٿو کپي. سوچ کي لوچ کي، ڪونه گُهرجي قفس، آجپو ٿو کپي. ڪنهن قبوليو ڪڏهن، ڪونه بيجا حبس، آجپو ٿو کپي. قيدِ جنّت منجهان، نيٺ نڪتو نفس، آجپو ٿو کپي. بند هر ٽوڙبو، نامناسب نحس، آجپو ٿو کپي.