اکين ڪونه اهڙو، ڏٺو اڳ مثال.
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.
ڪيو موت مارو، ملڪ راڄ ۾،
ويا ڪيئي کاڄي، انهيءَ کاڄ ۾،
جتان لاش آيا ڀري اسپتال،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.
وري ويرَ سامونڊي، دهشت ڪري،
ڇڏيو تنهن ڏکوين کي ڏاري ڏري،
هزارن جو هيڪاندو، هئي هئي وصال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.
هليو مينهن طوفان، ڇٽيهه ڪلاڪ،
وڌا تنهن فراقن، تي واري فراق،
ٿيا ڪيترا ماڻهو، بيوس بتال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.
سڄو پاسو سامونڊي، سختيءَ اندر،
بديڻن کان بربادي ڪيٽي بندر،
ٿي صغرا قيامت، جياپو محال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.
لڙهي گهر ويا ڪئين، ويا ور رُلي،
هوا سخت سامونڊي اهڙي گهُلي،
جيئڻ ٿي پيو جاڙ جنجهٽ جنجال،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.
ڇنا موت مائن کان ڪونڌر ڪَٺا،
ٻڍاپي ۾ جن تي، وڇوڙا وٺا،
انهن مائرن جو، ٿو ماري ملال،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.
ڪٿي ڀاءُ ڀيڻن، کي ويڙا ڇڏي،
ٿڪيون ڀينرون ڀائرن کي سڏي،
ڪٿي ڀينرن اڳ، ڪيو انتقال،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.
ونين کان ويا سر، جا سائين سهاڳ،
ڏکوين کي ڏاڍو، ڏکايو ڏهاڳ،
ٿيا جاڙ تن لئه، جواني جمال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.
نه ڪانڌي نه شامون، نه مليو ڪفن،
لڙهيا لاش ڪيئي، ٿيا ڪي دفن،
نه مانيون نه ختمه نه فاتح جي ڳالهه،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.
مئي ويهه ۽ سال نوانوي،
انهيءَ جهڙي شامت نه ڪنهن تي پوي،
انڌوهناڪ اهڙو، ڪو واقعو وبال،
ڪيو مينهن طوفان سنڌ سان جو حال.
اي انسانو ان مان، سبق ڪو وُٺو،
مصيبت اچڻ کان، ڪجي اڳ سَٺو،
اچي شل نه اهڙو، ڪو ظاهر زوال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.
سگهو هاڻ “ٻارڻ” الله ياد ڪر،
ذڪر رب سان دل، پنهنجي آباد ڪر،
هميشه آ قدرت، جو قائم ڪمال،
ڪيو مينهن طوفان، سنڌ سان جو حال.