مهاڳ آغا سليم
مان جڏهن به الطاف جا سفرناما پڙهندو آهيان، مون کي سنڌ جو اهو زمانو ياد ايندو آهي جڏهن سنڌيءَ لاءِ هن جي ديسَ جون سرحدون، سندس اباڻي ڳوٺ جي دنگ تي ختم ٿي وينديون هيون ۽ ان کان اڳتي پرديس شروع ٿي ويندو هو. مارئيءَ جي ساري وطن پرستي سندس ماروئڙن جي ملير تائين محدود هئي. اها ته تمام پوءِ جي ڳالهه آهي جو سنڌ جي قومپرستن، مارئي جي ملير کي، ساريءَ سنڌ تي پکيڙي ڇڏيو. اسان جي لوڪ گيت واري ان ونيءَ لاءِ لاڙ به وڏو پرديس هو. جنهن، پنهنجي وَرَ کي اتر جون گرميون ڇڏي، لاڙ جي ٿڌڙي هوائن جي هنج ۾ وڃڻ کان ٿي جھليو ته:
سهڻا، تون نه وڃ لاڙ، پکو مان جھلندي سانءِ.
ڪراچيءَ کان پنجاب ويندڙ ٽرين ۾ روهڙيءَ کانپوءِ، ورلي ڪو سنڌي نظر ايندو. هوندو ته وڌ ۾ وڌ گهوٽڪيءَ يا ڏهرڪيءَ تائين. سنڌ کان ٻاهر ڪو سنڌي ڏسبو هو ته ڏسڻ واري کان دانهن نڪري ويندي هئي ته “اڙي سنڌي.....!” حيرت ۾ ٻُڏل انهن ٻن اکرن ۾ سنڌيءَ جو سفر ڏانهن رويو پيو جھلڪندو هو. حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته ساڳيءَ مٽيءَ مان پئدا ٿيڻ ۽ ساڳين هوائن ۾ ساهه کڻڻ واري هندو ۽ مسلمان سنڌيءَ جي سفر لاءِ سڀاءَ ۾ ايڏو تفاوت هو جو سنڌي هندوءَ لاءِ ساري دنيا سندس ٻرانگ ۾ هئي ۽ سنڌي مسلمان لاءِ ڳوٺ کان پرڀرو وهندڙ واهه جي پرئين ڪڙ به پرديس هئي. لطيف سائينءَ جي سُر سامونڊي جا وڻجارا به هندو هئا، جن کان، لنڪا جي سون جي سُڻي، سک سان ويهڻ نه ٿيندو هو، ۽ پرههَ جو پڳهه ڇوڙي کارو کيڙيندا هئا ۽ جعن جي وڻجاري ونجهه کي وَرَ وجھي پئي روئندي هئي.
ڏٺي ڏيئاري، سامونڊيءَ سڙهه سنباهيا،
وجھو وَرُ ونجهه کي، روئي وڻجاري،
ماريندءِ ماري! پرههَ سور پرين جا
سنڌ ورڪي ته ديسان ديس پيا وڻج واپار ڪندا هئا..... هڪ ئي ڌرتيءَ جي ٻن ڄاون جي سفر لاءِ سڀاءَ ۾ ايڏي تفاوت جو سبب ڇا هو؟ ان سوال جو جواب ته ڪو سماجي سائنس جو عالم ئي ڏيئي سگهي ٿو. مان ته رڳو پنهنجو اندازو ئي ٻڌائي سگهان ٿو، منهنجي خيالَ ۾ سڀائن جي ان تفاوت جو سبب ٻنهي جو جُدا جُدا سماجي سرشتو هو. سنڌي مسلمان قبائلي ۽ نيم جاگيرداڻي سسٽم ۾ جڪڙيل هو ۽ سنڌي هندو، ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ کان به اڳ، سرمائيداراڻي سماجي سرشتي ۾ داخل ٿي چڪو هو، ان ڪري ئي مسلمانن کيس واڻيو چوندو هو، جنهن جي لفظي معنٰي وڻج واپار ڪرڻ واري جي آهي....... پر هاڻي حالتون بدلجي چُڪيون آهن ۽ سنڌيءَ جي اندر ۾ پکڙيل تصوف ۽ قناعت جو ڪوهيڙو وٽڙڻ لڳو آهي. اڳي هن کي رڳو اڇي ماني ۽ اڇو لٽو گهربو هو، هاڻي هن کي اڇو ڪالر گهرجي ۽ اڇو ڪالر حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي وڏا ڏونگر ڏورڻا پون ٿا. هاڻي اڇي ڪالر واري جي وَني، پکو جھلي پرينءَ کي لاڙ وڃڻ کان نٿي جھلي، پر کيس زوريءَ پرديس ٿي اُماڻي، هوءَ ايئرڪنڊيشن کانسواءِ اُتر جي گرميءَ ۾ رهي نٿي سگهي. هاڻي سنڌي سڙهه سانباهي نڪري پيا آهن. مون هنزه جي سيءَ ۾ ڪنبندڙ پهاڙن ۾ بئنڪ ۾ نوڪري ڪندڙ سعيد آباد جو جمالي ڏٺو، گلگت ۾ ماستري ڪندڙ لاڙڪاڻي جو موريو ڏٺو، ڪشمير جي سرحدن جي برف پوش پهاڙن جي هنج ۾ سنڌي ڊاڪٽر ڏٺا ۽ الطاف شيخ کي دنيا جي هڪ بندرگاهه کان لنگر پٽي ٻئي بندرگاهه تي لنگر انداز ٿيندي ڏٺو.......!
اُنَ زماني ۾ سنڌيءَ ۾ ورلي ڪو سفرنامو ڇپيندو هو ۽ هاڻي ته رڳو الطاف شيخ جا الائجي ڪيترا سفرناما ڇپجي چُڪا آهن، منهنجي خيالَ ۾ ماضي قريب ۾ سنڌيءَ ۾ جيترا سفرناما ڇپيا آهن، پاڪستان جي ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ايترا ڪونه ڇپيا آهن. اسان وارو نصير مرزا جيستائين ولايت وڃي تيسيتائين ڪنهن دوست جي ڳوٺ ويندو آهي ته سفرنامو لکندو آهي ۽ سندس هڪڙي دوست جو چوڻ آهي ته اسين انتظار ٿا ڪيون ته نصير مرزا ٽنڊي ٺوڙهي کان ريڊيو اسٽيشن تائين جو سفرنامو ڪڏهن ٿو لکي.......؟ سفرنامن جي ايڏي انگ مان به خبر پوي ٿي ته سنڌيءَ هاڻي ماني ڳڀي جي ڳولها ۾ يا سير سياحت لاءِ ٻيڙا ٻار ۾ وڌا آهن.
الطاف جيترو سفر ڪيو آهي، ڪنهن زماني ۾ انگليند جو ڪو لارڊ الطاف کان چوٿين پتيءَ تي سفر ڪندو هو ته سندس سفر کي Grand Tour چيو ويندو هو. 1670ع ۾ Richard Lessels نالي هڪڙي سياح، روم ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جي سياحت ڪئي ته سندس ان سياحت کي گرانڊ ٽوئر سڏيو ويو. پوءِ اهڙي سياحت جو ايڏو ته رواج پيو جو ماڻهو يورپ جي جدا جدا ملڪن جي سياحت ڪري اُتان جون رسمون، رواج ۽ فيشن سکي ايندا هئا ۽ انهن کي انگلينڊ ۾ اچي رائج ڪندا هئا. مٿهين طبقي ۾ اهڙو سفر ڪرڻ تهذيب جو اهڃاڻ سمجھيو ويندو هو، ايستائين جو انگلينڊ جي راڻي، پنهنجي درٻارين کي سرڪاري خرچ تي، يورپ جي بادشاهن جي درٻارن ۾ موڪليندي هئي ته جيئن هو اتان درٻار جا اَداب سکي اچن ۽ پوءِ راڻي اهي آداب پنهنجي درٻار ۾ جاري ڪندي هئي. سر سڊني فلپ نالي، راڻي جو هڪڙي درٻاري، ٽي سال يورپ جي درٻارن ۾ درٻارين جا آداب سکندو رهيو..... آهستي آهستي ٻاهرين ملڪن ۾ اُٿڻي ويهڻيءَ ۽ فيشن جي اهل جو انگلينڊ ۾ ايڏو رواج پئجي ويو جو شاعرن، انهن تي ٺٺولي ڪرڻ شروع ڪئي. Restoration Dramatists موضوع تي طنزه ڊراما لکيا. سنڌيءَ ۾ به ايڏا ته سفرناما لکيا ويا جو سنڌي سياحن لاءِِ ڪالم لکجڻ شروع ٿيا ته سنڌي سفر تي ويندو آهي ته ان ملڪ جي ايئرپورٽ تي پهچڻ کان اڳ ئي اُتان جي حسينه، ساڻس رومانس ڪرڻ لاءِ، سندس انتظار ۾ ايئرپورٽ تي بيٺي هوندي آهي.
مون الطاف جا گهڻا سفرناما نه پڙهيا آهن جو چئي سگهان ته ڪهڙي ڪهڙي بندرگاهه تي، ڪهڙي ڪهڙي حسينه، ساڻس رومانس ڪرڻ لاءِ، سندس انتظآر ۾ بيٺي رهي، پر مان سمجھان ٿو ته ان معاملي ۾ الطاف نهايت خشڪ ثابت ٿيو آهي. ايسيتائين جو خيالي حسينائن سان رومانس جا خيالي مزا به وٺي نه ڄاڻي..... هن جي جنهن سفرنامي جو مان مهاڳ ٿو لکان، ان جو نالو پڙهي ئي ماڻهوءَ جي دل چوندو ته وضو ساري پوءِ سفرنامو پڙهڻ شروع ڪجي...... ساري سفرنامي ۾ رڳو ٻه عورتون نظر ٿيون اچن، هِڪَ سندس دوستَ جي زالَ آهي ۽ ٻي ڀيڻ، ٻئي گهر جي بورچي خاني جا ٿانوَ کڙڪائي الطاف کي ننڊ مان ٿيون جاڳائين ۽ الطاف ٿانون جي کڙڪي سان جاڳي، ننڊ جي کيپن ۽ مسجد نبويءَ ۾ نماز پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ جي خواهش جي ڇڪتاڻ ۾ نظر ٿو اچي.
الطاف جو هي سفرنامو سندس مدينه جو سفر جو Personal Account به آهي ته حاجين لاءِ رهنما ڪِتاب به آهي. ڪِتاب ۾ مديني جون مقدس ۽ تاريخي جايون پنهنجي جاگرافيائي ۽ تاريخي پس منظر سان نظر ٿيون اچن ته ساڳي وقت دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو به پنهنجن ڏکن ڏولاون ۽ اهنجن ايذائن سان نظر ٿا اچن. ڪفيل، ويزا جو ڪاروبار ڪرڻ وارا، گهر تڙ وڪڻي، ويزا وٺي، ڳڀي جي ڳولها ۾ هِتي آيل مجبور ۽ بي وس انسان. ڪي هتي خوش آهن، ڪي ناخوش آهن. ڪي لاءِ رُکي سُکي به پنهنجي ديسَ ۾ چڱي، پر ڪن لاءِ (عينڪون وڪڻندڙ هڪ بنگالي) وطن توڙي يورپ ۽ آمريڪا کان به وڌيڪَ سُک چين سعودي عرب ۾ آهي. مقامي ماڻهو ڪنهن کي خيرات ڏيندو آهي ۽ ان سان هن کي جيڪا روحاني خوشي ٿيندي آهي، اها به ان ڏيڻ واري جي غرور جي بدليل صورت ئي هوندي آهي!
سعودي عرب ۾ امن آهي ۽ لاقانويت ڪانهي. ان ڪري جو بادشاهه (جنهن جو اسلام ۾ تصور ئي ڪونهي) پنهنجي بادشاهت کي قائم رکڻ لاءِ اسلامي قانون جاري رکيا آهن، پر اُتي اسلامي ڀائپيءَ جو تصور اهو آهي جو پاڪستان يا دنيا جي ٻئي ملڪ مان آيل مسلمان ڀاءُ کي، غلام واري حيثيت حاصل آهي ۽ ساڻس اسلامي عدل اُهو ٿو ڪيو وڃي جو ڪو عرب سندس زال جي عزت ۾ هٿ ٿو وجھي ته به پوليس پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگالي مسلمان کي تنبيهه ٿي ڪري جو هنن کيس سوگهو جھليو هو.......!
رياض جو ايئرپورٽ نهايت سهڻو ۽ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ايئرپورٽ آهي پر، مسافرن جي حالت هميشهه يتيمن ۽ ننڌڻڪن واري .... اميگريشن آفيسر ڪمپيوٽر جي Keys کي آڱرين سان ٺونگا هڻي، اڌ انگريزي ۽ اڌ عربي ۾، ڪمپيوٽر ٺاهڻ واري ڪمپنيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ۽ پاسي وارن آفيسر کان پڇا ٿو ڪري ته انهن جا ڪمپيوٽر ڪم ڪن پيا يا نه؟ اهي وري مٿي تي ٻڌل رومال کي مختلف اسٽائيل ۾ set ڪري انڪار ٿا ڪن ۽ ڪمپيوٽر کي repair ڪرڻ واري جو انتظار ٿا ڪن ۽ مسافرَ بي وس، لاچار ۽ نڌڻڪا ٿيا قطار ۾ بيٺا آهن.......
پاڪستان ڪُت خلق کي نيڻَ وارو جهاز...... ٽي سو مسافر ۽ ٻه ٽئاليٽ..... هر وقت ڇهه ست مرد ۽ عورتون در تي.....! ڪو در پيو کڙڪائي ته ڪو پريشان آهي...... ٽائيليٽ، ٽشو پيپرن ۽ پنن سان ڀريل...... ڪموڊ چوڪ ٿيل.... ويهڻ جي سيٽ تي ٻارن جو گند سان ڀريل نيپڪن..... انهن کي ڦٽو ڪرڻ لاءِ نه ڪا باسڪيٽ ۽ نه ڪا ڊسپوزل بيگ.....
اميگريشن واري جي غلطيءَ سان پاڪستاني مسافر جو ڪمپيوٽر نمبر هيٺ مٿي ٿي ويو آهي. هو سخت پريشان آهي، جو هن کي، ايئرپورٽ جي اندر نٿا ڇڏين..... پاڪستاني مُسافر کي اختياريءَ وارن کي سمجھائڻ ۾ اٺ ڪلاڪ لڳي ويا. مقرر وقت تي رواني ٿيڻ واري فلائيٽ وڃي ٿي Delay ٿيندي ۽ هاڻي مقرر ٽائيم ڏهين وڳي هلڻ جي بدران، آڌيءَ رات جو هڪ بجي هلندي..... ايئرپورٽ تي نفسانفسيءَ وارو عالم آهي ۽ ان نفسانفسيءَ ۾ الطاف سڀ کان پاسيرو ويٺو آهي ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي پاڪستاني دوست جي سامانَ جي حفاظت به پيو ڪري ۽ دنيا جي مختلف ماڻهن جي سڀائن ۽ مزاجن جا چٽَ به پيو چَٽي. سست رفتار مليشيائي..... وڏا جُبا ۽ پٽڪا پاتل ڪارا ڊگها سوڊاني، جيڪي پاڪستانين وانگر داداگير به آهن....... ايئرپورٽ جي پَٽَ تي ويٺل روس جي مسلمان رياستن جا حاجي.... دولت منديءَ وارو ٽور ٽلندڙ برونائيءَ جا شهري...... ٻُچين ڏاڙهين ۽ سادن ڪپڙن وارا چيني.... ڀر ۾ تڏو وڇائي ٽن ڏينهن کان ويٺل تُرڪ..... الائجي سندن وطن واپس ورڻ جو وارو ڪڏهن ايندو....!؟
ايئرپورٽ جو اهو منظر پڙهي مون کي ائين لڳوڄڻ اهو منظر الطاف جي حياتيءَ جي تمثيل آهي. هو زندگيءَ جي هَڻ وَٺُ ۽ نفسانفسيءَ ۾ ڦاٿل هوندي به ڄڻ سڀ کان پاسيرو ويٺو آهي ۽ جهاز به پيو هلائي ته سفرنامو به پيو لکي. سندس اهي سفرناما مختلف هنڌن، ملڪن ۽ جاين جون سماجي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي تاريخون به آهن ته اُتان جي رهاڪن جي مزاجن جا چٽ به آهن جن کي پڙهڻ سان دنيا وڌيڪَ حسين ۽ ماڻهو ڀائپيءَ جي رشتي ۾ وڌيڪَ ڳنڍيل محسوس ٿئي ٿو..... منهنجي خيالَ ۾ جيڪو ڪِتاب اهڙي قسم جا احساس جاڳائي ان کي اسين وڏو ادب سڏي سگهون ٿا.
آغا سليم
ايڊيٽر جاگو
ڪراچي
2 فيبروري 1997