هي شهر ينبو (ينبع)
ينبو شهر جيڪو پکيڙ ۾ ڄڻ حيدرآباد کان ڄامشوري تائين پکڙيو پيو آهي. پر آدمشماري فقط سٺ هزار اٿس. . يعني ڪوٽڙي يا سيوهڻ کان به گهٽ. اصل باشندن کان ٻيڻا ٽيڻا. . اٽڪل ڏيڍ لک کن ڌارين ملڪن جا ماڻهو هتي رهن ٿا. جيڪي گهرن، دڪانن، عمارتن، رستن، ڪارخانن ۽ کجين جي باغن ۾ ڪم ڪن ٿا. ينبو شهر کي ٻه بندرگاهه آهن. ينبو شهر ۾ هڪ پراڻو بندرگاهه آهي جيڪو تجارتي بندرگاهه Commercial Port of Yanbu سڏجي ٿو ۽ ٻيو وچ شهر اسلام آباد وانگر نئون ٺهيو آهي ۽ واري آباد وانگر طريقي جو آهي. اسلام آباد گادي جو هنڌ آهي جِتي سرڪاري آفيسون ۽ سفارت خانا آهن. هتي پيٽرول ۽ پيٽرول سان واسطو رکندڙ ڪيميا جا ڪارخانا آهن. Petro-Chemical کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪارخانا آهن. جهڙوڪ پلاسٽڪ جا، رنگ روغن جا، ٿانون ۽ ڪاٺ جي ڪم جا، کاڌي پيتي جي شين جا...... شهر جو هي حصو ۽ بندرگاهه “ينبو انڊسٽريل پورٽ” سڏجي ٿو. هتي تيل ۽ گئس کڻڻ جا جهاز اچن ٿا. غير ملڪي انجنيئرن، ڪيمسٽن ۽ اعلى هنرمندن لاءِ هتي هڪ خوبصورت رهائشي علائقو آهي. جيڪو Royal Commission سڏجي ٿو.
ينبو شهر يا بندرگاهه جي تواريخ ڪا خاص پراڻي ناهي. جن ڏينهن ۾ بابر هندستان جو بادشاهه هو، تڏهن کان هن جو نالو ٻڌڻ ۾ آيو.... يعني سورهين صدي کان وٺي. ويهين صديءَ جو شروع وارو اڌ ينبو بندرگاهه حاجين لاءِ مشهور هو. مڪي ۽ مديني ايندڙ حاجي ينبو پورٽ ذريعي ايندا هئا، جيئن اڄ ڪلهه جدي کان اچن ٿا. ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ حاجين جي لهڻ لاءِ جدو مقرر ٿيو. هينئر به مصر، آلجيريا، لبيا، موراڪو ۽ يورپ پاسي کان سامونڊي جهازن جا مسافر ينبو ۾ لهي پوءِ باءِ روڊ مديني يا مڪي پهچن ٿا، جو سئيز ڪئنال ٽپڻ بعد پهرين ينبو اچي ٿو ۽ ويهن ڪلاڪن بعد جدو. پر پاڪستاني حاجين يا ٻين ايشيائي ملڪن کان ايندڙن لاءِ جدو ويجهو آهي.
ينبو ايندي وقت، هوائي جهاز جي وڌيڪ هيٺ ٿيڻ تي سمنڊ جو ڪنارو صاف صاف نظر اچڻ لڳو. نيرو سمنڊ ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل پاڻيءَ جا جهاز اکين ۽ دل کي وڻي رهيا هئا. پڪ اٿم ته منجهن رهندڙ جهاز جو عملو منهن مٿو پٽي رهيو هوندو جو کين ٻاهر نڪرڻ ۽ شهر گهمڻ ڦرڻ جي موڪل نه ملي هوندي. سعودي عرب جي بندرگاهن ۾ جهازين کي گهمڻ ڦرڻ جي موڪل ملي ئي ڪانه. گهڻيون دانهون ڪوڪون ڪرڻ تي هڪ حصي کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ملي. ڪيترا ته موڪل ملڻ تي به ٻاهر نه نڪرن جو ڪيترا ڏينهن سمنڊ تي جهاز هلائي، ڪناري تي پهچي، جهاز جي قيد مان آزاد ٿي جهازي/ خلاصي جيڪي ٺينگ ٽپا ۽ موج مستي ڪرڻ چاهي ٿو اها سعودي عرب ۾ نصيب نٿي ٿي سگهي. سعودي عرب ڪيترين ڳالهين ۾ ٻين پاڙيوارن ملڪن کان عجيب آهي. نه ٽي وي تي ڪنهن عورت جو ناچ گانو اچي نه ڪنهن آفيس دڪان ۾ عورت کي نوڪري ڪندي ڏٺو وڃي ٿو. نه هوٽلن ۽ دڪانن جي لائوڊ اسپيڪرن تان ڪن ڦاڙ راڳ گانا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. نه سئنيما هال ۽ ڊراما ٿيٽر آهن..... جيڪي دبئي، ڪويت ۽ مصر، موراڪو ۾ به آهن. بلڪ مصر ۽ مورڪو ته يورپ آمريڪا سان به مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.