ڪير ٿو چوي ته غلامي ختم ٿي وئي آهي ؟
سعودي عرب ۾ ننڍي کنڊ جي هر صوبي جا ماڻهون نظر اچن ٿا. پر ٻه مهينا کن گذرڻ بعد به هن شهر ينبو ۾ ڪنهن سک يا سنڌيءَ کي اڄان نه ڏٺو اٿم . سنڌي جدي، مديني ۽ مڪي ۾ گهڻا آهن. خاص ڪري ٺٽي، دادو ۽ لاڙڪاڻي پاسي جا يا وري جيڪب آباد، سبي پاسي جا ٻروچ سنڌي، انڊيا مان ڏکڻ هندستان جا تامل ۽ مليالم ڳالهائيندڙ گهڻا آهن، راجستاني به ڪافي آهن جو هنن لاءِ عربستان جي واري ۽ ريتي راجستان جيان آهي، بنگالي تمام گهڻا آهن پاڪستانين ۾ پٺاڻ ۽ افغاني آهن يا وري بهاول پور ۽ ملتان پاسي جا سرائڪي ڳالهائيندڙ نور پنجانوي سيڪڙو ماڻهن جو مزدور طبقو لئبر ڪلاس آهي جيڪو هتي جي پئٽرول ڪئميڪل فئٽرين ۾ ڪم ڪري ٿو يا عمارتن ۽ رستن تي يا دڪانن ۾ سيلز مئن جي حيثيت سان سندن پگهار اٺ سئو ريالن کان ٻارهن سئو تائين آهي، ڪن جو اٺ سئو کان به گهٽ آهي، خاص ڪري بنگالين، ڏکڻ هندستانين ۽ سريلنڪن جو، ڪن کي پنڌرنهن سئو ريال به ملن ٿا، هنن لاءِ رهائش جو بندوبست گهرائڻ وارو ڪري ٿو، ماني پنهنجي کائين، ڪن کي ماني به سندن عرب ڪفيل ڏئي ٿو. ماني نان ۽ ڀاڄي ايتر مهنگي نه آهي، ڪفيل ڇا آهي، اقامو ڇا آهي، اوپن ويزا ڇا آهي، ان جو احوال ٻئي ڪنهن هنڌ تفصيل سان ڪنداسين، هتي ابراهيم سان ڪجهه دير خبر چار جو احوال لکان ٿو، جيڪو چاليهه هزار رپين جي ويزا خريد ڪري هتي هن دڪان تي سيلز مئن جي نوڪري ڪري ٿو، کيس 1200 سئو ريال پگهار آهي.
“ هتي ڪيئن ٿو لڳئي ؟ “ مون پڇيو مانس،
“ بس سائين جيڪو جيسين هتي سعودي عرب ۾ نٿو اچي تيسين هن کي وڏي سڌ رهي ٿي، پوءِ هتي اچي احساس ٿئيس ٿو ته رکي سکي پنهنجي ملڪ جي چڱي آهي.” هن جنهن نموني سان ڳالهايو ان مان لڳو ته هو پڙهيل ڳڙهيل آهي، جيڪو پوءِ پاڻ به ٻڌائين ته يونيورسٽي مان ايم اي ڪري هتي آيو آهي.
“ ڇا ڪجي پاڪستان ۾ نوڪري ملڻ محال آهي، سو هيڏانهن هليو آيس، پر يقين ڪري پگهار ايتري گهٽ آهي، جو چوڏنهن مهينن ۾ فقط پنجويهه هزار رپيا ڳوٺ موڪلي سگهيو آهيان ۽ اهڙو کڻي پنجويهه هزار رپين جو سامان موڪليو هوندم، جنهن عرب پئسن تي ويزا ڏئي گهرايم اٿم ان جي ئي اهڙي پٽ پٽ لڳي پئي آهي جو بس، مڪي يا مديني وڃن جي موڪل وٺڻ لاء به جيسين سئو ريال نه ڏيانس تيسين اجازت نامي جو ٺپو نه هڻي ڏيندو،” هن ٻڌايو.
“عرب ايترو امير هوندي به ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون حرڪتون ڪن ٿا ، “ مون ٻين کان به اهي ڳالهيون ٻڌيون هيون سو ان جو اظهار هن سان ڪيو.
“سائين عرب توبنهن توبنهن ڪي ٿورا چڱا آهن نه ته اهڙا بدافعالا آهن جو ڳالهه ئي نه پڇو اسان مسلمانن جو هتي پاڪ جايون آهن، ان ڪري ماڻهون رهيو پيو آهي نه ته عربن جو اسان ڌارين سان ايڏو رويو خراب آهي جو بس، هتي دڪان تي ڏهه گراهڪ اچي ويندا آهن تڪليف نه ڏيندا، پر هڪ عرب اهڙي بدتميزيءَ سان اچي ڳالهائيندو جو اندر سڙي ويندو، تون تون ڪري ڳالهائيندو، اڇل مان شيءِ گهرندو، اگهه گهٽائڻ لاءِ زور ڪندو، شيءِ نه وڻندس ته اڇل مان ڦٽي ڪري ويندو يا پئسا به ايئن اڇلي ڏيندو ڄڻ اسان انسان ئي نه هجون، سندن ٻار به گهٽيءَ مان لنگهندي اسان کي ڀتر هڻدا، پر کين چيو نٿو سگهجي چئه کڻي ته مائٽ ته ٻار جو پاسو کڻندا، پر پوليس به توهان کي چوندي خيال ڪريو هيڏا سار ا ٿي ڪري ٻارن جي شڪايت ڪريو ٿا. ڪي ڪي ٻار يا وڏا اهڙا ظالم ۽ بد افعالا آهن جو منهن ۾ ٿڪي ويندا، ڪالهه جي ڳالهه آهي ڀر واري گهٽيءَ ۾ هڪ بنگالي همراهه جو دڪان آهي ان تي هڪ ٻيو بنگالي پنهنجي زال سان گڏ آيو، هڪ عرب ڇوڪري هن جي زال سان هٿ جي مستي ڪئي ان تي ٻين پاڪستانين ۽ هندستانين کڻي کيس سوگهو جهليو، گوڙ مچي ويو، پوليس اچي وئي ويچاري زال به پوليس کي روئي دانهن ڏني، پر پوليس ڪجهه نه ڪيو. ويتر اسانکي چيو ته ٻارن جون دانهون ڏيندي شرم نٿو اچنو ؟،
ابراهيم ايترو ڀريل هوجو بنا ساهه پٽڻ جي ٻڌائيندو هليو.
“ هون ءَ عربن کي کپي اسان جهڙن ڀر وارن ملڪن جي ماڻهن جي مجبوري مان فائدو وٺي ائين گهٽ پگهار تي رکڻ بدران دل وڏي ڪري اسان جي مدد ڪن، “ مون چيو ،” ڪو ڏينهن ڪهڙو ڪو ڏينهن ڪهڙو ، جي سعودي عرب تي ڏکيو ڏينهن اچي وڃي ته پاڙي جا ملڪ سکيا ستابا هوندا ته سندن به مدد ڪري سگهندا ، جيئن يورپ جي ملڪن ۾ ٿيندو رهيو آهي . “
“ هي ڪڏهن به اسان جي مدد نه ڪندا، پاڪستان هندستان ته ٿيو پري اسين هتي سندن پاڙي ۾ ويٺا آهيون، عيد برات ڪڏهن کڻي ڪجهه ڏنو، اهو به نه، هر وقت چاهيندا ته کين ملي، هر وقت پئسي جي لڳي رهين، ٿي” ابراهيم ٻڌايو.
“ هونءَ ڇا عرب غريب به آهن؟ سعودي عرب کي ايڏو تيل ۽ پئسو آهي جو ٻاهرين ملڪن جي چڙيا گهرن ۾ بيمار جانورن لاءِ به لکها ڊالر خيرات يا دوستي ياريءَ ۾ ڏئي ٿو سو سندن ملڪ جو ته هر ماڻهو امير هجڻ کپي” مو ابراهيم کان پڇيو”
“نه ائين نه آهي، ڪي ايترا ته غريب آهن جو صبح جو توهان مون سان ڀاڄي مارڪيٽ ۾ هلي ڏسو، سڙيل ۽ ڪندون ڀاڄيون جيڪي دڪاندار اڇلائين ٿا اهي ميڙيندي نظر ايندا، شهرن ۾ هي جيڪي عرب ڏسو ٿا پئسي وارا آهن، باقي ٻهراڙي ۾ غريب ۽ بدو ٽائيپ آهن، يقين ڪريو عربن کي پنندي به ڏٺو اٿئون، پوءِ انهن مان ڪي نه ته سرڪار کان حاصل ڪري سگهيا آهن نه وري پنهنجو ٻوٽو ٻاريو اٿن. ڪن کي ته سرڪار طرفان به خوب مليو پر پنهنجن افعالن ڪري سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيائون، اڃان به ملندو رهي ٿو پر بجيٽ صحيح نه رکڻ ڪري جيڪي ڪجهه ملين ٿو اهو کايو کپايو کرڙيو ويٺا آهن. “
ابراهيم جي دڪان ۾ ريڊيو، ٽي وي جي ائٽينائن کان وٺي انهن جا ننڍا ننڍا پرزا وڪامن ٿا، جيئن ڪنهن جي اليڪٽرڪ سامان جي ڪا شيءِ خراب ٿي پوي ته اها وٺي پنهنجي ٽي وي يا واشنگ مشين وغيرهه ۾ فٽ ڪري ان کي وري ڪم ۾ آڻي سگهي. ان کان علاوه بلب، تارون، سئچ اليڪٽرڪ جي ڪم جا ڪئين اوزار ۽ ٻيو قسمين قسمين هلڪو ڦلڪو توڙي قيمتي ۽ ڳرو سامان ــــ ريفريجريٽر جي ڪمپريسن تائين آهي. رکي رکي ڪو پاڪستاني هندستاني، فلپينو يا عرب سامان وٺڻ لاءِ آيس پئي جنهن سان هن عربي ۾ پڻ ڳالهايو ٿي. مون کانئس پڇيو ته عربي ڪيئن ۽ ڪيترن ڏينهن ۾ سکيو آهين - ؟
“ بس مجبوري هر ڪم ڪرائي ٿي. مون ايم اي انگريزي ۽ ايڪانامڪس ۾ ڪئي. يونيورسٽي جي ماحول مان نڪري هتي آيس. نه عربي آئي ٿي ۽ نه هنن اليڪٽرڪ جي ننڍن وڏن اوزارن جا نالا. پوءِ پهرين جنهن دڪان تي هوس اتي هڪ ٻيو به پاڪستاني هو، جنهن کان ٽن مهينن ۾ چڱو سکي ويس ، جنهن کان پوءِ هن دڪان تي اڪيلو ڪم ڪرڻ لڳس، پر ڪيترن دڪاندارن کي عربي نٿي اچي ته به ڪم هليو وڃي جو اسان جا گراهڪ نوي پنجانوي سيڪڙو غير عرب آهن، ۽ جي عرب به آهن ته انهن جا ڊرائيور يا نوڪر اچن ٿا جيڪي فلپينو، پاڪستاني انڊين، انڊونيشين آهن، جيڪي اڙدو يا انگريزي ڳالهائين ٿا.” هن ٻڌايو.
هي دڪان ڪنهن جو آهي؟ مون پڇيومانس.
هي ۽ هن جهڙا ٻيا به پنج ڇهه دوڪان هڪ پاڪستاني همراهه جا آهن. هو بيحد امير آهي ۽ هتي جيڪو گهر آهي اهڙو ڪنهن عرب کي ورلي هوندو، وڏيون وڏيون ڪاورن اٿس، پر ظاهر آهي هتي ڪا به پراپرٽي پنهنجي نالي تي وٺي نٿي سگهجي، هر شيءَ ڪنهن عرب جي نالي ڪرڻي پوي ٿي، سڀان جي هو ناراض ٿئي ته پنهنجو قبضو ڄمائي سگهي ٿو. سو اهو آهي ته هتي هر وقت ۽ هر ڪنهن کي هتي جي مڪاني عرب باشندي جي حاضري ۾ رهڻو پوي ٿو، ڪنهن وقت به ڪاوڙجڻ يا ريچڪ اچڻ تي ٽپڙ ٻڌرائي سگهي ٿو، هن دڪان جو پاڪستاني مالڪ جيڪو اسانجي ئي شهر رحيم يار خان جو آهي، ايئر ڪنڊيشن جو مڪينڪ هو. هتي اڄ کان ارڙهن سال اڳ آيو ۽ پنهنجو ڌنڌو اچي شروع ڪيائين، خوب هلي ويس، هڪ مان ٻه ٻن مان چار دڪان ۽ هاڻ ته الائي ڇا ڇا ڪري ويوآهي، مون جهڙا چاليهه ماڻهون هن وٽ نوڪري ڪن ٿا، سامهون فوٽو اسٽوڊيو به هن جو آهي. ايئرڪنڊيشن ۽ ريفريجريشن جا چار دڪان هن شهر ۾ مختلف هنڌن تي اٿس، هن ٻڌايو.
“ ڀلا توکي هو وٺي آيو يا ڪو ٻيو ؟ مون پڇيومانس.
“ آئون هڪ پاڪستاني ايجنٽ کان اوپن ويزا وٺي آيس، جيڪي هتي جي عربن کان خريد ڪري (پوءِ پنهنجو فائدو پڻ رکي) اسان جهڙن کي وڪڻن ٿا، پوءِ هتي ينبو ۾ پنهنجي هڪ ڳوٺاڻيءَ سان اچي رهيس ۽ نوڪري جي ڳولا ڪندوا رهيس. ٻن ٽن هفتن ۾ هيءَ نوڪري ملي وئي جو هنن هي نئون نئون دڪان خريد ڪيو هو ۽ هن تي ويهڻ لاءِ کيس ماڻهوءَ جي ضرورت هئي.” هن ٻڌايو.
هتي اهو لکڻ پڻ ضروري آهي ته ڪيترن کي مهينا بلڪ سال ٿيو وڃن پر ابراهيم جهڙي نوڪري به نٿي ملي.... ڪالهه هڪ انڊين ريسٽورينٽ تي چانهه پي رهيو هوس ته ڀر ۾ ويٺل همراهه ٻڌايو ته هو راجستان کان ٻه سال اڳ اسي هزار روپيه خرچ ڪري هتي آيو، پنجاهه هزار ويزا جا ايجنٽ جي معرفت عرب کي ڏنائين ۽ ٽيهه هزار راجستان کان بمبئي ۽ بمبئيءَ کان جدو ۽ ينبو اچڻ ۾ خرچ ٿيس، پر کيس اڃان تائين ڪا ڍنگ جي نوڪري نه ملي آهي. اتي انڊيا ۾ هو ڪاسائي هو. هتي هو روزگار لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ڪا لڳاتار هڪ هنڌ واري نوڪري نٿي مليس. ڪڏهن ڪو مهيني ڏيڍ لاءِ گهر يا دڪان جي ڪم لاء رکي ٿو يا ڪنهن ڪنهن ڏينهن ڪٿي ڪنسٽرڪشن جي ڪم تي ڏهاڙي ملي ٿي يا سامان ڍوئڻ لاءِ ڪو وٺيو وڃي. ان قسم جون رڳو هوائي روزيون ملن ٿيون.” هن ٻڌايو.
“ ڇو ڀلا -؟ مون پڇيومانس.
“ بس . مون جهڙا به ڪئين هزارين سعودي عرب ۾ بيروزگار پيا هلن. “هن ٻڌايو .
“ واپس وڃڻ تي دل چوي ٿي؟” مون پڇيومانس،
“ ها چوي ٿي، پر ڪجهه ته ڪمايان جو باقي رهيل قرض ڏئي آجو ٿي سگهان.” هن ٻڌايو.
“ ڀلا ويزا خريد ڪري هتي اچڻ تي ڪيترو وقت هتي رهي سگهجي ٿو؟”
“ جيترو وقت به ڪفيل (اهو عرب جنهن جي ويزا تي اچجي ٿو) رکي. ٻن سالن جي مونکي ويزا هئي هاڻ ٻن مهينن بعد اهو مدو پورو ٿيندو، وڌيڪ رهڻ لاءِ سندس اجازت نامي جي ضرورت پوندي، سو ظاهر آهي ته هو چاهيندو ته ڪجهه پئسو ڪڍان، سو هزار سوا ريال ته ضرور گهرندو، جيڪي ڏيندو سانس ته اميگريشن آفيس مان ٺپو هڻائي ڏيندو، نه ته نه. ڇو جوهتي هر ڪم هتي جي مڪاني ماڻهن يعني عربن جي معرفت ٿئي ٿو، عرب هٿ ڪڍي ڇڏين ته توهان ڪٿي جا به نه آهيو. هن جي شڪايت ڪرڻ تي توهان کي ان ئي وقت جيل به اچي سگهي ٿو. هو بيحد ڏکويل لڳو ٿي. پڙهيل ڳڙهيل نه هو، سو ابراهيم وانگر ايترو گهڻو حسان نه هو ته هن سان ڪهڙي نموني سان عرب پيش اچن ٿا. پاڪستانين، هندستانين بنگالين ۽ سريلنڪائن کي عرب جانور مثل ٿا سمجهن، هرگز نه هن کي انهن ڳالهين جو احساس بلڪل نه هو، ڇو جو هن غريب لاءِ ته سندس وطن جا سيٺ، آفيسر، امير، ٺاڪر ساونت واپاري پڻ عربن کان گهٽ نه آهن جن وٽ ڪم ڪندڙن کي هر وقت ذليل ڪيو وڃي ٿو، گار گند سان سڏيو وڃي ٿو. نه وري هن کي ڪا گهر يا وطن جي لاءِ هوم سڪنيس يا ياد ستائي ٿي هن کي ته اهو ئي فڪر هو ته ناغي بنا کيس ڪا نوڪري پورهيو، ويندي اُسَ گرمي ۾ مزوري ملندي رهي، جنهن ماڻهو پنهنجو ۽ ڳوٺ ڇڏيل پوڙهن ماءُ پيءُ جو گذر سفر ڪري سگهي، اهڙي طرح ٻيا به هتي آهن جن کي نوڪري يا پورهيو نه آهي روز ان آسري تي صبح جو نڪرن ٿا ته وڃيو رات ٿئي ابراهيم ان هوندي وري به خوش نصيب آهي جو کيس دڪان ۾ سيلز مين جي نوڪري آهي جيتوڻيڪ هتي دڪان ۾ ڪم ڪرڻ جي ڍيوٽي به ڪافي ڊگهي ٿئي ٿي، صبح جو ڏهين کان وٺي اڳئين نماز تائين دڪان کليل رهن ان بعد، يعني هڪ بجي ڌاري هر ڪو گهر هليو وڃي وري پنجين بجي وچين نماز پڙهڻ بعد دڪان کولين ۽ رات جو يارهين تائين دڪان تي ويهڻو پوين ان وچ ۾ سانجهي ۽ سمهڻي نماز تي اڌ ڪالڪ دڪان بند ڪرڻو پوي تو ٻانگ اچڻ سان هر دڪاندار کي يڪدم دڪان بند ڪرڻو پوي ٿو، دير ڪرڻ سان هزار ريال ڏنڊ ۽ جيل پڻ ٿي سگهي ٿو ۽ اهو هزار ريال ڏنڊ عرب مالڪ يا ڪفيل سيلزمئن جي پگهار مان ئي ڪٽي ٿو. سو ان حساب سان سڄو ڏينهن ماڻهو دڪان بلي ٿيو وڃي کيس ڪا به آزادي نٿي ملي، بقول ابراهيم ۽ ابراهيم جهڙن ٻين حساس ۽ سوچ رکندڙن جي جيترو ماڻهو ڪمائي ٿو، ان کان وڌيڪ نفسياتي مريض ٿئي ٿو.
“هينئر مونکي گهر ڇڏي چوڏهن مهينا ٿيا آهن،” ابراهيم ٻڌايو، ڪو اڌ لک رپيا مس بچائي گهر موڪلي سگهيس، پر ٻچن ٻارن کان پري رهڻ ڪري ڪيڏو ماڻهو پريشان ۽ ڊسٽرب رهي ٿو. ٻن سالن لاءِ هتي آيو آهيان باقي مهينا پورا ٿين ته آئون واپس وطن هليو ويندس، پنهنجي ملڪ ۾ تيل ناهي غربت آهي پر وري به پنهنجو ملڪ آهي، ماڻهون آزاد آهي، جيئن وڻيس تئين ڪري سگهي ٿو، هتي هر وقت ماڻهو ڊپ ۾ رهي ٿو ته متان ڪا غلطي ٿي وڃي يا نه به ٿئي، پر ڪنهن غلط فهمي جي بنياد تي ڪو جهلي نه وڃي هن ٻڌايو، “
جيتوڻيڪ سندس دڪان جي سامهون عينڪون وڪڻندڙ بنگالي همراه جي هن کان ابتڙ سوچ نڪتي. هو هڪ عرب جو عينڪن جو دڪان هلائي ٿو. هن سان خبر چار ڪندي وقت هن ٻڌايون ته پنهنجي وطن توڙي يورپ آمريڪا کان وڌيڪ سک چين هتي سعودي عرب ۾ آهي.
“ڏسونه سائين هتي جو قاعدو قانون سخت هجڻ ڪري ڪيترو سٺو ماحول آهي. ڪو ڪرائيم (ڏوهه) نٿو ٿئي، ماڻهو لک ريال کيسي ۾ وجهي رات جو به اڪيلو گهمندو وتي ڪو ڊپ ڊاءُ ناهي، ڪٿان ڪنهن گولي هلڻ جو آواز نٿو اچي، ڪٿان ڪو گار نٿو ڏئي” هن ٻڌايو.
۽ اها واقعي حقيقت آهي ته هتي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ امن امان آهي ٿورا گهڻا ڏوهه هتي هن شهر ينبو يا سعودي عرب جي ٻين شهرن ۾ ته ڇا پر مڪي ۽ مديني ۾ به ٿيندا هوندا جو انسان نيڪ آهي ته ان کي شيطان به برغلائي ٿو. حضرت آدم جي اولاد هابيل قابيل کان وٺي انسان خون قتل ۽ ٻيا ڏوهه ڪندو اچي، پر اهو آهي ته انهن ڏوهن جي سڄي سعودي عرب ۾ ريٽ تمام گهٽ آهي. ان جو سبب هتي جو قانون آهي، جيڪو نه فقط سخت آهي، پر ان تي عمل به سختي سان ڪيو وڃي ٿو. چوريءَ جي حالت ۾ هٿ ڪپيو وڃي ٿو زنا يا چرس جي سمگلنگ جهڙن ڏوهن ۾ کلئي عام سر ڪپيو وڃي ٿو، جيئن ٻين لاءِ عبرت ۽ خوف پئدا ٿئي. سڄي شهر ۾ ڪو هڪ يا ٻه پوليس وارا نظر ايندا، پر سڀني ماڻهن جو ساه مٺ ۾ رهي ٿو ۽ ان هڪ وردي عام واري پوليس کي وڏي طاقت آهي. سڄي کاتي جو ان پويان فورس آهي. ڪنهن کي غلط ڪم ڪندي هو جهلي ٿو ته هن کي ڪو سلطان، شيخ سياستدان، وزير به ڇڏائي نه ٿو سگهي. هنن پوليس کاتو ئي الڳ ٺاهيو آهي، جيڪو مٿي ڊئريڪٽ بادشاهه يا نائب شهزادي وٽ جوابده آهي. ويندي هتي جا وڏا عرب به پوليس کان ڊڄن ٿا. اسان وانگر نه ته وڏ ماڻهپي ڏيکارڻ (اسٽيٽس سيمبل) جو هڪ سانچو اهو به آهي ته قانون ڀڃجي ۽ پوليس کان نه ڊڄجي. ڪو ٽرئفڪ جي ڳاڙهي سگنل تي به گاڏي نه بيهاري ۽ پوليس جي سيٽي وڄائي ان کي ترسڻ لاءِ چوي ته ترسڻ بدران ان پوليس واري کي بُجو ۽ گار ڏئي پنهنجي ئي لئه ۾ هليو وڃي ته اسان وٽ اهو ماڻهو وڏي رهائي وارو سمجهيو وڃي ٿو. پوءِ اسان جو پوليس وارو به سسٽم سمجهي ويو آهي. ڏوهه ڪير ٿو ڪري هن کي اهو ڏسڻو نه آهي پر ڏوهه ڪندڙ ڇا آهي اهو ڏسڻو اٿس. جي ڏاڍو مڙس آهي ته هن جي اڳيان هٿ ٻڌي جي سائين جي سائين ڪري ٿو ۽ جي ڪمزور ڀلي شريف هجي ته به هن کي اک ڏيکاري دٻ پٽيس ٿو.
ابراهيم جي دڪان ۾ اليڪٽريڪ ۽ اليڪٽرانڪ دنيا سان واسطو رکندڙ ڪئين شيون وڪامن ٿيون. “ اهو ڪهڙن ڪهڙن ملڪن جو سامان آهي - ؟ مون کانئس پڇيو.
“ ڪيترن ئي ملڪن جو آهي. “ هن وارڻيو، “ جاپان، آمريڪا، ملائيشيا، ڪوريا، تائيوان ويندي انڊيا ۽ پاڪستان جو به آهي، پر اڄ ڪلهه سڀ کان گهڻو آمريڪا جو آهي ۽ ٻئي نمبر تي انڊيا جو آهي. انڊيا کي اسين گهٽ وڌ ڳالهايون ٿا پر ايران ، افغانستان ۾ ته ڇا سڄي عربستان ۾ سندس ساک ۽ ڌاڪو آهي. هنن جا واپاري توڙي سفارت خانا ايترا چست ۽ سياڻا آهن جو انديا کي خبر ناهي ڪٿي وڃي بيهاريو اٿن، هو چڱي طرح جائزو وٺن ٿا ته ڪهڙي شيءِ جي ضرورت آهي ۽ هو ان جي پهچ لاءِ پنهنجي انڊسٽري ۽ واپاريءَ جي همت افزائي ڪن ٿا، بزنيس مئن جون پنهنجي توڙي ڌارين ملڪن ۾ راهون هموار ڪن ٿا. ائين نه ته هنن لاءِ رانديڪون وجهي مسئلا پئدا ڪن. رڳو سعودي عرب ۾ ڏسو ته انڊين هندن جون فائو اسٽار هوٽل اوبيرا کان وٺي ننڍيون وڏيون هوٽلون ڪيتريون ئي آهن ۽ جتي ڪٿي آهن. مونکان ته ڪو انڊيا جي ٺهيل شيءِ وٺڻ جي گهر ڪندو آهي ته آئون ان جهڙي پاڪستان جي ٺهيل شيءَ هوندي آهي ته پهرين اها وڪڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. “
هن واشگ مشين جي ڪجهه ننڍن پارٽس جون بند ٿيل دٻيون ڪڍي ڏيکاريون، جنهن جهڙيون انڊيا ۽ ڪوريا جون به هيو پر مختلف برانڊ نالن سان، اهي ڏسي مونکي تعجب لڳو، ڇا واقعي پاڪستان ۾ اهڙا اليڪٽرڪ جا پارٽ به ٺهن ٿا؟ “ مون پڪ ڪئي.
هائو ڏسو کڻي، “هن دٻي تي ڇپيل ميڊ ان پاڪستان ڏيکاريو، “ پر مون ٻڌو آهي ته ڪيتريون پاڪستاني شيون سٺيون ۽ بين القوامي معيار جو نٿيون ٺاهيون وڃن، “ مون چيو.
“بلڪل صحيح ٺهيل آهن ۽ صحيح ڪم پيون ڪن اسين بار بار انهن فئڪٽرين کان گهرائيندا رهون ٿا. اڳ ۾ ته بلب به گهرائيندا هئاسين، پر هاڻ بلبن جون ڪيتريون ئي فئڪٽريون سعودي عرب ۾ لڳي ويون آهن. هونءَ ڪي ڪي - خاص ڪري سوٽي ڪپڙي جون شيون ته پاڪستان ۾ تمام سٺيون ٺهن ٿيون، پر انهن ۾ فنشنگ سٺي نه رکڻ ڪري مار کايو وڃن. هتي جاپان جو اڇي رنگ جو ڪپڙو تائيه سڀ ۾ مهانگو ۽ اوچو آهي، جنهن مان امير عرب پنهنجا جبا ( توپ) ٺهرائين ٿا، توهان کي تعجب لڳندو ته اهو پاڪستاني ڪپڙو آهي، جيڪو جپان پنهنجي هنر ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي ان کي لسو ۽ وڌيڪ چلڪندڙ بنائي پنهنجي ملڪ جو ٺپو هڻي مهانگو ڪري وڪڻي ٿو. “ ابراهيم ٻڌايو.
اتي هڪڙو عرب دڪان تي چڙهيو ۽ ٽي وي جي ائنٽينا لاءِ پڇيائين. سندس دڪان تي ٻن ٽن قسمن جون ائنٽينائون رکيل هيون جن مان هڪ ڪڍي ڏنائينس.
“هن ائنٽينا کي هتي جا عرب مڇن واري ائنٽينا سڏين ٿا. “ عرب جي وڃڻ بعد ابراهيم مونکي ٻڌايو. “ ڇو جو هن کي پاسن کان ٻه مُڇن وانگر لوهي پروجيڪشن آهن. هن ائنٽينا لڳائڻ سان مصر جي ٽي وي صاف نظر اچي ٿي. مصر جو عرب دنيا ۾ ڪافي اثر آهي....... تعليم ۽ ڪلچر لاءِ پڻ هو مصر جو رخ رکن ٿا. “ مون چيو.
“هتي جي عربن جو اخلاقي ڏيواليو به مصر ڪڍيو آهي. ستياناس ڪري ڇڏي اٿس. پڙهائي ۽ علم لاءِ گهٽ باقي عياشي لاءِ هتي جا عرب مصر ڀڄن ٿا. توهان مصر جي ٽي وي ڏٺي آهي؟” ابراهيم مونکان پڇيو.
“نه. ايم بي سي ڪڏهن ڏسندو آهيان يا ڪويت ۽ دبئي جي.” مون وراڻيو، “هاڻ ايم بي سي عربي پروگرامن جي ٽي وي آهي. جيڪا لنڊن مان ٽيليڪاسٽ ٿئي ٿي. ان تي به ايتري بيحيائي نه هوندي جيتري مصري ٽي وي تي آهي. اهڙا اهڙا پروگرام ڏين ٿا جو يورپ جون ٽي ويون به شرمائين . سعودي عرب جي ٽي وي کڻي. برقعو پائي مولوياڻي ٿيو ويٺي آهي. پر ڇا ٿيو؟ هتي جا عرب ته مڇن واري ائنٽينا ذريعي سڄو ڏينهن مصري ٽي وي ويٺا ڏسن. مصري به تيئن وڃن ٿا ٽي وي جا پروگرام اوگهڙا وارا ڪندا. هاڻ ته هر ڪو سمجهي ٿو ته سعودي ٽي وي فقط فٽ بال ڏسڻ لاءِ آهي، باقي سڄو وقت مصري ٽي وي زندهه باد. ايتريقدر جو سعودي عرب جون ڪيتريون ڪمپنيون پنهنجا پروڊڪٽ ( شيون) وڪرو ڪرڻ لاء مصر جي ٽي وي ذريعي اشتهار ڪرائين ٿا. “
“ عرب گهمڻ خاطر به مصر ڏاڍو وڃن ٿا. “ مون کيس ٻڌايو. تازو ڪانو ٽريول ايجنٽ جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ملير ڪراچي جي ناياب صديقي سان مليو ويو هوس. ان وقت هو سخت بزي هو.
“ خير ته آهي “ مون پڇيومانس.
“ هي حج وارا ڏينهن ايڏو سخت بزي هوندو آهيان جو ماني لاء به گهر وڃي نه سگهندو آهيان. سو زال به هي ڏينهن مائٽن وٽ جدي هلي ويندي آهي. “ هن ٻڌايو
سعودي عرب ۾ ذوالحج مهيني جا پهريان ٻه هفتا کن هتي عام موڪل ٿئي. آفيسون، اسڪول، ڪاليج بند رهن سو ناياب ٻڌايو ته امير عربن جي ڊوڙ جدي هوندي آهي سو سڄو ڏينهن ٽڪيٽون بڪ ڪرڻ ۾ گذرندو آهي.
حج تي وڃن؟ مون پڪ ڪئي.
“ حج تي به ڪجهه وڃن ، پر ڪيترن جو زور عياشي ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ مصر ڏي هوندو آهي.”
ان وقت هو لڳاتار جدي ــــ عمان ــــ جڪارتا ــــ عمان ــــ جدي جي لاءِ هوائي جهاز ۾ سيٽون بڪ ڪرائڻ لاءِ فون تي مشغول هو، جنهن لاءِ پوءِ ٻڌائين ته هتي جو هڪ عرب جنهن جي اردني عورت سان دوستي آهي، اهو جدي کان عمان (اردن) وڃڻ چاهي ٿو، جتان پوءِ هن کي وٺي جڪارتا گهمڻ ويندو ۽ پوءِ واپسي تي عمان هن کي ڇڏي جدي موٽڻ چاهي ٿو، سو ان جي لاءي ٻه سيٽون رزرو ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهيان.
اسانجي پاڙي ۾ رهندر عرب جو پٽ جيڪو تازو ڪاليج پورو ڪري هڪ وڏي نوڪري ۾ لڳو آهي، سو پنهنجن ٻين ٽن سعودي عرب جي دوستن سان گڏ ٻه ڏينهن اڳ مصر روانو ٿيو. ڪنهن ٻڌايو ته هونءَ سعودي عرب جا ماڻهو ٿائيلينڊ پاسي ڏاڍو ويندا هئا، پر پوءِ بئنڪاڪ ۾ سعودي سفارت خاني جي آفيسر جي قتل بعد سعودي حڪومت پنهنجن ماڻهن کي ٿائيلينڊ گهمڻ کان جهلي ڇڏيو آهي. فقط اهم واپاري ميٽنگ جي بهاني وڃي سگهجي ٿو، سو هنن لاءِ مصر ويجهو ۽ سولو ٺڪاڻو آهي، خاص ڪري اتي ٻولي به عربي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪمزور هجڻ ڪري هنن کي مصر ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سهوليت رهي ٿي.
ينبو شهر جي مٿين دڪان واري سيلز مئن ابراهيم ٻڌايو ته ڪنهن سعودي عرب وار مصر مان شاديون ڪن ٿا. سعودي عرب ۾ سخت پڙدو آهي، وڌ ۾ وڌ سوٽ ماساتن کي ڏسن ٿا ۽ پوءِ ڪيترن جي زوري يا ارينج شادي ڪاميا ب نٿي وڃي. مصر ۾ هڪ ته پڙدو ناهي، ٻيو خوب فئشن، ناز نخرو ۽ سونهن آهي . پوءِ هتي جا عرب نوجوان توڙي وڏا جڏهن مصر ۾ پڙهڻ، گهمڻ يا واپار بهاني وڃن ٿا ته هڪ اڌ سان دل لڳيو وڃين، ان ڪري هتي ڪيترا اهڙا ٻار آهن جن جون مائرون مصري آهن ۽ انهن جي اثر رسوخ ڪري هتي سعودي عرب ۾ مصر جا ڪيترا ماڻهو نوڪرين ۽ واپار ۾ آهن. ان ڪري اسين مصرين لاءِ چوندا آهيون ته هو سعودين جا سالا آهن “
“ڀلا پاڪستان جا ايترا ماڻهو گهٽ ڇو آهن . هونءَ آهن ته سهي پر جيترو سعودي عرب اسان کي ويجهو آهي ۽ هڪ مسلم ملڪ جي حيثيت ۾ اسان جا ماڻهو جيترا هتي هجڻ کپن اوترا نه آهن ڇو ڀلا؟” مون ابراهيم کان پڇيو.
“ اڄ ڪلهه هي جيڪي فلپينو يا انڊين اچن پيا، اهي اسان کان ڪو هوشيار نه آهن. پر هو انگريزي ڳالهائڻ ۾ تکا آهن. ان ڪري هر ڪو اهو سمجهي ٿو ته هو اسان کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل آهن، جيتوڻيڪ سندن انگريزي گرامر يا اچار جي لحاظ سان صحيح ناهي، پر هنن جي ملڪ ۾ انگريزيءَ جو ايترو واهپو آهي جو هڪ جاهل مزور به اڌ اکري ڳالهايو وڃي. اسان جو يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ به ڳالهائيندي هٻڪي ٿو، شرمائي ٿو يا ڄاڻ نه اٿس، جيڪي سمجهو چئي سگهو ٿا. اسان جو پاڪستاني انگريزي ڳالهائي يا ٻڌي نٿو ته کيس سمجهه ۾ به نٿي اچي، ڪو تڪڙ ۾ ڳالهايو وڃي ته هن جون وايون بتال ٿيون وڃن ته هو ڇا چئي ويو، ۽ پوءِ جلد جواب نه ملڻ تي ٻيو اهو ئي سوچي ٿو ته ڪهڙي ڄٽ سان واسطو پيو آهي، جيڪو نه ڳالهائي سگهي ٿو ۽ نه منهنجي ڳالهه سمجهي سگهي ٿو. هوڏانهن هڪ فلپينو يا انڊين ڦڙ ڦڙ انگريزي ڳالهائي ٿو” ابراهيم ٻڌايو.
۽ هن اهو پڻ ٻڌايو (جنهن کان آئون به واقف آهيان) ته اڄڪلهه عربن هر شيءَ ٺيڪي تي ڏني آهي. مثال طور سرڪاري اسپتال جو ڪم ٻن يا ٽن سالن هلائڻ لاءِ سرڪار ٺيڪي جو اعلان ڪري ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر کان ڪمپائونڊر ، وارڊ بواءِ ۽ ٽيڪنيشن مهيا ڪرڻ پڻ اچي وڃي ٿو. پوءِ اهو ٺيڪو ڪنهن مڪاني عرب کي ئي ملي ٿو، اهو عرب پوءِ مقرر ڪمن لاءِ يا سڄي اسپتال هلائڻ لاءِ گهٽ تي ٺيڪو ڪنهن انگريز، آمريڪن، جپاني يا ڪورين کي ڏئي ٿو. اهي پوءِ ڳولا ڪن ٿا ته گهٽ پگهار وارا ماڻهو هٿ ڪجن، جيئن هو به بچائي سگهن ۽ عرب کي به کارائي سگهن، پوءِ ڊاڪٽر مصر مان، ته نرسون فلپائين مان ، ته وارڊ بواءِ ۽ ٽيڪنيشن وغيره انڊيا مان گهرائين ٿا، هاڻي پاڪستاني به اهو ڪم ڪري سگهن ٿا، ۽ هتي سعودي عرب ۾ ئي ڪيترائي بيروزگار اوپن ويزا تي ڦرن پيا، پر هنن يورپين يا عربن جون ٽيمون انٽرويو وٺن ٿيون ته انڊين ، فلپينو، سريلنڪن ويندي بنگالي جي مقابلي ۾ پاڪستاني انگريزي ۾ ڪمزور هجڻ ڪري هو انٽرويو وٺندڙ کي مطمئن نٿو ڪري سگهي. انٽرويو وٺندڙ يا هتي ڪاروبار هلائيندڙ اهو چاهي ٿو ته ڪم ڪندڙ کي عربي ۽ انگريزي ٻئي زبانو نه ته هڪ ته سٺي اچي اسان جيڪي انگريزيءَ ۾ هوشيار هئاسين هاڻ پٺتي پئجي ويا آهيون اسان وٽ عربيءَ کي زور وٺائڻ جو جيڪو شروع ۾ پرگرام هيو اهو به نه ٿي سگهيو. ان ڪري ٻئي زبانون جن ۾ اسان ڀڙ هجون ها، هاڻ ڪنهن ۾ به نه رهيا آهيون، “ هن ٻڌايو.
ساڳي ڳالهه اسان جي پاڙي جي هڪ پاڪستاني بقالا واري ڪئي. بقاله ننڍو پيڊي نما دڪان ٿئي ٿو. جيئن پاڻ وٽ رهائشي علائقن جي ڪن گهٽين جي ڪنڊ وٽ دڪان ٿين، جن ۾ ضرورت جي هر شيءِ صابڻ، بسڪٽ کان مٿي جي سور جي گوري ۽ سئي سڳو ملي سگهي ٿو. عرب دنيا اهڙن بقالن سان ڀري پئي آهي، هن بقالا (دڪان) تي پڻ هڪ پاڪستاني ميانوالي پاسي جوڪم ڪري ٿو. پاڻ هنر مند آهي، کيس ٿورو گهڻو بجلي جو ڪم ۽ پلمبري (نلڪن) جو ڪم به اچي ٿو پر انگريزي سٺي نه هجڻ ڪري کيس اڃا ڪٿي نوڪري نه پئي ملي، “مس مس هن دڪان تي هڪ عرب رکيو آهي. سڄو ڏينهن ويهڻو پوي ٿو، ايئر ڪنڊيشن به اهڙو مرزيل آهي جو سڄو ڏينهن پگهر ۾ شل رهجي ٿو. پگهار به اٺ سئو مس ٿو ڏئي، مهيني پوري ٿيڻ تي چوندو ته هن دفعي ڪمائي سٺي نه ٿي آهي، اٺ سئو بدران ست سئو وٺ. هاڻ آئون هتي ڪنهن کي دانهن ڏيان ته مون سان ظلم آهي. گهڻو گوڙ ڪندس ته چوندو نڪر ٻاهر ته ان پيٽ قوت کان به ويندس” هن مونکي ٻڌايو ۽ پوءِ جڏهن خبر پيس ته آئون ملائيشيا، سنگاپور ۽ جپان پاسي رهي چڪو آهيان ته يڪدم پنهنجي لاءِ پڇيائين ته هو جپان وڃي سگهي ٿو.
“ آئون ته سرڪاري طرح ويس ۽ ان کي به سال ٿيا . اڄ ڪلهه جون خبر ناهي ڇا حالتون آهن، ان وقت ته ٽوڪيو ايئرپورٽ تي جيڪو پهچندو هيو ان کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا ويزا ڏيندا هئا. هاڻ ٻڌو اٿم ته پاڪستاني جپان ۾ گهمڻ لاءِ به نٿو وڃي سگهي، ويزا جو نه فقط پنهنجي ملڪ مان بندوبست ڪرڻو اٿس، پر جيسين ڪو جپاني ان جو ذمون يعني اسپنسرشپ نه ڏئي ، تيسين هو وڃي نٿو سگهي”
“نه سائين آئون غير قانوني طرح وڃڻ جو پڇي رهيو آهيان” هن چيو، “اها ته بنه خبر نه اٿم”. وراڻيو مانس.
“نه سائين ماڻهو سٺ سٺ هزار رپيا ڏئي ايجنٽن ذريعي جاپان وڃن پيا ۽ پوءِ جيڪو ويو آهي، اهو اتي خوش آهي. ڪو به دانهون نٿو ڪري. آءُ به پئسا گڏ ڪري رهيو آهيان ته ڪو مونکي اوڏانهن موڪلي” هن ٻڌايو.
ساڳي ڳالهه هڪ ٻن ٻين به ڪئي ۽ نه فقط پاڪستانين پر بنگالين به، جيڪي هتي (سعودي عرب) جي نوڪري کي هاڻي سخت تڪليف وارو سمجهن ٿا. پگهار گهٽبو پيو وڃي، مهانگائي ۽ مڪاني عرب ماڻهن جون تڪليفون وڌنديون وڃن. مٿئين دڪاندار (ايم اي پاس ڪيل ابراهيم) کان پُڇيم ته ڇا هو به سعودي عرب جي هيءَ نوڪري ڇڏي جپان وڃڻ جو سوچي رهيو آهي.
“نه آئون غير قانوني طرح وڃڻ نه چاهيندس، ڇو جو پوءِ هر وقت ساهه مُٺ ۾ رهي ٿو. اهڙي صورت ۾ ڪنهن به وقت پوليس جهلي سگهي ٿي ۽ جنهن وٽ ڪم ڪجي ٿو اهو پڻ جيئن وڻي تيئن Exploit ڪري ٿو.” ابراهيم ٻڌايو.
“ان خيال کان هيءَ سعودي عرب واري نوڪري قانوني چئي سگهجي ٿي.” مون پڇيومانس.
“ها، قانوني ته آهي، پر هن کي نوڪري نه پر غلامي ئي چئي سگهجي ٿو. ماڻهو چون ٿا ته اڄڪلهه Slavery ختم ٿي چُڪي آهي، پر سعودي عرب هي نوڪري هڪ غلاميءَ جو قسم ناهي ته ٻيو ڇا آهي. هتي جي عرب کي گهر لاءِ نوڪر يا ڊرائيور کپي يا دڪان لاءِ ڪم وارو ته ان لاءِ هو اسان کي سعودي عرب ۾ اچڻ لاءِ ويزا موڪلي ٿو. ان لاءِ به چاليهه پنجاهه هزار خرچي طور اسان کان گهري ٿو. ان بعد اسين پنهنجي ٽڪيٽ، ڀاڙا ڀتا ڀري هتي پهچون ٿا. پوءِ بنهه گهٽ پگهار تي هو اسان کان پورهيو وٺي ٿو ۽ پورهيو به چڱي طرح وٺي اسان جو تيل ڪڍي ٿو. هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين سندس “لکت ۾ موڪل” بنا چريو به نٿا سگهون. يعني ڪم واري ڏينهن تي ته نه پر جمع ڏينهن موڪل واري ڏينهن به ڀر واري شهر ۾ به آزادي سان وڃي نٿا سگهون. پگهار ۾ ڪو عرب ڦڏو ڪري ته سندس ڪم ڇڏي به نه ٿا سگهون، جو پهرين ڏينهن ئي هو اسانجو پاسپورٽ پاڻ وٽ سوگهو ڪري رکي ٿو. پر جي کيس اسان جي ضرورت نه پوي ته اسان کي ٻئي وٽ نوڪري ڳولڻ جي به موڪل ناهي. ٻئي وٽ تڏهن نوڪري ڪري سگهجي ٿي جڏهن اهو پهريون ڪفيل عرب لئبر ڪورٽ ۽ اميگريشن کاتي ۾ هلي اسان کي اجازت نامون ڏئي اچي. ان لاءِ به هو ٻيو نه ته سؤ ٻه سؤ ريال خرچي گهري ٿو، نه ته موڪل بنا پوليس جهلي ويندي. هي غلاميءَ جو قسم ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڪير ٿو چوي ته غلامي ختم ٿي وئي؟” هن ڏک مان چيو.