هي ڌرتي هي رڻ پٽ
دريءَ مان هڪ دفعو وري ڏسان ٿو. بس ايئرڪنديشنڊ آهي، پر ٻاهر جي سخت اس مان گرمي ۽ تپش جو اندازو لڳائي سگهان ٿو. پري پري تائين ريتي ۽ واري نظر اچي ٿي يا ڪو بنا وڻن جي ٽَڪري/جبل. هيءَ گرمي، هيءَ ريتي، هي بيابان جتي نه وڻ ٽڻ آهي نه پکي پکڻ. پر مونکي هيءَ ڌرتي عزيز آهي. مون لاءِ هي پٽ قابل احترام آهي. هنن رستن تان لنگهندي پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان _ ان ڪري نه ته تيل ڪري هي ملڪ دنيا جو امير ترين ٿي ويو آهي. ان ڪري نه ته هتي ٽي وي جو بٽڻ دٻائڻ سان پنڌرهن چئنلن مان Choice ڪري سگهجي ٿو. هنن پٽن تان لنگهندي عقيدت سان هنن رستن، ٽڪرين رڻ پٽن ۽ انهن ۾ موجود ڳوٺڙن کي ان ڪري چتائي نه ڏسي رهيو آهيان ته اڄ ڪلهه هتي دنيا جا چاڪليٽ، چيونگ گم، چيز ۽ چپس ملن ٿيون. مون لاءِ هي پٽ قابل احترام آهن ڇو جو هي اهي پٽ آهن جتان انسانيت جو رهنما، هن دنيا تي صدين کان پئدا ٿيندڙ نبين جو آخري نبي، محمد صلعم ۽ ان جا ساٿي سڄڻ، مائٽ، عزيز اڄ کان چوڏهن سؤ کن سال اڳ هتان نه ته هُتان، هن راهه رستي تان نه ته هن پيچري پنڌ تان لنگهي مديني کان بدر، مڪي کان مديني، مديني کان ينبي سفر ڪيو هو.