سعودي عرب جا ماڻهو
اڄ ڪلهه پيٽرول جي دولت ڪري سعودي عرب، ڪويت، دبئي وغيره سکيا ستابا ۽ امير ملڪ ٿيڻ ڪري مشهور ٿيا آهن، يا اسلام کا پوءِ مڪو مدينو _ حجاز مشهور هو نه ته اسلام کان اڳ وارن ڏينهن ۾ ڪعبي ۽ واپار وڙي جي ڪري فقط مڪي جو شهر مشهور هو، نه ته سڄي عربستان ۾ يمن وڌيڪ ناليرو هو، جتي راڻي شيبا جو تخت ۽ تاج هو. حاظرالموت وارو علائقو به يمن ۾ اچي ٿو. عدن به يمن جو بندرگاهه آهي، جيڪو هن صدي جي پهرين اڌ تائين سنگاپور، هانگ ڪانگ، دبئي، لاس پاماس جهڙن بندرگاهن کان به گهڻو مشهور هو. سندس مقابلي جو بندرگاهه ۽ واپار جو مرڪز فقط ڪولمبو هو، جيڪو پڻ عدن وانگر اهم جاگرافي هنڌ تي آهي، جتان جهازن جو گهڻو لنگهه ٿئي ٿو.
حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ يمن تي Abyssina (حبش) وارن جو قبضو هو. ۽ هنن چاهيو ٿي ته مڪي ۾ حج تي ماڻهن جو اچڻ گهٽائي يمن ڏي ڪيو وڃي. انهن ڏينهن ۾ اسلام اڃان نه آيو هو، پر بهرحال حج لاءِ عرب دنيا جا ماڻهو ڪعبي ايندا هئا، جِتي پوڄا لاءِ ڪيترائي بت رکيل هئا. يمن وارن ڪعبي کي ڊاهڻ لاءِ حملو ڪيو، پر ان جي الله تعالى طرفان پکين جي روپ ۾ مدد آئي، جنهن جو ذڪر قرآن شريف ۾ آهي ۽ هن ڪتاب ۾ پڻ لکي چڪو آهيان.
سعودي عرب جا رهاڪو سني مسلمان آهن ۽ گهڻو ڪري امام حنبلي جا پوئلڳ آهن، جيئن پاڪستان هندستان پاسي جي ماڻهن جو امام حنفي (767 - 699) جي خيالن School of Thoughts سان تعلق آهي ۽ ملائشيا پاسي جي سني مسلمانن جو امام شافعي سان، جيڪو سن 767 ۾ ڄائو ۽ 820 ۾ وفات ڪئي ۽ چوٿون امام مالڪ ابن اناس، جنهن جو آفريڪا پاسي گهڻو اثر رسوخ آهي. پاڻ 715 ۾ ڄاوا ۽ 795ع ۾ وفات ڪيائون.
اسان وٽ وهابيءَ جو لفظ فقط استعمال ڪيو وڃي ٿو، بلڪ ڪن صورتن ۾ ان جو غلط استعمال ٿئي ٿو. خاص ڪري سنڌ ۾. چوندا فلاڻو وهابي آهي. پڇبو ڇا مطلب؟ وراڻيندو دين کان ڦريل آهي. پڇبو ڪيئن ڦريل آهي؟ وراڻيندا: ڳوٺ جي پيرن فقيرن کي نٿو مڃي. اسان جي ڳوٺ ۾ به الٽو انهن ماڻهن لاءِ چيو وڃي ٿو جيڪي دراصل اسلام مذهب تي صحيح طرح عمل ڪن ٿا ۽ شرڪ کان پاسو ڪن ٿا. اسان وٽ جاهليت هجڻ ڪري انهن کي دين کان ڦريل سمجهيو وڃي ٿو جيڪي قبرن، جهنڊن وڻن ٽڻن، پڙن جي پوڄا نٿا ڪن. جيئن اڄ ڪلهه اسان جي ڳوٺ ۾ مولوي خالد نالي هڪ نوجوان اسلام جي صحيح تعليم ڏيڻ ڪارڻ شرڪ جي ڪمن کان منع ٿو ڪري ته ڪيترا ماڻهو، خاص ڪري اهي ملان مجاور جن جي ڪمائي ۽ روزگار ماڻهن کي قبرن جي پوڄا ڪرڻ، ٽوڻا ڦيڻا ڪرڻ ۽ ساٽن سوڻن ڏي رغبت ڏيارڻ آهي، اهي احتجاج ڪن ٿا.
قرآن ۾ جيڪي آهي يا حضور صلعم جن جيڪي فرمايو.... اهو صحيح اسلام آهي. ان کان وقت بوقت مختلف دورن ۽ هنڌن تي ماڻهو ڦرندا رهيا آهن ۽ Deviation آڻيندا رهيا آهن. پوءِ ڪونه ڪو نيڪ انسان انهن کي صحيح راهه تي هلڻ جي تلقين ڪري ٿو، جيڪا قرآن ۽ سنت مطابق آهي. اڄ کان ٽي سؤ سال کن اڳ سن 1703ع ۾ اهڙو هڪ مرد مجاهد محمد بن عبدالوهاب نالي پئدا ٿيو. هو نجد ۾ رهيو ۽ سڄي عمر اسلام دين تي هلڻ لاءِ ماڻهن کي چوندو رهيو. جيڪي جيڪي بدعتون پئدا ٿي پيون هيون، هن انهن جي نشاندهي ڪئي ۽ قرآن ۽ سنت مطابق هلڻ لاءِ تلقين ڪئي. ڪيترن ماڻهن پنهنجو ڌنڌو چمڪائڻ لاءِ غلط ڳالهين کي کڻي ايجاد ڪيو هو، جيڪي شرڪ ۾ اچن ٿيون. بن عبدالوهاب انهن کي بند ڪرايو ۽ اسلام جي قاعدن قانونن تي سختي سان هلڻ لاءِ چيو. محمد بن عبدالوهاب سني مسلمان هو ۽ هن سنت رسول تي هلڻ لاءِ چيو ٿي. ان ڪري اهو غلط آهي ته وهابين ۽ سنين جا ٻه گروپ ٺاهيا وڃن. وهابي به سني آهن.
سعودي عربن لاءِ ٻيو کڻي ڇا به چيو وڃي ته هو مغرور آهن، ڄٽ آهن، عياش آهن، خرچائو آهن وغيره، پر اهو آهي ته هنن جو هڪ الله ۾ وڏو ويساهه آهي. هو الله سان گڏ ڪنهن کي شريڪ ڪري شرڪ جهڙو ڪم نٿا ڪن، جيڪو اسلام ۾ سڀ کان وڏو گناهه جو ڪم آهي. هو اگهائي سگهائي، غريبي اميري، ڏک سک ۾ سنئون سڌو رب پاڪ سان رجوع ٿين ٿا. ڪوڙن پيرن فقيرن، قبرن مزارن، جهنڊن تابوتن اڳيان هٿ ٻڌي نٿا بيهن. مري ويلن جي قبرن تي چادرون چاڙهي انهن کي يا انهن جي چوڌاري لڳل ڄارين کي چميون ڏيئي پنهنجي ڪاروبار، نوڪري يا اولاد جي گهر نٿا ڪن. هنن جو پڪو يقين آهي ته ڏيڻ وارو الله آهي، جئين شاهه لطيف به چيو آهي ته ' تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن'. پر اها شاهه لطيف جي بدقسمتي آهي جو پويان سندس پيغام کي سمجهڻ بدران وتن سندس ئي قبر کي چميون ڏيندا ۽ ان مٿان پڙ چاڙهيندا. ويندي حضور صلعم جن جي روضي پاڪ جي ڄاريءَ کي به ائين چمڻ جي اجازت ناهي جو اها ڳالهه شرڪ ۾ اچيو وڃي ٿي. بيت الله ۾ رکيل پٿر حجر اسود کي فقط چميو وڃي ٿو، ان ڪري جو ان لاءِ رب پاڪ کان حڪم ٿيل آهي. تڏهن ته حضرت عمر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن حجر اسود کي چمي ڏيندي چيو هو: “ رب پاڪ طرفان حڪم ٿيل آهي تڏهن توکي چمي ڏيان ٿو نه ته تون ته هڪ پٿر آهين.”