ويزائن جو سودو
مٿي لکيو اٿم ته ڪيترا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر هتي نوڪري ڳولڻ لاءِ اچڻ وقت ڊرائيور يا نوڪر (Servant) جي ويزا تي اچن ٿا. ڇو جو ڊاڪٽر جي ويزا ته فقط اهو عرب ڏئي سگهندو جنهن کي اسپتال هجي پر نوڪر، آيا، بورچي ۽ ڊرائيور هر عرب گهرائي سگهي ٿو. پوءِ ڪيترن عربن کي ڪم واري جي ضرورت ناهي يا اگر آهي ته به انهن وٽ ايترو پئسو ناهي جو بورچي، بئرو يا ڊرائيور رکن. پوءِ هو پنهنجي سعودي سرڪار کان ماڻهو گهرائڻ لاءِ ٺلهي اجازت (Visa) وٺي اها ضرورت مند پاڪستاني، هندستاني، بنگلاديشي يا ڪنهن ٻئي کي پنجاهه هزار روپين کن ۾ وڪڻي ڏين ٿا، جيڪو هتي اچي پاڻهي پاڻ لاءِ نوڪري ڳولي ٿو. يعني ان عرب کي گهر ويٺي هڪ ويزا تي پنجاهه هزار روپيا ملي ويا (۽ جي بورچي، ڊرائيور ۽ نوڪر، ٽن جي ويزا ڏيڻ چاهي ٿو ته ڏيڍ لک ملي ويس) ۽ وٺڻ وارو هتي سعودي عرب ۾ پنهنجي خرچ تي اچي پنهنجي قابليت ۽ Demand مطابق نوڪري پاڻهي ڳوليندو وتي. اهڙي ويزا کي اوپن ويزا سڏين ٿا، يعني ويزا ڏيڻ وارو عرب نوڪري ڏيڻ لاءِ ٻڌل ناهي ۽ ويزا وٺندڙ لاءِ ضروري ناهي ته اها نوڪري ڳولي جيڪا ويزا تي لکيل آهي. هو ڊاڪٽر آهي ته ڀلي ڊاڪٽري ڳولهي، هوائي جهاز جو پائيلٽ آهي ته هتي جي ايئر ڪمپنين کان پائيلٽ جي خالي پوسٽ جو پڇائيندو وتي. ڪيترا عرب اهڙي طرح پنهنجي مليل ڪوٽا جون ويزائون وڪڻي ان ڪمائيءَ کي حق حلال جي ڪمائي ۽ پنهنجو حق سمجهن ٿا. ڪيترن عربن ته هتي Man Power Supply جي نالي سان آفيسون کڻي ڪڍيون آهن جن وٽ هڪ عرب کي ٻيو عرب ڏسيو پنهنجي ڪوٽا جون ويزائون اچيو وڪڻن ۽ پوءِ اهو آفيس وارو عرب، پاڪستان، بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾ ويزائون کڻي اچي اتي جي دلالن سان سودي بازي ڪري ٿو ۽ جيڪو گهڻو اگهه ڏئيس ٿو ان کي وڪڻي ٿو. دلال (ايجنٽ) وري پنهنجي ان تي ڪميشن رکي انهن مجبور بيروزگارن کي وڪڻي ڏين ٿا جيڪي هِتان هُتان ڪري سندن منهن گهريل قيمت اڳيان اچي رکن.
ڪراچي ۾ هڪ دفعي شيرٽن هوٽل جي لائونج ۾ بيٺو هوس ته هڪ پاڪستاني مرد ۽ هڪ عورت جيڪي ايجنٽ هئا، ويزائن بابت ڳالهائي رهيا هئا. سعودي عرب کان ڪو عرب ان هوٽل ۾ آيو هو ۽ ٽيهارو کن ويزائون وڪڻي رهيو هو. شهر جا ڪيترائي ايجنٽ اچي گڏ ٿيا هئا. جيڪي هن کي پنهنجي پنهنجي آڇ ڏئي رهيا هئا. هي ٻه دل شڪستا ٿي موٽي آيا هئا ۽ ان سلسلي ۾ ڳالهائي رهيا هئا. مون به سندن ڳالهين ۾ دلچسپي وٺي کانئن احوال ورتو. هنن ٻڌايو ته عرب هر هڪ ويزا جا سٺ هزار گهري رهيو آهي ۽ ظاهر آهي پندرهن هزار کن اسان کي به فائدو رکڻ کپي جنهن بعد ان جي قيمت منو لک ٿئي ٿي، پر مني لک ۾ وٺڻ واري کي تمام مهانگي پوندي جو اڄ ڪلهه سعودي عرب ۾ سٺن پگهارن واريون نوڪريون آهن ڪٿي ۽ ماڻهو ايترو با خبر ٿي ويا آهن جو هاڻ سوچي سمجهي وٺن ٿا. سو اهڙي صورت ۾ يڪيون ٽيهه ويزائون وٺي پئسا سيڙائڻ اسان لاءِ سٺو نه ٿيندو.