عيد نماز
“وڃين ته ڀلي وڃ پر هن وقت مشڪل اٿئي، ظهر نماز تي ئي وڃي سگهندين، جو هن وقت بيحد گهڻي رش آهي.” حسن چيو. پر مون اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي. عيد نماز لاءِ صفون ٺاهي ماڻهو هڪ ٻئي جي ڀر ڀر ۾ ايترو ته سوڙهو ٿي بيٺل هئا جو ڏاڍي مشڪل بعد اٺ ڏهه صفون کن مس اڳتي وڌي سگهيس، مجبوراً پٺتي موٽيس جو حسن جي ڀر ۾ رکيل جاءِ وڃڻ جو به انديشو هو ۽ هن وقت منهنجو حسن سان گڏ ويهڻ ضروري هو، جو اڃان گهر موٽڻ وارو رستو ياد نه ٿيو هوم. واپس پنهنجي جاءِ ڏي وڃڻ وقت هڪ هنڌان لنگهي رهيو هوس ته ٻه همراهه سنڌي ٽوپين ۾ ويٺل ڏسي کين سلام ڪري پڇيومان ته هو ڪٿي جا آهن. “اسين عمراڻي آهيون، حيدرآباد جا، هتي نوڪري ڪريون ٿا.” هنن ٻڌايو.
سندن ڀر ۾ ترڪ ويٺل هئا، انهن جي پويان عرب، انهن جي پويان روس جا ڪنهن آذربائيجان جهڙي رياست جا همراهه. آخر اچي حسن جي ڀرسان ويٺس.
“اڳتي وڃي نه سگهيس. واقعي ڏاڍا ماڻهو آهن.” مون حسن کي چيو.
“هونءَ ته ايترا نه هجن ها، پر عيد نماز ڪري نه فقط مديني شهر جا پر اوسي پاسي جا رهاڪو به اڄ آيا آهن.” حسن ٻڌايو.
اسين عيد نماز شروع ٿيڻ تائين قرآن شريف کڻي پڙهندا رهياسين. ٻيا انيڪ آيل نمازي پڻ قرآن پڙهندا رهيا. قرآن شريف جون هزارين ڪاپيون چوڌاري ٿنڀن وٽ ٺهيل مدنن تي رکيل هيون. حسن هڪ پنهنجي لاءِ ۽ هڪ مون لاءِ کڻي آيو. مون پنهنجي ڪاپي بدلائي ٻي کڻي آيس، جيڪا اسان پاڪستانين لاءِ ڇپيل آهي. حسن کي چيم ته ٻئي عربي ۾ آهن، پر اسان جيڪو قرآن شريف پڙهون ٿا ان تي زير زبرون وغيره چٽي طرح ڏنل آهن ۽ اسان کي اهو پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي، مونکي ڪنهن ٻڌايو ته سعودي حڪومت سڀ هڪ جهڙا قرآن شريف ڇپائڻ چاهيا ٿي پر پوءِ ان ۾ جنرل ضيا جي ڪوششن سان سعودي حڪومت ڳالهه مڃي ۽ اسان لاءِ اهي ڇپرايا جيڪي اسين پاڪستان ۾ تاج ڪمپنيءَ ۽ ٻين ڪمپنين جا ڇپيل قرآن پڙهون ٿا، مونکي به ان ڳالهه جو پهرين احساس نه هو، پوءِ ڪجهه سال اڳ ملائيشيا ۾ سعودي عرب جي سفارت خاني جي عرب سفير ڪنهن دعوت ۾ مونکي قرآن شريف جو تمام وڏو ڇاپو ڏنو جيڪو مون پڦي کي اچي ڏنو، جيئن هن کي ان قرآن جا وڏا اکر هجڻ ڪري پڙهڻ ۾ آساني ٿئي. پر پوءِ هن ٻڌايو ته هن کي ان کان پاڪستاني ڇاپو پڙهڻ ۾ سولو لڳي ٿو، انڊيا ۽ بنگلاديش ۾ به اهو پڙهيو وڃي ٿو. باقي سوڊان، لبيا، تيونيشيا، مصر جهڙن ملڪن ۾ جتي عربي ڳالهائي وڃي ٿي، اتي سعودي عرب وارو ڇاپو پڙهيو وڃي ٿو. جو ڪنهن ڪنهن اکر مٿان زير زبر نه آهي، ته به عربي سمجهڻ ڪري هنن کي پڙهڻ ۾ تڪليف نٿي ٿئي.
عيد نماز ۽ خطبي بعد ماڻهن جي رش گهٽڻ لڳي. ذوالحج جي عيد ڪري ڪيترن کي قربانيءَ لاءِ وڃڻو هو. ٻين کي پنهنجن ڏورانهن ڳوٺن ڏانهن. جيتوڻيڪ اڃان سون جي تعداد ۾ ماڻهو موجود هئا .پر اهي ايترا نه هئا جو اڳتي روضي پاڪ ڏي هلي نه سگهجي. عيد نماز بعد نه حسن ڀاڪر پائي عيد مبارڪ ڪئي ۽ نه مون ۽ نه ٻين ڪيترن ملڪن جي ماڻهن. جيتوڻيڪ آئون غور سان ڏسي رهيو هوس ته هتي جيڪا رسم هجي، هڪ ڀاڪر يا ٽي ڀاڪر پائي يا هٿ ملائي ملڻ جي آئون به ائين ڪريان. پر هتي جي عربن اهڙو ڪو به وهنوار يا ريت رسم نه ڏيکاري، ان مان لڳو ته اهي ٽي دفعا ڀاڪر پائي عيد ملڻ اسان وٽ پاڪستان هندستان ۾ ئي رسم آهي. جنهن جو مذهب سان ڪو واسطو ناهي. ها، هڪ ڳالهه البت نوٽ ڪيم، چيو ويندو آهي ته عيد نماز بعد عيد جو خطبو ٻڌڻ به اوترو ئي ضروري آهي جيتري عيد نماز. مون ملائيشيا توڙي سئيڊن جي مسجدن ۾ عيد نماز پڙهڻ وقت ڏٺو ته نماز پوري ٿيڻ بعد واقعي هر هڪ نمازي پنهنجي جاءِ تي ويهي خاموشي سان خطبو ٻڌو ٿي. هتي مديني جي هن اهم مسجد نبوي ۾ به نماز بعد سڀ پنهنجي جاءِ تي خطبو ٻڌي رهيا هئا. پر وچ وچ تي ڪجهه همراهه اٿي کڙا ٿيا ٿي ۽ ٽي ٽي دفعا ڀاڪر پائي هڪ ٻئي کي عيد مبارڪون ڏين لڳا، اهي سڀ سٿڻن قمصين ۾ هئا. يعني اسان جا پاڪستاني ئي هئا. گهڻا تڻا پنجاب پاسي جي ٻهراڙين جا هئا، جن کي لڳي ٿو ته ان ڳالهه جي ڄاڻ نه هئي، اسان جي ڳوٺ هالا ۾ به عيد نماز ختم ٿيڻ سان ڪيترا ٻهراڙي کان آيل بنا خطبي ٻڌڻ جي اٿي کڙا ٿيندا آهن.
منهنجو عرب دوست حسن، ٻيا عرب ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جا ماڻهو نه ڪنهن سان مليا ۽ نه وري مون ئي ڪنهن سان ملي عيد مبارڪ ڪئي. ها البت اڳئين ۽ وچين نماز تي مونکي جيڪو سنڌي ٽوپي، پٽڪي يا سنڌي ڳالهائيندي مسجد اندر يا ٻاهر مليو ٿي ته ان کي هڪ ڀاڪر پائي عيد مبارڪ ڪري خبر چار پڇيم ٿي ته هو سنڌ جي ڪهڙي شهر جو آهي ۽ ڇا ڪري ٿو. گهڻا تڻا اتر سنڌ جي ڳوٺن جا هاري نظر آيا، جيڪي هتي مديني ۾ يا ان جي آس پاس کجيءَ جي باغن ۾ ڪم ڪن ٿا.