مسافر مٿي جو سور ٿين ٿا
مٿين همراهه سان ڳالهه ٻولهه جي شروعات ۾ ٿوري غلط فهمي پيدا ٿي، جو پهرين مون سمجهو هو مٿي ڦريل ۽ مغرور آهي، پر پوءِ سمجهي ويس ته سندس ڳالهائڻ جو طريقو اهڙو کهرو ۽ اڇل مان آهي، نه ته ماڻهو سٺو ۽ الله لوڪ آهي. ساڻس ڳالهائڻ جي شروعات مون اهو پڇي ڪئي ته هو ڪهڙي نوڪري لاءِ وڃي رهيو آهي. هن زور سان وراڻيو: “او مون کي ته سعوديه ۾ ست سال ٿي ويا آهن. اتي Valve-man آهيان، پاڻيءَ جي وڏي پائيپ کولڻ بند ڪرڻ جو ڪم اٿم. پگهار ڪو خاص ناهي. اٺ سؤ ريال هوم. هاڻ هزار ٿيو آهي. پر شڪر آهي. بي ٻي سال مهيني لاءِ وطن وڃڻ جي موڪل ملندي اٿم. هوائي جهاز جا ڪئين چڪر هڻي چڪو آهيان. توهان جو پهريون دفعو آهي-؟”
سندس ان آخري سوال کان لمحو کن اڳ ايئر هوسٽس اچي لنگهي، تنهن کان پڇيم ته آيا چانهه ملي سگهندي يا نه.
هوءَ بي رخيءَ سان اڌ گابرو (سو به انڪاري) جواب ڏيئي هلي وئي. هڪ صبح کان چانهه نه ملڻ ڪري اسان جهڙي مستري ماڻهوءَ جو دماغ چڪرائي رهيو هو. ويتر چانهه ملڻ جي اميد بدران رکو جواب مليو سو اندر جو سور اڃان سهسائي رهيو هوس ته بهاولپور جي هن پاڙيسري پئسينجر جو هي عجيب سوال مون غلط انداز ۾ سمجهيو. هن جو مطلب هو ته سعودي پهريون دفعو پيو وڃين. پر مون کي لڳو ته منهنجي ڪمهلي چانهه گهرڻ تي هو مونکي ٽوڪي پيو ته آئون پهريون دفعو هوائي جهاز ۾ چڙهيو آهيان. پر پوءِ پاڻ ئي وضاحت ڪيائين ته مون حقيقت ٻڌائيمانس.
“ها مان سعودي عرب پهريو دفعو وڃي رهيو آهيان، بس قسمت ۾ نه هو ، سڄي عمر ٻين ملڪن ۾ گذاريم پر هيڏانهن نه اچي سگهيس نه وري ڪا اچڻ جي ڪوشش ڪيم” مون ٻڌايومانس. منهنجي جواب ۾ ڪجھ ڏک ۽ افسوس جو پهلو به صاف ظاهر هو
“اهو ئي ته آئون چوان پيو ته ڪيڏي افسوس جي ڳالھ آهي سڄي دنيا ڏي ويندو رهين پر هن ملڪ ۾ نه آئين جتي خدا جو گهر آهي آئون غريب ٻچڙيوال ماڻهو آهيان، ڇا پگهار اٿم هن مهانگائي جي زماني ۾ هزار ريال يعني ساڍا اٺ هزار رپيا ڇا آهي ، ٽي هزار رپيا کن ته رڳو پيٽ ۽ گندي ڪپڙي تي ئي خرچ ٿيو وڃن ان هوندي به مون پاڻ ٽي حج ڪيا آهن منهنجو پيءَ فوت ٿي چڪو آهي پر ماءٌ کي حج ڪرايو اٿم ۽ ايندڙ سال انشاالله زال کي به حج ڪرائيندس” بس مون لاءِ ڪجھ دعا ڪجاءِ، “ مان وراڻيومانس: “هر انسان کي ٻي جهان جو به سوچڻ کپي هيءَ زندگي ڇا آهي. رڳو خون خرابا لڳا پيا آهن، ڪنهن کي پنهنجي حياتي جي ڇا خبر آهي، ڇا پڪ اٿئون ته دهران تائين به صحيح سلامت پهچنداسين؟ انسان کي پنهنجي ٻي ساھ جي به خبر ناهي. انڪري ماڻهو هن حياتي کي خواب سمجهي اصل زندگي لاءِ ڪو ثمر گڏ ڪري “ هن مونکي سمجهايو. ان بعد سگهو ئي دهران جو هوائي اڏو اچي ويو، هن موڪلايو. هن سان گڏ اڌ کن جهاز جا ٻيا مسافر به اتي ئي لٿا جن کي دهران يا اوسي پاسي جي شهرن، الخبر، دمام، جبيل، راس تنورا ڏانهن وڃڻو هو، انهن مان ڪي بندرگاھ آهن ۽ گهڻو ڪري منجهن تيل جا ڪارخانا آهن، جتي ڌارين ملڪن جا انجنئير، ڊاڪٽر توڙي مزدور طبقو ڪم ڪري ٿو، اهي شهر ايران، ڪويت، دبئي، دوحا کي ويجها آهن. ۽ ايراني يا عربي نار جا شهر سڏجن ٿا. جدو، ينبو، مڪو، مدينو، باحا، خميس، مشيط، مجران، نجران، جيزان اولھ سعودي عرب جا شهر ۽ بندرگاھ آهن، ۽ بحر الحمر (ڳاڙهي سمنڊ) وارا شهر سڏجن ٿا. سوڊان، جبوتي، صوماليا، مصر، اردن وغيرا هنن شهرن کي ويجهو آهن .
جهاز ۾ باقي ڪي اڌ کن مسافر وڃي بچياسين. ڪجھ مسافرن هيٺ لهي ٽنگ ڊگهي ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪئبن جي عملي خاص ڪري چيف اسٽيورڊ جيڪو سوڊاني نسل جو عرب لڳو ٿي ۽ انگريزي ۽ عربي سٺي ڳالهائي رهيو هو ، تنهن سختي سان منع ڪئي ته اڳتي جي سفر جو ڪو به مسافر نه لهي. “ڇا ظلم آهي” منهنجي پويان ويٺل هڪ پنجابي نوجوان پنهنجي منهن پر چڱي زور سان چيو “ڪلاڪ جهاز بيهندو پر جهاز مان لهڻ نه ڏيندا، انسانيت به ڪا شيءَ آهي . شهر ڏي ته نه ڀڄي وينداسين. اتي ئي ٽرانزٽ لائونج ۾ پيا ڦرنداسين” حقيقت ۾ مون به اهوئي چاهيو ٿي ته هيترو وقت جهاز ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويهڻ بعد ڪجھ ٽهلڻ کپي، جيتوڻيڪ ٻاهر سخت اس ۽ گرمي هئي، جنهن مان لنگهي فرلانگ کن پري لائونج تائين وڃڻ تي عام حالتن ۾ ڪنهن جي به دل نه چوندي، پر جهاز ۾ ويٺي ويٺي هر هڪ ٿڪجي پيو هو، پر هتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ڇا ٿو ڪري سگهجي . ويتر جهاز جو در کولي ڇڏڻ ۽ ايئر ڪان بند ڪرڻ تي جهاز ۾ به گرمي ٿي پئي. خبر پئي ته هتان ڪو مسافر به چڙهڻ وارو نه آهي، پر تڏهن به جهاز لاءِ بيهڻ ضروري هو، جئين ان ڪلاڪ ۾ ڪناري جا صفائي وارا جهاز کي صاف ڪري وڃن پر ڀنگي ته ڇا ڀنگين جو جمعدار به ٺلهي خانا پوري ڪرڻ لاءِ به نه پهتو ۽ جهاز ئي گندي حالت ۾ ائين هلڻ لڳو، مون ته ائين ئي سوچيو ته آيا هي وهنوار نارمل آهي يا پاڪستاني مسافرن جي هجڻ ڪري آهي! ڇا سنگاپور، ملائيشا، جاپان، ڪوريا يا ڪويت، يونان، جرمني، فرانس جا مسافر کڻي ايندڙ هن ڪمپني سعوديه جي جهاز سان سان به اها ئي ڪار ٿئي ها؟ اهڙي ئي گندي حالت ۾ اڏاريو وڃي ها؟
خبر ناهي منهنجي دل ته نٿي مڃي ، ساڳئي وقت نه ان بابت ڄاڻ اٿم. ڪنهن سعودي ايئر ڪمپني جي سڃاڻي کان معلوم ڪندس ته پاڪستانين کي توهان جانور سمجهو ٿا يا ان کان به بدتر.
هاڻ وري هڪ ٻيو دفعو ايئر هوسٽيس سڀني لاءِ شربت کڻي آئي آهي. هر هڪ سهوليت کي ڳولي ٿو . ڪو زمانو هو مسافرن جو نخرو کنيو ويندو هو. پر هاڻ مسافر مٿي جو سور آهن. چانھ يا ڪافي (سرو) ڪر معنا ڪنهن کي کنڊ وڌيڪ کپي، ڪنهن کي کير کپي ۽ ڪنهن کي پاڻي به کپي. ان کان بهتر آهي هڻ شربت سڀني جي منهن ۾ . سو به اڌ گلاس، گهڻو ڏيڻ سان وري باٿ روم ڏي اٿ ويھ ٿيندي، جيئن اسين پاڻي جي جهاز وارا مسافر جهاز هلائڻ کان “ڪارگو جهاز” هلائڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا. جنهن ۾ وڌيڪ سُک ۽ آرام جي ننڊ ملي ٿي. تيئن هوائي جهاز جو ڪئبن عملو چاهيندو هوندو ته هوائي جهاز ڏينهن جو هلڻ بدران رات جو هلي سو به ٻارهين هڪ کان پوءِ اولهه طرف جيئن رات نه کُٽي ۽ مسافر اونداهه ۾ بيهوش پيا هُجن.