ٽَڪُ ونگي ور گهڻا....
“ٻين کي ڌڪا ڏئي اڳتي وڌڻ بدران پاڻ هتي بيهي به دعا گهري سگهون ٿا.” حسن چيو.
ان بعد اسان گهر موٽياسين، حسن جو ڀيڻويو ان وقت اسان لاءِ نيرن جو ڪجهه سامان وٺي گهر ۾ گهڙي رهيو هو. هن شايد ڪنهن ٻي ڀر واري مسجد ۾ فجر ۽ عيد نماز پڙهي هئي. نيرن لاءِ پٽ تي وڇايل غاليچي مٿان پلاسٽڪ جي چادر وڇائي وئي، جنهن مٿان مختلف قسمن جا پنير، ماکي، ڪتل، ڌورو ۽ کير رکيو ويو. ٻين لاءِ سليماني چانهه مون لاءِ کير واري چانهه آئي. حسن جو پيٽ اڃان صحيح نه هو، تنهن گراهه اڌ کائي بس ڪئي. مون ماکيءَ سان نان کاڌو ۽ پنهنجو ۽ حسن جي حصي جو ڌورو کاڌو. حسن مديني ۾ پنهنجي ٻئي ڀيڻوئي ۽ ٻين مائٽن سان عيد ملڻ چاهي ٿي. مونکان منهنجي مرضي پڇيائين ته آيا آئون به ساڻس هلندس يا گهر ۾ ترسندس.
“تون ڀلي وڃ. تون سچو وقت انهن سان عربي ڳالهائيندين ۽ آئون بور ٿيندس. ان کان بهتر آهي آئون ٿوري دير سمهي پوءِ اڳئين نماز مسجد نبوي ۾ وڃي پڙهان.” مون حسن کي چيو.
“اڪيلو مسجد تائين پهچي ويندين.؟” حسن پڇيو.
“انشاءَالله تعاليٰ پهچي به ويندس ۽ گهر تائين موٽي به ايندس.” مون حسن کي پڪ ڏني.
“وري به رستو نه ڳولي سگهين ته هنن نمبرن تي مونکي يا منهنجن ڀيڻوين سان Contact ڪجانءَ.” حسن چيو.
حسن ۽ عمر ٻاهر نڪتا ته آئون چادر تاڻي سمهي رهيس. حسن جي ڀيڻ ۽ زال وئڪيوم ڪليئر کڻي ڊرائنگ روم صاف ڪرڻ لڳيون پر آئون ڪنڊ ۾ اکيون پوري سمهي رهيس. گهر جي صفائي بعد پوءِ هو ڪچن ۾ رڌ پچاءَ ۾ مشغول ٿي ويون. پئي ٿانون ۽ ديڳڙن جي ٺڪاٺوڪي ٿي. سمجهي ويس ته هتي يورپ وارو نه پر اسان پاڪستانين وارو نمونو آهي. بلڪ سنڌين وارو. جتي مرد ڪچهريون ڪن ۽ گهمن ڦرن ۽ سندن زالون، ڀيڻون، مائرون سڄو ڏينهن گهر جو پورهيو ڪن. پوءِ گهمي ڦري اچڻ تي پهرين مرد کائين پوءِ عورتون. ديڳڙن ۽ چمچن جي ٺڪاٺڪيءَ ۾ به مونکي ننڊ اچي وئي. رکي رکي ٿالهه يا ديڳڙي جو ڍڪ ڪِريو ٿي ته اک کلي ٿي، نه ته وري کونگهرن ۾ هوس جو هڪ ته سخت ٿڪ ۽ اوجاڳو هو ۽ ٻيو ڌورو حد کان وڌيڪ کاڌو هوم ان جا نشا هئا. اک کلڻ تي واچ ڏي ڏٺم ٿي ته ڪٿي اڳئينءَ نماز جو وقت نه نڪري وڃي ۽ هيڏي منزل ڪري هتي پهچڻ بعد نماز مسجد ۾ جماعت سان ادا ٿيڻ کان رهجي نه وڃان. جيڪي ماڻهو هتي رهيا پيا آهن. انهن لاءِ ته مڙيئي خير آهي. باقي مون جهڙا گنهگار جيڪي قسمت سان هتي اچن ٿا انهن کي هتي پهچي ائين ننڊون ڪرڻ نٿو جڳائي جو نماز جو وقت به هلي ويو ته پوءِ منهن ۾ ڇا رهندو.
سي تو ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن،
آرٽ اوڏي نه ٿئين، ڀوري! ڦوري سيئن،
ڪنڌ کڻندينءَ ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي-؟
۽ اسين گنگهار به سڄي عمر خبر ناهي ڪٿان ڪٿان ڌڪا ٿاٻا کائي اچي هاڻ هن پٽ تي پيا آهيون، نه چڱي طرح نماز اچي ٿي نه قرآن، رول ٻار وانگر سڄو ڏينهن ڀٽڪي ڀٽڪي موٽي اچي گهر جي چانئٺ تي پيا آهيون. ان ماڻهوءَ وانگر جنهن سڄي عمر ڪجهه نه سکيو هاڻ ڪهڙو پورهيو ڪري ڪمائي سگهندو.
ٽَڪُ ونگي وَر گهڻان، ڪتيان ڪُڄاڙو؟
ڪاپي مٿان ڪيترو، آڻيان اڌارو؟
جي وَر ڏئي وارو، ته سونهان سرتين وچ ۾!