ميقات
مڪي شريف حج يا عمري لاءِ ويندي وقت ڪن خاص هنڌن تي پهچڻ کانپوءِ اڳتي وڌڻ لاءِ احرام ٻڌڻو پوي ٿو. اهڙن هنڌن کي ميقات سڏجي ٿو. حضور صلعم جن مڪي جي چوڌاري ڪجهه هنڌ اهڙا مقرر ڪري ڇڏيا آهن. جن کانپوءِ حج ۽ عمري جي مسافر کي احرام ٻڌڻ کپي. ان تي پابندي نه ڪرڻ وارو گنهگار ٿئي ٿو. ڀُل ۾ بنا احرام جي حرم تائين پهچڻ واري کي ان ڏوهه جي عيوض ٻڪري يا رڍ جي قرباني ڏيڻ کپي.
موجوده حڪومت جئين ڪو نئون رستو مڪي ڏي ٺاهي ٿي ته احرام جي پابندي واري جاءِ شروع ٿيڻ واري هنڌ مسافرن جي اطلاع لاءِ ميقات جو وڏو بورڊ لڳرايو ڇڏي، جئين هر هڪ چڱيءَ طرح آگاهه رهي. بلڪه انهن هنڌن تي حڪومت وڏا ڪمرا ۽ هال ٺهرائي ڇڏيا آهن. جئين مسافر آرام سان ڪپڙا بدلائي احرام ٻڌي سگهن.
ينبو کان مديني ويندي وقت ميقات جي جاءِ مديني کان ٿورو پهرين اچي ٿي. مديني بعد اسان جدي هليا ويا سين ۽ واپس ينبو ٻئي رستي تان موٽياسين. جنهن تي پڻ ميقات جو بورڊ لڳل آحي. اهي بورڊ سعودي عرب جي مڪاني ماڻهن يا انهن لاءِ آهن جيڪي ڀر وارن ملڪن مان اچن ٿا. جئين شام، مصر، ترڪي وغيره. جدي کان مڪي ڏي ويندڙ مسافر جنهن رستي کان وڃن ٿا، اهو ٻيو رستو آهي، اتي پڻ ميقات واري هنڌ تي بورڊ لڳل آهن. موراڪو، الجيريا، ٽيونيشيا، ماريطانيا، سوڊان وغيره کان مڪي ايندڙ مسافر جدي پهچي پوءِ مڪي ڏي ويندي رستي تي ميقات وٽ احرام ٻڌن ٿا. پر پاڪستان کان ايندڙ مسافرن کي کپي ته هو ڪراچي کان ئي احرام ٻڌي پوءِ هوائي جهاز ۾ چڙهن. ڇو جو هوائي جهاز کي ڪراچي کان جدي ايندي ميقات وٽان پهرين لنگهڻو پوي ٿو. ان ڪري اهي مسافر جيڪي ڪراچي کان احرام نٿا ٻڌن انهن کي کپي ته پائيليٽ کان معلوم ڪري ميقات اچڻ کان اڳ هوائي جهاز ۾ ئي احرام ٻڌن ۽ تلبيه چون، يعني؛ لبيڪ اللهم لبيڪ لبيڪ لا شريڪ لڪ لبيڪ. (اي الله آئون حاضر آهيان. آئون حاضر آهيان، تنهنجو ڪو شريڪ ناهي.) تلبيه احرام ٻڌڻ سان ئي ٽي دفعا پڙهڻ کپي ۽ پوءِ به هر وقت پڙهندو رهڻ کپي.