ويزا ملڻ جو طريقو
اهڙي طرح هڪڙو مون وانگر کڻي اڪيلائي پسند هجي. ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ملڻ جلڻ کان ڀڄندو هجي، پر ته به هو سڄو ڏينهن ماٺ ۾ رهي نٿو سگهي. ٿورو گهڻو هو ضرور ڳالهائڻ چاهي ٿو. سو هتي ٿورو يا گهڻي ڳالهائڻ وارو ڳوليندو وتندو آهي ته ڪنهن سان ڪچهري ڪجي جو هتي هرڪو اڪيلو آهي ۽ ساڳي رسم، رواج ڪلچر ۽ زبان ڳالهائيندڙ جتي ڪٿي نٿو ملي. هڪ اهو به سبب آهي جو سڄو ڏينهن پورهيو يا ڊيوٽي ڏيڻ بعد غريب غربو شهر جي ههڙن هنڌن تي اچيو گڏ ٿئي ۽ ڪنهن سان به ڳالهائڻ تي توهان کي سٺي موٽ ملي ٿي. پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن دڪان ۾ ڪم ڪندڙ کي چئجي ته “ ڪر خبر اها نوڪري ڪيئن ٿي لڳئي. مالڪ سٺو هلئي ٿو يا نه؟” _ ته هو ائين به چئي سگهي ٿو ته تون ڪير ٿيندو آهين پڇڻ وارو. پر هتي يا ههڙن پرديس وارن هنڌن تي جتي نه فلم نه ٿيٽر نه پارڪ نه فئملي لائيف، اتي هرڪو ڳالهائڻ لاءِ آتو آهي. خوش هجي يا ڏکويل، هو پنهنجي اندر جا حال توهان کي ٻڌائي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ چاهي ٿو.
هن وچ شهر واري حصي ۾ جتي PIA جي آفيس به آهي ته هڪ ڪراچي پان هائوس به. ٿوري ٿوري فاصلي تي _ سؤ سوا سؤ قدمن جي فاصلي تي ٻه چار پٺاڻ موچي پڻ پٽ تي چادر وڇايو ويٺا آهن. بلڪ فٽ پاٿ تي جيڪڏهن ڪنهن جو دڪان آهي ته هنن پٺاڻن جو يا سامهون مسجد ابوبڪر اڳيان ٽماٽا ۽ ڏندڻ وڪڻندڙ پوڙهن مصرين جو. پر اهي فقط وچين، سانجهي ۽ سمهڻي نماز بعد ڪلاڪ اڌ لاءِ هوڪا ڏئي پنهنجو سامان وڪڻن. روز سوچيندو هوس ته هنن پٺاڻن سان خبرچار ڪجي، خاص ڪري سندن ڌنڌي بابت. سعودي عرب جهڙي امير ملڪ ۾ جتي ماڻهو چميل يا بوٽ ڇڄڻ تي اهو اڇلي وڃي نئون وٺندا هوندا، اتي کانئن ڪير ٽوپا ڏيارڻ اچي ٿو.
اڄ ابو صديق فوٽو اسٽوڊيو تان ڊرائيونگ لائسنس لاءِ فوٽو ڪڍرائي ٻاهر نڪتس ته سامهون هڪ پٺاڻ کي جوتا ڳنڍيندو ڏسي اچي ڀرسان بيٺوسانس. سلام دعا ڪرڻ بعد سندس ملڪ يعني ڳوٺ جو پڇيومانس.
“ آئون دير جو آهيان. هتي آئي مونکي اڍائي سال ٿي ويا آهن.” هن ٻڌايو. پاڻ ٽيهن پنجٽيهن سالن جو ٿيندو.
“ ڪفيل ڪير اٿئي؟” مون پڇيومانس. منهنجو مطلب هو ڪهڙي عرب گهرايو اٿس. ڇو جو ڪن ملڪن ۾ توهان ائين وڃي سگهو ٿا. يعني سامان جي بئگ ٺاهي ٽڪيٽ وٺي سڌو وڃي اتي نڪرو. ايئرپورٽ تي پهچڻ مهل اميگريشن آفيسر توهان کي هنن جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ ٽن يا ڇهن، يا ويندي سال کن رهڻ جي ويزا جو ٺپو پاسپورٽ تي هڻي ڏيندو. توهان پيا اتي گهمو ڦرو ڪير توهان جو نالو نه وٺندو. پر هاڻ اسان پاڪستانين لاءِ اهڙا ملڪ ڪي وڃي ايڪڙ ٻيڪڙ بچيا آهن. شايد بنگلاديش، سري لنڪا جهڙا. نه ته ملائيشيا، ٿائيلينڊ، ترڪي، ايران کان انگلنڊ، جپان ائين وڃي نڪربو هو. پر هاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ان ملڪ جي ايمبسيءَ مان اجازت نامون وٺڻو پوي ٿو. جنهن کي ويزا سڏجي ٿو. ۽ جيڪڏهن ايمبسيءَ ويزا نه ڏني ته پوءِ توهان ٽڪيٽ وٺي ڀلي ان ملڪ جي هوائي اڏي تائين وڃي پهچو، پر هوائي اڏي جي اميگريشن پوليس توهان کي ايئرپورٽ مان نڪري شهر جو رخ ڪرڻ نه ڏيندي. ٻي فلائيٽ ۾ توهان کي توهان جي خرچ تي پنهنجي ملڪ موڪليندي. پئسو يا ٽڪيٽ نه هجڻ تي توهان جي ملڪي يعني پاڪستاني سفارت خاني سان Contact ڪندا ته توهان کي پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي جو توهان غير قانوني طرح آيا آهيو. ڪي وري اهڙا نواب ملڪ آهن جن جي ويزا سندن سفارت خانن (ايمبسين) مان به تڏهن ملندي جڏهن سندن ملڪ جو ڪو ماڻهو توهان جو ذمو کڻي. جيئن اڄ ڪلهه اسان پاڪستانين لاءِ جپان، دبئي، ڪويت، سعودي عرب ۽ ٻيا ڪيترا ملڪ _ ويندي ملائيشيا پڻ ٿي پيو آهي. يعني هاڻ ملائيشيا يا دبئي جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ڪراچي يا اسلام آباد ۾ سندن سفارت خانن مان اڳواٽ ويزا وٺڻي پوي ٿي. جيڪا هو تڏهن ڏين ٿا جڏهن ڪو دبئي يا ملائيشيا جو رهاڪو لکت ۾ ذمو کڻي ته ڪجهه ٿي پيو ته ان لاءِ هو ٻڌل آهي. ڪن ملڪن ۾ ته گهمڻ ڦرڻ لاءِ به اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي گهڙڻ نٿا ڏين. چاهي کڻي اتي جو ڪو ماڻهو ذمو کڻي. مثال طور برونائي. برونائي جهڙي ملڪ ۾ ڌاريون ماڻهو تڏهن وڃي سگهي ٿو جڏهن اتي ڪا سرڪاري طرح نوڪري ملي. ساڳيو حال سعودي عرب جو آهي. پر سعودي عرب ۾ هڪ عام ماڻهو به توهان کي نوڪري ڏئي سگهي ٿو. توهان هن جي اجازت سان هن وٽ ڪم لاءِ اچي سگهو ٿا.