هن هوائي جهاز جا ٽئاليٽ
واچ ۾ وقت ڏٺم۔ نوَ کن ٿيا هئا۔ جهاز جي اڏام ساڍي ڏهين هئي۔ ڏهين تائين شايد ان هال ۾ ويهڻ بعد جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ چون۔
آئون هاڻ هوائي اڏي جي عمارت ڏسڻ بدران مسافرن ڏي ڏسان ٿو جيڪي هڪ هڪ ٿي گڏ ٿيندا وڃن۔ گهڻي ڀاڱي پٺاڻ ۽ افغاني نظر اچن ٿا۔ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سعودي عرب جي تتل ريتي ۽ گرمي ۾ اسان جي ملڪ جا هي سخت جان ماڻهو ئي پورهيو ڪري سگهن ٿا۔ ڪجهه ٻين قومن جا به آهن پر گهڻا تڻا مزور طبقي جا آهن۔ هڪ پڙهيل ڳڙهيل ٽائيپ پشاور جو ڏاڙهي سان همراهه منهنجي ڀرسان اچي ويٺو۔ مون سٺو موقعو ڏسي ساڻس خبر چار ڪئي۔ مون ته چاهيو ٿي ته ڪو اهڙو همراهه نڪري پوي جيڪو ينبو تائين وڃڻو هجي ته ان جي قميص جي ڪنڊ وٺي آئون به هلندو وڃان ۽ گهڻي ڀڄ ڀڄان کان بچي پوان. پر افسوس جو ان جهاز ۾، جيڪو رياض وڃي رهيو هو، ان ڏينهن هڪ به ينبو وڃڻ وارو نه هو. رياض جا ئي هئا يا وري اوسي پاسي جا، جن کي بس يا ٽئڪسي ذريعي رياض کان پنهنجن شهرن ڏي وڃڻو هو، جتي نوڪري ڪيائون ٿي.
منهنجي ڀر ۾ ويٺل مولوي احسن ٻڌايو ته هو چارسده ڳوٺ جو آهي. پاڪستان نيوي مان رٽائرڊ ڪرڻ بعد هاڻ سعودي عرب جي اوڀر واري بندرگاهه جبيل ۾ ڪم ڪري ٿو.
“جبيل ڪيئن ويندائو؟ رياض کان ته تمام پري آهي؟” سعودي عرب جا شهر منهنجا کڻي ڏٺل نه آهن، پر جاگرافيءَ جو شاگرد هجڻ ڪري ۽ ڪافي عرصو جهاز تي رهڻ ڪري اهم شهرن، خاص ڪري بندرگاههن جي ڄاڻ اٿم ته ڪهڙي ڪهڙي هنڌ تي آهن. رياض شهر وچ ۾ آهي ۽ اوڀر پاسي دمام، الخبر، دهران ۽ جبيل آهن ته اولهه ۾ جدو، ينبو، مڪو ۽ مدينو.
“آئون دهران ۾ لهندس. اتان بس ۾ هليو ويندس.” هن چيو.
“هي جهاز ته رياض پيو وڃي.” مون پنهنجي ٽڪيٽ کي هڪ وار وري پڙهي کيس چيو.
“ها، پر پهرين دهران هلندو اتي ڪلاڪ کن ترسي پوءِ رياض ويندو.” هن ٻڌايو. وقت پاس ڪرڻ لاءِ جيتوڻيڪ خبرون ڪندا رهياسين پر ڪا خاص خبر نه ٿي. نيٺ اچي جهاز ۾ چڙهياسين.
منهنجو خيال هو ته سعودي جا هوائي جهاز تمام سُٺا هوندا، پر هي ته ائين ئي هو يا شايد پاڪستان مان ڪُت خلق کڻڻ لاءِ هن روٽ تي اهڙا جهاز رکيا ويا آهن. اسان واري جهاز ۾ ٽي سؤ کان مٿي ماڻهو هئا، پر ٽئاليٽ فقط ٻه هئا. ۽ ٻئي جهاز جي بلڪل آخر ڇيڙي تي کاٻي پاسي هئا. ٻنهي جا دروازا هڪ ٻئي جي ڀرسان. هونءَ هڪ کاٻي هجي ها ۽ ٻيو ساڄي ته به ٻاهر انتظار ڪندڙن جو اڌ هڪ پاسي اڌ ٻي پاسي ٿي بيهي ها. پر سڀني ماڻهن جو اُن ئي هنڌ ميڙو هو ۽ هيترن ماڻهن لاءِ گقط ٻه ٽئاليٽ هجن ته رش جو ڇا حال هوندو. هر وقت گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست ماڻهو ٻاهر بيٺل نظر آيا ٿي. رکي رکي ماڻهن در کڙڪايا ٿي ته اندريون همراهه جلدي نڪري. جهاز ۾ ڪيتريون عورتون به هيون. جن کي به ساڳي پريشاني ٿي ٿي. پر مولوين جي هوائي جهاز جي ڪئبن Crew مان ڪنهن کان به اهو نه ٿي پڳو ته عورتن کي فرسٽ ڪلاس جي ڪاڪوس ڏي ئي کڻي موڪلين يا ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٻارن وارين عورتن کي، جن جا ٻار کين تنگ ڪري رهيا هئا.
رياض کان ٿورو اڳ مون کي به ٽئاليٽ ۾ گهڙڻ جو موقعو مليو. پر ڇا ٽئاليٽ جي حالت هئي. سڄو ٽشو پيپرن ۽ پنن سان ڀريو پيو هو. ڪموٽ چوڪ ٿيو پيو هو. ويهڻ جي سيٽ تي عورتون ٻارن کي صاف ڪري سندن نئپيون اتي ئي ڇڏي ويون هيون- هو به ڇا ڪن. انهن کي يا پنن کي ڦٽو ڪرڻ لاءِ ڪا باسڪيٽ يا ڊسپوزل بئگ نه هئي. هونءَ کڻي اسان جا پاڪستاني گدلا آهن، پر هن اڏام ۾ سعوديه وارن جي اسان لاءِ لاپرواهي ظاهر ٿي ٿي. اڄ کان پنجويهه سال اڳ PIA يا شايد اٽلي جي هوائي جهاز ۾ روم ويو هوس. اهو جهاز ڪراچي کان اڏامي هن هوائي اڏي (دهران) تي تيل لاءِ بيٺو هو. ان دوران ڪيترائي صفائي وارا چڙهيا ۽ ٽئاليٽ ته چلڪائي ويا پر هر هڪ ماڻهوءَ جي سيٽ ۾ لڳل ائش ٽري به صاف ڪري ويا. پر هينئر دهران ۾ ڪلاڪ کن جهاز بيٺو رهيو، پر ڪو صفائي وارو نه آيو. اڄ جي پاڪستاني کي عرب جانور ٿا سمجهن، شايد. هوائي جهاز جي ٽي ويءَ تي ڪجهه دير ڪارٽون هلائي پوءِ هڪ انگريزي فلم شروع ڪيائون. اڃان ٺهي ٺڪي ويٺاسين ڏسڻ ته ٽي وي بند ٿي وئي. خبر ناهي ڇا ٿيس. ماڻهو ڪنن مان ٻڌڻ جا اوزار ڪڍي پاسا ورائڻ لڳا. يا وري ٽئاليٽ ڏي رُخ رکڻ لڳا.