کائي ڪيتريون ٿلهيون ٿيون آهن
“هڪ ڳالهه مون هتي سعودي عرب ۾ نوٽ ڪئي آهي ته Construction جو معيار اوچو ناهي. اسان وٽ ڳوٺ ۾ بنا نقشي جاءِ ٺهندي ته به ڀتيون سڌيون، دروازن جا چونڪ توڙي تاڪ صحيح ماپ جا، اليڪٽرڪ جو ڪم بيحد پختو هوندو. هتي هي تنهنجو دڪان ته کڻي تنهنجي عرب ڪفيل جهڙو تهڙو ٺهرايو آهي، پر ويندي سٺن سٺن گهرن ۽ آفيسن جو خراب حال آهي. ويندي درن درين جا ڪنڍا صحيح نظر نه ٿا اچن. جنهن گهر ۾ آئون رهيل آهيان ان تي مالڪ خرچ تمام وڏو ڪرايو آهي. ويندي باٿ روم ۾ اٽليءَ کان ٽائيلون گهرائي هنيون اٿس. پر ڇا رازن ۽ واڍن ان جي ستياناس ڪئي آهي. سرن جي درزن مان سيمنٽ ٻاهر نڪتو پيو آهي. فرش جي ليول سڌي ناهي. ڪٿي اڌ سر جي جاءِ آهي ته پوءِ اڌ ماپ مطابق ڪٽي هڻڻ بدران چوٿو سر جو هڻي باقي جاءِ تي سيمنٽ هڻي ڇڏيو آهي. بتيون ۽ پنکن جا سئچ به اهڙي خراب نموني جا هنيا ويا آهن جو بنگلي کي ٺهي اڃان ٻه سال به نه ٿيا آهن ته سئچ جو باڪسون ڀت مان نڪري هيٺ پيون لڙڪن ۽ جيڪي لڳل آهن انهن مان ڪي سئچ هيٺ ڪرڻ سان بتي ٻري ٿي ته ڪن کي مٿي ڪرڻ سان.”
“سڄي سعودي عرب جو اهو حال آهي. هاڻ مڙيئي جدي ۽ رياض ۾ مڪان سازيءَ جو اتاهون معيار ٿي رهيو آهي نه ته گهڻن هنڌن تي اهو حال آهي. دراصل هتي هر ڪم ٺيڪي ۽ سب ٺيڪي تي ٿئي ٿو. وچ ۾ هر هڪ پنهنجي ڪمائي جو وڏو حصو رکڻ چاهي ٿو. پوءِ آخر ۾ اصل ڪم ڪرڻ واري لاءِ ڪو خاص نٿو بچي. هاڻ ٽيهه ريال ڏهاڙي تي مجبور واڍو، رازو، مستري ئي ڪم ڪندو. ڇو جو ٽيهه ريال يعني اڍائي سؤ رپيا ته هن کي پاڪستان هندستان ۾ به ملي سگهن ٿا. جتي جي موسم هتي جي کوري جهڙي نه هجڻ ڪري هو فرحت محسوس ڪري ٿو. ٺيڪ آهي ته توهان کڻي هن کي پنجاهه ريال ڏيو ٿا، پر اهو به ته سوچيو ته هو منو لک رپيا کن خرچي سال ٻن جي ويزا وٺي آيو آهي ته قرض لاهڻ بعد سراسري هن کي ٽيهه ريال مس ٿا وڃيو بچن. ۽ ايترن ٿورن پئسن ۾ ته سٺو رازو پاڪستان هندستان ۾ به نٿو ملي. توهان جي ڪم جو معيار چاهيو ٿا ته پوءِ پئسو خرچ ڪريو. پر هتي خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ گهڻو تڻو ڪم ٺيڪي ۽ خاناپوري تي هلي ٿو. آفيسن جي ديک ڀال ۽ بندرگاهه ۽ هوائي اڏا ته ٺهيو اسپتالن جو ڪم به ٺيڪي تي هلي ٿو. پوءِ ظاهر آهي جيترو توهان خرچ ڪندائو اوترو سٺو ڪم ڪرڻ وارو ملندو. مجبور ۽ پريشان پورهيت کي قرضي بنائي توهان هتي گهرائي ۽ ڪم جو اجورو جڏهن گهٽ ڏيو ٿا ته هو ڪهڙو سٺو ڪم ڪندو. ڀلي کڻي قابل واڍو رازو هجي.
“دراصل عربن وٽ پئسو ته اچي ويو آهي، پر کين خرچڻ جو ڍنگ نه آيو آهي.” حيدرآباد دکن جي درزيءَ ٻڌايو.
“ڪيئن ڀلا-؟” مون پڇيومانس.
“ڪيئن ڀلا! بس ائين ئي. ڏسو کڻي ته کيس اها به خبر نٿي پوي ته ڪهڙين شين کي گهڻي اهميت (Priority) ڏجي ۽ ڪهڙين کي گهٽ. ڪنهن شيءِ جي ضرورت ناهي ته به ان پٺيان پيو خرچ ٿيندو ۽ ٻي شيءِ جيڪا زندگي لاءِ ضروري آهي ته ان جي اهميت ئي نه. ٽشو پيپرن جا دٻا وٺي هڪ بدران ٽي ٽي چا چار پنا ڪڍي فرش تان چانهه اگهڻ جهڙا ڪم پيا ڪبا ( جنهن لاءِ ڪو ڪپڙي ڀور رکي سگهجي ٿو) پر ٻار کي هفتي کان پينسل لکڻ لاءِ ناهي ته اها وٺڻ لاءِ ٻي ڏينهن تي ڪم پيو رکبو. اهڙي طرح ڪي ڪي کاڌا پيتا اجايا ۽ هيڪاندا وٺي کائيندا رهن ٿا. صحيح آهي توهان وٽ پئسو اچي ويو آهي ۽ توهان جي ملڪ ۾ دنيا جي هر شئي ملي ٿي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هر ويلي تي ڍير پنير، آچار، ماکيون، چاڪليٽ کائجن- خاص ڪري ههڙي گرم ملڪ ۾. ٺيڪ آهي يورپي کائين ٿا يا ٽي وي تي اشتهار اچن ٿا، ان جو مطلب اهو ناهي ته هر شئي وٺندا رهو. يا وري اجايو سجايو گهمڻ. گهڻو زور مصر، ترڪي، اردن ۽ موراڪو ڏي آهي جتي عياشي به آهي ته عربي به ڳالهائي وڃي ٿي. جن کي انگريزي اچي ٿي ته اهي يورپ جي ملڪن ڏي به رخ ڪن ٿا.” درزيءَ ٻڌايو.
هي درزي لڳي ٿو عربن کي ويجهڙائي کان ڏسي چڪو آهي. سندس پيٽ ۾ ڪئين ڳالهيون لڳيون ٿي. ڪيتريون زبان تي آڻي وري کائي ويو ٿي. شايد اهو سوچي ته آئون هڪ اجنبي آهيان ۽ جمع جمعو ست ڏينهن به نه ٿيا اٿم ساڻس واقف ٿيڻ ۾. ڪڏهن وري شڪ ٿيندو اٿس ته آئون تفصيل سان ڇو ٿو پڇان. هاڻ جي کيس چوان ته ليکڪ آهيان اخبار لاءي اسٽوري يا سفرنامو لکڻ جي ڳولا ۾ آهيان ته ايترو ڳالهائڻ ۽ ٻڌائڻ تي به سينسر هڻي ڇڏيندو .
درزيءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به ٻڌائيندو هلان ته هتي سعودي عرب ۾ درزين جي دڪان ۾ اندر گهڙڻ لاءِ دروازي کان علاوه دري پڻ ٿئي. عورتون ٻاهر رستي تي بيهي دريءَ مان ڪپڙو ڏين. ماپ بدران پنهنجو پراڻو وڳو ڏين. ڪڏهن هڪ وڳو ماپ لاءِ ته ٻيو ڊزائين لاءِ ڏين. ڪڏهن ماپ جي وڳي سان گڏ انسٽرڪشن به ڏين ته ڪڇن وٽ ويڪرو ڪجانءِ. پيٽ وٽ هن وڳي کي ڍرو جهلجانءِ. ڊيگهه ۾ ٿورو گهٽ رکجانءِ ۽ پوءِ وڳو کڻڻ وقت جهيڙو هوندو آهي ته پيٽ وٽ گهڻو ويڪرو نه ڪيو اٿئي، اڃان سوڙهو آهي وغيره وغيره. پوءِ اهڙن موقعن تي هي اسان جو پاڙي وارو درزي پنهنجي منهن اڙدو ۾ ڀڻڪندي چوندو آهي: “ڪارن برقعن ۾ ويڙهجي اچن ٿيون. هاڻ مون کي ڪهڙي خبر ته کائي کائي ڪيتريون ٿلهيون ٿي پيون آهن.”