عربن جو چالاڪ ٿيڻ
هتي ڪم ڪندڙن کي صحيح طرح نظر ۾ رکڻ لاءِ اهو به قانون آهي ته هنن کي اقامو ملڻ بعد سندن پاسپورٽ ڪفيل پاڻ وٽ رکندو. يعني ايئن نه ٿئي جو ڪفيل ڀاڙو ڀتو ڀري ڪنهن ڊرائيور، بورچي، سيلز مئن کي بنگلاديش يا پاڪستان مان گهرائي ۽ هو سڄو سال نوڪري ڪرڻ بدران هفتي ٻن بعد پنهنجي ملڪ ڀڄي وڃي يا ٻئي هنڌ وڃي پورهيو ڪري. حقيقت اها آهي جو اڄڪلهه ورلي ڪو عرب ڀاڙو ڏئي مزور يا پورهيت گهرائي ٿو. بي روزگاري کان بيزار ٿي ڪيترا ويچارا قرض کڻي ڀاڙو ته پنهنجو ڏئي هتي پهچن ٿا، پر کين ڪم لاءِ گهرائڻ خاطر جيڪا ويزا (اجازت نامو) عرب موڪلي ٿو ان کي مٺائي طور خرچي ڏين ٿا. بلڪه سڀ ڪجهه هوندي به ڪيترا عرب غريب پورهيت کان گهري وٺن ٿا، جيڪا ڏهه پندرهن هزار روپين کان ٿيندي اڄڪلهه پنجاهه سٺ هزار روپيا وڃي ٿي آهي. پهرين ايئن ٿيندو هو ته پورهيت کي پگهار ملڻ تي ان جو حصو ڪفيل پنهنجي خرچي سمجهي رکندو هو، هاڻ ته هڪ طرف غريب پورهيت بي وس ۽ مجبور ٿي پيو آهي ته ٻئي طرف هتي جا عرب ايترو لالچي ٿي پيا آهن جو پورهيت کان پهرين پئسا گهرن ٿا، متان هو مهيني اڌ بعد ڀڄي وڃي (ڀلي کڻي ٽڪيٽ به پنهنجي ڪري آيو هجي)، بلڪه هاڻ ته اسان جي ملڪن ۾ ئي اهڙا دلال نڪري پيا آهن جيڪي Man Power سپلاء ڪندڙ ايجنسين جي نالي سان سعودي عرب ڏي ويندڙ غريب پورهيتن کان سندن ملڪ ۾ ئي پئسا وٺي عرب ڪفيل ڏي سعودي عرب موڪلين ٿا جنهن ۾ ڪجهه حصو پنهنجو به هڻن ٿا. ڪجهه ڪجهه اهو حال لڳي ٿو جيڪو اڄ کان صدي سوا اڳ يورپي آفريڪي شيدين کي غلام بڻائي آمريڪا ڏي وڪري لاءِ موڪليندا هئا.
شروع شروع ۾ هتي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ نوڪري جا موقعا (jobs) گهڻا هئا پر کين ماڻهو نه پئي مليا. مونکي ياد آهي ته 1969ع ڌاري سول انجنيئرن کي کڻڻ لاءِ ڪجهه عرب ڪراچي جي ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ اچي رهيا ۽ انٽرويو پئي ورتائون. اسان جي هڪ ٻن دوستن شڪارپور جي زين پٺاڻ ۽ ڪشمير جي انور خان ان وقت فائنل ييئر BE جو NED مان امتحان ڏنو هو ۽ رزلٽ لاءِ انتظار پئي ڪيائون. ٻئي پاڻ پڙهائيءَ جو خرچ ڀريندا هئا. مائٽن کان وٺڻ بدران عبدالقدوس علوي صاحب جي فرم ۾ نقشن ٺاهڻ جو ڪم ڪري ڪاليج جي فيس ڏيندا هئا يا قرض کڻندا رهيا ٿي. اهي به انٽرويو لاءِ ويا. اچي ٻڌايائون ته سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ نوڪري ملي آهي. مهيني ۾ ٽي هزار کن ريال پگهار جي آڇ ڪئي اٿن، هر سال اچڻ وڃڻ جي ٽڪيٽ به مفت ۽ مهينو موڪل به. انٽرويو وٺندڙ عربن فيصلي لاءِ هڪ هفتو ڏنو آهي جيئن ها ڪرڻ تي هو اسان کي اتان ويزا موڪلين. اسان مان ڪن صلاحون ڏنن ته وڃو، ڪن چيو متان انهن چرين عربن وٽ ويا آهيو. موسم خراب، رڳو ريتي ۽ ڌوڙ، ان کان پنهنجي ملڪ ۾ ڀلا آهيو. مٿين ٻن همراهن کان علاوه ٻه ٽي ٻيا جيڪي هنن کان سينيئر هئا ۽ اڳهين هتي هزار ڏيڍ جي نوڪري ۾ لڳل هئا، تن ته وڃڻ کان انڪار ڪيو. زين ۽ انور خان جي به وڃڻ تي دل نٿي چاهي پر پوءِ اهو سوچيائون ته اڃان هاڻ فائنل ييئر جي رزلٽ نڪتي آهي. خبر ناهي پاڪستان ۾ ڪڏهن نوڪري ملي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن وٽ پيو رهجي ۽ قرض به ڪافي ٿي ويو آهي سو جيڪڏهن عرب Employee ڏهه هزار روپيا کن Advance ۾ ڏئي جيڪو هنن تي قرض آهي ته اهو لاهي هلن. عربن اهو به قبول ڪيو ۽ هي اوڏانهن روانا ٿي ويا. ملڪ (سعودي عرب) ۾ پئسو پئي آيو ۽ چوڌاري خوشحالي هئي ۽ هنن همراهن جا به پگهار پئي وڌيا. ان کان علاوهه ٻيون به سهوليتون ملين پئي.
اهڙي طرح اسان جي ڳوٺ جا انهن ڏينهن ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ سعودي عرب هليا ويا. ڪي ميديڪل ڪاليج جا ليڪچرار ٿيا ته ڪي بئنڪن ۾، ڪي ٽيڪنيشن ته ڪي انجنيئر. پگهار به کين سٺا پئي مليا، ڊيوٽي جا ٽائيم Working Hours به سٺا هئا ۽ موڪلون به اهي پئي ملين جيڪي سعودي عرب جي سرڪاري آفيسن ۾ آهن. ڪي اڃان تائين اتي آهن، ڪي ڪجهه سال نوڪري ڪري ڪمائي جو چڱو پئسو خرچڻ بعد به بچائي کڻي آيا ۽ اچي جايون جڳهيون ٺهرايائون. اهو سلسلو سڄي پاڪستان ۾ قائم رهيو. سال پٺيان سال گذرڻ تي هر هڪ جي وات تي سعودي عرب جي نوڪري اچي وئي. هونءَ سعودي ڏي نوڪريءَ لاءِ ويندي هرڪو تن من هڻندو هو هاڻ اکيون پوري هر ڪو وڃڻ لڳو. عرب ڏهن ڄڻن کي کڻڻ لاءِ، انٽرويو لاءِ ڪراچي يا لاهور پنڊي اچن ته هونءَ جو مشڪل سان ست اٺ ماڻهو هلڻ لاء تيار ٿيندا هئا، هينئر ڏهن بدران پنجاهه ماڻهو اميدوار ٿيو پيا اچن. سٺو پگهار ۽ وڌيڪ سهوليتون گهرڻ بدران گهٽ تي به هائوڪار ڪندا وڃن. عربن به ڏٺو ته جڏهن چار هزار ريال پگهار بدران ٽي هزار بلڪه اڍائي هزار تي به ڪم وارو مليو وڃي ته ان کي چار هزار ڇو ڏجن. ۽ پوءِ اڃان به جيئن سال تي سال پيو پاڪستان ۾ بيروزگاري ۽ آدمشماري هيڪاندي وڌي ۽ هوڏانهن شروع ۾ سعودي عرب ۾ نوڪري ڪري پئسو ڪمائي ايندڙن کي ڏسي ماڻهون جو وات پاڻي ٿيو، تيئن ويئي ماڻهن (ڪم ڪندڙن جي Supply وڌندي) جيڪي ڀر واري ڳوٺ ۾ به نه نڪتا هئا اهي به سعودي عرب هلڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا. (ان سان گڏ دبئي، ڪويت، ابوظهبي وغيره پڻ). عربن جو ڪم آسان بنائڻ ۽ پنهنجو ٽڪو پنجو رکڻ لاء پاڪستان ۾ ايجنٽ حضرات نڪري پيا، جن عربن کي چيو: “بادشاهو توهان ڇو پيا ماڻهن کي ڳولڻ لاءِ پاڪستان ۾ خوار خراب ٿيو، توهان پنهنجن بنگلن ۾ ئي رهو يا وڃي يورپ جون هوائون کائو. توهان رڳو اسان کي حڪم ڪيو. بندرگاهه جي ڌڪي لاءِ مزورن کان وٺي ڊاڪٽر، انجنيئرن تائين جيڪي کپانو ته رڳو تعداد ٻڌايو. توهان هر هڪ کي ٽي هزار ريال پگهار ڏيڻ ٿا چاهيو اسان توهان کي ٻن ٻن هزار ريالن تي به وٺي ڏينداسين. سئو مزورن تي توهان جو هر مهيني هڪ لک ريال فائدو ٿيندو. ان مان فقط پهرين مهيني جي بچت لک ريال اسان کي ڏجو”.