سعودي عرب ۾ نوڪري جا ٽائيم
سعودي عرب ۾ سرڪاري ۽ خانگي آفيسن جا مختلف وقت آهن. سرڪاري آفيسون صبح جو ساڍين ستين کلن ۽ منجهند جو اڍائي بجي بند ٿين. هڪ بجي ڌاري اڳين نماز جي ٻانگ اچي. هر آفيس ۾ هڪ ڪمرو مسجد طور ڪم اچي جنهن کي نماز پڙهڻي هوندي آهي ڏهن پنڌرهن منٽن ۾ جماعت سان يا پنهنجي منهن پڙهي اچي. پنهنجي ڪم کي لڳندو آهي. هڪ اسان جي ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال آهي جنهن جو ڪمپائونڊر دانهون ڪري مريضن کي پيو چوندو آهي: “ بابا ٻن ڪلاڪن کان ٻڌائي رهيو آهيان ته ڊاڪٽر صاحب نماز تي ويو آهي پر وريو وريو اچيو پڇو ته ڊاڪٽر ڪڏهن ايندو. توهان ته نماز نٿا پڙهو پر ٻين کي ته پڙهڻ ڏيو.”
نماز کي جنهن نموني سان اسان وٽ پنهنجي مقصد لاءِ Exploit ڪيو وڃي ٿو، ائين شايد ئي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ٿيندو هجي. غير سرڪاري آفيسون ، جهازراني ڪمپنيون، واپار وڙي جا تجارتي ادارا ۽ آفيسون صبح جو 8 بجي کلن ۽ ٻارهن وڳي بند ٿين. وري چئين بجي کلن ۽ اٺين بجي بند ٿين. يا ڪي ڪي خانگي آفيسون اٺين بجي کلن ۽ هڪ بجي بند ٿين. ۽ پوءِ شام جو پنجين بجي کلن ۽ اٺين وڳي بند ٿين.
هفتي ۾ خميس ۽ جمعو سرڪاري آفيسن لاءِ موڪل ٿئي ۽ ٻين لاءِ خميس جو اڌ ۽ جمعي جو سڄو ڏينهن موڪل ٿئي. رمضان جي مهيني ۾ سڀني لاءِ ڊيوٽي جو وقت (Working Hours)صبح جو ڏهين کان شام جو ٽي وڳي تائين ٿئي ٿو.
سال ۾ ٻه وئڪيشنون ٿين. هڪ رمضان جي عيد واري جيڪا 25 رمضان کان 5 شوال تائين هلي _ اڳيان پويان خميسون جمعا ملائي ٻه هفتا کن موڪل ٿئي ۽ ٻي ذوالحج جي عيد واري موڪل جيڪا پنجين ذوالحج کان پنڌرهين ذوالحج تائين هلي، جيڪا پڻ وڃيو ٻه هفتا کن ٿئي. شهرن ۾ دڪان، هوٽلون رات جو نائين ڏهين تائين کليل رهن بلڪ ڪي ڪي دڪان ته يارهين ٻارهين تائين به کليل هوندا آهن. ڏينهن جو نمازن جي وقت تي ٿوري دير بند رهن. رمضان جو مهينو ته سڄي رات دڪان کليل رهن ۽ شهر ۾ رونق هوندي آهي. هونءَ به هتي ڏينهن جو گرمي ۽ اس ڪري ۽ ويتر رمضان ۾ روزي ڪري ڏينهن جو ورلي ڪو ٻاهر نڪري ٿو.
سعودي عرب وارن جو قومي ڏينهن 23 سيپٽمبر آهي. جنهن تاريخ تي 1932ع ۾ بادشاهه عبدالعزيز السعود عربستان جون مختلف رياستون: نجد، حجاز، عاصر، الاحصا ملائي هڪ ملڪ سعودي عرب ٺاهيو ۽ پاڻ ان جو پهريون بادشاهه ٿيو.
سعودي عرب ۾ بادشاهي راڄ Monarchy آهي. قرآن شريف ملڪ جو آئين (Constitution) سمجهيو وڃي ٿو. وزيرن جي ڪائونسل ملڪ جي بادشاهه سان گڏ ملڪ جي ليجسليٽو ۽ Executive اٿارٽي آهي. سعودي عرب ۾ ويهه کن وزارتون آهن. ان کان علاوه ڪيتريون ئي سرڪاري آرگنائيزيشنون ۽ ٻيا ادارا آهن. ملڪ جو بادشاهه ٻن پاڪ مسجدن جو نگهبان (Custodian)پڻ آهي. ان ڪري هتي جي بادشاهه کي خادمين حرمين شريف پڻ سڏيو وڃي ٿو. اڄ ڪلهه ملڪ جو بادشاهه فهد بن عبدالعزيز آهي ۽ وليعهد شهزادو عبدالله بن عبدالعزيز آهي _ جيڪو ڊپٽي پرائيم منسٽر پڻ آهي. ان کان علاوه هڪ ٻيو ڊپٽي پرائيم منسٽر شهزادو سلطان بن عبدالعزيز پڻ آهي. شهزادو سلطان ڊفينس ۽ Aviation جو وزير ۽ انسپيڪٽر جنرل پڻ آهي.