مسجد نبوي ۾
واقعي هي اهو در آهي جنهن تي اچڻ لاءِ هر مسلمان تمنا رکي ٿو.
آپ ڪي در سي ڪوئي نه خالي گيا
يار رسول الله يا حبيب الله
اپني دامن ڪو ڀر ڪٿ سوالي گيا
هڪ قواليءَ جا ٻول منهنجي دماغ ۾ اچن ٿا. شايد اهي صابري قوال جا آهن، جن جي هيءَ مشهور قوالي ڪيترا دفعا ٻڌي اٿم.
“تحليون ڪي عجب هي فضا مديني مين
نگاهِ شوق ڪي هي انتها مديني مين
غم حيات نه خوف سزا مديني مين
اِدهر اُدهر نه بهٽڪتي پهرو خدا ڪي ليي
مديني چلين، آئو مديني چلين”
مسجد نبوي ۾ اڄوڪي ڏينهن تي، ٻين ڏينهن جي مقابلي ۾ سڀني چيو پئي ته واقعي گهٽ ماڻهو آهن جو عيد واري ڏينهن تي حاجي سڀ مڪي ۾ هوندا آهن. مديني ۽ اوسي پاسي جا ماڻهو صبح جو فجر ۽ عيد نماز پڙهڻ بعد هڪ ٻئي سان عيد ملڻ هيڏانهن هوڏانهن ڳوٺن ۾ هليا وڃن ٿا. سو اسان کي روضي پاڪ تائين اچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دقت پيش نه آئي. اسان ان جي سامهون بيهي دعائون ۽ سلام پڙهيا. حضور جن جي قبر کان علاوه حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق جي قبر پڻ هتي آهي. چوٿين قبر جي جاءِ خالي ڇڏي وئي آهي.
روضي جي چوڌاري پتل جون ڄاريون آهن، جن جي ڀر ۾ بيٺل پوليس وارا ماڻهن کي ٿورو پرڀرو بيهي دعا گهرڻ لاءِ چون ٿا، ڇو ته ڪي ڪي ايمان جا ڪچا يا اڻ ڄاڻ انهن ڄارين کي هٿ لائين ٿا يا چميون ڏين ٿا، جيڪو گناهه جو ڪم آهي ۽ شرڪ ڏي رغبت ڏياري ٿو. حج تي هڪ ڪتاب حفيظ عنايت الله جو تمام سٺي رهنمائي ڪري ٿو. ان ۾ پڻ ان بابت تنبيه ڪيل آهي:
“مسجد نبويءَ ۾ ماڻهون ڀتين، ڪنڍن ڪڙين، پٿرن ڄارين وغيره کي چمن ٿا. سلام عرض ڪرڻ وقت به مواجهه شريف (جتي حضور جن جي قبر آهي) جي ڄارين تي اکيون رکي چمن ٿا. درٻان جي چوڻ تي به انهن تي ڪو اثر نٿو ٿئي. ائين ڪرڻ بلڪل حرام ۽ جاهليت جي نشاني آهي. اهڙين ڳالهين کان مسلمانن کي پاڻ کان بچائڻ کپي. رب پاڪ شل اهڙين ڳالهين کان مسلمانن کي محفوظ رکي جن سان ثواب بدران عذاب ملي ٿو.”
ساڳي صفحي تي هڪ ٻي به تنبيه ٿيل آهي: “حرم شريف يعني مسجد نبوي ۾ اسان کي سمهڻ يا اجايون سجايون ڳالهيون ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ کپي. ائين ڪرڻ سان مسجد نبوي جي برڪتن کان محروم رهجيو وڃجي. اسان کي کپي ته مسجد نبوي ۾ جيڪو وقت ويهون درود شريف، تلاوت ۽ ذڪر۾ گذاريون”
دعا سلام پڙهن دوران علي محمد چنا ۽ آئون هڪٻئي کان پري ٿي وياسين. هڪ ٻه دفعو مون علي محمد ڏي نظر ڪئي. هو يڪسوئيءَ سان دعا گهري رهيو هو. سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا. هن هنڌ تي ماڻهن جي وڌندڙ پيهه پيهان ۾ اسان اڳيان پويان ساڄي کاٻي ٿيندا رهياسين. پوءِ سگهو ئي اڳين (ظهر) نماز جي تڪبير لڳي ۽ روضي پاڪ جي کاٻي پاسي مون کي جاءِ ملي وئي. ڀر ۾ چين يا منگوليا پاسي جا مسلمان بيٺل هئا. صفون سڌيون ڪرڻ مهل اڳيان پويان ڏٺم ته ڪيترائي سٿڻن قميصن ۾ به هئا، جن ۾ ڪيترن جي مٿي تي سنڌي ٽوپي به هئي.
“ڇا شان آهي هن جاءِ جو جتي دنيا جي هر ڪنڊ پاسي جا مسلمان اچيو گڏ ٿين. سنڌي مهاجر، پنجابي پٺاڻ، ڪرد يمني، سرب هندستاني، بلوچ بنگلاديشي ـ هر هڪ جا پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ کڻي ڪهڙا به سياسي جهڳڙا هجن، پر هتي هر هڪ ڪيڏو امن ۽ سڪون سان هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ويٺو آهي. ننڍو توڙي وڏو، امير توڙي غريب پاڻ کي فقط انسان سمجهي ٿو. هر هڪ پنهنجن پنهنجن ڏوهن گناهن جي پنهنجي پروردگار کان معافي وٺڻ ۾ مشغول آهي. اڄ هن جاءِ تي جتي آئون ويٺو آهيان گذريل چوڏهن سئو کن سال ۾، هر روز پنج دفعا جي نماز جي حساب سان گهٽ ۾ گهٽ چويهه لک ماڻهو ويهي، نماز پڙهي چڪا هوندا. اڄ منهنجي خوش نصيبي آهي جو مون کي هتي اچڻ ۽ نماز پڙهڻ جو موقعو نصيب ٿيو آهي.
نماز بعد گهر تائين پهچڻ ۾ مون کي ڪا تڪليف پيش نه آئي. مون رب جو شڪر ڪيو. نه ته ڪار ۾ ويندي وڏو چڪر ڪرڻ ڪري مون سمجهيو پئي ته گهر کان مسجد تمام پري آهي. پر چڱو جو همٿ ڪري رستو ڳولي ورتم. منجهند جي ماني بعد حسن وارن وري پڇيو ته آيا آئون هنن سان گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندس يا پنهنجي منهن رهڻ چاهيان ٿو. مون پنهنجي سر نڪرڻ ۾ بهتر سمجهيو، ڇو جو ان ۾ نه فقط آئون مسجد نبوي پهچي نماز پڙهي سگهيس ٿي، پر پنهنجي مرضي مطابق سنڌي، اڙدو، انگريزي، ملئي زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهن سان ملي سگهيس ٿي، جيڪي زبانون مونکي آيون ٿي. حسن فقط انهن عربن وٽ وٺي هليو ٿي جن فقط عربي ڳالهائي ٿي.