سعودي عرب وڃڻ لاء ڪاغذن جي تياري
ٻئي ڏينهن صبح ساڻ سعودي عرب جي قونصل خاني وٽ پهتس ته خبر پئي ته يارهين بجي کلندو اڃان ته نوَ ٿيا آهن. موٽي گهر آيس. آئون يا مون جهڙا ٻيا ڪراچي جا ته کڻي گهر موٽي ويا هجن يا ڪنهن دوست وٽ پر اندروني سنڌ پنجاب کان پري کان آيل ويچارا ڪيڏانهن وڃن. نٽهڻ اس ۾ پڪي رستي جي ڪپرن تي بيٺا رهيا. يارهين بجي اندر اچڻ ڏنائون. ڊگهي لائين دريء اڳيان لڳي ويئي. جيسين دريء جو منهن کلي . اهو به شڪر جو مٿان ڇت هئي.” ڪنهن زماني ۾ ماڻهن کي کلي آسمان هيٺ اونهاري توڙي سياري ۾ قطار ٺاهي انتظار ڪرڻو پوندو هو.” هڪ همراه ٻڌايو. يارهين بجاء ٻارهين دري کلي. هر ڪو هڪ هڪ ٿي پنهجا ڪاغذ ڏيکارڻ لڳو. ڪن کي واپس پئي مليا. ڪن جا جمع پئي ٿيا، ڪن کي وري ڪنهن ٻئي ڏينهن اچڻ لاء چيو پئي ويو.مس مس منهنجو به وارو آيو – پوري ڏيڍ بجي . اڃان ته منهنجي پويان به ايترا هئا جو آخري همراه کي ٽي ٿي ويا هوندا .
دريء تي پاڪستاني همراه ويٺو هو. حق جي ڳالهه ڪبي ته ٻن هفتن جي ڊوڙ ڊوڙان ۾ جيڪي هڪ ٻه نيڪ ماڻهو نڪتا ۽ اخلاق سان پيش آيا انهن مان هي به هڪ هو. سندس نالو عبدالباسط ٻڌايائين. سرحد جو همراه هو . عربي به آيس ٿي. هر هڪ کي چڱي طرح سمجهائي رهيو هو. باقي ٻيا ته آيل ماڻهن سان – جن ۾ وڏو حصو غريب مزور طبقي جو هو ، اهڙو برتاء ٿي ڪيو ڄڻ سڀ چور ۽ ڏوهاري اچي حاظر ٿيا هجون . قطار ۾ منهنجي پويان هڪ بزنيس مئن هو. تنهن به ساڳي ڳاله جو احساس ڏياريو ته اسان پاڪستانين کي جتي ڪٿي هيٺاهون سمجهو وڃي ٿو.
دريء وٽ منهنجو وارو آيو ته همراه ٻڌايو ته منهنجي ويزا آيل آهي پر پنهنجو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۽ جيڪو عرب گهرائي پيو ان جي شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي به کپندي ۽ عربيء ۾ درخواست به. هاڻِ اهي حاتم طائي وارا ست سوال هئا. ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ، ڇاتيء جي ايڪسري سان گڏ فوٽو اسٽوڊيو مان نڪتل فوٽوءَ جي نيگيٽو ڪاپي - يعني ايڪسري ۾ منهنجون پاسراٽيون ته نظر اچن پر ٽاءِ سان فوٽوءَ جي نيگيٽو ڪاپي به ۽ درخواست خاص فارم تي عربيءَ ۾ لکيل –اهي شيون ڪٿان اچن . ملائيشيا، سئيڊن جپان وڃڻ لاء ته ميڊيڪل ڊاڪٽر شڪور قاضي يا سرفراز شاه کان به ڪرائي ويس ٿي، پر هي خاص قسم جو ميڊيڪل ڪٿان ڪرائجي.
قطار ۾ ٻه ڪلاڪ کن بيهڻ جو اهو فائدو ٿيو ته ان جي راز جي به خبر پئي ته ٻاهر جيڪي فوٽ پاٿ تي ويٺا آهن انهن کي چار پئسا ڏيڻ سان هو عربي ۾ درخواست لکي ڏيندا ۽ ان قسم جو ڪٿان ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائجي اهو به ٻڌائيندا. بهرحال چار پئسا ته نه، انهن جي مقرر ۽ گهٽ ۾ گهٽ في چار سئو رپيا آهي . قطار ۾ بيٺل فيصل آباد جي هڪ همراه چيو، “ بهتر آهي انهن کي پئسا ڏئي ڪاغذ ٺهرائجن نه ته پاڻ ماڻهو پڄي نه ٿو سگهي،” هن ٻڌايو ته کيس پاسپورٽ ٺهرائڻو هو . اٺ سئو رپيا کن في هئي ۽ فٽ پاٿ تي ويهندڙ همراه چار سئو رپيا پنهجي في ٿي ورتي. مون اها بچائڻ چاهي . نتيجو اهو نڪتو جو مونکي ڪي ڏينهن ڊوڙڻو پيو ۽ هوٽل ۾ رهڻ جو بل ئي ٽيڻو چئوڻو ٿي ويو. ان کان علاوه پوليس رپورٽ لاء ٻه دفعا فيصل آباد وڃڻو پيو. وقت الڳ برباد ٿيو پئسو الڳ.
سعودي سفارتخاني مان نڪري سڌو ڪئپٽن رشيد ابڙو جي آفيس ۾ آيس. دوست کي سعودي عرب فون ڪيم ته سندس شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي کپي . رشيد جي نمبر تي فئڪس ڪر.
“ شام جو گهران وڃي فئڪس ڪندس .” هن چيو.
شام جو جڏهن هن فئڪس ڪرڻ چاهي ته رشيد جي فئڪس مشين خراب هئي. هڪ ٻئي دوست جو نمبر ڏنو مانس. ان تي پهچي ويئي. پر ان جو گهر گلشن اقبال ۾ هو. ٻئي ڏينهن صبح ساڻ پهرين ان وٽان اها ڪاپي کڻي آيس ۽ پوء سعودي قونصل خاني جي اڳيان فوٽ پاٿ تي ويٺل هڪ همراه جي منهن ۾ ڏاڙهي ڏسي معتبر سمجهي ڪاغذن جو پڇيو مانس. تنهن ميڊيڪل رپورٽ لاء هڪ ڪلينڪ جو ٻڌايو، جيڪا بقول سندس، فقط ان ڪلينڪ جي رپورٽ سعودي عرب وارا قبول ڪن ٿا- (۽ جنهن فلم تي ايڪس ري ڪڍي ڏنائون اها فلم منهنجو دوست ڊاڪٽر ڏسي چوڻ لڳو ته ڪو رديء ۾ به نه وٺي) بهرحال ساڍا چار سئو رپيا وٺي عربيء ۾ اڳواٽ پر ٿيل فارم تي منهنجو نالو، پتو، پاسپورٽ نمبر ائڊريس وغيره جلدي جلدي لکي آخر ۾ مونکي صحيح ڪرڻ لاءِ چيو.صحيح ڪري کڻي ڏسان ته ڪٿي الطاف لکي ويو آهي ته ڪٿي آفتاب .
“ هي ڇا ڪيو اٿئي-؟” مون سندس غلطي ڏي اشارو ڪيو.
مون سمجهيو ته هو شرمندو ٿيندو. پر وڏي آرام سان چيائين؛ سائين ڪو خاص فرق نه ٿو پوي.” ۽ ان تي اڇو چن هڻيِ نالو صحيح ڪري جلدي ۾ منهنجي حوالي ڪري ٻن ڳوٺاڻن سنڌين جا فارم ڀرڻ ۾ لڳي ويو.
دل ۾ مون سوچيو ته اسان جا ڪيترا ماڻهو انهن معمولي غلطين ڪري ڪيترن ملڪن جي هوائي اڏن تي پريشان رهن ٿا. جپان، سنگاپور، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اتي جي پوليس نالي جي هڪ اکر جي ڦيرڦار تي به وڏو ڦڏو ڪري ٿي. Ahmad بدران Ahmed نٿا لکي سگهو. ڀلي کڻي اُچار ساڳيو احمد ٿئي . پر جيڪا اسپيلنگ پاسپورٽ تي آهي اهائي ٻين پنن تي هجڻ ضروري آهي. اهڙي حال ۾ الطاف بدران آفتاب يا موسي بدران عيسي لکڻ –مسافر کي پرديس ۾ ڪيڏو ڏچي ۾ وجهي سگهي ٿو.
ميڊيڪل لاء ٽئين ڏينهن ويس . وڃڻ وقت سعودي قونصلخاني وٽان لنگهي رهيو هوس ته فٽ پاٿ تي ساڳيو همراه مليو جنهن منهنجو فارم ڀريو هو .
“ميڊيڪل تي پيو وڃان” ٻڌايومانس
“سائين ڪو پرابلم هجي ته خذمت لاء حاضر آهيان،” هن چيو.
ڇا مطلب-؟ پڇيومانس .
“ ڪا بيماري هوندي به سئو سيڪڙو فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ ملي ويندو.” هن ٻڌايو
“ ٺهيو هنن جون هڪ ٻئي سان لائينون مليون پيون آهن.” مون دل ۾ چيو. “ ميڊيڪل جو ته پرابلم ناهي پر اهو ٻڌاء ته ماڻهن کان معمولي درخواست جا ساڍا چار سئو وٺو ٿا . ڇا اهو گهڻو ناهي ؟” مون هن کان پڇيو.
سائين اسان کي سڀ ڪٿي ٿو ملي. اڌ به ملي ته به الائي ڇا ٿي وڃي .” هن چيو
“ ته پوء ڪير ٿو کڻي -؟” مون پڇيومانس .
بس سائين پوليس کي ڏيڻو پوي ٿو نه ته اهيا اسان کي ڊوڙايو ڪڍي. منٿلي الڳ ڏيون ان کان علاوه به هر هفتي ڏيڍ وڌيڪ پئسا وٺيو وڃن ته صاحب جا مهمان آيا آهن ماني لاء ڦوڙي ڪري پئسا ڏيو.