مذهبي سوال جواب
يورپ ۾ هوس ته منهنجا عرب دوست (يعني سعودي عرب جا) ڪڏهن ڪڏهن Arab News اخبار گهرائيندا هئا. اها اخبار بين الاقوامي معيار مطابق ڪيئن آهي، ان بابت چئي نٿو سگهان. پر اها اخبار پڙهي پڙهي ان لاءِ هڪ قسم جو ٽيسٽ Develop ٿي پيو هو. ان ڪري ڪراچيءَ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن اها اخبار پڙهندو هوس. (دڪان تان وٺي نه) _ جو هاڻ اهڙي به ضرورت ناهي جو ويهه رپيا ڏئي آغاز سپر مارڪيٽ يا هوٽل پرل ڪانٽيننٽل جي سموڪرس ڪارنر تان وٺان جتي اها اخبار وڪامي ٿي. گهٽيءَ مان لنگهندڙ جهوني پراڻي واري کي چئي ڇڏيو هوم ته ماڻهن کان تور ۾ اخبارون وٺندي ڪڏهن عربي نيوز جا پرچا ملي وڃنئي ته مونکي ٻيڻ تي وڪڻي ڏجانءِ. ۽ هو مهيني اڌ ٻين رسالن سان گڏ ان اخبار جا به ڪجهه پرچا ڏئي ويندو هو. ان اخبار جو وچيون صفحو وڻندو اٿم جنهن تي قاهل جو عرب دنيا سان واسطو رکندڙ ڪارٽون، پڙهندڙن جا خط _ جيڪي گهڻو ڪري سعودي عرب ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستاني هندستاني ۽ بنگلاديشي جا هوندا آهن ۽ خاص ڪري اربع ۽ جمع تي نڪرندڙ اسلامي صفحو جنهن ۾ ڪنهن اسلامي ڳالهه تي تفصيلي مضمون هوندو آهي ۽ ٻيا پڙهندڙن جي مذهبي مونجهارن جا جواب هوندا آهن. هي سوال جواب ائين هوندا آهن جيئن جنگ، اخبار جهان ۽ ٻين ڪيترين اخبارن رسالن ۾ اسان وٽ به قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ سوال جواب ايندا آهن. پر انهن ۾ مختصر جواب هوندا آهن. هي تفصيل ۽ سمجهاڻين سان هوندا آهن ۽ اسان جهڙن جاهلن لاءِ علم جي روشني هوندا آهن. خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جهڙي ماحول ۾، جتي ڪو مذهبي مونجهارو پيدا ٿي پوي ته نه مائٽ ويجهو نه مفتي مولوي ويجهو اتي هن قسم جا سوال جواب سچائي جي راهه ڏيکارين ٿا ۽ غلط فهمي دور ڪن ٿا. اهي صحيح مذهبي ۽ اخلاقي رستو ڏيکارين ٿا. سوال پڇندڙ کڻي ڪير به هجي پر ڪيترا سوال ائين لڳندو آهي ڄڻ اسان جا به ساڳيا هجن. قبرن تي وڃڻ کپي يا نه. بزرگن اوليائن معرفت رب کان دل جون مرادون پنڻ کپن يا نه. قرآني آيتن جا تعويذ ٻڌڻ کپن يا نه؟ سوئر جي گوشت کائڻ تي ڇو منع آهي. اکيون بند ڪري نماز پڙهڻ کپي يا نه. اسلام ۾ فوٽو گرافي جي اجازت آهي يا نه. ڪنهن عزيز مائٽ جو ٽيجهو ڪجي يا نه. مائٽ مٽ جي مرڻ تي ڪهڙي قسم جو ڏک ڪجي. وغيره وغيره.
ان تان مونکي ياد آيو ته اسان وٽ ٻهراڙي يا ڳوٺن ۾ گهڻي مذهبي تعليم ناهي. هاڻ پاڻ مدرسا ۽ صحيح قسم جا مولوي واعظ ڪندا رهن ٿا. اسڪولي ڪتابن ۾ پڻ گهڻي کان گهڻي معلومات ڏنل آهن. ننڍو هوس ته اسان جي ڳوٺ جي گهٽيءَ جي مسجد (حافظ حيات مسجد) ۾ ڪنهن نمازيءَ کي نماز پڙهندي وڇونءَ ڏنگي وڌو. آئون به ان مسجد ۾ ان نماز تي هوس. چٽي طرح ياد اٿم ته رمضان جو مهينو هو ۽ تراويح نماز هئي. جنهن کي ڏنگ لڳو ان کي سڀ شاباش ڏيندا رهيا ته هن نماز ڀڃڻ بدران ڏنگ کائڻ قبول ڪيو. سندس ڀر ۾ بيٺل جماعتين مان هر هڪ ٻڌائي رهيو هو ته جنهن وقت آئون رڪوع ۾ هوس ته ان وقت وڇون منهنجي اڳيان اچي لنگهيو ۽ مون چيو آئون ته بچي ويس اڳيان الائي ڪنهن جو خير ناهي. وغيره وغيره. اها ڳالهه گهرن ۾ توڻي بازار جي چونڪ ۾ ڏينهن ٻه ٿيندي رهي ته فلاڻو همراهه پڪو مومن آهي. پڪو صابرين آهي جو نماز کي قائم رکڻ لاءِ ڏنگ کاڌائين.
۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ هڪ اهڙي قسم جي سوال جو جواب پڙهي مونکي تعجب لڳو ته اهو ڪم غلط هو. يعني انسان کي پنهنجي جان بچائڻ کپي. سوال هو ته اکيون پوري نماز پڙهڻ کپي ته ان جي جواب ۾ اسلام جي ڄاڻ رکندڙ مولويءَ جواب ڏنو آهي: “ اکيون کولي نماز پڙهڻ بهتر آهي. ڇو جو اکيون پوري، خاص ڪري ٻني ٻاري يا کلئي ميدان ۾ نماز پڙهندي ڪو زهريلو جيت جڻيو (يا زهريلو نه هجي) سامهون ايندي خبر نه پئجي سگهندي. توهان کي اها خبر هجڻ کپي ته نماز پڙهڻ دوران نانگ يا وڇون ويجهو اچي نڪري ته ان کي مارڻ جي اجازت آهي. ۽ ان کي مارڻ لاءِ توهان کي کڻي ڪهڙي به چرپر ڪرڻي پوي ته به نماز نٿي ڀڄي.” وغيره.
سعودي عرب جي هن اخبار “ عرب نيوز” جي ان قسم جي ديني مسئلن جا سوال جواب ڪيترا ماڻهو گڏ ڪري ڇپرائي چاهه ڏيکاريندڙ ماڻهن ۾ ورهائي خير جو ڪم ڪن ٿا. ڪراچي جو محمد عارف ( فون نمبر 2310941 ۽ 2427495) ۽ بدرالدين دراني (فون نمبر 7770001) ۽ اسلام آباد جو عبداللطيف (فون نمبر 400069) پڻ ڇهه سؤ صفحن کن جا ٻه واليوم Dialogue نالي ڇپرائي سالن کان ماڻهن ۾ تقسيم ڪري رهيا آهن. هتي سعودي عرب ۾ پڻ ٻڌو اٿم ته هڪ امير مصري ماڻهو هن اخبار جا اهي صفحا مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ ضرورتمندن کي ڏئي ٿو. مونکي به عرب نيوز اخبار جي اسسٽنٽ ايڊيٽر عبدالمنان ٻڌايو.