مسافرن کي منجهائڻ جا ڪوڙڪا ۽ ڄارون
“لڳي ٿو ته آئون شايد سعودي عرب نه وڃان. Formalities ايتريون آهن جو منهنجي موڪل ان ۾ ضايع ٿي ويندي. سال اڌ رکي پوء ڏسندس.” مون بابا سان ڳاله ڪئي.
حسن کي فون ڪرڻ چاهي مٿي ،پر پڪ نه هئي ته آفيس ۾ هوندو، گهر ۾ يا دوستن يارن وٽ، پاڻ ته رئيس ماڻهو ٿيو آئون ٽن ٽن منٽن جا ٽي سئو رپيا ٽيليفون جا ڀريان. هاڻ هون ئي جلدي ناهي .جڏهن به پاڻ فون ڪيائين ته ٻڌائيندوسانس ته پروگرام ڪينسل ڪيو اٿم. ڪو بهانو ڏيندوسانس- ڪنهن مائٽ جي بيماري جو ، آفيس مان موڪلن نه ملڻ جو، ملڪ جون حالتون ٺيڪ نه هجڻ جو، ڪنهن اهم گهرو ڪم جو. جيسين سندس فون اچي سوڇي وٺان ٿو.
ان ڏينهن سندس فون نه آيو. ٻئي ڏينهن صبح جو ڏهين بجي ڌاري آيو. کيس لمبي چوڙي ڪهاڻي ٻڌائڻ بدران چيومانس ته ويجهڙائي ۾ اچڻ مشڪل آهي. لڳي ٿو ته ٻه ٽي هفتا لڳندا. تو خبر ناهي ڪهڙي ويزا موڪلي آهي . هاڻ هي سرٽيفڪيٽ ٿا گهرن.
سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي آئون هيئنر ئي فيڪس ڪيان ٿو. ويزا مون نوڪري جي موڪلي آهي جيئن سڄي سال جا ڪاغذ ٺهرائي ڏيان. ان بعد سعودي عرب جي جنهن شهر چاهيندي اچي وڃي سگهندين ۽ جڏهن چاهيندي سعودي عرب ايندو ويندو رهندين. آئون به هتان فون ڪريان ٿو، تون فلاڻي عرب قونسلر سان مل جيڪو منهنجو مائٽ آهي .....”وغيره وغيره.
دل ۾ چيم ته هي ڪو راٽرڊم، آمريڪا، سئيڊن، آسٽريا ناهي جتي عرب پيا ڪتر ٿين. هتي ته عرب صاحبن جي سيڪريٽرين جا سيڪريٽري ۽ انهن جي اسسٽنٽن جا ڪلارڪ ۽ پٽيوالا به منهن نٿا ڏين. بهرحال گهربل پنو ان ئي وقت هن موڪليو جيڪو ٻئي ڏينهن جمع ڪرايم. ۽ پوء مونکي پورن ڏهن ڏينهن بعد پاسپورٽ ويزا سميت کڻڻ لاء چيائون.
ٻاهر نڪتس ته فٽپاٿ تي ويٺل عريض نويسن مان ڏاڙهيءَ واري جنهن ساڍا چار سئو رپيا وٺي عربيءَ ۾ درخواست لکي ڏني هئي تنهن چيو ته اهي رڳو گشا ٿا هڻن. ڏهن بدران گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن ڏينهن بعد اچجو. مونکي ان ٺڳ جي ڳالهه غلط لڳي. پر پوء خبر پئي ته هو ئي “نيڪ محمد سچار هو”. آئون ڏهن ڏينهن بعد روزانو ويندو رهيس.نيٺ ارڙهين ڏينهن بعد ويزا لڳل پاسپورٽ مليو. يعني هاڻي آئون ٽڪيٽ وٺي سعودي عرب وڃي سگهان ٿو .
هاڻ سعودي عرب وڃڻ لاء جيئن ته آئون پنهنجي کيسي مان پئسا ڏئي رهيو هوس. ان ڪري مون سستي کان سستي ٽڪيٽ وٺڻ چاهي ٿي. هڪ ايجنٽ کي فون ڪري ينبو شهر لاءِ پڇيم. تنهن وراڻيو: “ اڄ ڪلهه حاجين جي رش آهي ، ان ڪري ينبو لاءِ جدي بدران رياض کان ملي سگهندي. يعني ڪراچي، رياض ۽ ينبو.” رياض سعودي عرب جي گاديءَ جو هنڌ آهي، ۽ سعودي عرب جي تقريبا وچ تي آهي. جيئن کڻي چئجي ته لاهور پاڪستان ۾ آهي .
“تون ڪيتري ۾ ڏئي سگهين ٿو؟” مون پڇيومانس.
“ون وي ٽڪيٽ ايڪانامي ڪلاس جا نو هزار ٿيندا. اها آخري قيمت آهي .” هن ٻڌايو.
دل ۾ مون سوچيو هنن سان ائين پڄي نه سگهبو. سو پنهجي ڀاء کي چيم، جنهن پنهجي دوست ٽريول ايجنٽ کان پڇي ٻڌايو ته اٺ هزارٿيندا.
پر اڃا به پڪ ڪرڻ ۽ گهٽ ڪرائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي هڪ پراڻي ڪاليجي دوست محسن پنهور کي چيم، جيڪو پوليس کاتي ۾ آهي ۽ ظاهر آهي ان جي معرفت مناسب اگهه تي ملي سگهندي. تنهن چيو ته ڪلاڪ بعد هو ان جو گس ڪري ڏيندو. محسن کي ڪئپٽن رشيد ابڙي جي آفيس مان فون ڪيو هوم جيڪو پڻ محسن جو ئي ڪلاس ميٽ آهي. تنهن منهنجي ڳالهه ٻڌي فون رکڻ مهل چيو:
“لالا ٽڪيٽ کپنئي نه ؟ فلاڻي ٽريول ايجنٽ کان وٺ ان کان وڌيڪ ڪو سستي نه ڏيندءِ. هن محسن شريف ماڻهوءَ کي ڪهڙي خبر.”
رشيد مونکي ان ٽريول ايجنٽ جو فون نمبر ۽ پتو ڏنو، جيڪو لي مارڪيٽ ۾ اکين جي اسپتال ڀرسان آهي. گهر پهتس ته محسن جو به فون آيو ۽ هن شيرٽن هوٽل ۾ ڪنهن ٽريول ايجنٽ کان وٺڻ لاءِ چيو جنهن کان هو وٺندو آهي. ان کي فون ڪري محسن جو حوالو ڏنو مانس ته ڪراچي-رياض ـــ ينبوجي ٽڪيٽ جي آخري قيمت اٺ هزار ٽي سئو ٻڌائين.”
ان بعد ڪئپٽن رشيد ابڙي واري همراه کي Contact ڪيم تنهن ست هزار ٽي سئو رپيا چيا ۽ منهنجو راضپو ڏيکارڻ تي ان ئي وقت گهر پڻ پهچائي ويو.ايتري گهٽ اگه تي ۽ ايڏي فرق تي ٽڪيٽ ملڻ عجب جهڙي ڳاله آهي. رشيد کي فون ڪري چيم ته ٽڪيٽ ته صحيح ڏني اٿس يا اڌ رستي تائين جي آهي. يا پٽ تي ويهڻ جي آهي ؟”
“بلڪل صحيح هوندي. اسان سالن کان ان کان وٺندا اچون.” ٻئي ڏينهن محسن فون ڪيو ته آيا مون سندس سڃاڻي کان ٽڪيٽ ورتي يا نه:
“ٽڪيٽ ورتيمانس ته ڪانه پر ان هوندي به مهرباني. ٿي سگهي ٿو وٺانس به ها پر پاڻ واري رشيد ابڙي بنهه سستي وٺرائي ڏني آهي. خبر ناهي گهر ۾ ڇپي ٿو ڇا. بهرحال هاڻ جي نقلي ٽڪيٽ جي ڪري ايئرپورٽ تي مونکي جيل ۾ وڌائون ته ڇڏائجان تون اچي.” مون کيس کلي ٻڌايو ۽ ان سان گڏ سعودي عرب وڃڻ لاءِ کائنس فون تي ئي موڪلايو.
ٽڪيٽ وٺڻ کان اڳ هڪ ٻيو اهم ڪم جيڪو هتي لکڻ رهجي ويو آهي، جيئن ته مونکي ورڪنگ_ يعني نوڪري ڪرڻ واري ويزا هئي، ان ڪري ٽڪيٽ وٺڻ کان اڳ پاسپورٽ تي Protectorate آفيس جو ٺپو ضروري هو، ان لاءِ ساڍا پنج هزار کن في پڻ آهي، (جنهن جي رسيد ملندي آهي) ان بنا نه ايجنٽ ٽڪيٽ ڏيندو نه ايئرپورٽ وارا ڇڏيندا.
نيٺ اهو ڦاهو ڦڪڻ لاءِ آئون به تيار ٿي ويس. ڇو جو ويزا في، ميڊيڪل ۽ ٻيو خرچ ڪرڻ بعد آئون هڪ واپس نه موٽڻ واري نقطي تي پهچي چڪو هوس. مٿين آفيس جو سعودي قونصل خاني جي ٻاهران ويٺل فوٽ پاٿ وارن کان پڇيم ته ڪٿي آهي. هنن ان جو ڏس ٻڌايو ۽ ڪاغذ ڏسي هنن ٻڌايو ته مونکي ته في ڏيڻ تي به ٺپو لڳي نه ملندو، ڇو ته مون وٽ جيڪو نوڪري جي ڪانٽريڪٽ جو پنو آهي، اهو سعودي عرب ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني مان اٽيسٽ ٿيل ناهي.
منهنجي عرب دوست مونکي مهمان طور ڪجهه مهينا گهرائڻ چاهيو ٿي، هن کي وزٽ ويزا موڪلڻ کتي ٿي، پر هن کي ڪنهن دوست منهنجي فائدي خاطر صلاح ڏني ته هن کي ورڪ پرمٽ تي گهرائي، اقامه (سعودي عرب ۾ رهڻ ۽ واپار نوڪري ڪرڻ جو اجازت نامون) ٺهرائي ڏينس ته جيئن جڏهن وڻيس، تڏهن ايندو ويندو رهي. پر هن عرب همراهه کي اها خبر نه هئي ته اسان وٽ ڪهڙا قاعدا قانون آهن.
“هاڻ ڇا ڪجي.” آئون دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هوس ته فوٽ پاٿ تي ساڳي ڏاڙهي واري عريض نويس جنهن ساڍا چار سئو رپيا وٺي مونکي عربي ۾ درخواست لکي ڏني هئي ۽ ميڊيڪل جي لاءِ هڪ خاص ڪلينڪ جو ڏس ڏنو هو، تنهن چيو ته هزار ڏيڍ ( جيڪو بنا رسيد جي ٿيندو) ڏيڻ سان ٺپو لڳي ويندو. ان ڳالهه جي تصديق سندس هم پيشي جي ٻين ماڻهن به ڪئي. پر هڪ ٽريول ايجنٽ اتي بيٺو هو تنهن چيو ته آئون پاڻ ڊائريڪٽر جنرل وٽ هليو وڃان جي هو اعتراض ڪري ٿو ته درخواست ڏيئي سگهجي ٿي ته اسان اتي پهچي تصديق ڪرائي ڪاپي موڪلينداسين ڇو جو ويزا ملڻ بعد هنن جي روڪڻ جو جواز ناهي.
۽ واقعي ٿيو به ائين. ڊائريڪٽر جنرل اها ئي ڳالهه ڪئي ۽ آئون ڪلاڪ ٻه ان آفيس ۾ ويٺو رهيس. هو ان وقت ئي هر ڪاغذ نيڪال ڪندو رهيو ٿي. پوءِ معلوم ٿيو ته اهي هڪڙا ڪوڙڪا ۽ ڄارون آهن، جن ۾ مسافرن کي وڪڙائي مختلف ماڻهو مختلف نمونن سان پئسا ڪڍن ٿا ۽ اصلي صاحب کي ڪا خبر ئي ناهي هوندي.