مسجد نبوي تاريخ جي روشنيءَ ۾
طلع البدر علينا، من ثنيات الوداع،
وجب الشڪر علينا، مادعيٰ داع
ايها المبعوت فينا، جئت بالامر بالمطاع
جئت شرفت المدينه، جئت يا خير داع.....
حضور صلعم جن سومر ڏينهن قبا ۾ پهتا هئا، ان بعد جمع ڏينهن مديني جي ماڻهن سان گڏ مديني شهر روانا ٿيا. رستي تي جمعي نماز جو وقت ٿيو ته پاڻ نماز پڙهايائون ۽ خطبو ڏنائون.
مديني منوره ۾ حضور صلعم جن جو شاندار استقبال ٿيو. هر هڪ اهو چاهيو ٿي ته حضور صلعم جن هن جا مهمان ٿين، نيٺ اهو ئي فيصلو ته اٺڻي (ڏاچيءَ) جي مهار ڇڏي ڏجي. هوءَ جيڏانهن وڃي تيڏانهن وڃڻ ڏجيس ۽ ڏسجي ته ڪٿي ٿي ويهي. اها ڏاچي سڀ کان اڳ ان جاءِ تي اچي ويٺي جتي هينئر مسجد نبوي آهي، پر اڃان حضور جن ان تان لٿا ئي مس ته ڏانچي وري هلڻ لڳي ۽ بنو نجار جي پاڙي ۾ حضرت ايوب انصاري رضه جي گهر جي سامهون اچي ويٺي.
مديني شهر ۾ جيڪو سڀ کان پهريون ڪم حضور جن شروع ڪرايو اهو مسجد ٺهرائڻ جو هو. مسجد لاءِ حضور صلعم جن اها جاءِ پسند ڪئي. جتي پهرين ڏانچي ويٺي هئي. اها زمين خريد ڪئي وئي ۽ مسجد جو بنياد حضور صلعم جن پنهنجن هٿن سان رکي ان جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو. مسجد نهايت سادگي سان ٺاهي وئي، ڀتيون ڪچين سرن جون ٺاهيون ويون. ڇت کجيءَ جي پنن جي ۽ ٿنڀا کجيءَ جي ٿڙن مان ٺاهيا ويا، هن مسجد جي ڊيگهه 105 فٽ ۽ ويڪر 90 فٽ ۽ ڇت ڏهه فٽن تي ٺاهي وئي. مسجد جي اڀرندي ڪنڊ وٽ هڪ ڇت وارو صفو ٺاهيو ويو. جتي سٺ ستر اهڙا اصحابي رهيا ٿي جن جو نه گهر هو ۽ نه ڪو روزگار، فقط علم دين ۽ فيض نبوي حاصل ڪرڻ لاءِ اتي ٽڪيل هئا. ان ڪري مسجد جو اهو حصو اڄ به اصحاب صفه کان مشهور آهي.
قبلي جو رخ ان وقت تائين بيت المقدس يعني اتر طرف هو. ان ڪري اتر واري ڀت کي ڇڏي باقي ٽنهي ڀتين ۾ ٽي دروازا ڪڍيا ويا هئا. سترهن مهينا کن بيت المقدس ڏي منهن ڪري نمازون پڙهڻ بعد هجرت جي ٻئي سال الله تعاليٰ طرفان بيت الله شريف ڏي منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم ٿيو. تڏهن ڏکڻ وارو دروزاو بند ڪري اتر طرف هڪ دروازو ٺاهيو ويو، جيڪو اڄ ڪلهه باب مجيدي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
خيبر جي لڙائيءَ جي فتح بعد حضور صلعم جن مسجد جي ڊيگهه ۾ 45 فٽ ۽ ويڪر ۾ 60 فٽن جو واڌارو ڪرايو ته مسجد چورس عمارت ٿي پئي. جنهن جو هر هڪ پاسو 150 فوٽ ٿيو ٿي.
حضرت ابوبڪر صديق رضه جن جي دور خلافت ۾ هن مبارڪ مسجد ۾ ڪا به ردو بدل نه آندي وئي. حضرت عمر رضه سترهين هجري ۾ مسجد جي ڊيگهه 210 فٽ ويڪر 180 فٽ ڪرائي ۽ ڇهه دروازا ٺهرايا. موجوده باب الاسلام ۽ باب النساء ان دور جا يادگار آهن. البت مسجد جي سادگي اهائي قائم رهي.
حضرت عثمان رضه 23 هجري ۾ خليفو ٿيو ته هن ڀتين ۽ ٿنڀن کي پٿرن سان ٺهرائي انهن تي گل چٽ ٺهرايا. قبلي ڏي ڀت کي اڳيان وڌائي ان هنڌ تي آندو جتي اڄ آهي. ان ڀت ۾ هڪ محراب به ٺهرايو. جيڪو اڄ به محراب عثمان رضه جي نالي سان مشهور آهي. هيءَ اڏاوت سن 29 هجري ۾ شروع ٿي ۽ 30 هجري ۾ ختم ٿي.
ان کانپوءِ بنو اميه دور خلافت ۾، عمر بن عبدالعزيز سن 88 هجري ۾ وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ مسجد کي وڏو ۽ سهڻو بڻايو ۽ مسجد جي ڊيگهه 300 فٽ ۽ ويڪر 250 فٽ ڪرائي، ٿنڀ سنگ مرمر جا ٺهرايا. ڇت تي به سون جو پاڻي لڳرائي نقاشي ڪرائي. هي ڪم 91 هجري تائين جاري رهيو.
ان بعد عباسي خليفن به هن مسجد جي واڌاري ۾ ڪجهه حصو ورتو. خاص ڪري اڱڻ تمام وڏو ڪرايو . ان بعد تقريباً ست سؤ سالن تائين مسجد ان ئي حالت ۾ قائم رهي. مهدي عباسيه 161 هجري ۾ مسجد جو اڱڻ وڌرايو ان بعد 678 هجري ۾ تلائون صالحيءَ ٽامي جي ڄارين سان گڏ قبو خضرا ٺهرايو. جيڪو مسجد جي ڇت کان مٿاهون آهي ۽ اڄ تائين ان حالت ۾ آهي.
888 هجري ۾ مصر جي قاتبيا بادشاهه روضي شريف جي فرش کي تبرڪ طور ان قديم حالت ۾ ڇڏي باقي جي ڪافي مرمت ڪرائي، ان بعد سلطان سليمان روميءَ ڏهين صدي جي وچ ڌاري روضي مبارڪ ۾ سنگ مرمر جو فرش لڳرايو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي.
حجري شريف ۾ سرنگ لڳائڻ جو واقعوسن 557 هجري ۾ ٿيو. هي ماڻهو عيسائي هئا، جن سرنگ ذريعي جسم مبارڪ کي کڻي وڃڻ چاهيو ٿي. پر هو پنهنجن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيا. ان بعد مصر جي بادشاهه نورالدين حجري جي چوڌاري اونهي کاهي کوٽائي ان کي ڌاتوءَ سان ڀرائي ڇڏيو. جيئن ڪو به قبر تائين پهچي نه سگهي.
ترڪن جي دور ۾ به مسجد مبارڪ ۾ چڱو خاصو واڌارو ٿيو. ترڪ جيڪي پنهنجو پاڻ کي خدامِ ڪعبه سڏائيندا هئا، مسجد نبوي جي اندروني حصي جو شان اڄ تائين انهن جي ياد ڏياري ٿو. ڳاڙهي رنگ جا ٿنڀا ۽ انهن تي سونهري گل چٽ انهن جي زماني جو ئي يادگار آهن.
ان بعد سلطان عبدالعزيز ابن سعود مرحوم 1368 هجري ۾ مسجد جي آسپاس جي گهرن ۽ دڪانن کي خريد ڪري ڊاهڻ جو ڪم شروع ڪرايو. 1372هجري ۾ سلطان سعود بن عبدالعزيز مديني منوره اچي هن ڪم جي شروعات ڪرائي، مسجد جي واڌري ۾ هڪ خاص ڳالهه ياد رکڻ ضروري آهي ته اصل مسجد ۽ ان جون مقدس جايون جهڙوڪ روضه اقدس، گنبذ خضرا، حجره مبارڪ، مقصوره شريف، اصحابِ صفه جو ورانڊو ۽ ٻيون تاريخي شيون انهي اصلي حالت ۾ رکيون ويون آهن، انهن ۾ ٿورو به ڦيرڦار نه آندي وئي آهي. مسجد کي وڏو ڪرڻ ڪري پهرين هن کي پنج دروازا هئا، هاڻ ڏهه ڪيا ويا آهن، ترڪي جي سلطان عبدالمجيد جي ياد ۾ بابِ مجيدي کي جيئن جو تيئن ڇڏيو ويو آهي. پهرين مسجد نبوي ۾ پنج منارا هئا، هاڻ ان جي چئن ڪنڊن تي چار منارا آهن.