سعودي عرب ۽ يورپ ۾ فرق
رياض ايئرپورٽ تي ڪيترائي هوائي جهاز بيٺا هئا. ڪن مان سامان لهي رهيو هو. ان جي معنى اهي اڏامون به هاڻ پهتيون آهن ۽ اندر هال ۾ سامان پهچڻ تي وڏي پيهه پيهان رهندي. منهنجي اڳيان ويندڙ ايئرپورٽ جي هڪ همراهه کان معلوم ڪيم ته مون کي ينبو وڃڻو آهي، منهنجو ڪراچي ۾ ڏنل ينبو لاءِ سامان آٽوميٽيڪلي ينبو واري جهاز ۾ ٽرانسفر ٿي ويندو يا مون کي هتان پاڻ وٺي پوءِ ينبو واري جهاز ۾ ڏيڻو آهي.
هتان سامان به کڻڻو اٿانوَ ته اميگريشن به ڪرائڻي اٿانوَ. ان بعد ينبو لاءِ ٿورو اڳتي ڊوميسٽڪ فلائيٽ جي هصي ۾ وڃڻو اٿانوَ.” هن ٻڌايو ۽ مون دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي ان معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ شاباس ڏني. ظاهر آهي، نه ته آئون سيٽيون وڄائيندو وڃي ينبو واري جهاز ۾ چڙهان ها ۽ منهنجو سامان رياض ايئرپورٽ جي ڦرڻيءَ ۾ پيو ڦري ها. ينبو پهچي خبر پوي ها ته هر هڪ کي پنهنجا ٿيلها ملي ويا سواءِ منهنجي.
مٿين ڳالهه لکڻ مان منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته پڙهندڙن مان ڪو ڏوانهين منزل ڏي وڃي رهيو هُجي ته سامان جي هر ايئرپورٽ تي پڪ ڪري. ڪراچي ۾ سامان وٺڻ وارو ڪلارڪ ته وڃي گهر سکيو ٿيندو. مصيبت ۾ توهان پئجي ويندائو. ڪڏهن ته ٻه ٽي ايئرپورٽ ۽ هوائي جهاز بدلاءِ ته به سامان جو فڪر ناهي، توهان کي آخري منزل تي هٿيڪو مليو وڃي. جيئن هڪ دفعو ڪراچي کان سئيڊن ويندي نه فقط ڊئنمارڪ ۾ هوائي جهاز مٽائڻو پيو پر آخر ۾ ڪوپنهيگن کان فيري (پاڻي واري جهاز) رستي مالمو (سئيڊن) اچي لٿاسين ۽ ڪراچيءَ ۾ ڏنل سامان مالمو ۾ ٻيڙيءَ مان لهڻ وقت اسان کي ڏنو ويو. هوائي اڏن يا هوائي ڪمپنين جو عملو هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تائين حفاظت سان سامان Shift ڪندو رهيو.
رياض جي هوائي اڏي تي ان وقت نه فقط اسان جو جهاز لٿو هو، پر ٻيا به ٽي کن اسان جهڙن غريب ماڻهن سان ڀريل جهاز سريلنڪا، ڍاڪا ۽ دهليءَ کان پهتا هئا. اسي سيڪڙو کن شلوار قميص ۾ هئا. ڇو جو بنگالي ۽ انڊين به اڄڪلهه شلوار قميص پائين ٿا. خاص ڪري عرب ملڪن ۾. هر هڪ جي هٿ ۾ ٿيلها ۽ هڙون هيون. رڍن ٻڪرين وانگر سڀ ٿيلهجي اميگريشن واري هال ۾ اچي پهتاسين. جتي ايئرپورٽ جي سعودي عملي جي رڙ لڳي پئي هئي ته قطار ۾ ٿي بيهو. اڳيان هڪ ماڻهوءَ جو به نيڪال نه پئي ٿيو. ڪمپيوٽر سڀ جواب ڏئي ويا هئا. ڪو سئچ هيٺ مٿي ٿي ويو. جيسين نقص لڀي تيسين سڄو عملو هٿ تي هٿ رکي ويٺو رهيو. هر هڪ جي اڳيان سؤ سؤ ڏيڍ ڏيڍ سؤ ماڻهن جي قطار هئي ۽ ڪل ٻارنهن تيرنهن قطارون هيون. ننڍن ٻارن جو روڄ لڳو پيو هو. مون چوڌاري رياض ايئرپورٽ جي هن Arrival Lounge (ايندڙ مسافرن جي هال) ڏي نظر ڊوڙائي. بناوٽ توڙي سجاوٽ جي حساب سان لڳو ٿي ته ڪنهن امير ملڪ جي خوبصورت هوائي اڏي تي هجون. ڄڻ ڪنهن مشهور اولياءَ جي سهڻي درگاهه هجي ۽ وري مسافرن ڏي نظر ڪيم ٿي ته ڄڻ اسين خيرات جي ماني وٺڻ يا لنگر وٺڻ لاءِ فقير اچي گڏ ٿيا هجون. سڀئي ٿڪل ٿڪل ۽ منهن لٿل، سادن سودن ڪپڙن ۾ ٿيلها ۽ ٻيو هٿ جو سامان جهليو بيٺا هئاسين. ٿڪجڻ تي ڪڏهن پٽ تي هڙ رکي سون ٿي ته ڪڏهن ڪلهي تي، ڄڻ بئگون يا ٿيلها نه هُجن پر ٿالهيون ۽ ٿالهه هجن ۽ خيرات جي ماني ورهائڻ جو بيٺا انتظار ڪيون. سڀني جون نماڻيون نظرون اڳيان ويٺل چلڪندڙ يونيفارم ۾ عرب اميگريشن آفيسرن ڏي کتل هيون. خبر ناهي ڪنهن وقت ديڳ جو ڍڪ لاهي ورهائڻ شروع ڪن. خبر ناهي ڪنهن وقت ڪمپيوٽر صحيح ٿين ۽ هڪ هڪ جي پاسپورٽ ۽ ويزا جي چڪاس ٿئي ۽ ڊگهي قطار اڳتي رڙهي.
دنيا جي انٽرنيشنل يا ڊوميسٽڪ ايئرپورٽن تي مون ڪڏهن به مسافرن جي چهرن تي ايڏي اداسي ۽ بيوسي نه ڏٺي جيتري سعودي عرب جي ايئرپورٽ تي ڏسي رهيو هوس. ڇا سبب ٿي سگهي ٿو. بلاشڪ هڪ ته اهو آهي ته يورپ توڙي جپان، ٿائلنڊ، ملائيشيا جي هوائي اڏن تي مسافر گهر ڇڏي اچڻ بعد به خوش هوندا آهن جو هو ان ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ آيل هوندا آهن. پر هتي هي سوين غريب پٺاڻ، پنجابي، بنگالي، تامل، سنڌي، سري لنڪن، راجستاني بهاري، مارواڙي گهر جي خرچ هلائڻ جي پريشاني کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا ٻار ٻچا ۽ ڪک ڇڏي هتي گهمڻ لاءِ نه پر پورهئي لاءِ آيا آهن. “پر پورهئي لاءِ ته لنڊن، پئرس، ڪوالالمپور، ٽوڪيو. ويندي ڪوپن هيگن، نيويارڪ جي هوائي اڏن تي به اسان جي ننڍي کنڊ جا هوندا آهن، انهن جي چهرن تي ته ايتري ادسي ڇو نه هوندي آهي، جيتري هتي ڏسي رهيو آهيان.” مون دل ئي دل ۾ سوچيو.جواب ڳولي نه سگهيس. پر پوءِ ڪجهه عرصو سعودي عرب ۾ رهڻ ۽ حالتن جو جائزو وٺڻ بعد هتي ڊرائيوري ڪندڙ ملتاني ڊرائيور جي ڳالهه ۾ وزن سمجهان ٿو جيڪو ملائيشيا ۽ ايران ۾ به ڪُجهه عرصو ڪم ڪري چُڪو آهي.
“هتي (سعودي عرب) جي پورهئي ۽ ٻين ملڪن جي پورهئي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.” هن ٻڌايو.
“ڪيئن ڀلا؟” مون پڇيومانس.
“هتي جي هڪ ته موسم ڏکي آهي. ملتان کان به گهڻي گرمي ۽ اس آهي. وڻ ٽڻ ۽ ڇانوَ جو نالو ناهي. يورپ پاسي جي ملڪن جو سيءَ اوترو ئي خراب آهي. پر پورهيت ماڻهوءَ کي سيءَ ۾ فئڪٽري توڙي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي ويتر فرحت اچي ٿي. ٻي ڳالهه ته هتي ماڻهو عرب ڪفيلي ڪمپني مئنيجر وٽ ڄڻ غلام رهي ٿو. پهچڻ سان هو توهان جو پاسپورٽ پاڻ وٽ سوگهو رکي ٿو ۽ ڪيل واعدي مطابق (جيڪو اڪثر پاڻ ئي ڀڃندو رهي ٿو) توهان کي پورو پگهار يا سهولت نه ٿو ڏئي. ان لاءِ توهان ڪو به جهانگيري گهنڊ وڄائي نٿا سگهو. توهان ڪورٽن ۽ پوليس ٿاڻن تي پڪارڻ کان به مجبور آهيو. پوليس به مڪاني عرب جو ٻڌي ٿي. توهان جو نه. يورپ جي ملڪن ۾ ڪورٽ وڪيل تائين توهان جي پهچ نه آهي ته حڪومت يا اتي جون بهبودي جماعتون پنهنجي خرچ تي وڪيل به ڪري توهان کي انصاف ڏيارين ٿيون. پر هتي سعودي ۾ ماڻهو جهڙو مسڪين ۽ غريب. هر وقت مالڪ (عرب) جي موڊ ۽ جوجڪي (Whims) جو غلام رهي ٿو. پورهيت کي پنهنجي خبر نٿي پوي پر آهستي آهستي هو نفسياتي مريض ٿيندو وڃي.”
عبدالرحمان ڊرائيور آهي. سندس مٿين ڳالهه ڪيتري حد تائين صحيح هجي، اهو بنا وڌيڪ جائزي وٺڻ جي چئي نٿو سگجي. پر سندس دليل پيش ڪرڻ جو طريقو مونکي وڻيو ۽ پڇڻ تي ٻڌايائين ته هن لاهور يونيورسٽي مان B.Sc ڪئي آهي. “نوڪري نه ملي سگهي. هڪ هنڌ ملي پر پگهار ايترو گهٽ هو جو ان مان پنهنجو پيٽ مس ٿي ڀريو. سو مجبوراً اهو وساري ته آئون پڙهيل آهيان، جتي جيڪا مزوري ملي ٿي اها ڪندو وتان.”
“ڀلا تون هتي سعودي عرب ۾ نوڪري ڇو پيو ڪرين”. مون پڇيو مانس.
“هڪ دفعو وري چوندس ته بس مجبوري. ملائيشيا ۾ خوش هوس، پر جيئن ته اتي ايجنٽ اسان کي غير قانوني طرح موڪليو هو، هڪ ڏينهن جهلجڻ تي مون کي ۽ مون جهڙن ٻين کي واپس وطن موڪليو ويو. هاڻي هتي آيو آهيان. سو به پنهنجي حڪومت جي مدد يا اوورسيز ايمپلائيمينٽ جي معرفت نه پر هڪ خانگي ايجنٽ کي چاليهه هزار ڏئي. جنهن مون کي هتي نوڪري وٺرائي ڏني.”