سعودي عرب وڃڻ لاء ميڊيڪل
“ آئون ايئرڪنديشن جو مڪينڪ آهيان . سال لاء سعودي عرب وڃي رهيو آهيان. هزار ريال پگهار تي وڃان پيو.رهڻ جو بندوبست مالڪ ڪندو. ماني پنهجي ڪندس. اٺ هزار رپيا ويزا جي في ڏني اٿم، هزار هن ميديڪل جو ،ڇه هزار رپيا protectorate جي في ۽ انشورينس، اٺ هزار رپيا ٽڪيٽ جا- اهي سڀ پنهجي کيسي مان ڏيندس. منهنجو ڀاء به اتي ٿو ڪمائي ايترو ئي پگهار اٿس.”
ساڻس گڏ جيڪو دوست آيو هو. ان کي جڏهن خبر پئي ته آئون ملائيشيا ۾ رهي آيو آهيان ته اتي جو پڇڻ لڳو.
ڇو ڀلا-؟ مون پڇيومانس
“آئون اوڏانهن نوڪري ڪرڻ چاهيان ٿو.” هن ٻڌايو.
“ پر ملائيشيا وڃڻ لاء ته هتان پهرين ويزا وٺڻي پوندي آهي ۽ پورهئي لاء ته هنن وٽ پنهجا ئي چيني ۽ انڊين (ڏکڻ هندستان جا تامل) آهن. ڌارين کي ته هو اهڙن ڪمن لاء ورڪ پرمٽ نه ٿا ڏين، تون ڪيئن ويندين ؟” مون پڇيومانس.
مون سٺ هزار رپيا هڪ ايجنٽ کي ڏنا آهن هن نوڪري لاء واعدو ڪيو آهي ،” هن ٻڌايو.
“پڪ اٿئي ته هو موڪليندءِ “ مون پڇيومانس
“ ها اسان جو سڃاڻو آهي . مونکي ۽ ٻين ٻن ٽن کي پاڻ سان وٺي هلندو ۽ اتي نوڪريءَ ۾ لڳرائيندو.”
“هڪ ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ مزوري ۽ سستي پورهئي لاء سندن پنهجي ملڪ جا ئي چيني ۽ تامل جام آهن. ڌاريا جيڪي ائين لڪي پورهئي لاء پهچن ٿا انهن کان هيڪاندو گهڻو ڪم وٺن ٿا ۽ گهڻو پورهيو جنگلن ۾ ڪرائين ٿا- پوک جو يا وڻن جي ڪٽائي جو يا وري ڪارخانن ۾ . بهرحال اتي جي موسم مينهوڳي واري به آهي ته سخت گرمي ۽ مڇرن واري به. اهي ڳالهيون سڀ ڌيان ۾ رکي وڃجانءِ جو ايترو پئسو ڏئي به اتي پهچين پر اتي ڪم نه ڪري سگهين. مون کيس اتي جي حالتن بابت چتاء ڏنو.
“ بس بازوئن ۾ سگه آهي ته ڪهڙو به پورهيو چوندا ته ڪرڻ لاء تيار آهيان. غريب آهيان . بيروزگار آهيان. قرض کڻي سٺ هزار ڏنا اٿم. جهڙو به مشڪل ڪم هوندو ته منهن ڏئي ويندوسانس. مڙس ماڻهو آهيان.” هن پختي ارادي سان ٻڌايو.
ٻئي پاسي ويٺل ٻه ڄڻا سنڌي هئا. انهن مان هڪ سعودي عرب وڃي رهيو هو ۽ ٻيو کيس ڇڏڻ آيو هو.
“ آئون مڪي ۾ ئي هڪ عرب وٽ ڊرائيور آهيان.” هن ٻڌايو.
“ ڪيترا سال اتي ڪم ڪيو اٿئي؟” مون پڇيومانس.
“ ٽي سال ۽ پوء موٽي آيس.هاڻ وري ٻن سالن بعد وڃان پيو.”
“ پگهار ڇا ڏينئي ؟”
“هڪ هزار ريال ڏين .” هن ٻڌايو.
“ ماني ٽڪي .” مون پڇيومانس.
“ماني ٽڪي پنهنجي ڪرڻي پوي ٿي، پر اها ڪا ايتري مهانگي ناهي. هڪ ريال جا چار خبس (نان) ملن ٿا. ڪنهن چٽڻي آچار سان ٻه کائڻ سان به پيٽ ڀرجيو وڃي. پر عربن وٽ ڪيترا دفعا ماني جي وقت بچت سچت ٿيندي آهي ته ٻوڙ پلاء اسان کي به ملي ويندا آهن. رهائش ۽ ميڊيڪل ڪفيل جي ذمي آهي.”هن ٻڌايو. هو خوش لڳو ٿي بقول هن جي مهيني ۾ پنج هزار رپيا بچت ٿيو وڃينس ۽ هتي ٻني ٻاري مان پنج سئو رپيا به نٿا ٿينس.
ڪفيل ان عرب کي چئجي ٿو جيڪو عربستان ۾ گهرائي ٿو.
اسان جا ايڪس ري، رت، پيشاب، بلڊپريشر ٽيڪنيشن ورتا. ان بعد آخر ۾ هڪ تازي گرئجوئيٽ ڊاڪٽر نبض ڏسي روانو ڪيو. هو تپاس کان وڌيڪ اثر رسوخ وڌائڻ جي چڪر ۾ لڳو ٿي. ميڊيڪل بدران هر هڪ کان سندس ڌنڌو ڌاڙي ۽ “سعودي عرب وڃي ڇا ڪندائو.” اهو حوال وٺڻ ۾ پورو هو. يا وري ان ڪوشش ۾ هو ته ڪو مسافر بلڊپريشر، ٽي بي، ڊائيبيٽيز جهڙي بيماري جو مريض هجي ته ان کي Exploit ڪيو وڃي .
“سائين! ذيابطيس ڪي مريض تو نهين هو؟ اگر هو تو ابهي بتائو تاڪه ڪچه ڪرسڪون” هن سنڌي ڊرائيور کان پڇيو
هاڻي اهڙا سوال پڇڻ جو ڇا مطلب جڏهن ته تپاس لاء هن ٽيڪنيشن کي پنهنجو پيشاب ڏنو آهي. تنهن جي معني ته رڳوSample ورتا وڃن ٿا. تپاس ڪنهن جو به ڪو نه ٿو ٿئي. پوء جڏهن ڪو مليريا، ٽائيفائيڊ، سله ۽ ٻين اهڙين بيمارين جا مريض ڌارين ملڪن ۾ پهچن ٿا – سعودي عرب جي ته خبر نه اٿم، پر جپان، انگلينڊ، سئيڊن، جرمني ويندي ملائيشا جهڙن ملڪن ۾ - ته پوء جهلجڻ تي هڪ هنگامو برپا ٿيو وڃي ته ان ملڪ ۾ مليريا يا ٽائيفائيڊ جهڙي بيماري ته آهي ڪانه، هن کي ڪيئن لڳي ۽ پوء نيٺ ثابت ٿيندو آهي ته پنهجي ملڪ مان کڻي آيو آهي . پر سندس ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ تي ته ڊاڪٽر جي صحيح سان لکيو پيو آهي ته هي ته بلڪل ٺيڪ آهي . پوء دنيا اسان جهڙن ملڪن لاء اهو ئي تاثر وٺي ٿي ته هڪ ته ڊاڪٽر ۽ اسان جا ٻيا پروفيشنل ڄٽ آهن، ٻيو رشوت ۽ سفارش جو بول بالا آهي.
منهجو نالو ۽ ڳوٺ جو نالو ٻڌي نوجوان ڊاڪٽر مون کي مان ۽ عزتون ڏيڻ لڳو جو سندس ڪاليج جي ڏينهن ۾ منهنجو هڪ مائٽ ۽ ڳوٺائي سندس پروفيسر هو. مون لاء يڪدم چانه گهرايائين ۽ افسوس ڪيائين ته آئون اجايو ايتري دير ڇو ويٺس ۽ قميصون ڪوٽ لاهي ڇو ايڪسري ڪڍائيندو رهيس. ڇو رت جو ٽيوب کن ڏنم، وغيره وغيره. آئون هن سڄي Process ۾ عجيب ڪيفيت محسوس ڪري رهيو هوس. هيستائين سڄي عمر سرڪار طرفان يا ڪمپني طرفان هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ايندو ويندو رهيو هوس. پاسپورٽ کان ٽڪيٽ ۽ ٽئڪسي لاء پاڻهي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي نه ٿي پئي. هي پهريون دفعو هڪ عام ماڻهو وانگر هر شئي قطار ۾ بيهي پاڻ ڪرائڻ جي تجربي مان لنگهي رهيو هوس جيڪو ڪجه ائين هو جيئن ڪو ماڻهو سڄي عمر “ شوفر ڊرون” ڪار ۾ هليو هجي هاڻ ڪراچي ۾ عام بس ۾ “رش اوور “ ۾ سفر ڪري رهيو هجي.