ڪراچي موٽندي جدي ايئرپورٽ تي هاڻ جلدي ٽرو
ان ڏينهن جدي ايئرپورٽ تي وڃڻ لاءِ ينبو جي PIA آفيس کام Hanko جي هن ڪوچ ۾ چڙهيس. ڏهاڪو کن مسافر هئا، جن ۾ هڪ فلپينو هو جنهن کي ڪراچي بعد PIA جي ساڳي جهاز يا ٻئي ۾ منيلا وڃڻو هو. ڇهه ست ڄڻا پشاور پاسي جا هئا ۽ هڪ عارف نالي همراهه جيڪو منهنجي پٺيان ويٺو هو، اهو ڪوه مري جو هو ۽ ڪراچي بعد کيس اسلام آباد لهڻو هو. ڊرائيور سان گڏ هئنڪو ڪمپني جا ٻه ڄڻا ٻيا به هئا جن مان وڏي ڏاڙهي سان نور احمد نالي پينٽر هو ۽ ٻيو ڪنهن ٻي گاڏي جو ڊرائيور هو جيڪا جدي ۽ ينبو جي وچ ۾ مستوره نالي شهر جي هڪ ورڪشاپ ۾ Repair ٿي رهي هئي، اتي ان کي لهي اها گاڏي کڻڻي هئي. ٽئي ڄڻا پاڪستاني هئا.
“توهان جي ڪمپني ۾ ٻيا به پاڪستاني آهن؟” مون پڇيو مان.
“هائو. ڊرائيور ۽ ڪافي مڪينڪ پاڪستاني آهن.” ڊرائيور ٻڌايو.
“ اهو توهان لاءِ سٺو آهي جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻئي سان اڙدو يا پنجابي ۾ خبرون ڪندا رهو ٿا. اهي ڪمپنيون جتي ڪو فلپين جو تگالوگ ڳالهائيندڙ آهي ته ڪو سري لنڪا جو تامل ڳالهائيندڙ ته ڪو سوڊان جو عربي ڳالهائيندڙ آهي ته انهن کي بوريت ۽ اڪيلائيءَ جو احساس گهڻو ٿئي ٿو.” مون چيو مان ۽ ڏاڙهي واري همراهه نوراحمد کان سندس احوال پڇيو.
“ آئون Painter آهيان. گاڏيءَ تي عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪجهه لکڻو هوندو آهي ته اهو لکان. جيئن ڏهاڪو کن ههڙا ڪوچ PIA وارن کي اسان جي ڪمپنيءَ ڏنا آهن ته انهن جي ٻاهران انگريزي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ۽ عربي ۾ الخطوط الجوي پاڪستان لکيو اٿم. وري جڏهن Contract ختم ٿيندو ته پوءِ ٻي ڪنهن ڪمپني جو نالو لکندس. هينئر آرامڪو وارن جو ٺيڪو ختم ٿيو آهي سو هر گاڏي تان آرامڪو جو نالو ڊاهي ان ڪمپنيءَ جو نالو لکندس، جيڪا مسواڙ تي وٺندي.”
مسافر پاڪستاني هجن ڊرائيور پاڪستاني هجي ۽ گاڏيءَ ۾ ٽيپ رڪارڊر هجي ته معنى گانا وڄڻ ضروري ٿيا پوءِ ڀلي اها گاڏي سنڌ پنجاب ۾ هلي يا حجاز نجد ۾. ۽ گانا به فل آواز تي هلندا. پر اهو به شڪر جو هن ڪوچ ۾ جيڪي فقط ٻه اسپيڪر لڳل هئا انهن مان هڪ ڊرائيور جي مٿان ڇت ۾ لڳل هو ۽ ٻيو بلڪل پٺيان. آئون وچ ۾ ويٺل هوس. ان ڪري منهنجا ڪن فل آواز بدران ماڊريٽ آواز تي : “ ميري زندگي هي نغمه ميري زندگي” يا : “وه دل کهان سي لاؤن، تيري ياد جو بهلادي”
يا : “پيار کرکي هم پچهتائي، ايک پل خوشي کي خاطر . . . “
جهڙا گانا ٻڌندو رهيس. نه ته يارو! ينبي کان جدي چئن ڪلاڪن جي هن سفر ۾ منهنجا ڪن هليا وڃن ها. اهي گانا ٽيهن سالن کان پيا وڄن ۽ پيا ٻڌون ۽ ٻڌون.
ينبع (ينبو) شهر جون حدون ڇڏڻ تي يڪدم چيڪ پوسٽ آئي جنهن جي اطلاع لاءِ اڳواٽ ٻه کن بورڊ لڳل آهن. “نقطه تفتيش _ “Check Post بورڊن تي عربي ۽ انگريزي ۾ لکيل هو. ٺهيو، مونکي اڄ خبر پئي ته هي جو پوليس جي ڪهاڻين ۾ تفتيش جو لفظ ٻڌبو آهي اهو عربي لفظ آهي. ۽ نقطو پڻ عربي جو لفظ آهي. پوليس جي ٺهيل پوسٽ اڳيان ڊرائيور گاڏي تمام آهستي آهستي ڪئي. سامهون آفيس جي ڪمري ۾ ٽي چار شرطا يعني پوليس وارا ماني کائي رهيا هئا. پري کان ئي اشارو ڪيائون ته ڀلي روانا ٿي وڃو. ڊرائيور زور زور سان کين وڏا سلام ڪيا. ڪجهه اسان ماڻهن جي احساس ڪمتري ڪري ڪجهه اسان (ويٺل مسافرن) تي اهو تاثر ڏيڻ لاءِ ته پوليس وارا ڊرائيور جا سڃاڻا آهن ۽ هي جو اسان کي بنا ڏسڻ جي ڇڏي ڏنائون ۽ هٿ جو اشارو ڪري چيائون ته هليا وڃو اها مهرباني ڊرائيورن جي سڃاڻپ ڪري ٿي. ڊرائيور جي ڪيل ٻن ٽن سلامن مان هڪ جو به هنن جواب نه ڏنو. ٻين لفظن ۾ هنن کنگهيو به ڪونه. دراصل هو ته ان وقت ماني تان اٿڻ بدران پري کان ئي اشاري سان اسان کي ڄڻ اهو چئي رهيا هئا ته هاڻ جلدي هلو. ٽرو. پويان ايندڙن جو رستو نه روڪيو.