ڪمپنيءَ جي نوڪري
“ سائين ڪمپنيءَ جي ڪم جي هڪ ته خبر نٿي پوي. ڇهه اٺ مهينا هليو بند ٿيو وڃي ۽ ڪم کان جواب مليو وڃي ۽ ٻي ڳالهه ته پگهار وقت تي نٿا ڏين. اسان جي ڳوٺ جا ڪيترا ماڻهو ڪمپنين ۾ ڪم ڪن ٿا. پگهار ملڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٽي ٽي مهينا به دير ٿيو وڃي. ٻچن کي وقت تي پئسو نه ملندو ته هو ان لپ ڪٿان وٺندا.”
“ ڀلا مهيني ۾ تنهنجو ڪيترو خرچ اچي؟” مون پڇيومانس
“ سادو سادو کائڻ تي به ٻه سؤ ريال خرچ اچيو وڃي.” هن ٻڌايو.
“ رهائش جو ڇا ڪرين ؟ مون پڇيومانس.
هڪ ڪمرو مسواڙ تي اسان ٽن ڄڻن ورتو آهي. هر هڪ ستر ستر ريال مسواڙ ڏئي.”
“ اهي ڪٿي جا آهن ؟ مون پڇيومانس.
“ پاڪستان جا ئي آهن. بلڪ اسان جي علائقي دير جا آهن.” هن ٻڌايو.
“ اها ته سٺي ڳالهه آهي جو توسان گڏ تنهنجا سڃاڻا واقفڪار رهن ٿا، جن سان پنهنجي زبان ۾ حال اوريندو هوندين ۽ پرديس ۾ اڪيلائيءَ جو احساس نه ٿيندو هوندئي. خط پٽ به هڪ وٽ ايندو هوندو ته ٻين کي به ڳوٺ جو حال احوال معلوم ٿي ويندو هوندو.” مون چيومانس.
“ خط پٽ ته اسان پوسٽ ذريعي موڪليون ئي ڪونه. هتي جي يا پنهنجي ٽپال کاتي جو اهڙو سلسلو آهي جو خط ئي رليو وڃي. سگهو سگهو تڏهن به هفتي ڏيڍ ملي ٿو. اسان جي پاسي جا ايترا ته ماڻهو آهن جو هر هفتي هڪ ٻه دير وڃي ئي وڃي ٿو. جنهن هٿان خط موڪلي ڏيڍ ريال في خط تي بچايون.” هن ٻڌايو.
ان تان مونکي ياد آيو ته هونءَ هميشه ٻين ملڪن کان پاڪستان جي پوسٽ سستي هوندي آهي. پر هي پهريون دفعو ڏسان پيو ته سعودي کان پاڪستان خط موڪلڻ تي ڏيڍ ريال لڳي ٿو، جيڪو ٻارهن رپيا کن ٿيو ۽ پاڪستان کان سعودي موڪلڻ تي سترهن رپين جو ٽڪليون لڳن ٿيون.
“ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيو اٿئي _ ؟ مون کانئس پڇيو.
“ ها اتي به سال سوا کن ڪم ڪري چڪو آهيان.” هن وراڻيو.
“ ڀلا هتي بهتر محسوس ڪرين ٿو يا ڪراچيءَ ۾؟”
“ مون لاءِ جهڙو ڪراچي پرديس تهڙو هي پرديس...”
پر تڏهن به ڪراچيءَ ۾ ٻيا به تنهنجا ڪيترا ڳوٺائي ۽ پاسي اوسي جا پٺاڻ آهن.” مون سندس جملو اڌ ۾ ڪٽي چيو.
“اهي ته، مون ٻڌايو ته هتي به آهن، رڳو منهنجي ننڍڙي ڳوٺ جا پنڌرهن سورهن هتي ينبو ۾ آهن. اهڙي طرح اوسي پاسي جي ڳوٺن جا به ڪيترائي آهن. ڪيترا ته مائٽ مٽ اٿم.”
“ڀلا پئسي جي معاملي ۾ ڪٿي گهڻي بچت ٿئي ٿي؟” مون پڇيومانس.
“هتي گهڻي بچت ٿئي ٿي. ڪراچي ۾ هزار رپيو کن مس بچيو ٿي.” هن ٻڌايو.
مون حساب ڪيو ته هتي کيس اٺ سؤ ريال مهيني ۾ ڪمائي ٿئي. جنهن مان ٻه سؤ بقول سندس مانيءَ تي خرچ اچي ٿو ۽ ستر اسي مسواڙ تي ڏئي ۽ ويهه کن نسوار سگريٽ تي ته به پنج سؤ ريال- يعني چار هزار کن رپيا مهيني ۾ بچائي ڳوٺ موڪليندو هوندو. مون اهو حساب ڪري کيس ٻڌايو. هن ان کي درست ڪندي چيو:
“چار هزار نه پر ٻه هزار رپيا کن ٻارن لاءِ گهر موڪليان. بچن برابر چار هزار کن ٿا، پر ورتل قرض جي هر مهيني ٻه هزار رپيا قسط.” هن ٻڌايو.
“ڪهڙو قرض؟” مون تعجب مان پڇومانس.
“هتي اچڻ لاءِ ويزا، ٽڪيٽ ۽ ڪميشن لاءِ جيڪي ايجنٽ کي ستر هزار ڏنم اهي هر مهيني ٻه ٻه هزار ڪري چئن سالن ۽ ٻن مهينن ۾ پنجاهه قسطون ڪرڻيون آهن.” هن ٻڌايو.
“پر ٻن هزارن جي حساب سان ته پنجٽيهه قسطون ٿيون.”
“ها. پر ائين مفت ۾ اڄڪلهه ڪير ٿو قرض ڏئي؟ جنهن کان قرض ورتو اٿم ان انهيءَ حساب سان ستر هزارن بدران لک رپيا گهريو آهي.” هن ٻڌايو.
“ڀلا هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ.” مون پڇيومانس، “هينئرته کڻي شام آهي. سج لهڻ تي آهي. پر سڄو ڏينهن جڏهن سخت گرمي ٿئي ٿي ته پوءِ اهڙي نٽهڻ اس ۾ بنا ڪنهن ڇپر جي هتي ڪيئن ويهين ٿو.؟
“آئون ڏينهن جو نه ويهندو آهيان. روز هن وقت ايندو آهيان جو ماڻهو ڇيڻو شام کان اچڻ شروع ڪن ٿا ۽ رات جو ٻارهين هڪ تائين ميلو متو پيو آهي. ڏينهن جو هرڪو گهر ۾ ويهي يا نوڪري تي وڃي.” هن ٻڌايو.
“ته پوءِ اهو سٺو آهي ته توکي گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن جو اس ۾ نڪرڻو نٿو پوي ۽ سڄو ڏينهن گهر ۾ آرام ڪرين ٿو. مون چويمانس.
“نه آئون ڏينهن جو ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو روزانو مزدوري يا پورهئي لاءِ ڀٽڪندو آهيان. پر ڪا ملي ئي ڪانه ٿي. هُن بيحد ڏکويل ۽ مايوس لهجي ۾ چيو.