هر هڪ مونجهاري ۾
جدي ايئرپورٽ ۾ گهڙڻ وقت سکر واري فضل قريشيءَ جو هڪ مائٽ محمودالله قريشي مليو. ساڻس گڏ هڪ دوست به هو. هو حج بعد ڪراچي وڃي رهيا هئا. ٿوري دير بعد ايئرپورٽ جي اندرين حصي ۾ محمود الله کي اڪيلو ڏٺم. هو پنهنجي دوست لاءِ سخت پريشان هو، جنهن جو ڪمپيوٽر نمبر هيٺ مٿي ٿيڻ تي هن کي اندر ڇڏي نه رهيا هئا _ جيتوڻيڪ ڪمپيوٽر خراب هجڻ ۾ اميگريشن واري جو ڏوهه هو. هنن هاڻ ڇپيل رڪارڊ گهرائي ان تي چيڪ ڪرڻ چاهيو ٿي. مون ۽ هن هڪ ٻن آفيسرن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عربن کي جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ اچي. عربن جي ان چريائپ جو توهان جي اندازو نٿا لڳائي سگهوته معنى توهان جو هن پاسي اچڻ نه ٿيو آهي. سک سان گهر ويٺا آهيو. هاڻ ايئرپورٽ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي ۽ محمو الله جي سامان جي حفاظت به ويٺو ڪريان ته هي مضمون به ويٺو لکان ۽ هو محمود جيڪو مون وانگر صبح کان گهران نڪتو آهي ۽ هن وقت رات جا اٺ اچي ٿيا آهن هڪ پاڪستاني آفيسر سان گڏ هڪ دفعو وري هتي جي پوليس آفيسرن کي سمجهائڻ ويو آهي ۽ هيڏانهن فلائيٽ جو اهو عالم آهي جو وڃي Delay ٿيندي. هاڻ مقرر وقت ڏهين بجاءِ آڌي رات جو هڪ بجي هتان هلندي. جيڪا ڪراچي صبح جو ڇهين ستين پهچندي. ڪلاڪ ٻه ته اتي به ڪسٽم ۾ لڳندو، ان بعد حاجين کي پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ پهچي شام ٿي ويندي _ يعني هتي ويٺل ڪيترن مسافرن کي گهر پنهنجن ڪکن ۾ پهچڻ ۾ اڃان به چوويهه ڪلاڪ کپن. اسان جهڙن ملڪن جا ايئرپورٽ، هوائي جهاز، ٽڪيٽ سسٽم وري به آرگنائيزڊ آهن. پر هتي جدي ايئرپورٽ تي ڪن ڪن کي ته خبر به ناهي ته سندن جهاز ڪڏهن ايندو ۽ اچڻ بعد ڪهڙا چڙهندا ڪهڙا رهندا. ترڪي وارا ٽن ڏينهن کان تڏو وڇائي هتي ايئرپورٽ تي ستا پيا آهن. سانجهي نماز بعد انهن مان ٻه ڄڻا : ناجي گونري ۽ حسين ڪرخير، منهنجي ڀرسان اچي ويٺا. نه کين منهنجي زبان سمجهه ۾ آئي نه هنن جي مونکي پر ايترو سمجهيم ته هو چئي رهيا هئا ته هاڻ ته پئسا به وڃن ختم ٿيندا، پر ڪو اتو پتو نه آهي _ هوائي جهاز اچڻ جو. خبر ناهي اسان کي مڪي مان ئي جهاز کڻندو يا رياض مان کڻڻو هوس. مطلب ته ايئرپورٽ تي (خاص ڪري هن جدي جهڙي ايئرپورٽ تي) گهڻا تڻا مونجهاري ۾ نظر اچن ٿا.