سعودي عرب ۾ نان سستا
“ گهڻا پئسا خرچ ٿيئي؟” مون پڇيومانس.
“ سائين ستر هزار رپيا خرچ ٿيا. پنجاهه هزار ويزا جا عرب کي ڏنم، پنج هزار اسان جي ڳوٺ جي ايجنٽ کي جيڪو هتي ڪم ڪري ٿو ۽ عربن کان ويزائون وٺي ڳوٺ ۾ اچي وڪڻندو آهي ۽ پنڌرهن هزار کن ڀاڙو دير کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان هيڏانهن اچڻ جو.”
“ ان کان علاوه عرب ڪفيل کي اڃان به ڏين يا بس؟” مون پڇيومانس.
“ ٻه سال پورا ٿيڻ تي Renewal (نئون ڪرڻ) جو ٺپو هڻائڻ ويو هوس ته ساڍا ٽي هزار ريال (يعني ٽيهه هزار رپيا کن) وري ورتائين.”
“ پوءِ تو ڏنس؟” مون پڇيومانس. ابراهيم جواب ڏيڻ بدران مون ڏي ڪا دير تعجب مان گهوري ڏٺو، ڄڻ چئي رهيو هجي ته ڪهڙيون احمقن واريون ڳالهيون پيا ڪريون. پوءِ بوٽ کي ٽانڪو هڻندي چيو:
“ ڇا ڪجي. مجبوري آهي. نه ڏيانس ها ته پوليس کي چئي واپس پاڪستان موڪلي ها. پاسپورٽ به هر ڪفيل پاڻ وٽ سوگهو ٿو رکي، سو ڀڄي ٻئي شهر به وڃي نٿو سگهجي.”
“ ڀلا مهيني ۾ گهڻو ڪمائين؟” مون پڇيومانس.
ڪڏهن اٺ سؤ ريال ڪڏهن ڇهه سؤ ڪڏهن ست سؤ.” هن ٻڌايو ۽ منهنجو ماٺ ٿي وڃڻ تي هو سمجهي ويو ته آئون ان کي گهٽ سمجهي تعجب کائي رهيو آهيان، ڇو جو ست سؤ يا خاص ڪري ڇهه سؤ ريال ته پنج هزار رپيا ٿيا ۽ پنج هزار رپيا پاڪستان ۾ ته وڏي ڳالهه ٿيا، پر هتي سعودي عرب جي معيار موجب اهو ڪو ايڏو وڏو ناڻو ناهي، جتي پنجبين ريالين(يعني 42 رپئي) ڪلو ڪيلا آهن. 15 ريالين ڇانهين آهي. پاڻيءَ جي بوتل به اٺين رپئي آهي. شهر ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين بس جو ڀاڙو ٻه ريال (17 رپيا) آهي. سا به بس نه پر پڪ اپ. مسافر بس فقط جدي، مڪي ۽ رياض ۾ هلي ٿي. سعودي عرب جي ٻين شهرن ۾ توهان کي سواري ناهي ته پوءِ وهندڙ رستي تي ٿي بيهو. جيڏانهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا اوڏانهن ڪو عرب پيوويندو ته في ماڻهو ٽي ريال وٺي لفٽ ڏيندو. ان ڪم لاءِ گهڻو ڪري بدو ۽ ڳوٺاڻا عرب پڪ اپ کڻي شهر ۾ پيا هلندا آهن. رستي تي جيڪو بيٺل ڏسندا ان کي ٽن ٽن يا ٻن ٻن ريالن ۾ ويهاريندا ويندا آهن.
اسان جا غريب پورهيت هتي پهچي پوءِ ڪوڪا ڪولائن يا بوتلن جا پاڻي نه پين. اڃ لڳين ته ڪنهن مسجد جي ڪولر يا گهرن ٻاهران لڳل سبيل جو پاڻي پيئن يا پنهنجي گهر جي باٿ روم جي نلڪي جو ٿڌو ڪوسو پاڻي پي پنهنجي اڃ اجهائين، جيئن اهي چار پئسا به سندن ٻچن کي اسڪول لاءِ پنو پينسل يا بسڪيٽ ٽافي وٺڻ ۾ ڪم اچي سگهي. فروٽ ۽ مٺايون کائڻ بدران ڀاڄي يا چٽڻي سان نان کائي پيٽ ڀري شڪر ڪن. اهو آهي ته هتي جي سرڪار اٽي جهڙين شين کي Subsidize ڪيو آهي. يعني انهن تي ٽئڪس ته نه هنيو اٿس، ويتر ان جي قيمت جو ڪجهه حصو خزاني جي ٽجوڙيءَ مان ڏئي ٿي. ان ڪري اٽي جون شيون سستيون آهن. خاص ڪري نان جن کي هتي خبث سڏين ۽ اسان جي نانن کان ٿلها ٿين ٿا ۽ ٺرڻ بعد به نرم رهن ٿا. بقول هڪ پاڪستاني دوڪاندار سلطان جي، “ پنهنجا نان ايترا سنها آهن جو ڏهه يارهن نانن جي تور مس مس ڪلو ٿيندي ۽ هتي جا چار نان ڪلو ٿين ۽ هڪ ڏيڍ نان مان پيٽ ڀرجيو وڃي. هتي جا چار نان (خبث) هڪ ريال ۾ ملن. يعني هڪ نان ٻي رپئي ٿيو جيڪو اسان جي ٻن اڍائي نانن برابر ٿيو ۽ اها قيمت سالن کان ساڳي هلندي اچي. اهو ته اسان جي رپئي جي قيمت ڪري پئي آهي، ان ڪري هڪ ريال جا اسان کي ساڍا اٺ رپيا ٿا لڳن. پر اڄ کان ڏهه پنڌرهن سال اڳ جڏهن سعودي ريال پاڪستان جي ٽن رپين برابر هو، تڏهن به هڪ ريال ۾ چار خبث مليا ٿي. اهي ملڪ جن جي ايڪانامي سٺي ٿي وئي آهي، انهن لاءِ ته اڃان به سستائي ٿي. جيئن اڄ کان پنڌرهن سال کن اڳ ملائيشيا جي ڊالر جي قيمت چار رپيا کن هئي ۽ سعودي ريال برابر هو. هاڻ ملائيشيا جو ناڻو ايترو طاقتور ٿيندو وڃي جو ملائيشيا جو ڊالر پنڌرهن سورهن رپيا ٿي ويو آهي ۽ ملئي ڊالر ۾ هڪ بدران ٻه سعودي ريال ملن ٿا. يعني ملڪ جي ايڪانامي سڌرڻ ڪري اتي جي ماڻهن کي پئسي ڏوڪڙ ۾ وڏو فائدو رسيو آهي.