نوڪري ملڻ واري لاءِ چتاءُ
هن شهر ينبو کان پنجاهه ڪلوميٽر کن پري هڪ ڳوٺ ۾ هڪ پنجويهن سالن کن جو مڪينڪ مليو جيڪو لاهور کان آيو آهي. بيحد ناخوش لڳو ٿي. چي:
“ هيڏانهن موڪليندڙ پاڪستاني ايجنٽ اسان کي ٻڌايو ته مڪي جي ڀرسان ڪم ڪرڻو آهي ۽ اسان کي گهٽ پگهار جو به ايترو افسوس نه پئي ٿيو. پر هتي پهچي خبر پئي ته مڪو ته اڍائي سؤ ڪلوميٽر پري آهي جتي هڪ اڌ ڏينهن جي موڪل ۾ ته وڃي موٽي نٿا سگهون، پر ويجهو شهر ينبو به پنجاهه ڪلوميٽر ڏور آهي. پاڻ ورڪنگ اورس (ڊيوٽي جي ڪلاڪن) جي به شڪايت ڪري رهيو هو ته ڏهه ڪلاڪ پورهيو ورتو وڃي ٿو. صبح جو ستين کان ٻارهين تائين ڪم ڪريون ٿا وري ٽي کان رات جو اٺين تائين _ بلڪه نو به ٿيو وڃن. يعني سڄو ڏينهن پورهئي ۾ زندگي گذري ٿي. ڪا پنهنجي زندگي ته رهي نٿي. ٻارهن کان ٽي بجي تائين ۾ ٻه ڪلاڪ ملن ٿا جو اڌ ڪلاڪ گهر پهچڻ ۾ ۽ اڌ ڪلاڪ وري گئريج تي موٽڻ ۾ لڳيو وڃي. سو انهن ٻن ڪلاڪن ۾ نماز به پڙهون. ڀاڄي ڀتي رڌي به کائون. يقين ڪريو گهر ۾ مون ڪڏهن چانهه به نه ٺاهي پيتي هئي. هتي سڄو ڏينهن مزوري ڪرڻ بعد ٻارنهن سؤ ريال ملن ٿا، جيڪي کڻي ڏهه هزار رپيا ٿيا پر مونکي ڪيترن ڳالهين جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. زال ٻارن کان پري. دوستن ساٿين کان پري. ۽ جنهن عرب جو گئراج آهي اهو ته ڳالهائڻ جو بدافعالو آهي پر اسان جو جيڪو فورمئن پاڪستاني آهي ان جو به ڄڻ ته انسانيت سان ڪڏهن واسطو ئي نه پيو آهي. ڄڻ اسان ماڻهو نه پر حيوان هجون. ڏهه هزار رپيا ڇا ملن ٿا ڄڻ اسين سندن زر خريد ٻانها هجون. جيتوڻيڪ ان مان به ٻه هزار کن ته ماني تي خرچ ٿين ٿا. پاڪستان ۾ آئون جنهن گئريج تي ڪم ڪندو هوس اتان مونکي ساڍا ٽي هزار رپيه ملندا هئا. اهڙا ٻه هزار رپيا پرائيويٽ ڪم ڪري ٺاهي وٺندو هوس ۽ اهي ساڍا پنج هزار رپيا هنن ڏهن هزارن کان گهڻو بهتر آهن. ڪم ڪرڻ ۾ به پاڪستان ۾ مزو هو. سڀ پنهنجو پاڻ ۾ هئاسين. سڄو ڏينهن چرچو ڀوڳ لڳو رهندو هو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن ماڻهو نه آيو يا ٿورو دير سان آيو ته به هلي ويندو هو. هتي هڪ منٽ دير سان اچون ٿا ته پنهنجو پاڪستان ئي فورمئن عرب کي چئي ڪلاڪ جا پئسا ڪٽرائي ٿو. بس رڳو دعا ڪريو ته حج ڪرڻ لاءِ ٻه چار ڏينهن ڇڏي. اهو ٿي وڃي ته پوءِ منهنجو هتي اچڻ سجايو ٿيو.”