دعائيه ڪلمات
سنڌي نثر جي شروعات ته گھڻو اڳ ٿي پر ۱۹ صديءَ جي آخر کان وٺي ۲۰ صديءَ جي پهرئين اڌ تائين درسي ڪتابن، علمي ادبي تصنيفن ۽ اخبارن ذريعي سنڌي نثر جي ذخيري ۾ وڏو واڌارو ٿيو. اهو ڊرامه نويسي، ناول نويسي ۽ اخبار نويسيءَ وارو اهم ابتدائي دؤر هو ۽ مجموعي طور سان سنڌي نثر پنهنجي ٻالجتيءَ واري مرحلي مان لنگھي بلوغت واري دؤر ۾ قدم رکيو.
۱۹۴۷ع کان پوءِ واري نئين دؤر ۾ سنڌي نثر ترقي ڪري پنهنجي اوج ۽ ڪمال واري درجي تائين پهتو آهي. ۲۰ صدي جي نصف آخر ۾، سنڌي نثر ۾ اظهار لاءِ نت نوان موضوع نروار ٿيا. خاص طور لوڪ ادب جي جدا جدا صنفن تي ڪتاب شايع ٿيا. جن جي مقدمن ذريعي نثر جي مختلف اسلوبن ۽ اندازن ۾ اضافو ٿيو. چئي سگھجي ٿو ته سنڌي نثر ۾ ٻاتائيءَ وارو دؤر ختم ٿيو. سنڌي نثر کي فصاحت ۽ بلاغت واري ڇوٽ زبان ملي جنهن سان هر موضوع جي ٻولي ڳالهائڻ واري سگھ ۽ صلاحيت پيدا ٿي. هن دؤر ۾ خاص طرح سنڌي صحافت جي ترقيءَ سان صحافتي نثرنگاري ۾ به وڏي ترقي ٿي.
وقت اچي ويو آهي جو تحقيق ۽ تدبير سان، سنڌي نثر جي موجوده جواني ۽ جمال واري جلوي کي پارکن آڏو پيش ڪجي، اهڙي ڪوشش لاءِ هي ڪتاب گھڻو ڪارآمد ثابت ٿيندو.
هن ڪتاب جي سڄاڻ سهيڙيندڙ محترمه پروين موسى ميمڻ سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي، جيڪو تفصيلي ۽ تسلي بخش آهي. پاڻ ڏيپلي شهر جي علمي ادبي قافلي جي حدي خوان آهي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم جي قومي خدمت ۽ قلمي روايت جي پاسبان آهي. اهڙي علمي ادبي نسبت جي رکڻ سان هي ڪتاب معيار توڙي مقدار جي لحاظ سان هڪ ڪامياب ڪشالو آهي، جنهن لاءِ آئون کيس دلي مبارڪ ڏيان ٿو ۽ سندس لاءِ دُعاڳو آهيان ته هن نياڻيءَ جي لکڻ جي سفر ۾ رب پاڪ کيس ڪاميابيون و ڪامرانيون عطا ڪري (آمين).
خادم علم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
علامه آءِ.آءِ قاضي چيئر
سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد
۲۹ جولاءِ ۲۰۰۵ع