”ورهاڱي جو ورجاءُ“
ڪتاب جو جائزو: هن مجموعي ۾ شامل مضمون، مقالا ۽ ڪالم 1974ع کان 1992ع تائين جي عرصي جا لکيل آهن جي پهرين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن، جيئن ”سهڻي“، ”سوجهرو“، ”روح رهاڻ“، ”پارس“، ”آرسي“، ”سگهڙين سٿ“، ”سپون بمبئي“، ”مهراڻ راشدي نمبر“، ”هلال پاڪستان“ وغيره، سرتيون ويلفيئر ايسوسيئشن ۽ عوامي تحريڪ پاران ڪوٺايل ڪانفرنسن ۾ پڙهيل مقالا پڻ شامل آهن. ڪالمن جا موضوع مزاحيه ۽ طنزيه آهن. ڪل 12 ڪالم ۽ اٺ مضمون آهن جيڪي سنڌ جي، سياسي ۽ سماجي مسئلن کي ادبي ۽ علمي انداز سان پيش ڪن ٿا. جن جا موضوع هيٺيان آهن، ”جمهوريت جي جهوليءَ ۾“، ”ايندڙ وقت ۽ حقيقت“، ”سنڌ جا مسئلا ۽ انهن جو حل“، ”بهاري نه آڻيو، ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهيو“ ۽ ٻيا آهن. ”ورهاڱي جو ورجاءُ“ ارڙهن صفحن جو مضمون آهي. ڪتاب جو نالو به هن عنوان سان لاڳاپيل آهي. جو 1988ع جي سياسي وڳوڙن ۽ ٻوليءَ جي فسادن ۾ ذهني ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ جي داستان آهي. ليکڪا هنن حالتن تي لکي ٿي ته، ”سنڌ جون هي تباهيءَ واريون حالتون ڏسي مونکي ايئن ٿي لڳو. هڪ وار وري ورهاڱي واري عمل پاڻ ورجايو هجي، مون سوچيو ڇو ٿيو ورهاڱي جو ورجاءُ“ (صه، 33)
هي يادون ڪاغذ جي ڪينواس تي انهيءَ لاءِ لٿل آهن ته جيئن اسين سبق سکون ۽ بي نيازيءَ کي ڇڏيون ”ايندڙ وقت ۽ حقيقت“ مضمون ۾ انهيءَ بي نيازيءَ تي ادي مهتاب لکي ٿي. ”مان سمجهان ٿي ته اهو سڀ ان ڪري آهي جو اسين فطرتاْ بي نياز آهيون. اسان کي ايڪو نه هئڻ واري حقيقت کان به وڌيڪ ان اک نه ٻڏڻ واري بي نيازيءَ ئي ٻوڙيو آهي. تاريخ اسان کي ڪهڙي موڙ ڏي وٺي ويندي اهو فيصلو وقت ڪندو. پر سچ اهو آهي ته اسان حقيقت ۾ ايندڙ وقت کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. (صه، 23)
سک جا ڇانورا، مضمون ليکڪا جي هندوستان وڃڻ جي سڪ ۽ سنڌي اديبن وٽان مليل مان جي باري ۾ آهي. سندس سفرنامو ”اندر جنين اڃ“ انهيءَ سڪ جو ثمر آهي، پنجن سالن کان پوءَ ٻيهر هندوستان وڃڻ تي لکيو اٿن ته، ”ٻيو ڀيرو سڄڻن جي سڏ تي هندوستان ويس، ته ڏٺم سندن سڪ پهرين کان به سرس هئي، هر طرف مون تي سڪ جا ڇانورا ئي ڇانورا هئا. مون موٽي اچي ساڻن گڏ گهاريل گهڙين جي ياد ۾ ”سرهي سرهي سار“ نالي سفرنامو لکيو. واقعي هر طرف سندن يادن جي سرهاڻ هئي“. (صه، 52)
هن مضمون ۾ سندن فيملي فرينڊ قيمت راءِ جي پٽ جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ سنڌ جي اديبن ۽ ليکڪن سان گڏ، دادا رام پنجواڻي جي سماڌي تي حاضري ڏيڻ جو احوال قلمبند ٿيل آهي. کين هندستان ۾ رام پنجواڻي ميڊل پڻ ڏنو ويو ۽ بي انتها عزت ۽ مان پرائي سنڌ واپس آچي انهي عزت ۽ مان تي خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو اٿن، ”سنڌي سڄڻن پنهنجي تقريرن ۾ منهنجي لاءِ جيڪي سڪ ڀريا گفتا ٿي چيا، سي مان سڀ پنهنجي مٺڙيءَ سنڌ جي کاتي ۾ وجهنديس، جتي جنم پائڻ جي صلي ۾ مونکي ايڏي عزت ۽ محبت ملي“. سندن چواڻي موجب سنڌ جي لاءِ هندوستان جي سنڌي اديبن جي دل ۾ بي انتها پيار، محبت ۽ عقيدت آهي. ”ڇا سنڌي صحافت پنهنجو ڪردار نڀائي رهي آهي؟“ هن مضمون ۾ ليکڪا لکي ٿي ته، ”صحافت سچ جي ڊاڪيومينٽيشن آهي، ڪو وقت هو جڏهن صحافت جو نالو کڻڻ سان ذهن ۾ سچ ۽ صداقت ۽ ڪمٽمينٽ جو تصور ٿي اڀريو، پر اڄوڪين ڪمرشلزم جي حالتن ۾ جڏهن صحافت صنعت جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، تڏهن سچ ۽ صداقت ڪمرشلزم ٿي پيا آهن. ڪهڙو سچ وڪامبو ۽ ڪهڙو نه؟“ (صه، 58)
هي هڪ اهم موضوع آهي، جنهن تي سنڌ ۽ سنڌ واسين جي بقا جو دارو مدار آهي، مهتاب صاحبه هن موضوع تي قلم کڻي اهم قدم کنيو آهي. بي شڪ اڄ جو دؤر ميڊيا جو دؤر آهي ۽ ڪمرشلزم جي به هڪ الڳ حيثيت آهي. پر حقيقت ۾ اخبارن ۽ رسالن کي لالچ ۾ اچي ڪمرشلزم ڏانهن ايترو نه ڌڪجي جو اسين صحيح ۽ سچي صحافت کان هميشه لاءِ محروم ٿي وڃون ۽ صحافت آزاد هوندي به يرغمال رهي، ليکڪا ڄاڻائي ٿي ته ”صحافت جي تباهيءَ جا ذميدار ڪامريڊ، اخباري مالڪ ۽ عوام آهن ۽ گڏو گڏ صحافين تي تشدد ۽ اخباري آفيسن تي حملا پڻ صحافت کي تباهيءَ ڏي ڌڪيندڙ آهن“. ليکڪا ماهوار ”سهڻي“، ”سوجهرو“، ”روح رهاڻ“ جي معيار کي ياد ڪندي لکي ٿي، ته ”سترهن سالن اڳ جي ”سهڻي“ رسالي جي ايڊيٽوريل کي پڙهي مان لفظن جي سچائيءَ تي، حيران رهجي ويس. جنهن ۾ دل جي گهراين سان سنڌي قوم کي ڌونڌاڙي سجاڳيءَ جا چتاءَ ڏنل آهن“. (صه، 21)
هن ڪتاب جو آخري حصو ”مقالا“ جي عنوان سان آهي، منهنجي نظر ۾ هنن مقالن مان ڪجھ کي جيڪڏهن سوانحي مضمون چئجي ته بهتر ٿيندو. ڇو ته انهن ۾ شخصيتن جا سوانحي ۽ ادبي تاثر ڏنل آهن، پر سندن ادبي خدمتن يا ڪتابن جا ريفرنسز گهٽ ڏنل آهن ۽ نه ئي مٿي لکيل ادبي ڪمن جو تفصيل ڏنل آهي. انهيءَ حوالي سان اهي مقالا نه پر مضمون شمارٿيندا. ”شاھ ڀٽائي بحيثيت ماهر نفسيات“، مضمون ۾ نفسيات جي سمجھاڻيءَ سان گڏ جيڪڏهن شاھ جي رسالي مان هن موضوع تي ڪجھ بيت هجن ها ته وڌيڪ ڪارائتو ليک ٿئي ها. پر ته به اهو هڪ مختلف موضوع ضرور آهي. ”ننڊ ننگر جو راهي“ ۽ ”ويا جي هنگلور“ مضمون رشيد ڀٽيءَ جي بيماري ۽ سندس وفات جي ذڪر کان سواءِ هن نامياري ليکڪ جي ادبي خدمتن ۽ شخصي خوبين جي سهڻي پيرايي سان بيان تي مشتمل آهن. ”نم جي ڇانو“ پير حسام الدين راشدي جي باري ۾ آهي، جنهن ۾سندن پرخلوص طبيعت ۽ منفرد شخصيت جا رخ بيان ڪيا ويا آهن. ”افسانوي ادب ۾ نسيم کرل جو مقام“، تحرير علمي ۽ ادبي طور افسانوي ادب ۾ اهميت جي حامل آهي. جنهن ۾ نسيم احمد کرل کي مڃتا ڏنل آهي، ماهتاب لکي ٿي ته، ”سندس (نسيم) ڪهاڻين ۾ توريل تڪيل جملا، چيده چيده لفظ ۽ محاورا هوندا آهن ۽ سندس لکڻيءَ ۾ درياه شاھ جي سير جهڙي رواني هوندي آهي. هو بيشڪ سنڌي ڪهاڻيءَ جو امام ۽ ٻولي جو بي تاج بادشاھ آهي، جنهن وٽ سنڌي لفظن ۽ محاورن جو وڏو ذخيرو هو“. (صه، 120)
نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ تي بحث ڪندي نسيم جي ڪهاڻين کي مثالن سان بيان ڪري انهن کي ادب جون شاهڪار ڪهاڻيون سڏيو ويو آهي.
”ماڻهو سڀئي نه سهڻا“ دادا رام پنجواڻيءَ جي شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪيل آهي. هي ليک پهرين ”سپون بمبئي“ ۾ به شايع ٿي چڪو آهي، ”اسين مهمان دم پل جا“، ماسٽر چندر جي وفات تي لکيل آهي. جنهن ۾ سندس شاعريءَ ۽ شاعريءَ جي مجموعن کي ذڪر ڪيو ويو آهي. ”داد گرداس واڌواڻيءَ جي ڪتاب ”ساروڻيون“ جي مواد جو جائزو ورتل آهي، ليکڪا لکي ٿي ته، ”ساروڻيون ساھ سان سانڍڻ جهڙي سوکڙي آهي، جنهن ۾ پيرائتيون ڳالهيون، زندگيءَ جا بي شمار مشاهدا ۽ تجربا نهايت اثرائتي انداز سان بيان ڪيل آهن. (صه، 132)
ورهاڱي جي ورجاءَ جي علمي ۽ ادبي حيثيت: نون موضوعن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جي مقالن ۽ مضمونن جا موضوع مختلف ۽ مواد عنوان سان ٺهڪندڙ آهن هن ڪتاب جا موضوع سياست ۽ جمهوريت کان وٺي سنڌي علم ۽ ادب جو احاطو ڪن ٿا، هن مختصر ڪتاب جي ٻولي عام فهم آهي، منجهس موقعي مهل تي سهڻا پهاڪا، اصطلاح ۽ چوڻيون ۽ شعر ڪتب آندل آهن، جيئن مثلاَ، ”چڱائيءَ کي چار ڳڻي هڻجن موچڙا“، “الله ڏي ٻانهو سهي“، ”چڱائي اهڙن سان جن ڦيرائي هنيو پٽ سان“، ”لالڻ تنهنجي لاڙ لڳي آهيان“، ”تانگهي ۾ تاڻي ٻڌ پنهنجو ترهو“، ”مور ويندا مري هنج نه رهندو هيڪڙو“. “سڱن لاءِ ڪن ڪپائڻ“، ”اٺين پيڙهي اٺ ماڪوڙو ماسات“، ”ڪاتي مار ڪاتي جيار“، “تول وچ آيا هينئن، مفت دا ڪونهي جو ڇوڙ ڏيوئين“، وغيره. هن ڪتاب ۾ ڏکين ۽ مشڪل لفظن کان پاسو ڪيل آهي، ڪجھ انگريزي لفظن کي سنڌي پرونائونسيشن سان استعمال ڪيو ويو آهي. اهي لفظ اڄڪلھ سنڌي ٻوليءَ جو حصو ٿيندا پيا وڃن. جن کي اچارڻ ۾ ڪابه هٽڪ محسوس نه ٿي ٿئي. جيئن ڪنسيشن، ڊاڪيومينٽيشن، ڪمٽمينٽ، ڪمرشلائيز، جرنلزم، ٿرلنگ هيڊنگ، ڪريئٽو رائٽر، مس يوز، يوزفل ۽ ٻيا آهن. مجموعي طور ”ورهاڱي جو ورجاءَ“ مضمون نويسيءَ ۾ هڪ چڱو اضافو آهي، جنهن جا ڪجھ مضمون 1988ع جي لساني وڳوڙن جي دؤر جا دستاويز آهن. آمريت جي عڪس کي وائکو ڪندڙ هي مضمون متاثر ڪندڙ آهن، جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو بيان ۽ علمي ۽ ادبي لحاظ کان اهم آهن.