اندر جنين اُڃ
اندر جنين اُڃ، پاڻي اڃيو ان کي.
(سُر سسئي 4_2)
اندر جنين اُڃ، شاھ ڀٽائيءَ جي بيت جي سٽ مان چونڊيل عنوان تي سفرنامو، ماهتاب محبوب جو آهي. هيءُ مختصر 152 صفحن جو سفرنامو 1981ع جي جنوريءَ ۾ پهرين ڇپيو ۽ هيستائين هن ڪتاب جا چار ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، نيوفيلڊس پبليڪيشن جي اشاعتي سلسلي جو هيءُ 195 نمبر ڪتاب آهي.
”اندر جنين اُڃ“ ليکڪا جي هندوستان ۾، مشهور اديبن ۽ محققن جي ميڙي ۾ مليل مان ۽ پيار جي ذڪر سان گڏ، بمبئيءَ جي گھمڻ جو بيان آهي. سفرنامي کان وڌيڪ هيءُ هندوستان جي سنڌين جي سنڌ لاءِ سڪ جي داستان آهي. انهيءَ سڪ جو ذڪر پنهنجي مضمون ”سڪ جا ڇانورا“ ۾ ليکڪا هن ريت ڪيو آهي، ”انڊيا پهچڻ سان ايئن لڳو هئم، ڄڻ چوڌاري سڪ جي ساگر ٿي ڇوليون هنيون، مان هند ڇا ويس، هنن لاءِ ڄڻ سنڌ هلي آئي. جڏهن ويهن ڏينهن کان پوءِ اُتان موٽي بنا ڪنهن پلاننگ جي ”اندر جنين اُڃ“ جي سري هيٺ سندن ڏنل سڪ کي لفظن ۾ سموئڻ ويٺي هئس، تڏهن خبر نه هئي ته اهي لفظ ڪتابي صورت اختيار ڪري وٺندا“. مارشلائي دؤر ۾ هندوستان جي سفر جي، هن سفرنامي جو مهورت، هوٽل فٽاز ۾ شاندار نموني ٿيو. ڊاڪٽر سليمان شيخ سگا جو چيئرمن ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين تقريب جا مهمان هئا. سفرنامي ”اندر جنين اُڃ“ جو انتساب ماسٽر چندر ۽ هندوستان جي سنڌي اديبن ۽ سڄڻن جي نالي آهي.
”اندر جنين اُڃ“ سفرنامي جو جائزو: ماهتاب محبوب گلوڪار ۽ سنگيت ڪار ماسٽر چندر جي قرب ڀريءَ ڪوٺ تي بمبئي گھمڻ وئي ۽ صرف اڌ مهيني ۾ صدين جي اُڪير ۽ سڪ ساڻ کڻي آئي، سندن وڏي آڌر ڀاءُ ٿي، اعزاز ۾ سنگيت جون، رنگ ڀريون رهاڻيون ٿيون ۽ ادبي محفلن جا مانڊاڻ مچايا ويا، انهن يادن ۽ سرهاڻين سان ”اندر جنين اُڃ“ ۽ ”سرهي سرهي سار“ سينگاريائين، ٻئي سفرناما هندي اديبن ۽ شاعرن جي سنڌ ڌرتيءَ لاءِ دِلي مڃتا آهن.
”اندر جنين اُڃ“، هندوستان جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو. دادا ماسٽر چندر جي سنگيت ڪار ۽ ڪلاڪار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ الڳ ادبي حيثيت آهي، شاعر هئڻ جي حيثيت سان سندن ٽي شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن، هن حساس فن ڪار ۽ شاعر کي سنڌ ۽ هند ۾ وڏو مرتبو حاصل آهي، جنهن جو ذڪر ماهتاب محبوب سندن سوانحي مضمون ”اسين مهمان دم پل جا“ ۾ ڪري چڪي آهي، پر هن سفرنامي ۾ هن بمبئي ۾ وڃڻ ۽ سندن گھر رهڻ ۽ گھر ڀاتين دادي هيتي (ماسٽر چندر جي گھرواري) پٽن مهيش چندر، هري چندر، گوپ ۽ ڌيئرن، نهرن ۽ پوٽن پوٽين سان گڏ گھاريل نه وسرندڙ گھڙيون بيان ڪيون آهن. بمبئي اڪيلو سفر لاءِ اسهڻ ۽ پنهنجي وَرَ محبوب صاحب، ٻارن ۽ تاج جويو جي ايئرپورٽ تان خدا حافظ ڪرڻ کان وٺي، وري واپسيءَ ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي رسيوَ ڪرڻ تائين جي سڄي داستان، سليس ۽ سادي رنگ ۾ بيان ڪيل آهي. جنهن کي موهن ڪلپنا ”رپورٽيج“ جو نالو ڏنو آهي. (مون کي فخر آهي ته هندوستان جي سنڌي ادب جي پهرين رپورٽيج ”اڃان رات باقي آهي“ مون لکي ۽ پاڪستان جي سنڌي ادب جي پهرين ”رپورٽيج“ ”اندر جنين اُڃ“ ماهتاب محبوب لکي).
سفرنامي کي سونهن ڏيڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ مختلف هنڌن تي اديبن سان ڪڍايل فوٽوز به شامل آهن. هيءُ هڪ مختصر سفر جو مختصر سفرنامو آهي، جيڪو هندوستان جي هڪ ئي شهر بمبئي جو بيان آهي، هندوستان جي تقريباً سڀني سنڌي اخبارن ۾ ماهتاب جي مان ۾ ٿيل گڏجاڻين جي ڪوريج آئي. ريڊيو آڪاش واڻيءَ تان سندن انٽرويو رڪارڊ ڪيو ويو. جيڪو ”سنڌي زبان ۽ سنڌي غزل“ تي مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ، ڊاڪٽر ”ارجن شاد“ ورتو. سندس ملاقاتن ۽ مانَ ۾ ٿيل مهمانين ۾ اُتم ۽ سندري اُتم چنداڻي ۽ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي (سنڌي لوڪ ادب تي ڊاڪٽريٽ ڪيل محقق) هري موٽواڻي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ جون مهمانيون خاص قابل ذڪر آهن، جتي سندن آڌر ڀاءُ لاءِ روزانو ”هندوستان“، ”هند واسي“، ”ڪهاڻي“، ”نئين دنيا“ ۽ ”ڪونج“ جي بانيڪارن کان سواءِ ڪيترن ئي ترقي پسند اديبن شرڪت ڪئي. کانئن، سنڌ ۽ سنڌ واسين بابت سوال پڇيا، خاص طور شيخ اياز جي باري ۾ ۽ سنڌي ادب جي اوسر جي باري ۾ پڇيو ويو. نسيم کرل جي اوچتي قتل جي باري ۾ ڏک جو اظهار ڪيو ويو. جن ليکڪن شرڪت ڪئي انهن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، جڳت آڏواڻي، ڪرشن راهي، اشوڪ ڪشوراڻي، هري تلواڻي (هندي ليکڪن جي ڊائريڪٽريءَ جو مرتب)، هري موٽواڻي (شير ادب)، موهن ڪلپنا ۽ ٻيا شامل هئا. گوبند جي گھر دعوت تي وڃڻ ۽ پاٽڪر هال جي ذڪر سان گڏ ”هري ڪرشنا هري راما“ مندر گھمڻ جو احوال پڻ دلپذير ڏنل آهي. هيءُ مندر آمريڪين جي سهڪار سان ٺهيل ۽ بي انتها خوبصورت آهي خاص طور مندر جي بانيءَ جو مجسمو ڪمال ڪاريگريءَ جو شاهڪار آهي.
”پاٽڪر هال“ ۾ رام پنجواڻي جي سنڌي ڊرامي ”پلئه پلي“ کي اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ۽ پرميلا پبليڪيشن الهاس نگر، جي طرفان هري تلواڻيءَ جي ساهته ڪلا جي ڊائريڪٽريءَ جو مهورت ڪيو ويو. هن ميڙاڪي ۾ به کين ڪيترائي ليکڪ مليا جن سان ادبي ڪچهري ٿي، جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڀائيٽو گوپال گربخشاڻي، گنوسامتاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، سشيلا لالواڻي، سندري، اُتم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شخصيتون شامل هيون ”سيتا سنڌو ڀون“ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جو مرڪز، جتي ليکڪا جي مرحبا ۾ رام پنجواڻيءَ ۽ موهن ڪلپنا جن خاص ميڙاڪو سڏايو، هن سنڌي سڄڻن جي ميڙ کي رام پنجواڻي پنهنجي آڌر ڀائي گيت، ”وڇڙيا محب ملن، جيءُ جياريو جن“ سان مانائيتو ڪيو ۽ سنڌي اردو شعرن ۽ دلچسپ واقعن سان سجايل الوداعي تقرير ڪئي ۽ موهن ڪلپنا به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. انهن ادبي گڏجاڻين کان سواءِ ماهتاب صاحبه هن سفرنامي ۾ هندوستان جي فلم انڊسٽريءَ جو ذڪر ڪيو آهي، هن فلمي اسٽوڊيوز جيئن ”ناگي اسٽوڊيوز“ ۽ فلم سٽي ۽ ٻيا گھميا. ڪجھ فلمون پڻ سئنيما هائوس ۾ ڏٺيون، گڏوگڏ بمبئي شاپنگ سينٽرز ۽ ريسٽورنٽس جو به ذڪر شامل آهي پرنس آف ويلس ميوزم، گيٽ وي آف انڊيا، ”ڪنهري ڪيوز“ گوتم ٻڌ جي مورتين وارا غار، آبزرويشن پوائنٽ ۽ ڪجھ ٻيا هنڌ آهن جي تفصيل سان ڏنل ڪونهي.
ليکڪا جي راءِ مطابق: بمبئي ۾ باندرا جو علائقو، وڏن ماڻهن ۽ اداڪارن جي رهڻ جو هنڌ ۽ مهانگو علائقو آهي. بمبئي جتي مشهور فلم نگري ڊالرن ۾ پئي راند ڪري ان شهر ۾ به اهڙي ”واه غريبي“ آهي جو ماڻهو نيون ڪارون نٿا رکن، ٽئڪسي ۾ سفر ڪرڻ مهانگو تصور ڪيو وڃي ٿو، بسن جو استعمال وڌيڪ آهي. انهيءَ ڪري ملڪ معاشي طور مضبوط آهي، هتان جا ماڻهو پئسي جو استعمال سوچي سمجهي ڪن ٿا، گھڻا غريب نه آهن پر ڪفايت شعار آهن. گھرن جو ڪم به پاڻ ڪرڻ ۾ فخر ٿا سمجھن، فليٽن سان جھنجھيل ۽ آبهوا واري شهر بمبئيءَ ۾ ڪا گھڻي صفائي به ڪانهي، جيئن هي هندوستان جو اهم ترين شهر آهي. باقي هتي جي سنڌي اديبن جي ايڪي کين گھڻو متاثر ڪيو ۽ هڪ اهم ڳالھ ڏي ڌيان ڇڪرايو اٿس ته هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل کين مايوس ڪُن لڳو. سندن چوَڻ مطابق ته، ”هندوستان جي تعليم معياري ۽ ٻارن ۾ انگريزيءَ جو رجحان گھڻو آهي. گھرن ۾ هندي ڳالهائي ٿي وڃي، ان ڪري ٻارن جي سنڌيءَ سان شناسائي البت گھٽ آهي. هتي سنڌين جو تعداد لڳ ڀڳ پنجويھ لک آهي، جيڪي مهاراشٽرا، گجرات، راجسٿان، اُترپرديش، مڌيه پرديش، دهلي ۽ ڀارت جي ٻين صوبن ۾ رهن ٿا. هنن باهمت ۽ محنت ڪش سنڌين خود کي مالي طور مضبوط ڪيو آهي خاص طور سياست، قانون، سائنسي تعليم، صحافت، ادب، آرٽ ۽ تعميراتي فن ۾ سنڌين وڏو نالو ڪڍيو آهي پر ان جي باوجود سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي ڪا باقائده حيثيت مليل ناهي ۽ نه ئي ڪا سنڌي پبلڪ لائبريري آهي، نوان ليکڪ به گھٽ اسري رهيا آهن باقي اسان جا اديب سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن ۽ کين سنڌي ٻوليءَ سان نه فقط پيار پر عقيدت آهي“. هند جي سنڌين جي سڪ جو ذڪر اثرانگيز آهي. جڏهن هو شڪارپور، حيدرآبا، نوابشاھ، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ جي هنڌن، گلين ۽ گسن جي ذڪر کي ورجائين ٿا، تڏهن محسوس ٿئي ٿو ته، واقعي ڇا ته ساڻيھ جي سڪ جو جذبو آهي؟ جڏهن اسي سالن جو ديوان جڙيو مل اديءَ ماهتاب جي هٿن کي سنڌ سمجھي عقيدت سان اکين تي رکڻ ٿو چاهي تڏهن پڙهندڙ بي حد جذباتي ٿي ٿو وڃي. لکيو اٿن ته؛ ”مون خاموشيءَ سان پنهنجا هٿ هن ڏي وڌايا جن کي چمي، پنهنجي اکين تي رکي هو روئي پيو ۽ پُسيل پلڪون رومال سان اگھندي، ڏڪندڙ چپن سان ڪمري کان ٻاهر هليو ويو“.
ادبي ۽ علمي اهميت:
هيءُ مختصر سفرنامو عام فهم ٻوليءَ ۽ دلچسپ رپورٽيج جي ڪري وڻندڙ آهي. آسان جملن ۾ هندي، عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ انگريزي لفظن جو غير ضروري استعمال ڪونهي. هندي لفظ اهي استعمال ٿيل آهن جيڪي عام سمجھ ۾ ايندڙ آهن جيئن شش، چرن، آشيرواد ۽ چند ٻيا. ٻوليءَ جي لحاظ کان، موقعي مهل مطابق پهاڪا ۽ چوڻيون آيل آهن، جيئن ”وايون ولهڙيون هجڻ“، ”هٽيءَ مان هٽ ڪرڻ“، ”ڀل ڀلان جو ڇيھ ڪونهي“، ”هام هڻڻ“، ”ڀلي آئين جيءُ آئين نچ آئين“، ”ويل ويئي ته مهل ويئي“، ”پنهنجون کنڀڙاٽيون کوهرائڻ“ ۽ ٻيا.
سفرنامي جي صنف جي حيثيت سان جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ گهمڻ جي هنڌن جو بيان وڌيڪ هجي ها ته بهتر هو جيئن بمبئيءَ جو محل وقوع، هندستان ۾ بمبئي شهر جي اهميت، عوام جو سوشل اسٽيٽس، ايڪانامي وغيره بيان ڪرڻ سان ٻين سفر ڪندڙن لاءِ آساني ٿيندي آهي، هيءُ ادبي شخصيتن سان گڏجاڻين جو احوال آهي. عام طور پڙهندڙ سٺن سفرنامن پڙهڻ کان پوءِ پاڻ به، چاهيندو آهي ته مان جيڪر هي ملڪ پنهنجي اکين سان ڏسي اچان، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سفرنامو لکندڙ ڪجهه اهم ڳالهيون به نظر ۾ رکي. جيڪي سفر جي خواهش رکندڙ پڙهندڙ لاءِ فائديمند ٿين. مثلاً انهي ملڪ جي تاريخ، جاگرافي، آبهوا، عوام جو تعليمي معيار، گهمڻ ڦرڻ جا تاريخي هنڌ، لائبريريون، هل اسٽيشنس، آبشار، ميوزم، مسجدون مطلب ته خاص هنڌن سان گڏ اهم ڳالهه پنهنجي ملڪ جي ڪرنسي ۽ انهيءَ ملڪ جي ڪرنسي جي فرق کي به بيان ڪرڻ کپي، سٺين ۽ سستين هوٽلن ۽ شاپنگ سينٽرز ۽ مشهور تعليمي ادارن جي ڄاڻ ۽ ٻيون به ڪافي اهم ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. جيڪي ليکڪ کي نظر ۾ رکڻ کپن.
موهن ڪلپنا چواڻيءَ مطابق هيءُ سفرنامو بهترين ”رپورٽيج“ جي حيثيت رکي ٿو. ”اردو ادب کي مختصر تاريخ“ ۾ ڊاڪٽر انور سديد لکيو آهي، ته ادب ۾ رپورٽيج نموني جي لکت کي هڪ الڳ نثري صنف تسليم ڪيو ويو آهي. ”Reporting يعني ”رپورتاز“ کو دوسری جنگ عظیم کے دؤران ایک نئی صنف نثر کے طور پر اردو میں متعارف کرایا گیا تھا، اور چند اعلی درجے کے ادیبوں نے اپنی عمدہ تخلیق کاری سے اسے اپنی پائوں جمانے میں مدد دی"۔
هن سفرنامي کي رپورٽيج جو عنوان ڏيون يا سفرنامو سڏيون، مجموعي طور هند جي سنڌين جي سنڌ لاءِ سڪ جي داستان آهي، جنهن کي ماهتاب محبوب خوبصورت طريقي سان بيان ڪيو آهي.